ناشر طرفان ٻه اکر
سنڌ جي سدابهار سرزمين بيشمار عالمن، اديبن، مفڪرن ۽ مصلحن کي
جنم ڏيندي رهي آهي. اُنهن سڀني جي شاهڪار تصنيفن
کي محفوظ ڪرڻ خاطر شايان شان نموني شايع ڪرڻ جو
فريضو خوشقسمتيءَ سان سنڌي ادبي بورڊ جي حصي ۾ آيو
آهي.
زير نظر ڪتاب فقير هدايت علي ”تارڪ“ لاڙڪاڻوي (1894ع کان 1939ع)
جو ديوان اهڙي فريضي جي ادائيگيءَ جي هڪ ڪڙيءَ طور
پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. فقير هدايت علي
تارڪ جو ڪلام تمام گهڻو آهي، جنهن کي ڊاڪٽر نواز
علي شوق ’ڪليات تارڪ‘ طور مرتب ڪيو آهي، جنهن مان
في الحال ”ديوان تارڪ“ قارئين جي خدمت ۾ پيش ڪري
رهيا آهيون. باقي رهيل ڪلام اميد ته ترت ڇپائي
پڌرو ڪيو ويندو.
ڄام شورو
16- فيبروري 1989ع |
حبيب الله صديقي
سيڪريٽري/ ڊائريڪٽر
سنڌي ادبي بورڊ. |
[حرف اول]
[سيد اظهر گيلاني تلميذ علامه محمد هدايت علي تارڪ علوي رحه]
تارڪ الدنيا علامہ محمد هدايت علي صاحب ”تارڪ“ علوي رحمت الله
عليہ، فقير روشن ضمير، هفت زبان شاعر و اديب نظم و
نثر جي ننڍن وڏن 200 ڪتابن جو مصنف ۽ مترجم هو.
صاحب موصوف صوبهءِ سنڌ جي انهن باڪمال و برگزيد مشهور هستين مان
هو، جن تي سر زمينِ سنڌ کي تاقيامت بجا طور فخر و
ناز رهندو.
تارڪ صاحب يڪ وقت عاشق، صادق، صوفي، فقير، مولوي، حافظ، قاري،
خطيب، خوش نويس، عابد، زاهد، شب خيز، صوم و صلواة
جو پابند، علمِ نجوم، علمِ جفر، علمِ رمل، علم
قيافه، علم طب جو ماهر هو. خوشرو، خوش مک، خوش خو،
خوش فڪر، خوش خوراڪ، خوش پوشاڪ، زنده دل ۽ حاضر
جواب هو. ڪشف القلب ۽ ڪشف القبور تي به عبور حاصل
هوس. هن جو پاڻ تي، پنهنجي نفس اماره تي پورو قبضو
هو.
ترڪ ڪر ”تارڪ“ تعلق دنيوي،
ٿي مجرد، ڪر قلندر وار رقص.
ابتدا ۾ ”نجفي“ تخلص سان شعر چوندو هو، سنه 1917ع سائين صفي
الله صاحب نقشبندي سجاده نشين درگاهه نوشهروفيروز
۾ جي دستِ حق تي بعيت ڪري، وحدت جي واٽ ورتائين.
سنه 1918ع ۾ جناب سلطان علي صاحب ”سالڪ“ علوي
ڏانهن رجوع ٿي، نجفي مان تارڪ بڻجي، علمِ عروض تي
عبور حاصل ڪيائين. پاڻ امير گهراڻي جو صالح ۽
باڪمال فرد هو، مگر تارڪ تخلص هن جي طبيعت تي گهرو
اثر ڪيو، جو هو آرائش ۽ زيبائش سان تعلق ختم ڪري،
راحت و آرام ڦٽائي، دنيوي لذتن کي لت هڻي، دنيا ۽
دنيا جي مسرتن کان منهن موڙي، اهلِ دنيا سان ناتا
۽ رشتا ڇني، ڀريو تريو گهر ڇڏي، اباڻي ۽ اميراڻي
ترڪي کي ترڪ ڏئي سراپا تارڪ بڻجي ويو:
ترڪ دنيا، ترڪ عقبيٰ، ترڪ موليٰ، ترڪ، ترڪ،
عشق آديسين کي عالم ۾ رسايو هي بلاغ.
