مصرع طرح:
”تون آهين رونقِ ارض و سما خاص“
سندم آهي دعا ۽ مدعا خاص،
ته ڏيکاري پرين پنهنجو لقا خاص.
ٿئي سڀڪو عدم ۾ عام ڇا خاص،
هجي توڙي گدا يا بادشاهه خاص.
ڇڏي دستور سڀ دنياؤ دين جا،
کنيو دل منهنجي دردِ دلربا خاص.
ڏسي جي چشم جي چيٽڪ چريو ٿئي،
هجي جي شيخ زاهد پارسا خاص.
اسان کان لکُ ڀلا ڪيا زلف قابو،
نه هڪڙو آهيان مون ڪو مبتلا خاص.
اٿيو ڪلهه هو ستمگر بڻجي قاتل،
چيائين، ”منهنجو سر آه خونبها خاص.“
نه راهِ عشق آسان آه يارو،
هتي سڀ ڪنهن سٺا سِر تي ڏجها خاص.
تڏهن توبہ کان مون توبہ ڪئي ڇڏ،
ڏنم ساقيءَ شرابِ با صفا خاص.
بهاران، ابر باران، باده خواران،
ٿيا رندن جا دلڪش دلڪشا خاص.
ڪريان مون حسن تنهنجي جي صفت ڇا؟
”تون آهين رونق ارض و سما خاص.“
مبارڪ ٿو چوان تن دوستن، جن،
ڪيو سيرِ نجف ۽ ڪربلا خاص.
پوي مشڪل ته ناهي خوف ”تارڪ“،
ٿيو شاه نجف مشڪلڪشا خاص.
رديف ”ض“
مون کان نه سو منهنجو شل دلبر ٿئي ناراض،
جي لوڪ ٿئي ناراض ته بهتر ٿئي ناراض.
ڪو ڀروسو آهي نه سندس راضي رهڻ تي،
هي جي رهيو راضي آهه سو اڪثر ٿئي ناراض.
هڪ وقت ٿئي ناراض ته پرچائجي ان کي،
راضي سو ڪجي ڪيئن جو هر هر ٿئي ناراض.
جي عاشق ناراض ٿئي، راضي نه ڪري يار،
تنهن لاءِ جڳائي قدر آهر ٿئي ناراض.
تنهن لاءِ ٿو مون پنهنجو پيو اسلام لڪايان،
جو مون سان نه شل سو بتِ ڪافر ٿئي ناراض.
زنهار! جيئن پاڻ چوي تيئن ڪجي هائو،
نه ته ظلم کڙو ٿيو جي ستمگر ٿئي ناراض.
پاڻا وڏو ناراض نه ڪنهن طور ٿئي شل،
ڇا ٿيو جي برادر کان برادر ٿئي ناراض؟
غم کان ٿو لڳي بسترِ گل خار به پهلو،
بي جرم جو مون کان ٿو سمن بر ٿئي ناراض.
جي يار ٿئي ناراض ته ”تارڪ“ ٿئي غمگين،
بلبل ٿئي بي آرام جي گلِ تر ٿئي ناراض.
*
بعض الفت، بعض نفرت، بعض ناز و نياز بعض،
ڏس ته مون سان ڇا هلي ٿو دلبر طناز بعض.
بعض دردِ هجر ڏيئي، ٿو جلائي جان و دل،
وصل جو وارو ڏيئي جياري ڪري اعجاز بعض.
ميڪشِ مفلس جو پُر آهي سدا جامِ نصيب،
بعض مئي سان يا ته رت سان بادهء شيراز بعض.
هجر تنهنجي ۾ ڪري ٿو عاشق مهجور روز،
بعض گريه بعض ناله، بعض آه آواز بعض.
طبع شاهن جي طرح نازڪ مزاج نازنين،
عاشقن کي ڏين خواري بعض ڏين اعزاز بعض.
دوست جو دشمن نشين آ، ڪر نه تنهن سان دل جو حال،
ڇو جو ٿئي ٿو تنهنجي دشمن سان وڃي همراز بعض.
مرغ دلڙين جي ڦسائڻ لاءِ ڌارن ٿا سڄڻ،
بعض ”تارڪ“ دامِ ڪ ڪل، چشم جو شهباز بعض.
*
ٿو ڏئي حيات ابد جسم جان عوض،
جي سر فدا ڪرين ٿئي سر نهان عوض.
ڪر ذات پنهنجي ذات الاهي اندر تون گم،
ٿي بي نشان ڪا ملي نام و نشان عوض.
ٿي بي زبان ته زنده دل ان جو عوض ملي،
ترڪ مڪان ڪر ته ملي لامڪان عوض.
