رديف ”ف“
پکين کي جيئن رهي صياد جو خوف،
مون کي تيئن ان ستم ايجاد جو خوف.
ڊڄن توکان ملڪ، ديو و پري جِنَ،
رهي تن کي ٿو آدمزاد جو خوف.
ويئن دلڙي ڦري ديدان اڙائي،
ڪريان ڪهڙو هينئر فرياد جو خوف.
سندءِ نيڻن کان خوف آهي کي نرگس،
جيئن شاگرد کي استاد جو خوف.
زنِ دنيا آهي بدچال ڏاڍي،
رکي ٿي ڪين ڪنهن داماد جو خوف.
رهي ٿو ته موجزن ديدن جو دجله،
ٻڏڻ آهي دلِ بغداد جو خوف.
نه آهي عاشقن کي خوف ڪنهن جو،
آهي تا بره جي بيداد جو خوف.
رهي ٿو بيد لرزان جو چمن ۾،
اٿس ڪنهن غيرتِ شمشاد جو خوف.
سبڪباريءَ ڪري ”تارڪ“ جهان ۾،
لٿل آهي دلِ آزاد جو خوف.
*
پيچ پائي اهڙو ٿي دل عاشقن کي تار زلف،
نانگ چُوڙو چاڙهي جيئن تيئن پيچ پائي مار زلف.
ائين ٿي مهجوريءَ ۾ دل موڙهي رهي مشتاق جي،
جيئن رهي موڙو مٿي، اُن خوبرو اظهار زلف.
خون ان عاشق سندو نئي گردنِ دلبر ۾ پيو،
حسن کان حيران ٿي جنهن سر سٽيو بردار زلف.
عشق رخنه انداز ٿيو جنهن جي کڻي اسلام ۾،
تار سجه کي ڇني تنهن پاتو ڳل زنار جو زلف.
زلف مشڪين جو آهي ”تارڪ“ سدا سودا زده،
تنهنڪري اڪثر انهيءَ جي وات آه گفتار زلف.
*
تلوار ابرو جي اڳيان سوره رهي ڪو سربڪف،
مانجهي انهيءَ ميدان ۾ پائي شهادت جو شرف.
ڪانگل نياپو ويو کڻي آهي سندم دلدار وٽ،
موٽيو نه سو شايد وڃي ٿيو عشق ان جي جو هذف.
زخمِ محبت دل اندر کايون، ڪُڇون ٿا ڪينڪي،
ڪنهن سان ڪڇي ٿي ڪين جيئن منجهه وات پايون دُر صدف.
ناز و ادا تنهنجي سندو عالم خريدار آه ٿيو،
غوغاءِ سندءِ غمزن سندو هرجا هُلي ٿو هر طرف.
حضرت قلندر لعل جي چائنٺ چمڻ جي شوق ۾،
سيوان (1)
ڏي سنڀري هليو ”تارڪ“ جو آهي سو نجف.
*
عشاق بي سر هڪ طرف، دلدار دلبر هڪ طرف،
هو زار مضطر هڪ طرف، هو شاد خوشتر هڪ طرف.
هو بادشاهِ بينوا، هو بيوفا، هي پُر خطا،
باشان نادر هڪ طرف، باحال احقر هڪ طرف.
بزم جهان جي دور ۾ ڪيئي اچن، ڪيئي وڃن،
سائؤ تونگر هڪ طرف، پينو ۽ بي زر هڪ طرف.
دلدار ٿيو جلوه نما، منجهه عاشقن غوغا پيو،
الحمد اطهر هڪ طرف، الله اڪبر هڪ طرف.
جي نڪته دانِ رمز حق آهين ته کولي پڙهه سبق،
شائق (1)
جو دفتر هڪ طرف، ”تارڪ“ جو دفتر هڪ طرف.
*
انوار طلعت هڪ طرف، اظهار صورت هڪ طرف،
اسرار وحدت هڪ طرف، آثار ڪثرت هڪ طرف.
منهن ٿيو منور يار جو، زلفِ سيہ دلدار جو،
صبحِ مسرت هڪ طرف، شامِ مشقت هڪ طرف.
شور و عتاب وچين جبين، قرب و تبسم شڪرين،
آزار زحمت هڪ طرف، گلزار رحمت هڪ طرف.
سو عبد سو معبود ٿيو، سو حمد سو محمود ٿيو،
اظهار حيرت هڪ طرف، اقرار عبرت هڪ طرف.
