سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :9

 

مصرع طرع:

”هو ٿو رهي اغيار سان همراز شب و روز“

هو ٿو رهي اغيار سان همراز شب و روز،

عشاق سان نئو نئو ٿو ڪري ناز شب و روز.

آواز انهيءَ جي ۾ رهان مست ٿو بالڪل،

سيني ۾ وڄي سڪ سندو جو ساز شب و روز.

پهچي نه جتي جن ملڪ ٿو وڃي اتهين،

هي دل جي پکيءَ جو ڏسو پرواز شب و روز.

اي مدعي تون تاب قيامت نه ڪو ڏسندين،

ڳولين جي سندم يار جو انباز شب و روز.

ٿا طالبِ ديدار رکن بي سروپا ٿي،

ميدانِ محبت ۾ تگ و تاز شب و روز.

رسوائي جهان ڪڙم قبيلي ۾ محقر،

آهي ته اڃا عشق جو آغاز شب و روز.

جي منهنجي ڏسين درد جو دفتر ته وڻيءَ ڪين،

هي جو ٿو وڻيءَ قصهءِ ممتاز شب و روز.

ڀانيان ٿو منصور جئن مارائيندو مون کي،

ٿو دل مون ’اناالحق‘ اچي آواز شب و روز.

آخر سو اچي چنگل ان جي ۾ پکي دل.

 

*

صفت سجع

[سجع جي لغوي معنيٰ آهي خوش آواز. اصطلاحي معنيٰ موجب شعر ۾ اهڙا لفظ استعمال ڪرڻ، جن جي ٻڌڻ سان ڪنن تي بار نه پوي، بلڪه وڌيڪ حظ حاصل ٿئي.]

محبوب منهن پسايو، مخمور ڇو نه ٿيندس،

چيٽڪ اکين چلايو، چڪچور ڇونه ٿيندس.

اچي عشق آڳ لائي، وائي ٻي ڪل وڃائي،

ساقيءَ ڏني سوائي، ڀرپور ڇونه ٿيندس.

ظاهر ٿيو حسن ذاتي، صورت منجهان صفاتي،

پيارل جو پاتي جهاتي، وهلور ڇو نه ويندس.

ڇڏيا عشق خوف لاهي، هي سِر اڏيءَ تي آهي،

سوريءَ جي نيندا ساهي، منصور ڇو نه ٿيندس.

ڪيو قرب تنهنجي ڪشفي، نه ته محو هوس مخفي،

”تارڪ“ ڪيو نينهن نجفي، مشهور ڇونه ٿيندس.

 

 

*

آهي وري گهلڻ ٿيو باد بهار مس مس،

يعني اچڻ لڳو آه دلدار يار مس مس.

کان اصل عاشقن سان لاغرض رهندو هو پر،

هاڻي حيا ڪيائين لاٿائين عار مس مس.

جنهن جي غمِ جدائي ڪئي جان دل فنائي،

سو ساڻ خوش ادائي ڏئي ٿو پيار مس مس.

جو پنهنجي گهر کان ٻاهر پائيندو پير ناهو،

پر هاڻ سو وڃڻ ٿيو آهي بزار مس مس.

”تارڪ“ جنهين جي سڪ ۾ وئي عمر منهنجي گذري،

سو هاڻ مون کي ڄاڻي ٿو دوستدار مس مس.

 

 

 

*

عاشق سندءِ جي نانءِ چون ٿا جنون اٿس،

يا ڪنهن پري جمال جو سحر و فسون اٿس.

سو ڪين آه عاشق جانباز سرفروش،

منجهه هجر ڇو جو حاصل صبر و سڪون اٿس؟

ڇا محتسب نهارين ٿو عاشق جي جام ۾؟

ميءَ جي بجاءِ ڀريل اُهو ازا شڪ خون اٿس.

ويندي مليوم واٽ تي آهُو سياه چشم،

دل لاءِ دلربائي جو بدشگون اٿس.