ڪنهن وقت تي اهڙي محويت ۽ اهڙو استغراق جو عالم هوندو هوس، جو
نه پنهنجي خبر، نه وري آئي وئي جو پتو. مستي جي
عالم ۾ وار اُڀا ٿي ويندا هئس، سچل ثاني الائي
ڪهڙا ڪهڙا مخفي راز ۽ پوشيده اسرار آشڪار ڪندو هو،
جن جي ٻڌڻ سان اهلِ دانش دنگ رهجي ويندا هئا:
من خدا جـي ماهـيت معلوم ٿي دل جان کي،
هاڻ مان ڪهڙو ڪريان اقرار عبديت سندو؟
تارڪ صاحب قادرالڪلام ۽ زودگو شاعر هو، الفاظ هن جي اشاره جا
محتاج ۽ منتظر هوندا هئا. هي وحدت الوجود جو حامي،
همه اوست جو قائل ۽ حامل هو. هن جي ڪلام و بلاغت
نظام تي تصوف جو رنگ غالب، هر شعر مان معرفت جي
موتين جي جهلڪ ۽ جوت نظر ايندي. صوفيا ڪرام ۾ هي
پهريون ۽ پويون شاعر آهي، جنهن علمِ عروض تي
پنهنجي شاعري ۽ فڪر جو بنياد رکيو آهي.
هن شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي، مادهء تاريخ ڪڍڻ ۾
خاص ملڪو حاصل هوندو هوس، صنائع و بدايع تي ڪافي
کان زياده ڪلام چيو اٿس، انهيءَ سلسلي ۾ ڪوبه سنڌي
زبان جو شاعر هن جي مدِ مقابل نٿو اچي سگهي.
هن عشق جي اوتار شاعري جي معرفت، دنيا کي معرفت ۽ حقيقت، شريعت
۽ طريقت، امن ۽ آتشي، صلح ۽ مساوات محمدي، انسانيت
۽ اخوت، اخلاق ۽ ادب جو پيغام پهچايو آهي، هن کي
پنهنجي فڪر ۽ فن، ملفوظات ۽ ارشادات تي ڏڍ ۽ ناز
هو. تڏهن ته شاهه صاحب وانگر سِر منبر شاعرانه
تعلي ڪندي فرمائي ٿو:
پيغمبري جو ختم زمانو ٿيو آهي،
نه ته مون مٿي نازل ٿيو فرقان سخن جو.
ڪليات تارڪ جي شايع ٿيڻ تي دلي خوشي حاصل ٿي آهي، اها منهنجي
ديرينا آرزو هئي، جيڪا الله پاڪ پوري ڪئي. آءٌ
ڊاڪٽر نواز علي صاحب ”شوق“ بلوچ جو شڪريه ادا
ڪريان ٿو، ان صاحب لڳوتار مختلف ڪتب، رسائل ۽
اخبارات جي اوراق گرداني ڪري، مطلوب مواد ڪڍي،
ڪلام کي ترتيب ڏئي، تارڪ صاحب جي سوانح عمري ۽
ڪلام تي تبصره ڪري، ڪتاب طباعت جي لاءِ ادبي بورڊ
جي حوالي ڪيو آهي.
آءٌ جناب مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، چئرمن ادبي بورڊ ۽ ٻين
معزز ميمبر صاحبان جو ممنون و مشڪور آهيان، جن
ڪليات تارڪ کي پسند فرمائي، ان جي طباعت جو اعليٰ
انتظام ڪيو آهي.
”ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا“
سيد اظهر گيلاني
قصر الادب گهوٽڪي |
12- رمضان المبارڪ 1400هه
25- جولاءِ 1980ع |
مهاڳ
فقير هدايت علي نجفي ثم تارڪ سنڌ جو باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي،
راقم الحروف جڏهن سندس سنڌي شاعريءَ تي ڊاڪٽريٽ جي
ڊگري لاءِ تحقيقي مقالي لکڻ جو اراده ڪيو ته فقير
روشن ضمير جي دوستن ۽ شاگردن کي خوشي حاصل ٿي، ۽
هن ڏس ۾ منهنجي هر طرح مدد ڪيائون. خاص طور سيد
اظهر صاحب گيلاني منهنجي دل کولي مدد ڪئي، نتيجي ۾
مشهور محقق، عظيم دانشور سائين حسام الدين شاهه
راشدي جي رهبريءَ ۾ تحقيقي مقالو مڪمل ڪري، جون
1978ع ۾ مون سنڌيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل
ڪئي.
سنه 1978ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران تارڪ صاحب جي ڪليات مرتب ڪرڻ
جو ڪم بنده کي سونپيو ويو، مون اڳ ئي سنڌ جي مختلف
شهرن ۽ پنجاب جي ڪن هنڌن تي وڃي، فقير صاحب جي
سوانح، سيرت ۽ ڪلام بابت معلومات حاصل ڪئي هئي.
مگر بورڊ جي طرفان هيءَ ذميداري ملڻ بعد مون هڪ
ڀيرو ٻيهر فقير صاحب جي گم ٿيل ڪلام جي ڳولها شروع
ڪئي.
فقير صاحب جو وڌيڪ ڪلام هٿ ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪيم، پر افسوس
جو ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهي. تنهن ڪري جيڪي ڪجهه
ڪلام اڳ هٿ آيو هو، تنهن جي ترتيب لاءِ سوچ ويچار
ڪيم. جڏهن سموري ڪلام تي نظر وڌم ته اهو تمام گهڻو
نظر آيو. تنهن ڪري مجبوراً ڪليات جا ٻه حصا ڪرڻا
پيا. پهرين حصي ۾ فقير صاحب جو پنهنجو چيل ڪلام
ڏنو ويو آهي ۽ ٻئي حصي ۾ فقير صاحب جو پنهنجو چيل
ڪلام ڏنو ويو آهي ۽ ٻئي حصي ۾ منظوم ترجما شامل
ڪيا ويا آهن. قصيده عطار، جنهن جو نالو فقير صاحب
’بره جو بهار‘ رکيو آهي. جيڪو گنجينهء عرفان جي
نالي سان پڻ مشهور آهي. ٻيو بيسرنامه عطار، جنهن
کي فقير صاحب ’راز اظهار‘ جو نالو ڏنو آهي. ٽيون
ڪتاب مثنوي بهلول بغدادي آهي، جنهن کي فقير صاحب
’نظم مقبول‘ جو عنوان ڏنو آهي. چوٿون ڪتاب ’مثنوي
بوعلي قلندر‘ آهي، جنهن کي تارڪ فقير ’چمڪندڙ
گوهر‘ سڏيو آهي، پنجون ڪتاب ’مثنوي شاهد عشرت‘*
آهي، جنهن کي ’زوائد صورت‘ سڏيو ويو آهي. انهن
ڪتابن ۾ تصوف ۽ معرفت، اخلاق ۽ نصيحت، حسن و عشق،
فلسفي ۽ حڪمت بابت ڪيترائي نادر نڪتا نظر ايندا،
جيڪي فارسي نه ٿا ڄاڻن، تن لاءِ هي ڪتاب نهايت ئي
مفيد ثابت ٿيندا.
ڪليات جي پهرين ڀاڱي جا هيٺيان ماخذ آهن:
ديوان جلوس التارڪين، ڪليات تارڪ (سنڌي)، گوهر آبدار (سرائڪي)،
ديوان تارڪ (فارسي)، ڪليات تارڪ (فارسي)، قطعات
تارڪ (فارسي)، محمود نامو نيچرل، ديوان تارڪ
(اردو)، ڪشڪول، گلزار تارڪ ۽ بره جي بندي، جي سڀ
قلمي ڪتاب آهن.