هستيءَ کي پنهنجي هستيءَ حق ۾ ڪريج گم،
تا بيخوديءَ جو توکي عز و شان عوض.
”تارڪ“ خيال رک تون سدا نيستيءَ سندو،
فتنه خوديءَ کي ڇڏ، وٺ امن و امان عوض.
*
صوفيءَ سالم کي ڪهڙو دين ايمان غرض؟
مسجد و مندر سان توڙي بيد قرآن سان غرض!
جنهن کي راه عشق ۾ سر جي ڏيڻ جو آ خيال،
تنهن کي ناهي مهل موقعي عيد قربان سان غرض.
ڪنجِ دل ۾ جنهن ڏٺو ديدار پر انوار ذات،
تنهن کي ناهي هن صفاتي باغ بستان سان غرض.
بحر بيچونيءَ ۾ جو غواص آهي غوطه زن،
ناه ان کي غوطهء زخار غمان سان غرض.
آه ”لاموجود الاهو“ ته سڀ ۾ جلوه گر،
عاشقن کي ناه بيدين و مسلمان سان غرض.
قبضهء قدرت ۾ حق جي آه ”تارڪ“ سڀ جي دل،
ڄاڻ وارن کي نه آهي سرِ شيطان سان غرض.
*
ذاتِ حق هر جا ڏسڻ صوفين جي لئي عينين فرض،
سي سدا ديدان کنيون ڪن ٿا ادا دن رين فرض.
’لا‘ سندي تلوار سان سالڪ وڍن ٿا پنهنجو سر،
سر ڏيڻ تن کي رهي ٿو منجهه ادائي دين فرض.
سر ڪرڻ تسليم حق جي راه ۾ ٿيو قرض آه،
سر ڏئي سو قرض لاهڻ آه في الدارين فرض.
طالب الموليٰ تي آهي فرض ترڪِ دوجهان،
بلڪ ترڪِ راحت و آرام امن و چين فرض.
جيئن دنيادارن تي ”تارڪ“ رب ڪيو آه فرض حج،
تيئن اسان کي طوف ڪعبهء دل جو في الڪونين فرض.
*
اي دل اندر عشق ٿي پيرِ مغان کان مستفيض،
جو ڪري عشاق کي رازِ نهان کان مستفيض.
طالب الموليٰ تي آهي فرض ترڪِ دوجهان،
ڇا ٿيو جي ٿيو کڻي حور و جنان کان مستفيض؟
عشق ڏئي ٿو خاڪ بدلي نور جا هردم طبق،
ترڪ تن ڪر، تا ٿئين انوار جان کان مستفيض.
ترڪ ڪر تون پنهنجي تن کي، تا لهين کان روح فيض،
ڏي ڇڏي سالڪ مڪان ٿي لامڪان کان مستفيض.
تون خدا جو آنهن سر توکي خوديءَ ڪيو آه جدا،
ڇڏ خودي تا ٿئين خدائي بي نشان کان مستفيض.
بند ڪر ”تارڪ“ زبان ۽ ٿي رجوعِ دل ذرو،
تا ٿئين تون ذوق ذڪرِ بي زبان کان مستفيض.
*
ڪئي جا دلبر مون سان جفا وفا هي محض،
ڏنائين درد سندم دل کي، پردوا هي محض.
ڏنائين خشڪ گلو منهنجي کي ته آب،
هي ڪيائين ٿورو مون تي وه عطا هي محض.
اگرچه دوست جو ديدار دوبدو خوش آه،
مگر جي ٿيو سو پٺيرو ته ڀي لقا هي محض.
سڄڻ جي راستيءَ قد تي ڀل ته قمريءَ دل،
جو باغ مهر وفا ۾ سو ڪج ادا هي محض.
اگرچه ظاهر بينن جي ٿيو نظر ۾ خاڪ،
غبار ڪوچهءِ جانان ته ڪيميا هي محض.
چڪس مون يار کي صد بار آزمائيندي،
چوان ٿو هاڻ ته بي مر بي وفا هي محض.
ڪري ٿو زهره جبينن جو ذم اگر ”تارڪ“،
مگر جي ڏسبو هنڊائي ثنا صفا هي محض.
رديف ”ط“
دل به منهنجي ويو ڦري دلبر نه آه ماريو فقط،
مون ته ان جي روءِ ڏي هيڪر نهاريو آ فقط.
يار جي تشريف ٻڌي ٻيا بنائن باغ ٿا،
مون ته صحن خانهء دل کي ٻهاريو آ فقط.
ڪيترن باده فروشن وٽ مون کي اميد هئي،
پر مون کي پيرِ مغان پيالو پياريو آ فقط.