”تارڪ“ ره محبت ۾ ڪيئن پوي اڙي،

جو رهنمائي عشق سدا رهنمون اٿس.

 

*

يوسف نه هو تو جيهڙو ڪنعان ۾ جي ويس،

تو جهڙي پري ڪانه پرستان ۾ جي ويس.

اي سر و سهي تنهنجي بلنديءَ جي برابر،

آئي نه نظر نخل گلستان ۾ جي ويس.

لالي کان لبن لعل بدخشان کي ڏٺم زرد،

ٿي مهر صفت ڪان بدخشان ۾ جي ويس.

هٿ ورتو نه تو واري وهارڻ جي ڪان منهنجو،

ٿي رنج توکان ۽ اٿي ارمان ۾ جي ويس.

بيداد بتن جي کان ٿيو امن نه حاصل،

”تارڪ“ مون عدالت گہِ سلطان ۾ جي ويس.

 

 

*

ڇڏيم هي جسم جي فاني ته سارو ساه ٿي پوندس،

سرا پرده عدم جي راز کان آگاه ٿي پوندس.

سهارِ تار زلفِ مشڪبو جي راهرو آهيان،

ڇڏيم هٿ کان جي هي رشتو ته پوءِ گمراه ٿي پوندس.

سڄڻ جي سوز فرقت هئڻ جي ساڙي منهنجي جان ۽ دل،

جلي ان جوش ۾ سارو سراپا آه ٿي پوندس.

جڏهن هي ترڪ ٿي ويندو سر و سامان هستيءَ جو،

بصدرِ نيست ٿي آزادي، بي پرواه ٿي پوندس.

غبار خاڪ لٽيو آه منهنجو گوهرِ ذاتي،

غبار تن کان ٻاهر ٿيس ته روشن ماه ٿي پوندس.

سڄڻ جي قدِ بالا کان سندس همت بلند آهي،

ڇڏيان ڪيئن دوست دامن مون ته پوءِ ڪوتاهه ٿي پوندس.

شرارِ آتشِ عشق آهيان اندر خاڪِ دنيا جي،

وسيلي واوَ وصلت سان دُکي آڙاه ٿي پوندس.

جڏهن ’الموت جسر‘ آهي تڏهن ناهي مرڻ جو غم،

فنا في الله مون ’تارڪ‘ بقا با الله ٿي پوندس.

 

 

 

*

هي حال دلِ زار سندو يار کي چوندس،

جو درد ڪيو مون سان سو دلدار کي چوندس.

جي قسمتِ فرخ کان ويس يار جي اڳيان،

بيمار دلِ زار جي آزار کي چوندس.

ساروئي بيان تنهنجي سراپا جي صفت جو،

منجهه موسمِ گل جي وڃي گلزار کي چوندس.

دل ۾ نه ٿو ماپي جو هي دردِ دلِ خسته،

سو داستان هاڻي در و ديوار کي چوندس.

تعريف مندءِ رخ جي ۽ زلفن جي، اکين جي،

گل، سنبل ۽ نرگسِ بيدار کي چوندس.

ابروءَ سندي تلوار جي برش سندي توصيف،

ايران ۾ وڃي خنجر و تلوار کي چوندس.

بيداد بتن جي کان نه ملندو ڪو ڪٿي امن،

هي حال اگر وقت جي سرڪار کي چوندس.

”تارڪ“ ٿو رهي بحر سخن برسرِ طغيان،

بيخود ٿي انهيءَ شوق ۾ اشعار کي چوندس.

 

 

 

*

ذات بيرنگي صفت ۾ خوب لايو رنگ رس،

آءُ ادا عاشق نظارو ”ثم وجہ الله“ جو پس.

ماه کان تاماهي ٿي صورت سڄڻ جي جلوه گر،

ڄاڻ مظهر حق سندو خار و گل و خاشاڪ خس.

سؤ وڳا لک ويس پهريندڙ سڀني جو آهه هڪ،

قاضي و مفتي ٿيو جلاد ٿيو مير عسس.

