ديوان تارڪ
رديف ”الف“
هر روپ ۾، هر رنگ ۾، بيرنگ ٿيو جلوه نما،
منجهه هر اکر، هر انگ ۾، بيرنگ ٿيو جلوه نما.
هر شڪل ۾، هر شان ۾، هر امر ۾، فرمان ۾،
مسجد اندر بت خانه ۾، بيرنگ ٿيو جلوه نما.
هر طور ۾، هر دور ۾، هر زور ۾، هر جور ۾،
هر ٽور ۾، هر چور ۾، بيرنگ ٿيو جلوه نما.
هر ملت و هر دين ۾، هر مذهب و آئين ۾،
شادان ۾ غمگين ۾، بيرنگ ٿيو جلوه نما.
سڀ طرح ۾، سڀ تال ۾، هر ملڪ ۾، هر مال ۾،
ڇا ڌيان ۾، ڇا خيال ۾، بيرنگ ٿيو جلوه نما.
معشوق ۾، محبوب ۾، هر زشت ۾، هر خوب ۾،
هشيار ۾، مجذوب ۾، بيرنگ ٿيو جلوه نما.
هر ناز ۾، انداز ۾، هر سوز ۾، هر ساز ۾،
سڏ، ٻانگ، ڪوڪ، آواز ۾، بيرنگ ٿيو جلوه نما.
تارڪ سندي اشعار ۾، اشعار ۾، گفتار ۾،
گفتار ۾، رفتار ۾، بيرنگ ٿيو جلوه نما.
*
سيدِ خيرالامم سردار آ،
هر دو عالم ۾ اجهو آڌار آ.
هاشمي، هاتڪ، حبيبِ ڪردگار،
مصطفيٰ، مرسل مٺو، مهندار آ.
پاڪ پيغمبر پيارو رب جو،
رهنما امت سندو سالار آ.
آه بطحا جو ۽ يثرب جو ڌڻي،
دين داور، دادگر، دادار آ.
خود خدا صلواة سر ان جي پڙهي،
ان سندو هو دلربا دلدار آ.
ڇا بشر، تعريف ڪو ان جي ڪندو،
عقل انسان، قاصر ۽ لاچار آ.
آه رهبر منجهه طريقت سرمدي،
منجهه الوهيت، سو خودمختار آ.
منجهه هويت، منجهه ربوبيت مدام،
سر سالم، ايزدِ غفار آ.
ماهر آه، ناسوت ۾، ملڪوت ۾،
جلوه گر، جبروت ۾ اظهار آ.
سرور آه لاهوت ۾، باهوت ۾،
مهر منجهه هاهوت پر انوار آ.
سو سياهوت اندر آ سر خفي،
سيد العالم شِہ ابرار آ.
’تارڪ‘ ان جي در سندو ادنيٰ گدا،
دم قدم سان طالبِ ديدار آ.
*
اڄ ڪو پيار ساغر سرشار ساقيا،
جنهن کان ڏسان مون عشق جا اسرار ساقيا.
تنهنجي خمِ سخا منجهون، ڇا گهٽ ٿئي ذرو،
جي جام ڏئين کڻي، يڪبار ساقيا.
خالي نه ڇڏ سي، چاشنيءِ جام باده مون،
ميخانه ۾ جي ٿيا، پس ديوار ساقيا.
آيو بهار، موسمِ عيش و نشاط ٿي،
ديوانه پنهنجا ڇڏ نه، دل افگار ساقيا.
سياري ۾ جي ستايل، سورن سندا هجن،
سرڪيءَ سان تن جي سانوڻ، لهه سار ساقيا.
هٿ تنهنجي ۾ ٿيو، نشهء عشقِ شهود پاڪ،
منجهه جام تنهنجي غيب جو ديدار ساقيا.
جمشيد سندي جام کان، تنهنجو ٿيو جام وڌ،
ان ۾ تون عڪس پنهنجو ڪو ڏيکار ساقيا.
پيالي کان تنهنجي پُر ٿي، تارڪ ٿيو محو هُو،
ٿو عشق جو ڪري، اهو اظهار ساقيا.
*
تنهنجو رخ ۽ زلف ٿيا شام ۽ سحر اي دلربا!
حسن کي عشق کي جن ڪيو پڌر اي دلربا!
سنبل ۽ سيمين، نرگس ۽ بنفشه زعفران،
ٿيو نزاڪت تنهنجي جو تن ۾ اثر اي دلربا!