اي دلِ مهجور دردِ هجر ۾ آهن گھڻا،
تو نه هڪڙي هن مصيبت ۾ گذاريو آ فقط.
روز سؤ پيغام مون ڏي موڪلن ٿا آشنا،
پر مون کي هن نازنين هڪڙي وساريو آ فقط.
ان سندي صحبت الائي ڪهڙو رکندي هوندي حظ،
ٿي وئي حيران دل جنهن منهن ڏيکاريو آ فقط.
محفلِ عشاق ۾ تنهنجي هلي مدح و ثنا،
هڪڙي ”تارڪ“ ڪينڪي توکي پچاريو آ فقط.
*
دل کي وڌو آه دلبر قابو ڪمند مضبوط،
هاڻي ڇڙي نه هرگز هي آه تند مضبوط.
سوز فراق ۾ ڪيئن دلڙي رهي نه بي تاب،
آتش تي ڪين رهندو هرگز سپند مضبوط.
ڪوتاه فڪر آهيان تعريف ان سندي ۾،
۽ آه قد جانان سرؤ بلند مضبوط.
گردن ۾ منهنجي گلرو پاتو ڪمند ڪاڪل،
جيئن اسپ شوخ کي ٿو وجهجي لوند مضبوط.
ڪاٿي نه ڪنهن زمين ۾ ٿو پير ان جو اٽڪي،
طبعِ روان جو بيشڪ آهي سمند مضبوط.
ڪاڏي وڃي سو ”تارڪ“ جنهن جو پرين ٿا ڪن پيا،
منجهه دام زلف آڻي هر بند بند مضبوط.
*
سمجهي ڪو بيت ابروي دلبر جي شرح بسط،
پيچيده خط شڪسته سراسر جي شرح بسط.
جي عالم عقيل هڻي سؤ دفعه مٿو،
هرگز نه ڄاڻي سو خطِ ساغر جي شرع بسط.
علامه علم عشق جي ري ٻيو نه ڪو ڏسي،
گنجينهء ازل سندي دفتر جي شرط بسط.
مشڪل آه لوحِ دل مؤن مطالع ڪو حرف اُنَ،
ڄاڻي جي توڙي نامه سڪندر جي شرح بسط.
ٿيو ”من خدا“ جو شرح طالب ڪلمه ”تارڪ“ آه،
منصور ڪئي هئي هن مصدر جي شرح بسط.
*
بحرِ فنا ۾ ٿو ٿئي نام و نشان غلط،
ملڪِ بقا ۾ ٿو رهي هي جسم و جان غلط.
تون آشيان عرش جو آنءِ مرغ تيز پَر،
خاڪ قفس ۾ تو ڪيو آه آشيان غلط.
ترڪِ خوديءَ سان کول تون در بيخوديءَ سندو،
ڪر لامڪان مڪان ڪري ڪون و مڪان غلط.
بزمِ وصال ۾ ٿئي هوَس ۽ حواس بند،
ٿي چشم گوش پڻ ٿئي ڪام و زبان غلط.
جنهن وقت ٿئي ٿو ”تارڪ“ ’حق اليقين‘ حصول،
ان وقت ٿي وڃي ٿو هي شڪ ۽ گمان غلط.
*
دل کي ڪرن ٿا خوش سان سُر تار چنگ بربط،
ٻولن ٿا فاش عشق جو اسرار چنگ بربط.
پيدا ڪرن ٿا وحدت، لاهي ڇڏن ٿا ڪثرت،
جذبه جنون وڌائڻ اظهار چنگ بربط.
آواز ساڻ آڻڻ، منجهه موج ٿا رساڻن،
وجدؤن ڪرن ٿا بيسرو دستار چنگ بربط.
نغمه سراءِ عشقي ڪن شور شغل حقي،
جامِ بقا جو چاڙهن خمار چنگ بربط.
کان چله زاهدانه، کان نفل عابدانه،
عشاق کي وڻن ٿا صد بار چنگ بربط.
”تارڪ“ وصال جانان لئي ٿيو طريق مستان،
دهل ۽ ڌڪڙ جي ’ڌان ڌان‘ ۽ ڌار چنگ بربط.
رديف ”ظ“
گهڻو ئي عشق سندءِ جو رکيم اثر محفوظ،
مگر رهي نه سگهيو ڪنهن طرح اندر محفوظ.
بچي سگهي نه ٿي دلبر جي دستبرد کان دل،
هزار يار ڪجي ڪاٿي نئي اگر محفوظ.
بچڻ گهرين جي انهيءَ ترڪ چشم جي ڀؤ کان،
جيئن وڻئي تيئن جان دل کي محفوظ.