”ڪل شيءِ هُو“ سندو جي ڌيان ٿيءِ دل ۾ درست،

آه جو شهباز سو زاغ و زغن سوئي مگس.

عاشقن اڳيان تون ”تارڪ“ سرِ حق اظهار ڪر،

عقل وارن جي اڳيان ڪر تون کان اهڙيءَ بات بس.

 

*

جو هوڻ جي حبس ۾ آه محبوس،

دولت محويت کان ٿيو مايوس.

جي ٿو الله کي ڪرين اثبات،

ٿي لباس، فنا اندر ملبوس.

عاشقن پاڻ کي سڃاتو پاڻ،

آه برعڪس عبديت معڪوس.

رک ”همه اوست“ وارو ڄاڻ پڪو،

آه معلوم جو سوئي محبوس.

ڪيو صفت ۾ ظهور ذات ائين،

شمع روشن ٿي جئن اندر فانوس.

منجهه تصور جمال ذاتيءَ جي،

دور ”تارڪ“ نه ره تون ٿي مانوس.

 

*

[در صنعت لزوم مالايلرم يا التزام]

[هن صنعت ۾ شاعر هڪ امر يا چند امور، جيڪي غير ضروري هجن، غزل يا قصيده وغيره جي هر شعر ۾ التزام ڪري.]

عاشقِ صادقِ ادا انوار حسنِ يار ڏس،

يار ڏس، دلدار ڏس، ديدار ڏس، چوڌار ڏس.

شاهدِ بيرنگ ڏاڍي جوڙ سان ٿيو جلوه گر،

هار ڏس، سينگار ڏس، گفتار ڏس، رفتار ڏس.

ڪيو ظهورو ذات بيچون هر صفت هر شان ۾،

خار ڏس، گلزار ڏس، اشجار ڏس، اثمار ڏس.

عاشق و معشوق جي اولي چلي ڇا چال ٿو،

زار ڏس، بيمار ڏس، بيزار ڏس، ۽ عار ڏس.

هر طرح ۾، هر نموني، هر تماشي طور ۾،

سر ڏس، انوار ڏس، اظهار ڏس، آثار ڏس.

جي گهرين اثبات جي توصيف تا ”تارڪ“ سندو،

آر ڏس، اقرار ڏس، انڪار ڏس، اشعار ڏس.

 

 

*

واه صورت جو ڍڪيو لالن لباس،

منجهيه نظاري عيد ڪئي عاشق اداس.

آه ’انفسڪم‘ اشارو ئي عشوق،

هن سنيهي جي ٻڌي ٿي دور ياس.

عاشق و معشوق جي صورت منجهان،

پنهنجي ٿيو سو پاڻ رکندڙ پرت پياس.

هر دو عالم جلوه گاه آهي سندس،

ڪاٿي اميدن ڀريو ڪاٿي نراس.

ذات اعليٰ ٿي منزه بي نشان،

برتراز ادراڪ افڪار و قياس.

ساقيا! جامِ شرابِ عشق سان،

نفي ۾ ڪر تون هوڻ ”تارڪ“ جو ناس.

 

 

*

مصرع طرح:

”هڪ برگ گل ڪريو نه جتي هو سندم قفس“

”هڪ برگ گل ڪريو نه حتي هو شندم قفس“،

قسمت ۾ منهنجي اهڙو لکيل هو بهار بس.

ساقي به آه، شراب به آه، فصل گل به آه،

ابرِ بهار محفلِ رندن تي هاڻ وس.

تقويٰ و زهد ٽيهين ورهين جو ٿو ڏيان،

هڪ جام مئي جي لاءِ ڏيو ميخانه جو ڪو ڏس.

ڪيو عشق اهڙو مست جو منهنجو سخن ٻڌي،

مستانه وش مڃيندو ٻيو عاقل نه چوندو جس.

راهِ دراز، بار ڳرو، پا پياده مون،

خضرِ طريق وقت مدد آه جلد رس.

پرپٺ الائي توکي ڇا اغيار ٿا چون؟

هڪ وار آءٌ يار سندم حال زار پس.

