سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :13

 

مصرعِ طرح:

”دل پريشان آ سندم، زلفِ پريشان جو قسم“

جان فدا عشق ۾ آهيان، مون کي جانان جو قسم،

عاشقِ صورتِ جانان آهيان، قرآن جو قسم.

خواهشِ حور نه آهي نه پَري غلمان جي،

والهء مظهرِ انسان آهيان يزدان جو قسم.

ناه مون کي ڪا طلبِ شِير، عسل، جنت جي،

تشنهءِ باده آهيان ساقيءِ رندان جو قسم.

مون کي ڪجهه ناه تمنائي چمن خلد سندي،

اي حريفو ٿو کڻان ڪوچهءِ خوبان جو قسم.

صبح صادق جي طرح منهنجو اندر آهي صاف،

مون کي پنهنجي آهي هن چاڪِ گريبان جو قسم.

صورتِ يار ڏٺي ٿم نه چمن ۾ ويندس،

تنهنڪري مون کنيو آه سير گلستان جو قسم.

جي ملي يار ته قربان ڪريان هي سڀڪي،

سر و سامان نه واريان، سر و سامان جو قسم.

ٿا چون يار سندءِ جلوه سدا پنهان آه،

مون ڏٺو ان کي عيان، جلوهء پنهان جو قسم.

دين ايمان ڪيم عشق ۾ دلبر تي نثار،

ڇاهي هي جان ۽ دل دين ۽ ايمان جو قسم.

عشق ۾ مست آهيان ڪنهن تي نظر منهنجي ناه،

ڇاهي فغفور ۽ جم تو سندي دربان جو قسم.

ڪين هيئن ساڙ مون کي هجر ۾ اي رشڪِ پَري،

توکي تنهن لئي ٿو وجهان تختِ سليمان جو قسم.

دل ڦُري آه بتِ بيدين نه قسم سان ڏيندو،

ڪين ڪافر کي ڪندو ڪجهه به مسلمان جو قسم.

منهنجي دلبر جو ڪيو وعده هو ڪلهه يارن سان،

لئي سچائيءَ جي کَئين مون سندي ديوان جو قسم.

مون کان ”تارڪ“ نه ٿو اڄهي ڪوئي دنيا سندو ڪم،

دل پريشان آه سندم، زلفِ پريشان جو قسم.

 

 

*

ذات بيرنگيءَ جو آ اسرار دم،

زندگيءَ جا ٿو رکي آثار دم.

دم منجهان آدم ٿيو آه دم کان عدم،

آ عدم مؤن آدمي اظهار دم.

صورتِ آدم ۾ معنيٰ دم ٿيو،

آه پتلي آدمي ۽ تار دم.

دم منجهان ٿيو عالمِ اجام خوش،

عالمِ اجسام ۾ انوار دم.

سؤ دمن کان آه سو ”تارڪ“ ڀلو،

يادِ حق ۾ جو کڻين يڪبار دم.

 

 

*

[صنعت ذوقافيين مع الحاجب]

[شعر ۾ ٻه قافيا آندا وڃن ۽ انهن جي وچ تي رديف آندو وڃي (جنهن کي حاجب چيو ويندو آهي). جنهن شعر ۾ حاجب هجي، تنهن کي محجوب به چيو ويندو آهي]

آهيان مون ڪشتهءِ فرقت، تنهنجي وصلت جو قسم،

آهيان مون عاشقِ صورت، تنهنجي طلعت جو قسم.

غمِ فرقت ۾ شب و روز گذارڻ آيم،

آهيان مون خستهءِ هجرت تنهنجي الفت جو قسم.

نه وڻي شهد، نه شڪرَ تنهنجي لب جو سوگنڌ،

نه وڻي سرؤَ جي صورت تنهنجي قامت جو قسم.

هيئن نه ڇڏ گوشهءِ محنت ۾ سراسيمه سدا،

ڪيو بي تاب محبت تنهنجي شفقت جو قسم.

مدعا تنهنجي ملڻ ريءَ نه اٿم ٻي ڪائي،

غمزده ڪيو غمِ محنت تنهنجي صحبت جو قسم.

وهم پندار ڪيو آهه هڻي خوار خراب،

بخش ٿي ڪانه ڪا خلوت تنهنجي عشرت جو قسم.