فقير صاحب جي ترتيب ڏنل ڪليات ۾ ڪجهه اردو غزل ۽ قصيدا ۽ ڪن
اردو قصيدن جا منظوم ترجمان ڏنا ويا آهن، جي راقم
هن ڪليات ۾ شامل نه ڪيا آهن. ديوان جلوس التارڪين
غزلن واري حصي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان ديوان جي
خاص خوبي اها آهي ته غزل جو پهريون شعر جنهن حرف
سان شروع ٿئي ٿو، اهو ئي حرف رديف بڻجي ٿو. اهڙي
ريت غزل جي هر شعر جو پهريون حرف اهوئي هوندو،
جيڪو پهرين مصرع جو پهريون حرف آهي سنڌي زبان ۾
انهيءَ خاص صنعت ۾ لکيل هيءُ پهريون ديوان آهي. ان
کان علاوه ٻين ماخذن مان جيڪو ڪلام ملي سگهيو، سو
شامل ڪيو ويو آهي.
غزلن جي الف- ب واري ترتيب اهائي اڳوڻي يعني اصلوڪي رکي وئي
آهي. منڍ ۾ حمديه ۽ نعتيه غزل ڏنا ويا آهن، سنڌي
ڪلام سان گڏوگڏ سرائڪي ڪلام پڻ ڏنو ويو آهي. ان
کان علاوه نموني طور ڪجهه عربي، فارسي، هندي ۽
اردو ڪلام پڻ ڏنو ويو آهي. جيئن پڙهندڙ مصنف جي ان
ڪلام کان محظوظ ٿي سگهن.
هن ڪليات ۾ مصنف جي شاعريءَ جو مختصر جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
ڇوته هن کان اڳ راقم پي. ايڇ. ڊي واري مقالي ۾
سندس شاعريءَ بابت تفصيل سان لکيو آهي. ساڳي ڳالهه
کي وري وري دهرائڻ نامناسب سمجهي، اختصار کان ڪم
ورتو ويو آهي.
ڪن طرحي غزلن جون مصرع طرحون، مشاعرن جون تاريخون، سن ۽ بزم
مشاعرن جا نالا ڏنا ويا آهن. جيئن پڙهندڙ سنڌي
مشاعرن جي تاريخ بابت ڪي قدر معلومات حاصل ڪري
سگهن. ان کان علاوه جي غزل ڪن خاص صنعتن ۾ چيل آهن
سي صنعتون سمجهايون ويون آهن، جيئن پڙهندڙ غزل جو
صحيح لطف حاصل ڪرڻ سان گڏ شاعر جي علم بديع ۽ بيان
بابت مهارت جو اندازو لڳائي سگهن.
تارڪ فقير کي تاريخ سان دلچسپي هئي. هن تاريخ تحفة الڪرام ۽
عمدة الطالب في انساب آلِ ابي طالب ٻنهي ڪتابن جو
سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو هو. ان کان علاوه ابجد جي
حساب موجب هن ڪيترائي مادا ڪڍيا آهن، جي نه صرف
سندس تاريخ سان دلچسپيءَ جو ثبوت پيش ڪن ٿا، پر
سندس هن فن جي ڄاڻ جي پڻ ساک ڀرين ٿا.
اهي تاريخي مادا فقير صاحب جي مختلف ڪتابن تان نقل ڪري، سَندوار
ترتيب ڏيئي. هن ڪليات ۾ شامل ڪيا ويا آهن. جن مان
پڙهندڙن کي ڪيترين ئي عظيم شخصيتن جي وفات جون
تاريخون ملي وينديون. ان کان علاوه سنڌ جي علمي،
ادبي، سياسي ۽ سماجي تاريخ بابت پڙهندڙ سٺي
معلومات حاصل ڪري سگهندا.
تارڪ فقير هڪ عالمِ دين هو ته ان سان گڏ هڪ سچو صوفي به هو. هن
قرآن مجيد جي ڪن آيتن جو تصوف جي رنگ ۾ منظوم سنڌي
تفسير لکيو آهي. جيڪو مثنوي ’برهان الواصلين‘ ۽
’مثنوي آثار العرفان‘ نالي ٻن مثنوين ۾ موجود آهي.