بد اصل نيڪ صحبت مون ڪين ٿي چڱو،

جي باز ساڻ جالي نه ٿيءَ باز ته به مگس.

تنهنجي لبن تي ميل ڪري ڪيئن نه دل سندم،

ظاهر ٿو ڏسجي ٿي اچي شڪر مئي مگس.

خط ڪونه ڪو لکين ٿو ٿيا ڏينهن ڪيترا،

ڪاغذ مهانگا ٿي ويا يا ٿي مهانگي مس؟

آگاه ڪن ٿا ڪوچ کان غفلت گزيده کي،

هن قافلئه جهان ۾ ٿيا اهل دل جرس.

خانو خراب هوءِ ملڻ جي اميد جو،

جو ٿي وڃي اڃا نه، ٿيو آخرين نفس.

ناهي ڪا فاتحه جي ضرورت مون کي ادا،

منهنجي وڄاءِ قبر تي دهلن جو آڻي دس.

ميءِ نوشي منهنجي ڄاڻي ٿو خود بادشاه دين،

ناهي ڪو مون کي فڪر جي ڄاڻي کڻي عسس.

گلدستهء معافي ٿيو ”تارڪ“ سندو سخن،

بيهوده نڪته چين ٿو ڪڍي تنهن مون خار خس.

 

 


 

رديف ”ش“

ڪرن ٿا نازنين حسنِ ڪمال جي ڪوشش،

۽ ڪن ٿا تازه رکڻ خط خال جي ڪوشش.

رسائي ڪين ٿي وصفِ ڪمر چوڻ تائين،

ڪيم اگرچه گهڻوئي خيال جي ڪوشش.

هلي نه عشق جي اڳيان ڪا عقل جي تدبير،

پُڄي نه همتِ مردن سان زال جي ڪوشش.

لٽاءِ سيم بدن جي هوا ۾ سيم و زر،

اجائي ڪر نه تون دنيا جي مال جي ڪوشش.

رهي ٿو جيڪو ئي پنهنجي ڪمال ۾ ڪوشان،

اُهائي ڪوشش ٿيندس زوال جي ڪوشش.

پُڄي سگهيو نه سندم تير آه جو به نشان،

ڪيم دورنگ فلڪ سان جمال جي ڪوشش.

اسان جو مذهب آزاد ڪفر دين کان آه،

ڪريون نه ٿا ڪا حرام و حلال جي ڪوشش.

تون شاه حسن جو ملندين گداگرن سان ڪيئن؟

تڏهين نه ٿا ڪريون امرِ محال جي ڪوشش.

اگرچه ”تارڪ“ ڪيو ناتوان سندءِ فرقت،

ته ڀي ڪري ٿو هو توسان وصال جي ڪوشش.

 

*

جو درد ۾ تنهنجي ڪري درمان جي خواهش،

پوري نه ٿئي تنهن جي ته شل جان جي خواهش.

هر اشڪ مسلسل ٿو سندم دُر عدن ٿئي،

جو دل کي رهي ٿي دُرِ دندان جي خواهش.

تنهنجو جي لبِ لعل ڏسي مشتري ڪوئي،

موٽي نه ڪري لعل بدخشان جي خواهش.

تنهنجي رخ مصحف جي مطالع ڪندي مون کان،

ٿئي ٿي نه وري صورت قرآن جي خواهش.

ساقي ٿو ڪريان بيعت اڄ دستِ سبو سان،

دل کي آهي پيمانه سان پيمان جي خواهش.

هر ڪوئي ڇڏي خواهش اڻ پوري وڃي ٿو،

پوري نه ٿئي ٿي سڀئي انسان جي خواهش.

جڏهين نه رهيو خسُر و دارا و سڪندر،

تڏهين ڇا ڪجي افسرِ سلطان جي خواهش.

”تارڪ“ نه رهي خواهش ٻي آه ڪا دل ۾،

جي آه ته هن درد جي ديوان جي خواهش.