دوئي جي دام کان ڪر گردنِ ”تارڪ“ آزاد،

قيد آهي ڪيو ڪثرت تنهنجي وحدت جو قسم.

 

 

رديف ”ن“

عيش عشرت، رنج راحت، وصل هجرت چار ڏينهن،

عشق الفت، يا عداوت، آه مدت چار ڏينهن.

شان شاهي، ڪج ڪلاهي، سَو سپاهي، سڀ گذر،

شان شوڪت ناز نعمت، تاب حشمت چار ڏينهن.

يار جانيءَ جي جواني، جاوداني ڪين آه،

محب مورت، خوبصورت، سر و قامت چار ڏينهن.

روءِ گلگل، شور بلبل، سرؤ صلصل، در چمن،

باغ فرحت، خار زحمت، گل جي صورت چار ڏينهن.

شعر ”تارڪ“ ڪر نه مخفي ڀل ته عرفي ٿئي عيان،

لاءِ شهرت توکي فرصت آه مهلت چار ڏينهن.

 

 

*

سدا عشاق ٿا غم ۾ گذارن،

ملڻ جي واٽ هردم پيا نهارن.

هجن پيغام عجيبن ڏي نياپا،

اچڻ لئي ڪانگ ڪيئي پيا اُڏارن.

رکن ٿا ياد هڪڙو يار دل تي،

ٻيا سڀ واسطا تنهن لئي وسارن.

سدا ئي سي نِرويا مست جن کي،

پرين پنهنجي هٿن سان جام پيارن.

ڏئي خوبن کي خالق اهڙي قدرت،

جو مشتاقن کي ڳاري زلف ڳارن.

اُهي ”تارڪ“ وتن ويڳاڻا هردم،

جيڪي دلبر جي در کان دور گهارن.

 

 

*

ديد تنهنجي ڏس ڪيا ڪيڏا ڪلور اي نازنين!

هڪ نگهه سان گهوٽ ڪيئي گهايا گهور اي نازنين!

پاره پاره دل ڪڍي ٿي پار تنهنجي پرت ۾،

تو پرينءَ جا ٿا پون پيا جنهن کي پور اي نازنين.

واسطي تفريح دل تيغِ تغافل تو سندي،

بره وارا ڪيئي ماريا بي قصور اي نازنين.

جيئن پوي ٿي زور سردي تيئن سندءِ سوز کان،

ٿا تپن سان آڳ دلڙين جا تنور اي نازنين!

ڪم نوان، سڀ غم نوان، ماتم نوان، همدم نوان،

عشق تنهنجي ۾ نوان پاتم امور اي نازنين!

مون قديم الخدمت آهيان ٿو سڃاڻي مون کي ڪين،

ٻيا ته سڀئي ٿو سڃاڻين منجهه حضور اي نازنين.

نينهن کان ”تارڪ“ پسي ٿو عشق ۾ ثابت قدم،

غم نوان، سختيون نيون، ٻيا سهس سور اي نازنين.

 

 

*

رخ تنهنجو شمس لامع نصف النهار حسن،

قد تنهنجو آه صنوبر بر جوئبار حسن.

لب لاله، چشم نرگس، سنبل مثال زلف،

تازه رهن ٿا خوب سدا کان بهار حسن.

بيدار روز محشر تائين نه ٿئي اُهو،

جو چشم مئي فشان کان رهي ميگسار حسن.

کهنبي جو چٽڪو آه سو رهندو نه دائما،

اي جان من نه ايڏو ڪجي افتخار حسن.

لاريب ڪور باطن آهن اُهي گروهه،

جي اهل ديده بڻجي ۽ ڪن ٿا عار حسن.

يارو ڪريو ملامت جي سؤ دفعا کڻي،

”تارڪ“ مُڙي نه ڀي نه رهي دوستدار حسن.

 

 

*

همه اوست جيڏي نظر ٿو ڪريان،

پسي حق کي روشن بصر ٿو ڪريان.

خدا ۾ ٿيا گم وساري وجود،

ائين مون وطن  ۾ سفر ٿو ڪريان.

رکان لامڪان ڏي ٿو عزمِ عظيم،

مڪين و مڪان کان گذر ٿو ڪريان.

نه ٿئي ملڪ حاصل جو سان جلهه جنگ،

بزور خيال اُت ته گهر ٿو ڪريان.

