گيت
مند وري موٽي، لالڻ آءُ موٽي،
جيءُ نه لڳي جڳ ۾.
روح نه ريجهي لوڪ ۾.
توبن تنهائين سان، جنگ اٿم جوٽي،
لالڻ آءُ موٽي،
جيءُ نه لڳي جڳ ۾.
روح نه ريجهي لوڪ ۾.
وڇوڙي ميلاپ ۾، آ ڪيڏي وڇوٽي،
لالڻ آءُ موٽي،
جيءُ نه لڳي جڳ ۾.
روح نه ريجهي لوڪ ۾.
پرين آهي پيار جي، ايءَ ڪهڙي ڪسوٽي؟
لالڻ آءُ موٽي،
جيءُ نه لڳي جڳ ۾.
روح نه ريجهي لوڪ ۾.
واسي ڇڏيم ولهه ۾، چندن سين چوٽي،
لالڻ آءُ موٽي،
جيءُ نه لڳي جڳ ۾.
روح نه ريجهي لوڪ ۾.
ايءَ جا ريت پريت جي، سامَ ٿئي کوٽي،
لالڻ آءُ موٽي،
جيءُ نه لڳي جڳ ۾.
روح نه ريجهي لوڪ ۾.
متان مند ملهار جي، محب وڃي موٽي،
لالڻ آءُ موٽي،
جيءُ نه لڳي جڳ ۾.
روح نه ريجهي لوڪ ۾.
***
گيت
ڏکڻ لڳا تون، آءُ پرين،
ويڙو هجر جو واءُ، پرين.
من جي اڱڻ تي ڪانگ لنوي ٿو،
نرمل تنهنجو نانءُ وٺي ٿو،
هيرن ۾ آ هيج ڀريو،
پيار سندو پڙ لاءُ پرين،
ڏکڻ لڳا تون، آءُ پرين.
موتئي مگري پاڻ سان آندو،
خوشبوءِ جو ڦهلاءُ هيڪاندو،
هيل ته هيرن ۾ به آهي،
سرهو سرهو ساءُ، پرين،
ڏکڻ لڳا تون، آءُ پرين.
هيءَ رت آهي محب ملڻ جي،
محب ملڻ جي قرب ڪرڻ جي،
ڪر ڪا هاڻي ڍول اچڻ جي،
ورئو وصل جو واءُ، پرين،
ڏکڻ لڳا تون، آءُ پرين.
***
گيت
دوست مٺو دلدار، ڦليليءَ پار، منهنجو يار رهي ٿو،
نيڻ ته منهنجي يار جا، ڪجلا تجليدار،
ڦليليءَ پار، منهنجو يار رهي ٿو.
ڳل ته منهنجي يار جا، جهڙا لال ليار،
ڦليليءَ پار، منهنجو يار رهي ٿو.
لب ته منهنجي يار جا، سهڻا سرخيدار،
ڦليليءَ پار، منهنجو يار رهي ٿو.
ڏند ته منهنجي يار جا، جهڙا موتين هار،
ڦليليءَ پار، منهنجو يار رهي ٿو.
نڪ ته منهجي يار جو، جهڙو ليمي ڦار،
ڦليليءَ پار، منهنجو يار رهي ٿو.
وار ته منهنجي يار جا، ڪڪر ڪارونڀار،
ڦليليءَ پار، منهنجو يار رهي ٿو.
پيار ته منهنجي يار جا، ڄڻ ڪا سنڌؤ ڌار،
ڦليليءَ پار، منهنجو يار رهي ٿو.
سار ته منهنجي يار جي، جهڙي ماکي لار،
ڦليليءَ پار، منهنجو يار رهي ٿو.
يار ته منهنجي يار جا، سارا مينگهه ملهار،
ڦليليءَ پار، منهنجو يار رهي ٿو.
نانءُ ته منهنجي يار جو، هانءَ جو آهي ٺار،
ڦليليءَ پار، منهنجو يار رهي ٿو.
منهنجو يار رهي ٿو.
منهنجو دوست رهي ٿو.
***
گيت
سپني ۾ آئي، اسان وٽ ڪائي، سار اوهان جي سپرين،
ڄڻ ڪا واٽ ڀُلِي پئي،
منهنجي اک کلي پئي.
ساڀيائن جي ديس جي، ٿي شهزادي آئي،
جهُولي منجهه جهلي پئي،
منهنجي اک کلي پئي.
هوريان هوريان ڪن ۾، ڪا جا ڳالهه سڻائي،
شهر سڄي ۾ هُلي پئي،
منهنجي اک کلي پئي.
نازڪ ٻانهن هٿن مان، سَٽَ ڏئي ڇڏائي،
دل جي دري کلي پئي،
منهنجي اک کلي پئي.
ڀيڄ ڀنيءَ جي ويل ۽، چوڏس چٽائي،
ٿڌڙي هير گهلي پئي،
منهنجي اک کلي پئي.
هيءَ جا خوشبوءِ پيار جي، ساهه ۾ ”سوز“ سمائي،
ڦڳڻ جيئن ڦلي پئي،
منهنجي اک کلي پئي.
منهنجي اک کلي پئي.
***
گيت
وڃ نه پرين پر ديس، ڇا هي رکيو پرديس ۾،
آيو اتر پار کان، سارنگ جو سنديس،
وڃ نه پرين پرديس،
ڇا هي رکيو پرديس ۾.
سانول تنهنجي سار ۾، وارن مٽيو ويس،
وڃ نه پرين پرديس،
ڇا هي رکيو پرديس ۾.
*
تاڙي آهي تنواريو، ڄاڻ ته وٺڙو ديس،
وڃ نه پرين پرديس،
ڇا هي رکيو پرديس ۾.
رات به منهنجي مک تان، کسڪي ويڙو کيس،
وڃ نه پرين پرديس،
ڇا هي رکيو پرديس ۾.
سونهي سڀ ڪو ديس ۾، کڏ پوي پرديس،
وڃ نه پرين پرديس،
ڇا هي رکيو پرديس ۾.
سهڻو ساري جڳ کان، ”سوز“ اسان جو ديس،
وڃ نه پرين پرديس،
ڇا هي رکيو پرديس ۾.
ڇاهي رکيو پرديس ۾.
***
گيت
مان سپنن جي شهر جو مسافر آهيان،
توسان ڪيئنءَ ملان؟
ساڀيائن جي ديس ۾، ڪيئن پرين پهچان؟
توکي ڪيئنءَ ڏسان؟
هيڏي ساري شهر ۾، تنها آهيان مان،
اجنبين وانگيان.
سپنو آهيان پوءِ ڀي، ٿو سپنن کي ڳوليان،
ساڀيائن بدران.
آهن ڪالهه رسي ويا، سپنا نيڻن کان،
جاني تو جيان.
شال مان تنهنجا سپنا، اکڙين ۾ اوتيان،
جن ۾ توسان ملان،
جن ۾ توکي ڏسان. |