 

 

*

[صفت لزوم مالا التزام]

شرارِ عشق تنهنجي کان ٿيو سارو جهان آتش،

زمين آتش، زمان آتش، مڪين آتش، مڪان آتش.

تپِ فرقت کان سوزان آه سارو جسم عاشق جو،

دل آتش، جان آتش، پهلو آتش، اتخوان آتش.

ٿئي لاشڪ سندم آه و فغان کان اڄ شبِ هجران،

ثري آتش، ثريا آتش و هفت آسمان آتش.

رخِ پر نُور ساقيءَ جو پوي ٿو عڪس تڏ ٿئي ٿو،

قدح آتش، سبو آتش، شرابِ، ارغوان آتش.

سراپا آتشِ بيدود آهين اي سندم مهرو،

لب آتش، عارض آتش، غبغب ۽ [آهي] ميان آتش.

سندءِ هر چال اي چنچل ٿي آتش عاشقن جي لئي،

خطاب آتش، جواب آتش، تبسم گلفشان آتش.

سخن سارو سندم آتش، تڏهن ”تارڪ“ نه ڪيئن ٿيندو،

ٿي طبع آتش، بيان آتش، قلم آتش، زبان آتش.

 

*

ساقي شراب عشق جو ڀرپور جام بخش،

محفل ۾ ميڪشن سندي عالي مقام بخش.

اثبات جي بهار کان کليو چمن صفات،

خوشبوءِ گلِ ذات کان مشڪين مشام بخش.

تاراج ملڪ دل ٿيو افواج عقل کان،

آئين شهرِ عشق سندو انتظام بخش.

هن نفس بد بلاڪيو پامال روح کي،

فرياد ٻڌ انهيءَ کان وٺي انتقام بخش.

خطرات ڏس روئي جي لٽيو نور قدس کي،

آئينهءِ صفا از زنگ ظلام بخش.

ميخانهءِ صفا مؤن ملي جام حال وجد،

نشهءِ لقا جي ذوق بهر صبح شام بخش.

”تارڪ“ جي التجا آهي شب روز در سندءِ،

مطلب سندس بحقِ دوازده امام بخش.

 

*

مصرع طرح:

”آهيان مون دل کان خوش ۽ دل آه دلربا کان خوش“

”آهيان مون دل کان خوش ۽ دل آه دلربا کان خوش“

يعني لقاءِ دل کان مون خوش دل بقا کان خوش.

خالي نه ڄاڻ زلف جي سودا کان مون کي تون،

توڙي مون آهيان نافه مشڪِ خطا کان  خوش.

منجهه عشق ان جي مون سان رقيبن رکيا ٿي وير،

آخر اهي به ڪين ٿيا ان بيوفا کان خوش.

ڇو ٿو طبيب ڏين تون دلاسا شفا سندا،

بيمار عشق جو نه ٿيءُ ڪنهن دوا کان خوش.

خوش دل نسيم زلف کان تنهنجي ڳليءَ ۾ آه،

گلشن ۾ جيئن ٿو گل ٿئي لطفِ صبا کان خوش.

بي اختيار توتي سندم آ دل ڇِڪن،

پوءِ ڪيئن نه ٿيندي تو سندي جور و جفا کان خوش.

ڪنهن وقت تنهنجي عشق ۾ نيڪيءَ کان خوش ٿي ٿيس،

هاڻي ته اهڙو آهيان جو آهيان گلا کان خوش.

بدنام، رند، مست، شرابي ٿيس اگر،

ته به آهيان شيخِ زاهد کان پارسا کان خوش.

اي مدعي تون منهنجي سخن کي مڃيندين ڪين،

تون آنهن خوش خوديءَ کان مون آهيان خدا کان خوش.

دل آه گرچه نقطئه موهوم ظاهراً،

وسعت ۾ باطنا رهي ارض و سما کان خوش.

خوش ٿو ٿيان جي منهنجي گلا ڪو کڻي ڪري،

احمق نه آهيان جو ٿيان پنهنجي ثنا کان خوش.