ظاهر ٿيو نورنگ رنگ، باطن صفا کان زنگ زنگ،
ظاهر جي حڪمت هڪ طرف، باطن جي قدرت هڪ طرف.
*
مصرعِ طرح:
”چشم قاتل ٿي وئي مائل عنايت جي طرف“
گوش رک سالڪ سچا، منهنجي هدايت جي طرف،
ڪاپڙي ڪن ڪين ڏي ڪنهن جي شڪايت جي طرف.
قصهء يوسف ته اڄ ڪلهه سڀ کان وسري آه ويو،
ساري عالم ڪن رکيو، تنهنجي حڪايت جي طرف.
لطفِ جانان جو مان آهيان اصل کان اميدوار،
ڪين ڏسندو پاڻ ڀي منهنجي جنابت جي طرف.
منجهه ولايت وره جي آه اهنج ايذا درد و غم،
ڪاهي ويندو ڪو ڪو ڪامل، هن ولايت جي طرف.
بحرِ وحدت جي ڪنڌي ناهي شناور ڪنهن ڏٺي،
جو ويو سو گم ٿيو بحر بي نهايت جي طرف.
يار خود ”لا تقنطوا من الرحمت الله“ آه چيو،
گوش عشاقن سندو آهي هن آيت جي طرف.
سان ڏسڻ هن صيد کي ڪئي ذبح کان صياد بس،
”چشمِ قاتل ٿي وئي مائل عنايت جي طرف.“
عشق جي رايت جي سايه ۾ جو آيو خوش رهيو،
ٻيا ڇڏي سايه تون اچ هن ظلِ رايت جي طرف.
آفتِ دنيا کان ٿي جائي حمايت ميڪده،
ٻي حمايت کي ڇڏي اچ هن حمايت جي طرف.
’فاذڪروانيٰ‘ فڪر ريءَ ”تارڪ“ کي ناهي فڪر ٻيو،
ذڪر حق ريءَ ڪن نه ڏي ٻئي ڪنهن روايت جي طرف.
رديف ”ق“
نه ساڪت، نه ناطق، اناالحق، اناالحق،
نه مالڪ، نه واثق، اناالحق، اناالحق.
نه عابد، نه زاهد، نه مومن، نه مسلم،
نه فاجر، نه فاسق، اناالحق، اناالحق.
نه شامل، نه شاغل، نه واصل، نه فاصل،
نه معشوق و عاشق، اناالحق، اناالحق.
نه ڪيش و نه ملت، نه مذهب، نه مشرب،
نه ڪاذب، نه صادق، اناالحق، اناالحق.
نه شيعو، نه سني، نه صوفي، نه دهري،
نظيرو نه فائق، اناالحق، اناالحق.
نه ”تارڪ“، نه فارڪ، نه ظاهر، نه باطن،
نه لائق، نه شائق، اناالحق، اناالحق.
*
سيف ابرؤ جي آهي صمصامِ عشق،
زلف جو زنجير آهي دامِ عشق.
هٿ کڻي ٿو آبرو ۽ مال تان،
ٿو رهي بدنام، بي آرام عشق.
ڪامرانِ عقل ٿو ناڪام ٿئي،
ڪامياب آخر ٿئي ناڪامِ عشق.
عشق جو الطاف آهي، اضطرار،
حسرت و حيرت ٿيا انعام عشق.
مذهب و ملت ۾ ٿئي نا پائبند،
ٿيو جدا کان ڪفر و دين اسلام عشق.
نيڪ ناميءَ لئي ڪڙهي سو ڪينڪي،
عقل کان آجو آهي بدنامِ عشق.
هڪ ٿين معشوق، عاشق، عشق نيٺ،
ٿو رهي ”تارڪ“ اهو انجامِ عشق.
*
ساقيءِ صاحب ڪرم ڏي ساغرِ سرشار عشق،
تا ٿئي خمار کان دل مخزنِ اسرار عشق.
چشم دل ٿيو تيره گون گرد و غبارِ حرص کان،
ڏي صفائي تا ٿئي سو مطلع الانوار عشق.
خواب غفلت ۾ رهي ٿي دل جي اک شب روز بند،
بخش ذوقِ بيخودي ڪر ديده سا بيدار عشق.
عقل آهي گرچه سارو مايهء آرام عيش،
پر نه ان ۾ فرحت آه جا آه منجهه آزار عشق.
