وايون
وائي
نينهن آ منهنجو نانءُ، ذات پريمي آهه اسان جي،
سنڌ جي چيڪيءَ مٽيءَ جو مان، آهيان ٿڌڙو ٿانءُ،
ذات پريمي آهه اسان جي.
نينهن سنينهين بنا اوسائين!، ڪجهه به ته ناهيان
آنءُ،
ذات پريمي آهه اسان جي.
سونهن ورونهن لاءِ سدائين، آهه هندورو هانءُ،
ذات پريمي آهه اسان جي.
ڀٽ ڌڻيءَ جو نانءُ اسان لاءِ، آهي ڇپر ڇانءُ،
ذات پريمي آهه اسان جي.
پيار ڪرڻ جو ”سوز“ اسان کي، ڏاتر بخشيو ڏانءُ،
ذات پريمي آهه اسان جي.
ذات پريمي آهه اسان جي.
***
وائي
موسم مٽجڻ ساڻ، مور نه مٽجون پاڻ،
شاعر آهيون پاڻ.
دور ديس کان آيا آهيون، قرب ڪرڻ جي ڪاڻ،
پيار سندو پيغام پڄائڻ، ڪاڻ هلياسين هاڻ،
شاعر آهيون پاڻ.
نيڻ اسان جا ڪينجهر ڪپ ۽ من منهنجو مهراڻ،
پنهنجي سڪ جا ساکي آهن، ڪيٽي بندر کارو ڇاڻ،
شاعر آهيون پاڻ.
ننگر ۾ ٿي نينهن پياسين، ڪارونجهر جي ڪاڻ،
مٺيءَ ۾ ٿي مينهن وُٺا سين، سهڻن ماڻهن ساڻ،
شاعر آهيون پاڻ.
اڄ به مومل رات گذاري، روئي راڻي ڪاڻ،
اڄ به اسان جا گيت ڏسن پيا، اکڙين جي آلاڻ،
شاعر آهيون پاڻ.
نينهن ڏنو نرواڻ اسان کي، قرب ڏنو ڪلياڻ،
”سوز“ اسان جي الفت جا ٿيا، اهي سڀئي اهڃاڻ،
شاعر آهيون پاڻ.
شاعر آهيون پاڻ.
شاعر آهيون پاڻ.
***
وائي
سڀ ڪجهه آهي اڄ، آهي اڄ، سڀان ٿئي نه ٿئي،
جيڪي آکڻ آهه تو، سو سڀ آکج اڄ،
سڀان ٿئي نه ٿئي.
گونگي ٻوڙي لوڪ ۾، واڄٽ وانگي وڄ،
سڀان ٿئي نه ٿئي.
پائج پيڙائن جي، ڇتن ڇائيءَ ڇڄ،
سڀان ٿئي نه ٿئي.
چوڏس چپ چپات جي، ڀورا ڀَوءَ مَ ڀڄ،
سڀان ٿئي نه ٿئي.
سڀان آهي، ”سوز“ چئي، اوسيئڙي ۾ اڄ،
سڀان ٿئي نه ٿئي.
سڀان ٿئي نه ٿئي.
سڀان ٿئي نه ٿئي.
***
وائي
منهنجي محرومين مٿان، چنڊ تون ايڏو نه کل،
چنڊ تون ايڏو نه کل.
مان تنهائين جو سفر، صدين کان جهاڳيندو اچان،
چنڊ تون ايڏو نه کل.
ها! جدائيءَ جو زهر، هر روز پيئندو ٿو رهان،
چنڊ تون ايڏو نه کل.
مون اڃان ڀي ناهي لاٿي، آس پنهنجي پيار مان،
چنڊ تون ايڏو نه کل.
ايترو نازان نه ٿي تون، پنهنجي مقدر تي ميان،
چنڊ تون ايڏو نه کل.
ٿي سگهي ٿو مان به ڪڏهن، حال تنهنجي تي کلان،
چنڊ تون ايڏو نه کل.
چنڊ تون ايڏو نه کل.
***
وائي
منهن جي من اڱڻ، چنڊ رهي پَوءُ راتڙي.
راهيان ڪيئن پرينءَ کي، اونداهي آتڻ،
چنڊ رهي پَوءُ راتڙي.
ستارن جو سوجهرو، آيو ڪو نه اڱڻ،
چنڊ رهي پَوءُ راتڙي.
ڪنهن پرپسي سگهبو، موتئي جو مرڪڻ،
چنڊ رهي پَوءُ راتڙي.
ڇا تو ڏٺو آ ڪڏهن، پرينءَ جو پرچڻ،
چنڊ رهي پَوءُ راتڙي.