قاضيءَ سندو به نيٺ خدا ساڻ پوندو ڪم،

هت ڪينڪي سو پنهنجي ٿئي روئي ريا کان خوش.

تنهنجي فراق گرچه آه غمگين ڪيو مون کي،

ته به دل رهي وصل سندي مدعا کان خوش.

تنهنجي ڳليءَ ۾ غمزه، کان منهن جي ڦٽيل ٿي دل،

بيمار هي ڏسو نه ٿيو ’دارالشفا‘ کان خوش.

منجهه عهد تنهنجي ڪونه ٿو ڏسجڻ ۾ خوش اچي،

هڪڙو مون آهيان جيڪو رهان ٿو قضا کان خوش.

عاشق کي آه امر بجا آڻڻو سندءِ،

اهلِ جهان ڪين ٿئي تنهنجي رضا کان خوش.

نامرد آه جيڪو نسا کان ٿو خوش ٿئي،

سو مرد آه جيڪو نه ٿو ٿئي نسا کان خوش.

جن ساڻ هوندو يار بهر وقت هم رفيق،

سي ڪنهن طرح نه ٿيندا ڪڏهن ماسوا کان خوش.

پنهنجي وطن کان ڪنهن کي به نفرت نه ٿي اچي،

پاڻي کان خوش مڇي آه پکي آه هوا کان خوش.

تنهنجي ڳليءَ جو آهيان گدا، شاهي ڇا ڪندس؟

پاڇو اوهان جي ڀت جو آه ظلِ هما کان خوش.

آبِ صفا کان جيترو زاهد ٿو خوش ٿئي،

تنهن کان وڌيڪ رند شرابِ صفا کان خوش.

عاشق نه ڪيئن رقيب کان رنجيده دل ٿئي،

هوندو ڪو اهڙو آدمي جو ٿئي بلا کان خوش.

خوض حال هوندو ڪونه سدا ڪو جهان ۾،

ڪو ابتدا کان رنج، ته ڪو انتها کان خوش.

اي باغبان تون مون کي ڏسج ايترو ادا،

”هو گل رهي ٿو فصل بهار ان ۾ ڇا کان خرش؟

فرمايو يار جيڪو ٿيءَ قتل عشق ۾،

مون هوند تنهن کي خوب ڪريان خونبها کان خوش.

ٿو اشڪ سرخ منهنجو ته مڙگان مٿي رهي،

جو هو صنم ڏسان ٿو آه رنگِ حنا کان خوش.

ٻيو ڇا گهران خدا کان جي هڪ وار ٿيءُ کڻي،

سلطان دين و دولت جو مون گدا کان خوش.

هي ملڪ ميل سانوڻ ۾ گرچه آه ويل،

آبادي ۾ آه لاڙ سري کان مها کان خوش.

”تارڪ“ سرِ مشاعره پڙهه هي غزل عجيب،

سو ڪير جو نه تنهنجي ٿئي طبعِ رسا کان خوش؟

 

 

*

[در صنعت لزوم مالايلزم يا التزام]

هر صفت ۾ ٿو رهي هر حال منهنجو يار خوش،

مست خوش، مدهوش خوش، هشيار خوش، ميخوار خوش.

حسن جي انداز ۾ دلڙين لٽڻ لئي ٿو رکي،

ناز خوش، انداز خوش، گفتار خوش، رفتار خوش.

عاشقن ريءَ ٻي نه ڄاتي ان سندي چالي عجيب،

طرز خوش، هر طور خوش، هر طرح خوش، هر تار خوش.

ڪفر دين جي ويس ۾ منظور هردم ٿو رکي،

شرڪ خوش، توحيد خوش، تسبيح خوش، زنار خوش.

ظاهر و باطن جي اولي آه ”تارڪ“ پاڻ خود،

راز خوش، اسرار خوش، اظهار خوش، آثار خوش.

 

*

ڀري ساقي ڏي جامِ جذبهء و جوش،

ٿيان محويت اندر مست مدهوش.