ڪريان جسم ڪاهيده ٿو جيئن هلال،

مگر روح روشن بدر ٿو ڪريان.

رهان بي خوديءَ لاءِ بيتاب ٿو،

خوديءَ کان ته هردم حذر ٿو ڪريان.

هان ”تارڪ“ مان سرور بسرِ خدا،

مگر بي سروپا بسر ٿو ڪريان.

*

مون عاشقِ ديوانه، نه ڪافر نه مسلمان،

مون بيخودِ مستانه، نه ڪافر نه مسلمان.

نا هندو، نه مسلم، ناگبر، نه ترسا،

سڀ ڪيش کان بيگانه، نه ڪافر نه مسلمان.

پيمانه بدست آهيان، پيمانه شڪسته،

پڻ ساڪنِ ميخانه، نه ڪافر نه مسلمان.

مون صوفيءِ دل صافي و منجهه ڪنجِ تصوف،

منجهه عاشقي افسانه، نه ڪافر نه مسلمان.

پروانه جلڻ جي ڪا مٿي شمعِ رخِ يار،

سو جان سان پروانه، نه ڪافر نه مسلمان.

نا شيعه و نا سني، آهي ”تارڪ“ مسڪين،

هم ساغرِ رندانه، نه ڪافر نه مسلمان.

 

 

*

ڪڏهن مان عاشقِ رسوا برائي دلربا آهيان،

ڪڏهن آشفته و پابند در شوقِ لقا آهيان.

ڪڏهن سوزان بيادِ خال مثلِ دانهءِ اسپند،

ڪڏهن رعنا بيادِ قدِ دلبر سرؤ سا آهيان.

ڪڏهن لختِ جگر کاوان، لبِ رنگين جي ياد اندر،

ڪڏهن لاله صفت پُر خون لئي دستِ پُرحنا آهيان.

ڪڏهن فرصت اندر ان عارضِ خورشيد انور جي،

صفت ذره ٿيو سرگردان ۽ ٿيو سردر هوا آهيان.

سدا منجهه ڪوچهءِ جانان پسڻ ان گلبدن جي لئي،

وزيده هر سحر ”تارڪ“ صفت بادِ صبا آهيان.

 

 

*

هاءِ هن بندِ وجوديءَ ۾ گرفتار آهيان،

طاقتِ آزادگي ناهي جو ناچار آهيان.

در حقيقت آهيان گلزار بيرنگيءَ جو گل،

پر ٿيو بادِ خزانِ لون کان خار آهيان.

آسمان قدسي سندو خورشيد آهيان تيزتاب،

خاڪوانِ دهر ۾ ٿيو ذره مقدار آهيان.

منجهه حريمِ لامڪانِ جي گوشيءِ خلوت ملي،

هن مڪان جي کان سڪونت بسڪه بيزار آهيان.

قطرگي جي حال کان آهيان ٿيو گهٽ کان حباب،

ورنه ناپيدا ڪنارِ بحر ذخار آهيان.

جاذب جانها بجولانگاه وحدت زود مون،

جان ”تارڪ“ ڪر جلا با تيره و تار آهيان.

 

 

*

[بزم مشاعره ڪراچي: مارچ 1934ع]

مصرع طرح:

”يا رب ڏسان مون جيئري ديدار دلربا جو“

صورت مؤن ان جي ظاهر جلوو ٿيو خدا جو،

هر دو جهان هجڻ ٿيو ان بت جي خاڪِ پا جو.

هو پاڻ نور آهي، ٿيو ارض ۽ سما جو،

شمس ۽ قمر ٿيو چمڪو ان جي صفا ضيا جو.

بيچون، بي نمونه، بي مثل آه بيرنگ،

اڙ ان جي لاءِ ناهي آثار ماسوا جو.

ڀڃ دل جي ڪعبي وارا بت غير جا ٿي جيڪي،

ڪر صاف پنهنجو خانو جا روپ کڻ تون ’لا‘ جو.

لاخوف جي لقا کي پهچي نه خوف وارو،

ڪيئن ماڻي وصل بيخود ڪيو آ خودي جدا جو.

عارف جي دل لڏي نا توڙي ڏسي جي ڪاٿي،

رخ پاڻ ڏي بلا جو يا جور و جفا جو.