ڪيسين رهبو گهٽ ۾، گهليو واءُ ڏکڻ،
چنڊ رهي پَوءُ راتڙي.
ريس ڪندو اڄ رات سان، ست رنگو سانوڻ،
چنڊ رهي پَوءُ راتڙي.
چنڊ رهي پَوءُ راتڙي.
**
وائي
هي جي ڳهر ۾ ڳهريل ماڻهو، ڪيسين پنڪيون کائيندا،
آخر سجاڳ ٿيندا.
هيڪر اٿيا، هوشو جيڪر، مور نه ننڊ ڪندا،
اک نه پوريندا،
زندانن ۾ زنده ماڻهو، ڪيستائين رهندا،
نيٺ ته نڪري ايندا.
زور ظلم جي زنجيرن جا، پيچ کلي پوندا،
پرزا ٿي پوندا.
ڏينهن ڏکن جا وڃڻا آهن، سکن ڏينهن ايندا،
سانگي سرها ٿيندا.
ڌرتي ساري جل ٿل ٿيندي، محبت مينهن وسندا،
ٿر بر ٿاڌل ٿيندا.
سنڌڙيءَ منهنجي جندڙيءَ جا، شاعر گيت لکندا،
ڏيهه مبارڪ ڏيندا.
ڏيهه مبارڪ ڏيندا.
***
وائي
چُڪيءَ جي چاٽي، وڌا اوراٽي،
ڳاڙها ڳاڙها ڳڀرو.
ڪو جو قهري ڪيف هو، موکيءَ جي ماٽي،
وڌا اوراٽي، ڳاڙها ڳاڙها ڳڀرو.
اثر آڳاٽن جو، پيو پاڇاٽي،
وڌا اوراٽي، ڳاڙها ڳاڙها ڳڀرو.
مٿان متارن جا، چمياچؤ واٽي،
وڌا اوراٽي، ڳاڙها ڳاڙها ڳڀرو.
ڳڻي تن جون ڳالهيون، هينئون ٿو ڦاٽي،
وڌا اوراٽي، ڳاڙها ڳاڙها ڳڀرو.
سُرڪيءَ ڪارڻ ”سوز“ چئي، ڪنڌ ڏنئون ڪاٽي،
وڌا اوراٽي، ڳاڙها ڳاڙها ڳڀرو.
ڳاڙها ڳاڙها ڳڀرو.
***
وائي
ساري سوچ سجاڳ ٿي، چارڻ چور يا چپ،
هاڻي ڇا جا ڊپ.
ٻيجل ٻُرائي ڇڏيا، سنڌوءَ جا ٻئي ڪپ،
هاڻي ڇا جا ڊپ.
اڳي کان به اڳري، تندن منجهه تڙپ،
هاڻي ڇا جا ڊپ.
سرن سيڪاٽي وڌا، سرندڙ سارا سپ،
هاڻي ڇا جا ڊپ.
ڄاڻ ته نڪتا ڏيهه مان، ڏياچن جا ڏپ،
هاڻي ڇا جا ڊپ.
”سوز“ ڏني ساڻيهه کي، ڏات وڏي ڏاهپ،
هاڻي ڇا جا ڊپ،
هاڻي ڇا جا ڊپ،
هاڻي ڇا جا ڊپ.
***
وائي
توجا سٽي سٽ، ٿي توکي لڳي پٽ،
پاڻ اهيئي ساڳيا.
وڃن جيڪي وڪجيو، سي نه اسان جا مٽ،
پاڻ اهيئي ساڳيا.
ساڳيا ڦل جنڊيءَ جا، ساڳيا چنيءَ چٽ،
پاڻ اهيئي ساڳيا.
مِٽيءَ منجهه ملي وئي، تنهن جي هر ڪاسٽ،
پاڻ اهيئي ساڳيا.
جتي شاهه لطيف آ، اُها پنهنجي ڀٽ،
پاڻ اهيئي ساڳيا.
”سوز“ اسان جي سوچ جي، سچي هر ڪا سٽ،
پاڻ اهيئي ساڳيا،
پاڻ اهيئي ساڳيا،
پاڻ اهيئي ساڳيا.
***
وائي
ذهن توائي ٿي ويا، سوچ وئي سٽجي،
ماحول ويو مٽجي.
ستارن جو سوجهرو، لڙ ۾ ويو لٽجي،
ماحول ويو مٽجي.
روشن چهرو چنڊ جو، جهڙ ۾ ويو جهٽجي،
ماحول ويو مٽجي.