قيد هستيءَ ۾ ٿي وئي ”تارڪ“ هيءَ عمر چٽ،
ڇوٽڪارو ٿئي تڏهن، جڏ ٿئي حصولِ دار عشق.
*
ڪر مطالع درس دل ۾ عشق وحدت جو سبق،
ڇو ٿو اٿلائين قدوري، ڪنز، ڪافيه جو ورق.
قطره گي جي خيال ۾ پئي بحر جي ڪنهن کي نه ڪل،
سي ٿيا خود بحر جي ٿيا بحرِ وحدت ۾ غرق.
يا الاهي جسم جي اونده ۾ گم ٿيو نورِ جان،
تون مدد ڪر پردهء پندار خاڪي ٿئيم شق.
ناهه طاقت جان دل کي تا ٿين سي محوِ ذات،
تون ڪرم سان سر سندم آڻيج جذبهء عشقِ حق.
رحم ڪر يا رحمة العالمين ”تارڪ“ مٿي،
عمر جا دم بي بها برباد ٿين نا منجهه قلق.
*
قيد بندِ جسم ۾ ڪيو آه زنجير فراق!
ٿو ڪريان تيلاهون يارو ناله شبگيرِ فراق!
بارگاهِ وصل ۾ هُس (1)
يار پنهنجي ساڻ خوش،
پر هئي ڪا در پئي آزار تدبيرِ فراق!
گلشنِ هاهوت جي هس آشيانه ۾ مقيم،
فرش تي ناسوت جي آڻي سٽيو تيرِ فراق!
دام داڻي اب ۾ هيءِ هيءِ فراق آندو مون کي،
واءِ تاثيرِ فراق و واءِ تاثيرِ فراق!
ٿو رهان لاچار صابر، هن غمِ دل سوز تي،
ٿو چلي وس ڪين منهنجو، ساڻ تقديرِ فراق!
جسم بي جان، جان بيدل، دل بنا صبر و قرار،
ناهه طاقت تا ڪريان ”تارڪ“ ڪا تقديرِ فراق!
رديف ”ڪ“
ڏي جذبهءِ حقي ته ڪريان غير زود ترڪ
محويتِ لقا منجهه بود نبود ترڪ.
ميخانهءِ صفا مؤن ملي جام بيخودي،
بي اختيار جنهن کان ٿي قوم و سجود ترڪ.
خسرانِ عشق جي کان ڏي دو جڳ اندر پناه،
سودي ۾ عقل جو جو ڪيم نقد سود ترڪ.
هردم رهي ٿو غفلت ۾ تنهنجي ياد کان،
پنهنجو حضور ڏي ته ڪريان هي وجود ترڪ.
اوجِ عروج ذات ۾ شهبال تيز ڏي،
جيئن آشيان پنهنجي کان ڪريان فرود ترڪ.
ڏي ذوق حال مستي و مجذوبيِ ابد،
تا جذبه حقيقت ۾ ٿئي غنود ترڪ.
”تارڪ“ فنا ٿيءُ نينهن جي ناتي ۾ هر طرح،
مشهود عين ۾ ڪري شاهد شهود ترڪ.
*
هردو جڳ جي حقيقت آهي هڪ،
سوئي سمجهي ٿو جنهن کي حق جي ڇِڪ.
جو ئي عاشق، اُهو ئي عشق آهي،
سو ئي آهي سڪايل، آه سا سِڪ.
جوئي مهرياڻ آهي، سائي موج،
سا ئي هيءَ ڀِڪ تون ڄاڻ، سا هُوءَ ڀِڪ.
صورتِ انس مؤن ڪري الحان،
صورت گاؤميشن مؤن ڪري ڍِڪ.
ڏس بقادار پنهنجو پاڪ خيال،
جسم فانيءَ تي ٿي ڳر يا نا ڳِڪ.
عالمن مؤن نه ڪيف ٿئي توکي،
پيج پيرِ مغان وٽان ڪا پِڪ.
رمز وحدت جي فاش چؤ ”تارڪ“،
سچ چوندي نه رک تون لڄ ڪا لِڪ.
*
ناز و عتاب ’غمزه‘ هوئي مہ رخن مبارڪ،
سوز و گداز، زاري، هوئي عاشقن مبارڪ.