جو سر سٽي ٿي سورهه ميدان عشق اندر،

ڊپ ڊاءُ ان کي هردو عالم ۾ ٿيندو ڇاجو؟

گمراه ڪيئن ٿيان مون سلڪ سلوڪ پائي،

رخ تنهنجو ٿيو خضر جيئن رهبر رهِ هدا جو.

اي قدردان معنيٰ نظم سخن حقيقي،

ٻڌ منهنجي بذله سنجي آهيان سخن سرا جو.

انجي اڳيان پڙهان هيئن، ”تارڪ“ ٿي خوش غزل کي،

”يا رب ڏسان مون جيئري ديدار دلربا جو.“

 

*

[بزم مشاعره ڪراچي 20- جنوري 1933ع]

مصرع طرح:

”زمانو سڄو بي وفا ٿي ويو“

سندم يار تي سر فدا ٿي ويو،

ڪريان شڪر هي حق ادا ٿي ويو.

مون مئي پي جو ميخاني کان ٿيس برون،

چيو ساقي هي مست ها ٿي ويو.

جدائي جي گهاڻي ۾ پيڙئيءِ مون کي،

مگر مون کان غم سڀ جدا ٿي ويو.

اسان اصل کان آهيون تيئن رند طبع،

هو جيئن هاڻ آه پارسا ٿي ويو.

بقا جي سو منزل ٿو ماڻي وڃي،

جو مشتاق از جان فنا ٿي ويو.

ٿو مئي کي چوي يارو زاهد حرام،

اجهو پا درپئي ريا ٿي ويو.

جي ميخانه جو رستو ورتم کڻي،

سو مون لاءِ راهِ هُدا ٿي ويو.

اهو ڪين گمراه عالم ۾ ٿئي،

پرين جنهن سندو رهنما ٿي ويو.

تون مون سان وفا ڪيئن ڪندين ماهرو،

”زمانو سڄو بيوفا ٿي ويو.“

نه ”تارڪ“ کي مشڪل جي پرواهه آه،

علي ان جو مشڪل ڪشا ٿي ويو.

*

[بزم مشاعره حيدرآباد سنڌ]

(21- اپريل 1935ع)

مصرع طرح:

”ڪوشش ڪري سڌاريو، هن وقت حال پنهنجو“

ڪوشش ڪري سڌاريو، هن وقت حال پنهنجو،

آسان ڪيو با همت، مشڪل محال پنهنجو.

هو اصل جو اوهان جو، ان کي اوهان سڃاڻو،

آهي جي ڪجهه اوهان کي خالص خيال پنهنجو.

سڀ مرتبا ۽ منصب، محتاج ٿيا اوهان جا،

تن جي وٺڻ جي ڪارڻ، گهرجي ڪمال پنهنجو.

از فروش تائين، مالڪ اوهان ئي ٿيندؤ،

محڪم ڪريو خدا سان، جي اتصال پنهنجو.

هردو جهان جي شاهي، آهي اسان جي هٿ ۾،

محتاج ٿي ڪريون ڇو، ڪنهن کي سوال پنهنجو.

نااهل وٽ نوايو، بيجا ڇو پنهنجي گردن؟

رتبو هڻي ڪريو ٿا، ڇو پائمال پنهنجو؟

جو زخم بدزبان کان، پهچي ٿو جسم و دل تي،

سو ڪنهن دوا سا وٺندو نا اندمال پنهنجو.

مايا سا زال آهي، ڪنهن سان نٿي نباهي،

دلبي لئي ٿي سنواري، نت خد و خال پنهنجو.

گمراه ٿي ڇو رکجي ڪنهن تي اجائي تهمت،

ڪنهن جي نه لاهي سر تي رکجي وبال پنهنجو.

بداصل نسل بد سان سامهون نه ٿي اي اشراف،

سان پاڻي کاري مٽ نا، آبِ زلال پنهنجو.

حق صدق ٿي سڃاتو، ٿي نا ڏٺو غلط ڏي،

’اسهد‘ کي ورد ڪيو ٿي جڏهين بلال پنهنجو.

ميدان معرڪي ۾ پڌرا پيدا ڪري ٿو،

توڻي هڻي جي شينهنِ جو دم شغال پنهنجو.

جي مار وانگي ڄاڻن ٿا مال منجهه توڪل،

تن تي نه ڪر تونگر تون فخر مال پنهنجو.