سورج گرَهڻ جي ويو، ڪارنهن ۾ ڪٽجي،
ماحول ويو مٽجي.
هو جو درخت پيار جو، سو پاڙئون ويو پٽجي،
ماحول ويو مٽجي.
خارن جي سازش ۾، ڦول پيا ڦٽجي،
ماحول ويو مٽجي.
نفرت، وير، ويڙهاند جو، ٻج ويو ڇٽجي،
ماحول ويو مٽجي.
پوءِ به من مان محبتون، ڪين سگهيون گهٽجي،
ماحول ويو مٽجي.
***
وائي
ڀنڀرڪي جي ويل، جاڳڻ جي ٿي ويل،
پر تون اڃان ننڊ ۾!
ويا وٽڙي رات جي، من جا سارا ميل،
پر تون اڃان ننڊ ۾!
وهنجي سهنجي اڀ ڪيا، تازا تيل ڦليل،
پر تون اڃان ننڊ ۾!
ٽڙي ٽارين تي پيا، رنگ رتا رابيل،
پر تون اڃان ننڊ ۾!
آرس ڇڏي اڏريا، پرهه جو پاريل،
پر تون اڃان ننڊ ۾.
لٽڻ آيا لوڪ کي، ڌرتيءَ جا ڌاڙيل،
پر تون اڃان ننڊ ۾.
ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀونءِ تي، هيڏي ساري ڀيل،
پر تون اڃان ننڊ ۾.
سجاڳيءَ جا سڏڙا، هيرن ڪيا هيل،
پر تون اڃان ننڊ ۾.
”سوز“ چئي ساڻيهه ۾، روز وهن ٿا ويل،
پر تون اڃان ننڊ ۾.
پر تون اڃان ننڊ ۾.
پر تون اڃان ننڊ ۾.
****
وائي
اڇي اجري اڀ تي، ڌنڌلو ڌنڌلو چنڊ،
ڪو ڏمر آهي لوڪ تي.
دونهي ۾ دونهاٽجي، ويا سارا کنڊ،
ڪو ڏمر آهي لوڪ تي.
اکين ۾ انسان جي، وحشت جو سمنڊ،
ڪو ڏمر آهي لوڪ تي.
چؤڏس پيا پکڙي، مونجهارا ۽ منڊ،
ڪو ڏمر آهي لوڪ تي.
آڏو آيا، امن جي، راتاها ۽ رنڊ،
ڪو ڏمر آهي لوڪ تي.
لوچن مٿي لوهه ۽، سوچن مٿي ڏنڊ،
ڪو ڏمر آهي لوڪ تي،
ڪو ڏمر آهي لوڪ تي،
ڪو ڏمر آهي لوڪ تي.
***
وائي
ائين ناهن ارپبيون، ننڊون نيڻن کي،
ڪاڪل به آ توکي؟
ڪيڏا هر هلايا دنيا، دل جي ڌرتيءَ تي،
ڪاڪل به آ توکي؟
ڪيئن نه ماڻهو موهت ٿي، پيا آهن مايا تي،
ڪاڪل به آ توکي؟
هاڻي ڪو ويساهه نه آهي، جيڏي سرتي تي،
ڪاڪل به آ توکي؟
ڏس! ته چنڊ ٿڪي پيو آهي، رات جو رڻ جهاڳي،
ڪاڪل به آ توکي؟
سوچن منجهه ٻڏي ويو، شهر سڄو آهي،
ڪاڪل به آ توکي؟
ائين ناهن ارپبيون، ننڊون نيڻن کي،
ڪاڪل به آ توکي؟
ڪاڪل به آ توکي؟
ڪاڪل به آ توکي؟
***
وائي
پسو! پورب پارتي لاک رتي لوئي،
ڄاڻ ته سورج اڀريو.
رات جي رڻ ۾ ڀٽڪندي، چنڊ ڏنو چوئي،
ڄاڻ ته سورج اڀريو.
آهي گونج فضا ۾، چنگ چريو ڪوئي،
ڄاڻ ته سورج اڀريو.
وري ڪنهن جي تات ۾، رات ڏنو روئي،
ڄاڻ ته سورج اڀريو.
آئي بوءِ بهار جي، ياد پيو ڪوئي،
ڄاڻ ته سورج اڀريو.
متان هاريو هينئڙا، ٿيندي دلجوئي،
ڄاڻ ته سورج اڀريو.
”سوز“ اسان جي سنڌ ۾، ٻارڻ ٻارهوئي،
ڄاڻ ته سورج اڀريو.
ڄاڻ ته سورج اڀريو.
ڄاڻ ته سورج اڀريو. |