نازنين، ناز آفرين، نازڪ بدن، نازڪ ادا،
درد تنهنجي کان ٿيا عاشق دربدر اي دلربا!
سونهن ۾ ثاني نه تنهنجو ڪو خدا خلقيو ڪٿي،
مر ڏسي ڪوئي نهاري هر بشر اي دلربا!
’تارڪ‘ آهي نينهن تنهنجي ۾ سدا مخمور محو،
شوق تنهنجي جو ٿيس دل ۾ شرر اي دلربا!
*
خدا جي گوهر کڻي ڪري ها، فدائي دندانِ يار ٿيون ها،
بنائي لعل يمن جي ها رب، چپن تي ان جي نثار ٿيون ها.
بنائي مشڪِ ختن جي ها حق، ته خالِ عارض تي ٿيون ها صدقي،
اگر اسان کي ڪري ها عنبر، فدائي زلف نگار ٿيون ها.
خدا اسان کي ڪري ها پٿر، ته تنهنجي چانئٺ جو ٿيون ها پٿر،
مٽي اسان کي بڻائي ها جي، ته تنهنجي دڳ جو غبار ٿيون ها.
هي بحرِ الفت نه خوشنما آ، مگر ٿيون ان ۾ بلا جون موجون،
وڏي مزي سان لنگهي ها پنهنجي، جي بحر اهڙي جي پار ٿيون ها.
*
بزم مشاعره نصيرآباد مؤرخه 1- نومبر 1933ع
مصرع طرح:
”حمد و ثنا جي لائق سرڪار آه سدا“
حمد و ثنا جي لائق سرڪار آه سدا،
دو جڳ مٿان مدامي مختار آه سدا.
جنهن يار کي سڃاتو، هر فرقه کان ڇٽو،
سو بغض ڪفر دين کان بيزار آه سدا.
محفل ۾ ميڪشن جي ساقيءَ جي اک عجب،
مئي عشق جي سان ساغر شرسار آه سدا.
ديهيم، جم، سڪندر جي، ناه ڪاڻ ڪا،
ان کي جو تنهنجي در تي پينار آ سدا.
قرآن حديث سڀئي ان مؤن، مون کي مليا،
منبع علوم تنهنجي گفتار آه سدا.
جلوو خدا جو هردم ان مؤن ڏسان ٿو پيو،
اي يار اهڙو تنهنجو ديدار آه سدا.
ٻئي پِير ۽ پيمبر جي اوٽ ڇو وٺان،
هڪ ئي نبي محمد آڌار آه سدا.
جنهن ڪين سر سڃاتو، پنهنجو کان معرفت،
سو خس کان هيٺ ناقص نادار آه سدا.
بزم سخن ۾ ”قادربخش“ آه جو امين،
منهنجو سونهارو منعم غمخوار آ سدا.
بدنام عشق اهڙو ڪيو تنهنجي شوخ جو،
عاشق سندءِ ڳليءَ ۾ ڏس خوار آه سدا.
صلح ۽ سلوڪ پنهنجو سڀ ساڻ ٿو رهي،
اغيار کي به ڀانيون ٿا يار آه سدا.
جذبهء بقا ڏني آ، تعليم ترڪ جي،
دنيا جو مال ڌيان ۾ مردار آه سدا.
بلبل تون اهڙي گل تي، مفتون ڇو ٿئين؟
جنهن سان چمن ۾ رهندڙ گڏ خار آه سدا.
ملڪِ سخن جي شاهي، معنيٰ جو گنج ٿي،
ٻي ڪهڙي توکي اي دل! درڪار آه سدا.
ملهه سيم، زر، يا مايا، سودي ۾ سر جي ناه،
سر ڏيئي سر وٺڻ جو، وهنوار آه سدا.
زلفن جي دام اهڙو، قابو ڪيو کڻي،
ڏسجڻ ۾ هڪ ٿيو سجه زنار آه سدا.
محبوب منهنجو آهي، جو صدر بزم جو،
سهڻن جي فوج جو سو سالار آه سدا.
ڄاڻو نه گهٽ جي ’تارڪ‘ ٻانهو ٿيو عشق ۾،
بر مسندِ محبت جو سردار آه سدا.
*
ديد تنهنجي کان ٿيا، دانا ديوان ڪيترا،
ناز جي ناوڪ ڪيا، ناميا نشانا ڪيترا.