اهي ٻئي مثنويون هن ڪليات ۾ شامل نه ڪيون ويون
آهن. ڇوته ائين ڪرڻ سان هن ڪليات جو ٽيون حصو تيار
ڪرڻو پوي ها، ان کان بهتر اهو سمجهيو ويو ته انهن
ٻنهي مثنوين کي ڌار هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ترتيب ڏنو
وڃي، اهو ڪم انشاء الله جلد ئي پورو ڪيو ويندو.
انهن ڳالهين مان اهو واضع ٿئي ٿو ته تارڪ فقير پنهنجي زندگيءَ
جو وڏو حصو تصنيف، تاليف ۽ ترجمي ۾ صرف ڪيو. اهڙي
ريت هن پنهنجي زندگي سڦلي ۽ سجائي ڪئي. حياتيءَ جي
مختصر عرصي ۾ ايترو گهڻو لکڻ هر ڪنهن جو ڪم نه
آهي. ان لاءِ وڏي ذهانت، محنت، ذوق، شوق ۽ شعور
گهرجي ٿو.
هو سڄي زندگي لکندو ئي رهيو. افسوس جو موت کيس سندس ڪلام تي
نظرثاني ڪرڻ جي مهلت نه ڏني. ظاهر آهي ته ايتري
گهڻي ڪلام ۾ ڪي خاميون ضرور رهجي ويون هونديون، پر
مون سندس سخن جي باغ مان صرف گل ميڙيا آهن. باقي
ڪنڊا حريفن ۽ حاسدن لاءِ ڇڏيا اٿم.
بورڊ جي فيصلي موجب ڪليات کي مختصر ڪيو ويو آهي. ٻيو حصو ڇڏي،
پهرين حصي کي پڻ مختصر ڪيو ويو آهي اميد آهي ته
بورڊ طرفان تارڪ فقير جي رهيل سنڌي، سرائڪي، اردو
۽ فارسي ڪلام کي ڇپرائڻ جو بندوبست ڪيو ويندو.
نواز علي شوق
[آه علامہ تارڪ رحه]
[سيد اظهر گيلاني]
(1) شاعرانِ سنڌ ڏسجن سوگوار،
موڪلائي ويو سخن جو تاجدار.
(2) آهَ تارڪ شاعرِ جادونگار،
آهَ استادِ معظم نامدار.
(3) ”لعلورانڪ“ کي رهي ٿو افتخار،
دفن ان ۾ آهِ گوهر آبدار.
(4) شعر ان جو حاصلاتِ نو بهار،
هو رواني ۾ مثالِ آبشار.
(5) لفظ ان جو تابناڪ و تابدار،
تظم ان جو شاهڪار و شاهوار.
(6) شعر ۾، تنقيد ۾، تحرير ۾،
هو ثريا کان مٿي ان جو معيار.
(7) شعر ۾ بجلي جي پنهان آ لچڪ،
فڪر ۾ پوشيده تسڪين و قرار.
(8) عظمت و افڪار باعث سنڌ ۾،
حافظ و خيام جو هو يادگار.
(9) ان جي تصنيفات ”ٻه سَو“ ٿا چون،
دل پسند اشعار آهن بي شمار.
(10) بي غرض صوبه ۾ ”تارڪ“ ٿي ڪئي،
خدمتِ علم و ادب ليل و نهار.
(11) ان ڪيا گونگار غزل خوان سنڌ ۾،
ڇا ڪجي اعجاز و احسان جو شمار؟
(12) ان جي ادبي خدمتن تي شوق سان،
شعر لِکندا شاعرِ عالي وقار.
(13) گل بلاغت جا ٿيا نذرِ خزان،
لٽجي وئي باغِ فصاحت جي بهار.
(14) ڇو چراغان جي ڀلا حاجت رهي؟
سوز کان هر قلب آه داغدار.