نغمو حقيقي ويهي جذبئون ٿو وه ٻڌائي،

خوشنود ڪر خدايا هردم قوال پنهنجو.

ڪڙمي نه آه جي ڪامل، ڇو پوک پنهنجي پوکي؟

برباد سڀ ڪري سو، ڳاهي پلال پنهنجو.

صوفي سچو سو سالم، عالم ۽ آه ڪامل،

ساري جهان کي ڄاڻي ٿو جو عيال پنهنجو.

ڪاڏي ويو سڪندر، خاقان، ڪاڏي قيصر،

سڀڪو ڇڏي ويو هت مال و منال پنهنجو.

جي سيم جي پَرن سان اڏندو مٿي هوا ۾،

منهن ڀر سو ڪِرندو ڏسندو شڪسته بال پنهنجو.

”تارڪ“ جدائي ناهي توکي خدا سان پنهنجي،

سر ڏئي ڪرين تون قائم، جشنِ وصال پنهنجو.

 

 

*

[بزم مشاعره بالي شاهه]

مصرع طرح:

”شهيدِ ناز ڪڍندو ڪينڪي آغوش خنجر مان“

مزو دل کي اچي ٿو اهڙو هردم ڪُوءِ دلبر مان،

جو ايندو ڪينڪي زاهد کي اصلي خلد جي گهر مان.

مريضِ عشق جو دارون دوا ناهي لکيل ڪٿ ڀي،

هي ڇٽندو ڪين ڪنهن نسخي بياض ۽ طب اڪبر مان.

شرابِ ناب جو جي پيگ توکي ڪٿ ڏئي ساقي،

ته ان جهڙو سُرور اصلي نه ڏسندين آبِ ڪوثر مان.

ڪريان ڪيئن قطع سويا ڪجهه لڪايان تنهنجي جلوي کي،

جو آهي ٿيو عيان اظهار مسجد مان ۽ مندر مان.

شهودِ خاص قربِ بيڪران ديدار تنهنجو آ،

عيان هر گلشن و بازار مان هر بحر مان بر مان.

رهي ٿي جن کي صلحِ ڪل جي راحت سڀ اهي عارف،

سدا دلشاد خوشتر ٿا رهن مومن مان ڪافر مان.

ڪيو ڪو قتل تنهنجي تيغ ۾ منهنجو پيو ڀاڪر،

”شهيد ناز ڪڍندو ڪين ڪي آغوش خنجر مان“.

حسينن ظلم ۽ جور و جفا سان اهڙو آزاريو،

جو تنهن کان داد جي اميد ويئي آهه داور مان.

رکين فقر و فنا جو مرتبو حاصل جي عالم ۾،

ته جيڪر يار ڪڪ ٿي پئين خزانه سيم سر زر مان.

سخن سنجي، سخنداني جو لطفِ خوبتر اڪثر،

سخن جي عارفن کي ايندو ”تارڪ“ خوش سخنور مان.

 

 

*

حقيقت حال منهنجي جي پڇو ڇا ٿا ته ڇا آهيان؟

بظاهر ’عبده‘ آهيان، بباطن ’من خدا‘ آهيان.

نه جسم آهيان، نه جان آهيان، نه دل آهيان، زبان ناهيان،

سدا حق بي نشان آهيان مگر باقي بقا آهيان.

اگر باصورتِ خاڪي مقيد خوار خور مون ٿيس،

بمعنيٰ نور قدسي خوش لقاؤ باصفا آهيان.

عيان منجهه قيد جسماني، نهان منجهه سير سبحاني،

عيان رنگِ فنا آهيان، نهان نورِ بقا آهيان.

ڪڏهن آدم ڪڏهن نوح ۽ خليل ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ،

ڪڏهن لولاڪ جو صاحب، محمد مصطفيٰ آهيان.

ڪڏهن ”تارڪ“ سڏايان ٿو، ڪڏهن ڪجهه ڀي نه ڀانيان ٿو،

خبر ڪهڙي ڏيان پنهنجي ته مون ناهيان وَيا آهيان.

 

 

*

آهيان حيران حيرت ۾ نه ٿو ڄاڻان ته ڇا آهيان؟

نه آهيان ڪافرِ مشرڪ، نه مومن پارسا آهيان.