نشي جنهن جي مون حاصل نيستي ٿئي،

وڃي هستيءَ سندو هڪدم هوڻ هوش.

ٿئي ڪو بيخوديءَ جو بره بيدار،

خوديءَ جو دور ٿي ڪل خواب خرگوش.

ڪيو آه بلب هن نيش هستي،

پياريو جلد نابوديءَ سندو نوش.

کڻي ڏي نيڻ ”تارڪ“ کي پيالو،

ٿي جنهن جي نشي کان خود فراموش.

 

*

هڪ آه حقيقت ۾ ڇا اشراف ڇا اوباش؟

ڇا زاهد ڇا فاسق ڇا رند ڇا قلاش؟

جنهن خير ۽ شر ڀانيو من الله تعاليٰ،

ان جا ٿيا غم دور سدائي رهي خوش باش.

عشاق کي گهرجي ٿو سدا ذوقِ محبت،

زهاد کي گهرجي حسن اعمال جي پاداش.

ٿي ملتِ وحدت ۾ رهي صلح صفائي،

ٻئي دين جي سڀ طور رهي پاڻ ۾ پرخاش.

جو عشق جي آزار کان بيمار رهي ٿو،

نافائده ان کي ڪري ڪي شربتِ خشخاش.

وحدت سندي اسرار کان مُلا ٿو ٽهي ايئن،

خورشيد سندي تاب کان جيئن ٿو لڪي خفاش.

وه ’عين يقين‘ ۾ ٿيو نظارو ’همه حق‘ جو،

”تارڪ“ ڏني هي ڪل سڄڻ جي نرگس جماش.

 

 

رديف ”ص“

تنهنجي طلب ۾ رهي تار شخص،

آهه سو منجهه تار گرفتار شخص.

امر آهي سڀ اتي تنهنجو روان،

ڪونه ڪري جنهن کان ڪو انڪار شخص.

ڪين رهي تنهن وٽ صبر و قرار،

عشق جو جيڪو ڪري اقرار شخص.

ڇونه سو جئن بلبلِ نالان رهي،

جو ڏسي تنهنجو گلِ رخسار شخص.

جي دلِ عاشق ڪندين آزرده هيئن،

چوندو توکي هرڪو دلآزار شخص.

ڪونه چوي تنهن کي مسلمان ڪو،

پائي جو ئي زلف جو زنار شخص.

آه سو جئري ئي بهشتي صفا،

جيڪو دنيا ۾ ٿيو سڪبار شخص.

ڇونه سو ديوانه ٿئي هڪ دم؟

تنهنجو ڪري جيڪو ئي ديدار شخص.

زندهِ جاويد رهي بيگمان،

جو جهلي ابرو سندي تلوار شخص.

ساقيا! هٿ تنهنجي ۾ آهي نشو،

جو نه جهلي ٿو ڪوئي ميخوار شخص.

بره تنهنجي بيخوده بيوس ڪيو،

نه ته هيو ”تارڪ“ وڏو هشيار شخص.

 

*

عاشقِ مهجور آه ديدار صورت جو حريص،

نازنين نا مهربان آه ناز نفرت جو حريص.

ٿي وڃي دل ڪين تنهنجي دولتِ ديدار مؤن،

جيئن نه دنيا مؤن رچي دنيا جي دولت جو حريص.

سک پٺيان نت ڏک اچي ٿو ۽ پٺيان شاديءَ جي غم،

زود زلت ٿو اُٺائي ٿئي جو لذت جو حريص.

ساقيا! ڏي جام مئي، آزاد ڪر اندوه کان،

تنهنجي بخشش ساڻ آهيان عيش عشرت جو حريص.

ڪنهن نه تنهنجو انت پاتو آه بي حد تنهنجي حد،

محو هر صورت ۾ آه قدرت جي عبرت جو حريص.

دل جي آئينه تان ڪلفت جو ٿا لاهن داغ سي،

ٿي صفائي لاءِ اهلِ دل جي صحبت جو حريص.