(15) اهلِ دل، اهلِ نظر، اهلِ وفا،
ان جي فرقت کان رئن زار و قطار.
(16) ترڪ ترڪي کي ڪري، ”تارڪ“ ٿيو،
”تارڪ الدنيا“ هيو صوفي سچار.
(17) ٿي رهيو پيري، مريدي کان پري،
ڪٿ هيو ڏن پٽ وٺڻ، ان جو شعار؟
(18) پاڪ صورت، پاڪ سيرت، پاڪباز،
پاڪ نيت، پارسا، پرهيزگار.
(19) ظاهر و باطن ۾ آئينه مثال،
ڪير ان پيڪر کي چوندو داغدار.
(20) بيخودي جي مئي ڏئي پيرِ مغان،
مست طبقه کي ڪيو ٿي هوشيار.
(21) فقر و فاقہ، زهد و تقوا ۾ رهيو،
ڪامياب و ڪامران و ڪامگار.
(22) عالمِ ارواح مان ”تارڪ“ اچي،
بزمِ دنيا ۾ ٿو ڏي ”اظهار“ قرار.
مقدمو
سوانح عمري:
سنڌ جي مانائتي مٽيءَ ڪيترائي عالم فاضل، بزرگ، درويش، صوفي،
سامي، سنت، سورهيه، سرويچ ۽ ساهت جا ڌڻي پيدا ڪيا.
سنڌي ادب جي تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿيندو ته
سنڌ جي شاعرن پنهنجي ڏات سان ڏِسائون رڱي ڇڏيون.
بيشڪ! سڄي سنڌ سون آهي، سندس هر شهر، ڳوٺ، وستي ۽
واهڻ لک لهي، پر لاڙڪاڻي ساه سيباڻي جي ڪجهه ڳالهه
ئي ٻي آهي. جيئن سياست ۾ سرواڻ تيئن عروضي شاعريءَ
۾ هڪ ليکي اڳواڻ، مطلب ته پنهنجو مٽ پاڻ آهي. فقير
هدايت علي نجفي، تارڪ جو تعلق به ان ئي ساه سيباڻي
سرزمين سان آهي.
خاندان:
تارڪ فقير سنڌ جي مشهور تونيه خاندان مان هو. سندن وڏو پير
بازيد هو. جيڪو نهايت متقي ۽ پرهيزگار هو. پير
بازيد سنه 800ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات جي تاريخ
تارڪ فقير هيٺين ماده مان ڪڍي آهي:
سال فوتش را بگير از لفظ رخ
800هه
پير بازيد جي خاندان جو هڪ بزرگ سلطان طيب تبليغ خاطر وستي پناه
علي هڙند، ضلع ديره عازي خان ويو. جتي سندس
ڪيترائي مريد ٿيا. سلطان طيب سنه 1061هه مطابق
1650ع ۾ هيءُ مٽيءَ جو ملڪ ڇڏي وڃي پنهنجي مالڪِ
حقيقيءَ سان مليو. تارڪ فقير سندس وفات جو سن ’ظل
سبحاني‘ مان ڪڍيو آهي. پهرين مصرع مان پير بازيد
جي وفات جي تاريخ معلوم ٿئي ٿي ۽ ٻيءَ مصرع مان
سلطان طيب جي رحلت جو سن معلوم ٿئي ٿو.
پير بازيد است فوتِ اوست صبحِ مکرمت
800هه
رحلتِ سلطان طيب ظل سبحاني دلا
1061هه
جنم:
تارڪ فقير جو والد ميان الله داد عرف تراب علي فقير هڪ صوفي منش
انسان هو. هو چاليهن سالن جي ڄمار ۾ به اولاد کان
محروم هو. ورهين جا ورهيه اولاد لاءِ سڪندو رهيو ۽
ڌڻيءَ در اولاد لاءِ ٻاڏائيندو رهيو. آخر سندس
دعائون اگهاڻيون. سنه 1312هه/1894ع ۾ سندس گهر ۾
پٽ ڄائو، جنهن جو نالو هدايت علي رکيو ويو. جو
پوءِ هدايت علي نجفي، تارڪ جي نالي سان مشهور ٿيو.