نڪي شيعو، نڪي سني، نڪي ترسا، نڪي دهريو،

نڪي ملحد، نڪي مرتد، نڪي صوفي صفا آهيان.

بظاهر آدمي آهيان، رکان ٿو جسم انساني،

بباطن بي مثال و بي سرو بي پا بپا آهيان.

اگرچه آهيان پڌرو عناصر چار کان پيدا،

نڪي پاڻي، نڪي خاڪ ۽ نه آتش، نا هوا آهيان.

ڪڏهن مون آهيان باخود، ڪريان اقرار عبديت،

ڪڏهن مون آهيان بيخود، چوان ٿو خود خدا آهيان.

ببحرِ ذات بيرنگي حباب آ سا ڦِسڻ کان مون،

فنا آهيان، فنا آهيان، فنا آهيان، فنا آهيان.

سڏايان نانءُ ٿو ”تارڪ“ علي مشڪلڪشا جو سگ،

وگر نه آءٌ اولادِ عليءُ المرتضيٰ آهيان.

 

 

*

مصرع طرح:

”دل ئي رهي نه آه جو ڪجهه آرزو ڪريان.“

ٿو روُءِ يار جي ڏسان جيڏي ٿو رُو ڪريان،

ڳالهايان ٿو انهيءَ سان جڏهن گفتگو ڪريان.

هو مون منجهان عيان آهي مون هن منجهان عيان،

ڳوليان ڪنهن کي ڪنهن جي وڃي جستجو ڪريان؟

مون نشهءِ فنا ۾ آهيان خود کان بي خبر،

پوءِ ڪيئن اٿي نماز پڙهڻ لئي وضو ڪريان.

منهنجو ته سڀ ڪنهين سان آهي صلح ۽ سلوڪ،

ويري نه ڀانيان ڪنهن کي نه ڪنهن کي عدو ڪريان.

رڳ رڳ ۾ منهنجي هُونگ ٿي ’هُو هُو‘ سندي هلي،

احوال ’هُو‘ جو ظاهر ٿو هوبَهو ڪريان.

ان وقت مون کان غيب جا اسرار پڇ اچي،

جنهن وقت پُر شراب سان جام وسبو ڪريان.

مَرُ عشق ۾ چون ته چريو آه ٿي پيو،

ديوانه پاڻ کي ٿو تڏهن ڪُوبَڪُو ڪريان.

مون پاڪ آهيان زاهد، ناڄاڻ تون پليد،

توڻيڪ دلق پنهنجي نه ٿو شست شُو ڪريان.

قاتل مون کي ته ناه ڪو سانگو سريءَ سندو،

تون هٿ نه وجهه جو پاڻ ٿو حاضر گَلو ڪريان.

مون کي لڪائي يار وهارج بنا خطر،

مون جيئرو آهيان، مرده نه آهيان جو بُو ڪريان.

”تارڪ“ مون کي ته عشق جي اوقات جي سبب،

”دل ئي رهي نه آه جو ڪجهه آرزو ڪريان.“

 

رديف ”ڻ“

هر حال ۾ خدا ڄاڻ، هر حال ۾ خدا ڄاڻ،

ٻئي سڀ کي بي بقا ڄاڻ، ٻئي سڀ کي بي بقا ڄاڻ.

باقي خدا ئي رهندو، باقي خدا ئي رهندو،

ٻي چيز کي فنا ڄاڻ، ٻي چيز کي فنا ڄاڻ.

در پئي زوال دل جان، در پئي زوال ايمان،

هو سهڻو مہ لقا ڄاڻ، هو سهڻو مہ لقا ڄاڻ.

پُر نور روءِ دلدار، زلفِ سياه خمدار،

هو صبح هو مسا ڄاڻ، هو صبح هو مسا ڄاڻ.

شيرنئي لب لال ۽ بوسهءِ رخ و خال،

هر درد جي دوا ڄاڻ، هر درد جي دوا ڄاڻ.

منجهه فصل گل جي غمٽار، دافع الم ۽ آزار،

هي باده دلڪشا ڄاڻ، هي باده دلڪشا ڄاڻ.

”تارڪ“ جي قول کي تور، ان کي مڃي اندر اور،

هي نڪته بي ريا ڄاڻ، هي نڪتو بي ريا ڄاڻ.

 

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org