عاشقِ سرمست هر جا ٿو پسي ديدار يار،

زاهدِ چله نشين چله جي خلوت جو حريص.

ڇوته سو ديدار دلبر جو پسي بي باڪ ٿي،

جو رهي تلوار ابروءَ جي شهادت جو حريص.

زاهدا! مون کي ڳلي آئي پسند آه يار جي،

تنهنڪري آهيان نه هرگز باغ جنت جو حريص.

محفلِ محبوب ۾ ”تارڪ“ رهي سو سرفراز،

جيڪو خدمت چاڪريءَ جو نياز نوڙت جو حريص.

 

*

ڀري ڏي ساقي ان مئي سندو پيالو خاص،

جنهين جي نشه کان منجهه وجد جان رهي رقاص.

خرد ته خوف رجا جي خلل ۾ آه وڌو،

مگر ڪڍي ان بندِ گران مؤن عشق خلاص.

پرين جي پاڻ پسائين ڪرين تون هٿ سان قتل،

قسم خدا جو نه آه تو مٿي سندم ڪو قصاص.

اسان جي قبر تي گهرجي ٿو دهل جو آواز،

ضرور ڪونهي ڪو اوراد، فاتحه، اخلاص.

سگهو اي موج مدد ڪر ته مشتِ خاڪ وجود،

فنا جي بحر ۾ لوڙهي ڇڏيان ٿيان غواص.

ڪرن ٿا ذات خدا ۾ جي ماسويٰ الله گم،

سي صاف صوفي ”تارڪ“ ٿيا محو حق اشخاص.

 

*

دستگيرا دل سندم قيدِ دغل کان ڪر خلاص،

بيخوديءَ جي ماڳ نيئي خوف و خلل کان ڪر خلاص.

وسوسه، اوهام نفساني هڻي ڪئي دل سياه،

خطره شيطاني و خبث و علل کان ڪر خلاص.

”حُب دنيا“ راس آهي ڪل خطا جي منجهه حديث،

”حُبِ موليٰ“ بخش ڪر طولِ امل کان ڪر خلاص.

ڪر عطا پاڪيزگي انوار ذڪر ۽ فڪر جي،

ظلمتِ اوهام جي علم و عمل کان ڪر خلاص.

بخش ڪر ”العشق نارالله يحرق ماسويٰ“

خاطرِ ”تارڪ“ تون اديان و ملل کان ڪر خلاص.

 

*

اي مغني چور چنگ و تار رقص،

محفل رندان ۾ ڪجهه ڏيکار رقص.

پهر جامو، ڇير ٻڌ، آواز ڪر،

سُرُ ملائي خوب ڪر اظهار رقص.

ڳاءِ رندانه غزل با سوزِ دل،

جنهن کان ڪن منجهه وجد سڀ ميخوار رقص.

عاشقن کي ذوق ذاتي ٿو وڌي،

ديدهء دل کي ڪري بيدار رقص.

محو حسنِ يار بيشڪ بي حجاب،

بيخوديءَ ۾ ڪن سرِ بازار رقص.

ترڪ ڪر ”تارڪ“ تعلق دَنيوي،

ٿي مجرد ڪر قلندر وار رقص.

 

*

ذاتِ حق ۾ گم ٿيڻ آه شيوهء رندانه خاص،

’من خدا‘ بي من چوڻ آه نعرهء مستانه خاص.

’من خدايم‘ من خدايم، من خدايم، من خدا،

آه رندن جي زبانون گفتهءِ جانان خاص.

عقل جي انداز کان ٿي رمز عرفاني اڳي،

سمجهي ٿي سرِ حقيقت کي دلِ ديوانه خاص.

تن گذاري عاشقن جو آه ڪم لَئي وصلِ يار،

سر جلائڻ شمع تي آه همت پروانه خاص.

”ليس في الدارين اِلا هو“ پروڙج ”تارڪ“،

پس جمالِ ذاتِ حق در مسجد و ميخانه خاص.

 

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org