سندس جنم بابت سندس هڪ دوست همعصر شاعر جمع خان
غريب (متوفي 1372هه/ 1953ع) هيٺيون قطعو لکيو هو.
مهينو هو محرم جو هئي تاريخ پنجويهين
کليو روز خميس ۽ وقت ٻه پهري جي باغ حق
بهارِ ذات کان ان باغ ۾ پيدا ٿيو تارڪ گل
ڄمڻ جو سال هاتف کان پڇئين، چيائين ”چراغ حق“
1312هه
ننڍپڻ ۽ تعليم:
تارڪ فقير شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي. ان کانپوءِ
دارالعلوم کنڊو تعلقي وارهه ۾ مولانا عبدالعزيز
خاراني کان فارسي جي تعليم حاصل ڪيائين. جنهن بعد
لعلورانوڪ ۾ مولوي محبت الله وٽ تفسير حديث ۽ تصوف
بابت اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين.
شاعريءَ جو شوق:
ان زماني ۾ لاڙڪاڻو مشاعرن جو مرڪز هو. قادري بزرگن بزم مشاعره
جو بنياد وڌو هو جنهن اثر هيٺ سنڌ جي ڪيترن ئي
شهرن ۾ مشاعرن جون بزمون قائم ٿي ويون. تارڪ فقير
جي طبع ننڍي هوندي کان موزون هئي. سندس والد جي
اوطاق تي راڳ ويراڳ جون محفلون ٿينديون رهنديون
هيون. ان کان علاوه هو ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي
والد بزرگوار سان گڏ سنڌ جي صوفي بزرگن جي مزارن
تي زيارت لاءِ ويندو رهندو هو. خاص طور ميڙن جي
موقعن تي ٿيندڙ راڳ رهاڻيون وڏي ذوق شوق سان ٻڌندو
رهندو هو. انهن مڙني ڳالهين سندس موزون طبع کي شعر
چوڻ تي آماده ڪيو. ويتر سندس عاشقانه طبيعت سندس
طبع ۾ وڌيڪ جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو. شاه نجف جي محبت
۾ ’نجفي‘ تخلص رکي شعر چوڻ شروع ڪيائين. منڍ ۾
ڪافيون چوڻ شروع ڪيائين ان کان پوءِ عروضي شاعريءَ
جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين. خاص طور غزل
کيس گهڻو پسند هو. لاڙڪاڻي ۽ ٻين مختلف شهرن ۾
ٿيندڙ مشاعرن ۾ وقت بوقت شريڪ ٿيندو رهندو هو.
تارڪ فقير سنڌي عروضي شاعريءَ ۾ مرحوم شمس الدين بلبل کان گهڻو
متاثر هو ۽ کيس پنهنجو استاد تسليم ڪندو هو. هڪ
شعر ۾ بلبل جي ولادت ۽ وفات جو سن ٻڌائيندي کيس
استاد سڏيو اٿس، فرمائي ٿو:
در تولد شمس الدين بلبل بگوئي اختراع
1273هه
هم چراغ مجلس آمد رحلت آن استادِ ما
1337هه
فارسي شاعريءَ ۾ سندس استاد ميان سلطان علي سالڪ هو، جنهن
1343هه/ 1924ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار وستي پناه
علي هڙند، ضلع ديري غازي خان ۾ آهي. سندس فارسي
ڪليات سندس پوين وٽ قلمي صورت ۾ موجود آهي.*
سالڪ جو والد ميان عاقل محمد فائق (متوفي 1311هه/
1893ع) فارسي زبان جو سٺو شاعر هو ۽ خواجه غلام
فريد جو گهرو دوست هو.
عشق:
تارڪ فقير هڪ حسن پرست انسان هو. هن جتي به سونهن وارا ڏٺا ٿي،
اتي لڏو لاهي ويهي ٿي رهيو، جيئن پاڻ ئي چيو اٿس
ته:
مون جهانِ حسن ۾ سهڻا ڏسي،
ديده بازي لاءِ لاٿي آه لڏ.