ڪيئي عاشق عشق جي ايذا سبب مقتول ٿيا،
خاندانن جا ٿيا برباد خانا ڪيترا.
نامورَ ڪيا نينهن ڪيئي، اصل جي گمنام ها،
نانؤ ان جا برزبان، گذرين زمانا ڪيترا.
تنهنجي الفت ۾ جي آيا، ترڪ ڪيا تن خانمان،
خيال تنهنجي ۾ لٽايا تن، خزانا ڪيترا.
زلف جي سودا ۾ گذري، عمر ساري تن وئي،
گوش زد عالم ۾ ٿيا، تن جا فسانا ڪيترا.
سبزهء صحِن چمن، فرشِ زمرد آهي ڄڻ،
ابر جا گلشن مٿان ٿيا، شاميانا ڪيترا.
همسفيرن ساڻ هن باغِ جهان ۾ ياد ڪر،
اي دل مرغِ سخن، پنهنجا ترانا ڪيترا.
ٻانگ ممبر تي چوڻ جو ڪر نه اي زاهد غرور،
ڪڪڙيون ڀي ٽان ٽان ڪندي لاهن ٿيون آنا ڪيترا.
ڪين ڪنهن جو وس چلي، توڙي هجي رستم زمان،
شان ڏاڍا گم ڪيا، شوخن شهانا ڪيترا.
شعر جو ڇڏ شوق ’تارڪ‘ تو گهڻوئي چيو ڪلام،
تنهنجا رهندا دهر ۾، هي داستانا ڪيترا.
*
اکين ۾ جوڙي ڏيان جايون، اچين جي يار البيلا،
سوين ٿو سال ڀايان، جي وڇوڙي جا لنگهن ويلا.
هلي منهنجي اڱڻ اچ تون ته دل جا غم لهن گوندر،
ڏسي ميلاپ توسان ٿين اغيارن جا منهن ڀيلا.
ٿو جاڏي دل جو رايو ٿئي اکيون ڀي ٿيون ڏسن اوڏهن،
مثل مشهور هي آهي، ته اڳ ۾ گر پٺيءَ چيلا.
جڏهن صنعان جي سر عشق آيو، سوئر ٿي چاريئن،
تڏهن ڇا ٿيو جي مون منجهه عشق مارن ڇوڙيا ڇيلا.
شهيدِ عشق جا مرقد، مدامي رب ڪيا روشن،
نه مُلن جي مزارن تي، ڏٺم ’تارڪ‘ ڪڏهن ميلا.
*
صورت پسي سڄڻ جي سياڻا به ٿيا چريا،
ڇا ٿيو اسان جيها جي ڪي عامي کڻي کريا.
جي آتشين مزاج، سندم دلربا نه هو،
هيئن هوند اسان جي دل ۾ ٻارڻ نه هي ٻريا.
مشڪل ٿيو قيد زلف مون، دل جو ڇٽڻ وري،
ڦاهي جي ان جي ڦاٿا، سي ڳاري اندر ڳريا.
مون ٿي جو آزمايش قسمت سندي ڪئي،
تا برخلاف نفس جي ڍارا وڃي ڍريا.
هرگز نه پهتا منزلِ مقصود تي اهي،
جي راه سندي رنج ۽ ڏک کي ڏسي ڏريا.
هن باغ بي بقا جو ٿيو، رنگ و بو عبث،
جو ڪيئي غنچه ري کلئي، ڌرتيءَ اندر ڌريا.
اي دل نه ٿي ملول، جي هو دلربا ٿيو دور،
ان جي وصال جا هي وري ڏينهڙا وريا.
تارڪ گهڻوئي موڙيوسي، منهن مہ رخن ڪنان،
ليڪن بنا انهن نه حياتيءَ جا دم سريا.
*
ڳلي تو سندي آه عرفات پيارا،
بنا تو سندم خانه عرصات پيارا.
پڙهان توتي پرتئون، هزارين سوين لک،
سلام و درود تحيات پيارا.
ظهورو ڪيو تو مظاهر مون موزون،
صفت ۾ ٿي ظاهر سندءِ ذات پيارا.
سڻي ”ثم وجہ“، سخن تو سندي کي،
ڏٺو عاشقن تنهنجو اثبات پيارا.
وڇوڙو سندءِ ٿيو، عذابِ جهنم،
ملڻ تو سندو آه جنات پيارا.