جي اي نسيم سحري! منجهه باغ جي وڃين تون،
گل جي ڏسڻ جي هرهر، ڏج بلبل مبارڪ.
آهي اسان کي حاصل، دلبر جو در دندان،
اي جوهريو! اوهان کي دُر عدن مبارڪ.
ٿي عاشقن کي ڪوچهء جانان سندي ٿي لذت،
غلمان و حور جنت، هوئي زاهدن مبارڪ.
”تارڪ“ جي آهي منعم کي حاصلاتِ دنيا،
توکي به هوءِ نعمتِ گنجِ سخن مبارڪ.
*
سڀ دوست اڱڻ آيا، مگر تون نه آئين هڪ،
موليٰ مڙئي ملايا، مگر تو نه آئين هڪ.
جيڪي ٿي من گهريا، هيون دل کي جي خواهشون،
سي سڀ پُنام رايا، مگر تون نه آئين هڪ.
پانڌين ڏنا پيام ۽ خاطن ڏنام خط،
سي مون وڃي پڙهايا، مگر تون نه آئين هڪ.
آيو بهار باغ ۾، موسم بسنت ٿي،
بلبل به گيت ڳايا، مگر تون نه آئين هڪ.
بزمِ سرور ۾ مون تنهنجي اچڻ جي لئه،
احباب ڪل گهرايا، مگر تون نه آئين هڪ.
بلبل کي مليو گل اچي پروانه کي به شمع،
مون ڀي سڄڻ سڏايا، مگر تون نه آئين هڪ.
ماڻهو مڙي ڏسڻ لئهءِ آيا، جو تو سوا،
مون حال هيئن بڻايا، مگر تون نه آئين هڪ.
”تارڪ“ جي حال زار ڏسڻ واسطي پرين،
سهڻا سوين سڏايا، مگر تون نه آئين هڪ.
رديف ”ک“
اٿم يار جي بيوفائي جو ڏک،
اندر راستي، ڪج ادائي جو ڏک.
سندم خون پيو گردن ۾ دلدار جي،
نه آهيم ڪجهه خونبهائيءَ جو ڏک.
جڏهن يار ٿو مون کي ڏک پاڻ ڏئي،
تڏهن ناه ڪو جانگزائيءَ جو ڏک.
ڪري حال منهنجو ٿو نئي غير سان،
چوان ڪنهن کي هي حال ڀائيءَ جو ڏک.
جدا ٿي وڃي ٿو اهو ڀي مون کان،
چوان جي ٿو ڪنهن کي جدائيءَ جو ڏک.
جي آهي ته آهي اُهوئي مون کي،
سندءِ غير سان آشنائيءَ جو ڏک.
رهي دل کي هردم ٿو دامان گير،
ڪرڻ ڪنهن نه ڪائي ڪمائيءَ جو ڏک.
”هدايت علي“ ڪين دنيا ۾ ڪيو،
اٿس عمر پنهنجي اجائيءَ جو ڏک.
*
سدا ڪين آهين دنيا ۾ سک،
سکيا جي رهن ٿا ڏسن سئي ڏک.
سڀن کي خدا ساه هڪڙو ڏنو،
اگر عام آهين توڙي ڪ مک.
مري ڪونه مانيءَ جي هوئي مگر،
رهي سڀ کي مهر و وفا جي ٿي بک.
ڊگهي آه منعم جي بستر کان خوب،
گدا کي جو هيٺان رهي ڀونءِ جي نک.
هوا کي نه آه آب آتش جو خوف،
تئين ناه ”تارڪ“ کي لنوءَ واري لک.
رديف ”گ“
بادِ خزان کان زرد ٿئي جيئن چمن جو رنگ،
تيئن ٿيو فراق يار جي کان منهنجي تن جو رنگ.
ظاهر ٿي باوفا ڏٺو، باطن هو بيوفا،
رنگِ حنا مثال رهيو گلبدن جو رنگ.
زلفِ سياه يار جو پرتؤ پويس ٿو،
تنهن کان رهي ٿو نيلي چرخِ ڪهن جو رنگ.
شرمنده آه تنهنجي لبِ لال جي اڳيان،
مرجان، پان، لعل، عقيقِ يمن جو رنگ.
خوشبوءِ زلف نِي جو صبا منجهه ختن کڻي،
ٿي ويو سياه رشڪ کان مشڪِ ختن جو رنگ.