۽ سهڻن جي ثناخواني هڪ عبادت سمجهي، ان تي عمل پيرا رهيو. هڪ
شعر ۾ فرمائي ٿو:
ٿا ثناخواني ڪريون سهڻن جي اهڙي ريت سان،
جيئن پڏائن ٿا خليفا پير کي، ۽ ڀان ڀٽ.
سندس حسن پرست طبيعت آخر کيس عشق جي اري ۾ اٽڪائي وڌو. پنهنجي
ئي خاندان جي هڪ خوبصورت ڇوڪريءَ سان سندس محبت ٿي
وئي. الله داد فقير پنهنجي سڪيلڌي پٽ جو هيڻو حال
ڏسي ڇوڪريءَ جي پيءُ کان پنهنجي پٽ لاءِ ڇوڪريءَ
جو سڱ گهريو. پر جيئن ته هو هڪ مسڪين انسان هو،
تنهنڪري هن ڇوڪريءَ جي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
اها ڇوڪري فقير صاحب سان تمام گهڻي محبت ڪندي هئي، تنهن کي جڏهن
اها ڏک ڀري خبر پهتي ته سخت صدمو رسيس ۽ ان صدمي
سبب سخت بيمار ٿي پئي. هوڏانهن تارڪ کي جڏهن
پنهنجي محبوبه جي بيماريءَ جو پتو پيو تڏهن اڃا
وڌيڪ هيڻو حال ٿي ويس. کيس پنهنجي صحت جي ته ڪا
ڳڻتي ڪانه هئي، پر پنهنجي محبوبه جي بيماريءَ کيس
سورن مٿان سور ڏنا ۽ بي اختيار چئي ڏنائين ته:
اسان کي ڪين ٿي حاصل ته ان جي ناهه ڪا پرواهه،
اسان جي ڀي خدايا ڏي اسان جي يار کي صحت.
آخر وره ۾ ويراڳي بڻجي، الفي پائي، سفر تي سنبهي نڪتو. جوڳين،
سامين ۽ ڪاپڙين سان گڏجي پيرن فقيرن جي درگاهن تي
حاضريون ڀريندو، چوڪيون ڏيندو لاهوت لامڪان کان
ٿينـــدو، واپـــس اچي لـــعلورانوڪ ۾ لنڊي واه جي
ڪپ تي اوتارو اڏي ويهي رهيو ۽ تارڪ الدنيا بڻجي
’تارڪ‘ تخلص اختيار ڪيائين ۽ بي اختيار نچڻ ۽ ڳائڻ
لڳو:
نينهن ڪيو نادان، لنڊي جي ڪپر تي،
لنڊي جي ڪپر تي، بره جي بندر تي.
سندس اوتاري تي فقير فقراءَ ايندا رهندا هئا. خوب راڳ ويراڳ جون
محفلون ٿينديون رهنديون هيون. فقير صاحب سڄي ڄمار
ڇڙو رهيو ۽ سندس محبوبه به ڪنهن سان شادي ڪانه
ڪئي.
*
هن مثنوي ۾ محبوب جي سراپا بيان ڪيل آهي.
ڪافي تلاش جي باوجود مثنويءَ جي اصل مصنف جو
پتو پئجي نه سگهيو. جيڪڏهن ڪو دوست هن مثنويءَ
جي مصنف بابت معلومات ڏيندو ته سندس ٿورائتو
رهندس.
*
راقم الحروف جولاءِ 1977ع ۾ پنهنجي پياري
دوست مينهين خان سوز بلوچ سان گڏ وستي پناه
علي وڃي سلطان علي سالڪ ۽ سندس خاندان جي ٻين
بزرگن جي مزارن تي فاتحه پڙهي. تارڪ فقير هڪ
مثنوي ۾ ڪن شاعرن جي تعريف ڪئي آهي، جن ۾
’سالڪ‘ به اچي وڃي ٿو.
|