غريبانه ”تارڪ“ بسر ٿو ڪري هت،
سندءِ ياد ۾ پنهنجا اوقات پيارا.
*
اڄ ٿا هن گهوٽ جا گهر گهر ۾ ٻڌائن سهرا،
سهڻا سهڻي جي وڃي ڪاڄ جا ڳائن سهرا.
وڃي عطار جي دڪان تي قيمت ڏيئي،
سيم جي تار ۾ موتين جا پوائن سهرا.
سر تي لاڏي جي وه وه سونهين دستار جو پيچ،
پيچ دستار مٿان پيچ ٿا پائن سهرا.
جيئن خورشيد لڪل، زير سحاب آ ٿيندو،
گهوٽ جي منهن کي ٿا تيئن هي به ڇپائن سهرا.
آتشين رخ تي وني جي، جو سرون ٿيون لڙڪن،
بيخبر باهه ۾ ٿا ڄڻ هي جلائن سهرا.
جو اڳي چمڪ ۾ هو، چنڊ کان چندان سهڻو،
واهه ويتر ان رخ تي ٿا رهائن سهرا.
جا ڪري ڪِيس ٿي، سينگار بنائي صورت،
حسن اهڙي کي ته ويتر ٿا وڌائن سهرا.
گرچه آهن چيا سهرا به سخن وارن اڳ،
تنهنجا ”تارڪ“ به نڪا گهٽ ٿا لکائن سهرا.
*
جي آنءِ طالبِ موليٰ ته پي شرابِ فنا،
انهيءَ ڪيف کان مدهوش ٿي خرابِ فنا.
سماع ان جي ۾ ٿي محو ٿي خوديءَ کان دور،
دم ۽ قدم سان وڄائيندو رهه ربابِ فنا.
علوم عقل پرائڻ نه پرت وارن ڪم،
جي علم عشق جو چاهين، ته پڙهه ڪتابِ فنا.
هواؤ حرص رکن ٿا، اجائي هستيءَ ۾،
خيال خطرا دنيا جا ٿيا، حجابِ فنا.
مريدِ پيرِ مغان صدقِ دل سان رهه ”تارڪ“،
اتاهون حاصل ٿيو طالبن کي بابِ فنا.
*
ٿي بحرِ وحدت ۾ فنا، چؤ ”من خدايم، من خدا“،
محوِ لقا ٿي منجهه بقا، چؤ ”من خدايم، من خدا“.
پنهنجو وڃائي پاڻ کي، ڄولي تون ڏس هن ڄاڻ کي،
کان جسم جان ٿي تون جدا، چؤ ”من خدايم، من خدا“.
بيچون ۾ بيچون ٿي، منجهه محويت مرهون ٿي،
جذبه جلالت جي صدا، چؤ ”من خدايم، من خدا“.
منجهه ”وَهو معڪم“ غرق ٿي، ڏي ٻن ٻولي فرق جي،
ڪر منجهه حقيقت سر فدا، چؤ ”من خدايم، من خدا“.
ري ميم احمد عين حق، سرور جو صوفين کي سبق،
سالڪ سو پڙهه، بيخود سدا، چؤ ”من خدايم، من خدا“.
خود کي فنا ڪر منجهه خدا، رڳ رڳ انالحق ۾ فنا،
ٿي محو ذاتي، سڻ ندا، چؤ ”من خدايم، من خدا“.
”تارڪ“ هوڻ اولو وڏو، هن رمز ليءَ رولو وڏو،
جڏ دل ٿئي محوِ ضيا، چؤ ”من خدايم، من خدا“.
*
مصرع طرح:
”ڇا ڪري سگهندو ڪوئي الله اڪبر جي ثنا“
ٿي وڻي هر وقت مون کي دوست دلبر جي ثنا،
جيئن گداگر کي وڻي، اڪثر تونگر جي ثنا.
عاشقن ۾ تيئن رهي معشوق جي تعريف ٿي،
جيئن ٿي هر امت ۾ ٿئي، پنهنجي پيمبر جي ثنا.
نفس آهي اڙدها هڪ، ڪيئن نه چيريان تنهن کي مان،
ڪيئن نه غالب ٿيان، ڪريان ٿو شاه حيدر جي ثنا.
اهڙو آهيان مان شرابي، جو مرڻ جي بعد ڀي،
هوندي جاري منهنجي لب مؤن، باده ساغر جي ثنا.