کلندي سان تنهنجي جڏهن در دندان اگهاڙو ٿئي،
تڏهن شرم کان ٿي آب جان دُرِ عدن جو رنگ.
هرچند ٻيا به آهن، رنگين سخن پيا،
هڪ گونه آهه ”تارڪ“ جي ڀي سخن جو رنگ.
*
تنهنجي شمعِ حسن تي اي شوخ شنگ،
ٿا پچن منجهه پرت عاشق، جيئن پتنگ.
عاشقن جي سبز قدميءَ کان ٿين،
بر آباد ۽ وسنؤ ويران جهنگ.
ڇا سي ڪن جو قيد اٿن قسمت ڪيو،
نه ته اچڻ وارا ڇنن تو لئي ٿا تنگ.
سوز وارا ٿين مؤثر ساز کان،
راؤ کي موهي وڌو چارڻ جي چنگ.
سڪ اندر ساري کڻي سيئي ويا،
نينهن ۾ ”تارڪ“ ٿيا جيڪي نسنگ.
رديف ”ڳ“
اي حسن ڌڻي ٻڌ هي فرياد الهه لڳ،
ديدن لٽي دلڙي جو ڪيو داد الهه لڳ.
ڇڏ ڇوڙي نه تون زلف پريشان کي پرينُرو،
ڪر ڪينِ دلِ عاشقِ برباد الهه لڳ.
نڪري کان قفس پَر نه پکيڙيائين هوا ۾،
سو صيد نه ڪر اي مرغ اي صياد الهه لڳ.
جو دردِ جدائي ۾ ٿو دلگير گذاري،
ڪر تنهن کي ملڻ ساڻ سڄڻ شاد الهه لڳ.
ويران ڪيو ملڪِ دل آه غارت غمزه،
اي شاهِ لقا ان کي ڪيو آباد الهه لڳ.
هڪ دم نه سهي دير ٿي دل تنهن سان اي دلبر،
ڪر جلد ملڻ جو ڪوئي ميعاد الهه لڳ.
ڏئي بوسهء لب پوءِ مون کي قتل ڪيائين،
مون ساڻ ڪيو قرب هي جلاد الهه لڳ.
در تنهنجي تي آهي ٻيو هيڻو هي وٺي حال،
”تارڪ“ تي ڪيو عشق جو امداد الهه لڳ.
*
عاشقِ بيدل رهي سگهندو نه دلبر کان الڳ،
ڪين ڪجهه قمري رهي شاخِ صنوبر کان الڳ.
شوخ کي هر وقت خونريزي سندو آهي خيال،
تنهنڪري ٿئي ٿو نه ان جو دست خنجر کان الڳ.
خنجرِ خونخوار ابرو کان ڊڄي جو ڪينڪي،
پهلوان بيشڪ اهو آه پنهنجي سو سر کان الڳ.
ساقيءَ مہ روءَ جي ميگون چشم کان جو مست ٿيو،
ڇونه سو ميخوار رهندو باده ساغر کان الڳ.
بي اجازت مون جي ورتو بوسهِء لب ناه ڏوه،
ڄڻ بکيو جالي سگهيو نا لقمهء تر کان الڳ.
ڄاڻجئن پڪ هيءَ ته ”بعد الموت“ طالب تو سندا،
ڪين رکندا استخوان، تنهنجي سگِ در کان الڳ.
تنهنجي زلفِ مشڪبُو منهنجو معطر ڪيو دماغ،
تنهنڪري آهيان سمنبر عود عنبر کان الڳ.
جن سڃاتو توکي گوناگونِ مظهر جي اندر،
سي بري کان ڪفر دين، مسجد ۽ مندر کان الڳ.
جيڪي ٿيا ”تارڪ“ موحد سي سدائي ٿا رهن،
سجه و زنار کان مومن ۽ ڪافر کان الڳ.
*
ٻري ٿي عشق جي جنهن جي نه دل اندر ۾ آڳ،
سو آه ائين جو هجي جيئن نه ڪنهن جي گهر ۾ آڳ.
اڳي ڪٿي هيو بيداد بره جو اهڙو؟
هو شوخ آيو آه جاڪون آه شهر هر ۾ آڳ.
سندم هيءَ جان، جگر آه ان صنم ساڙيو،
رکي جو ناز ۽ غمزه جي ٿو نظر ۾ آڳ.
اٿن ٿا شعر جا شعلا زبان جي رستي،
سي ان جا آهن جا آه جيءَ جگر ۾ آڳ.