جي گهرين زاهد ته محشر ۾ پيالو پُر ملي،
ڪر تون ساقيءَ جي ثنا، ڇڏ جام و ڪوثر جي ثنا.
لاٿو قاتل منهنجو سر جو، هو ڪُلهن تي بار ٿيو،
مون انهيءَ احسان تي ڪئي، ان جي خنجر جي ثنا.
ٿيو ظهور و ذات اقدس، گرچه سڀ صورت منجهان،
پر ڪيائين پاڻ آدم واري مظهر جي ثنا.
اهل دنيا جي نه ٿئي تعريف هن دفتر ۾ درج،
آه ڪا قرآن ۾ ڪٿ، ڪنهن به ڪافر جي ثنا؟
جنهن زبان حرص کي، ڪاتي قناعت جي وڍيو،
تنهن کان ڪهڙي وات سان ٿئي، سيم ۽ زر ثنا.
جي ڏسين تون منهنجي هيءَ دل صاف، جيڪر نا ڪرين،
جام جمشيديءَ جي آئينه، سڪندر جي ثنا.
ڪيئن نه مرغانِ چمن ها، گوش آواز سڀ،
صبحدم ڪئي باغ ۾، قمريءَ صنوبر جي ثنا.
ڏس ته ڪيئن قدرت جي ڪاريگر سڀن کي ڏئي ڇڏي،
ڪعبه جي مومن کي ۽ ڪافر کي مندر جي ثنا.
عفل عاجز، فهم قاصر، جمله مخلوقات جو،
ڇا ڪري سگهندو ڪرئي، الله اڪبر جي ثنا.
عالمِ ارواح ۾ جامي، نظامي، ٿو ڪري،
کان نزاڪت نظم هن ”تارڪ“ جي دفتر جي ثنا.
*
زلف دلبر جي آه ڄڻ ڪاري بلا،
عاشقن جي لاءِ تنهن ڌاري بلا.
رات ڪاري، منجهه تصور زلف جي،
سربسر مون لاءِ ٿي ساري بلا.
ماڻهو مارن ٿا بلائون ڪيتريون،
زلف دلبر جي نه ڪنهن ماري بلا.
هو بلا مون ليءِ تصور زلف جو،
پر تصور رخ اها ٽاري بلا.
ڪيئن وٺان مون لطف روءِ دلربا؟
زلف جي هر وقت آ، چاري بلا.
يادگيري ٿي زياده زلف جي،
ڪالهه جوڳيءَ مون کي ڏيکاري بلا.
جوڳي ٿا ڌارن بلائون گرچه لک،
ليڪن آهي زلف جي ڀاري بلا.
ات گرو گوگي جي ڳرندي ڪين دال،
سخت آ، زلف صنم واري بلا.
مصرعِ توصيفِ گيسو نانگ آه،
منجهه سخن ”تارڪ“ تو سينگاري بلا.
*
زلف دلبر جي سان ٿيندي، ڪينڪي همسر بلا،
عاشقن جي لاءِ ڌاري آه، هي دلبر بلا.
مون بلا سان ٿي ڏني، تشبيه زلفِ يار کي،
پاڻ فرمائين، ”بلا کان، منهنجي آ بهتر بلا“.
عاشقن ٻوليو ”بليٰ“، جڏ يار فرمايو ”الست“،
تنهنڪري هي هجر ۽ حرمان جي پيا در بلا.
تون تصور زلف جو هجرِ صنم ۾ ڇو رکين؟
بيوقوفي ڏس جو چاهين ٿو، ڪري واهر بلا.
پنهنجي زلفن کي کنڊائي، هو ستو کٽ تي سڄڻ،
عاشقن ٿي چيو، ”ڪرين ٿو ڪيئن تون همبستر بلا.“
ڪيئن اسان کي دسترس ٿيندي، صنم جي زلف تي،
آه ورتي، ڪنهن اڳي، ريءَ منڊ يا منتر بلا.
نفس جي آهي بلا، چيرن ٿا تنهن کي اهلِ عشق،
مهد طفلي ۾ هئي چيري جيئن حيدر بلا.
ٻاهريون مارين بلائون لک، نه مرندي آه سا،
مار جيڪا آه تنهنجي، نفس جي اندر بلا.
مارِ گيسؤ جي ڏنگڻ کان آهه ٿيو ”تارڪ“ شهيد،
حشر ان جو ڇو نه ٿئي در ڪشتگانِ ڪربلا؟ |