انهن کي ايندو تؤ جن کي تار هوندي تن،
دکائي ”تارڪ“ جا شعر پُر اثر ۾ آڳ.
رديف ”گهه“
دلڙين لٽڻ جي جهڙي آهي دلربان کي سگهه،
تهڙي نه آه رهزن اهلِ جفا کي سگهه.
زخمِ مڙه کي اونهو ڏسي هيئن چيو حڪيم،
”وه تير ان جو ان جي آه بي خطا کي سگهه.“
جنهن جي نگاهه ناز سان دل ٿو ڦري وٺين،
ناهي ڇڏائڻ ان سندي شاه و گدا کي سگهه.
صياد پڃري ۾ نه وجهي ٿو جو ڄاڻي ٿو،
پرواز جي نه آه هن مرغِ فنا کي سگهه.
بي باڪ اچي ڪفر ۽ اسلام کان ڪِرڻ،
آهي سدا اها وڏي حسنِ صفا کي سگهه.
تابِ لقا کان جنهن جي ته ”تارڪ“ ٿي دل جلي،
تنهن جي رهي زياده ٿي طبعِ رسا کي سگهه.
*
رهي ٿي يار ڏي هر لحظه جان تن جي تانگهه،
وڃي نه بلبل جي دل کان گلرخن جي تانگهه.
لٽائي ٿو سر و سامان پنهنجي هستيءَ جو،
لڳي جنهن کي ٿي ديدار سميتن جي تانگهه.
وڃي ڀلايان مون دل کي ٿو ويهي گڏ تن سان،
رهي ٿو تنهنڪري مون کي گُل چمن جي تانگهه.
ڪشش سڄڻ سندي ڪوچي جي ڪيئن نه ٿئي دل کي؟
ڀلا مسافر کي ڪيئن نه ٿئي وطن جي تانگهه.
ڏسڻ سندءِ رهي هر دلعزيز ٿو اهڙو،
جو تو ڏي يوسف جيئن آه مرد زن جي تانگهه.
انهيءَ ۾ ڇاهي جي مون کي پرينءَ جي تانگهه رهي،
رهي ٿي هردم شيرين ڏي ڪوهڪن جي تانگهه.
ڪچائي ڪوڙ سندي تانگهه عاقبت ڪم ٿئي،
سدائي سالم رهندڙ آهي سچن جي تانگهه.
ز حد آهيان مون دلداده سخن ”تارڪ“،
رهيم اڪثر دل کي ٿي نَئي سخن جي تانگهه.
رديف ”ڱ“
فصلِ گل آيو مئي گلرنگ سان پوشاڪ رنڱ،
دامنِ سجاده رنگِ باده سان بي باڪ رنڱ.
وجهه نه مشتاقن ۾ مارو ناز بي انداز جو،
اهڙي خونِ بيگناهان ۾ نه روئي خاڪ رنڱ.
قتل جي توکي ڪريان ٿو ڪين اي جلاد منع،
پر سندم رت ساڻ پنهنجي ڪين دامن پاڪ رنڱ.
هي سرِ سودا زده هردم رهي ٿو بار دوش،
ڇونه لاهي تنهن جي رت سان حلقهء فتراڪ رنڱ؟
ٿيو وري جوشِ جنون دل درد کان ٿي درخروش،
هاڻ ”تارڪ“ اشڪباريءَ ساڻ جيبِ چاڪ رنڱ.
*
تنهنجا آهن نرم نازڪ يار لنڱ،
ڪيئن سهن سي وار هڪ جو بار لنڱ.
ناز نين رکجي نظر بد کان حذر،
لاهه ڪپڙو ڪين ڪر اظهار لنڱ.
عشق جو ايذا وٺي جنهن شخص کي،
ٿا رهن ان جا بصد آزار لنڱ.
جي نهوڙيا نينهن تنهنجي نازنين،
بره کان تن جا رهن بيڪار لنڱ.
ناه ”تارڪ“ جي لنڱن تي هي پگهر،
هر گهڙي ان جا وهائن نار لنڱ.
(1)
عاقل محمد شائق: فارسي زبان جو شاعر هو، ۽
وسنتي پنا علي هڙند ضلع ديره غازي خان جو ويٺل
هو. خواجه غلام فريد جو گهرو دوست هو. سندس
فارسي ديوان ڇپيل آهي.
|