ڪيائين غارت سامان عقل هوش همه،
ڇڏيو نه تنهنجي مٺا ناز جي نظر محفوظ.
حديثِ عشق نه اهلِ خرد کي چؤ ”تارڪ“،
جڳائي دشمن کان دوست جي خبر محفوظ.
*
خيالات غير جي کان ره دل سندو محافظ،
دل بزمِ حق آه، ٿي ان محفل سندو محافظ.
تن پروري جي عادت، ڪر ترڪ، طالبِ حق،
ڪافر صفت نه ٿي بت باطل سندو محافظ.
اي مست بي سروپا ڊڄ ڪين ڊاءُ ڪنهن جي،
ديوانه جو آه سو جو عاقل سندو محافظ.
اي صاحبِ حقيقت ڪر ڪا نظر ته هڪ آه،
هشيار جو محافظ، غافل سندو محافظ.
ڄاڻي سو قدر ”تارڪ“ هن عمر جي دمن جو،
جو ذڪرِ حق سان دل جي منزل سندو محافظ.
*
ربنا! بخش سندم دل کي صفائي جو حظ،
ڪري آزاد خوديءَ کان ڏي خدائيءَ جو حظ.
مون کي محويت جي ملڪ سندو گهرجي سير،
ڪونه درڪار اٿم سير سمائيءَ جو حظ.
جوش عشق آڻ سندم سر تي ڪري جو بيسر،
بره بيحد ۾ وٺان جان فدائي جو حظ.
هيڪڙائي سندي حالت کان ٿيس مون محروم،
نفس کي ٿو رهي هر وقت ٻيائيءَ جو حظ.
قيد هستيءَ کان آهي جان بلب ٿيو ”تارڪ“،
جلد ڏي روح سندم کي ڪو رهائيءَ جو حظ.
*
مون کي شيرين بتن سان آه لحاظ،
بتڪده برهمن سان آه لحاظ.
مون کي غنچه دهن سان آه لحاظ،
مون کي شيرين لبن سان آه لحاظ.
مون کي گل پيرهن سان آه لحاظ،
مون کي سيمين بدن سان آه لحاظ.
عشق ۽ حسن سان لحاظ مون کي،
مون کي رنج ۽ محن سان آه لحاظ.
آه ”حب الوطن من الايمان“،
مون کي اهل وطن سان آه لحاظ.
ٿو چئي پنهنجي دل کي خوش ڪريان،
مون کي شعر و سخن سان آه لحاظ.
ٿو اچي قد ياد دلبر جو،
مون کي سرؤ چمن سان آه لحاظ.
آهيان منصور ٿو هڻان نعره،
مون کي دارو رسن سان آه لحاظ.
آهيان ”تارڪ“ غلامِ شاهِ نجف،
مون کي شامِ زمن سان آه لحاظ.
*
دل منهنجي ڪين ٿئي ٿي باغِ جنان کان محظوظ،
ليڪن ٿئي ٿي دلبر جي آستان کان محظوظ.
قاصد جنهين جو پيغام آندو اٿئي مون ڏي،
اول ته ڪر انهيءَ جي نام و نان کان محظوظ.
جهڙو ٿجي ٿو ساقيءَ جي جام چشم کان خوش،
اهڙو نه ٿو ٿجي ڪنهن رطلِ گران کان محظوظ.
قانع کي ڪين آهي ٻوڙ ۽ پلاءِ جي حاجت،
آهي هُما هميشه ڪنهن استخوان کان محظوظ.
آهي اميد ٿيندا شعر و سخن جا شائق،
”تارڪ“ جي شعر موزون، طبع روان کان محظوظ.
*
سڄڻ توکان سوا ٿيو آه جيئڻ لاچار، حق حافظ!
مران مهجور ٿو ماندو بحالِ زار، حق حافظ!
محبت جو مرض جنهن کي، بچڻ ان جو گهڻو باري،
مون کي ماريندو تنهنجي عشق جو آزار، حق حافظ!
سهڻ جي ڀي ڏي ڪا طاقت، ڏئين جي درد بي پايان،
مون کي منظور تنهنجي بره جو آه بار، حق حافظ!
ادا قاصد سڄڻ کي چؤ سنيهو هي خدا ڪارڻ،
”ملو نه ته ٿو مري هت بره جو بيمار، حق حافظ!“
اوهان جي عشق ۾ ”تارڪ“ ڪيو سر پنهنجو اختياري،
پرين توکي سو پرتو هر طرح هر بار، حق حافظ!
*
مصرع طرح:
”آفتِ باد خزان کان ٿئي گلستان محفوظ“
دار دنيا ۾ ٿيو ڪونه فنا کان محفوظ،
جم و فغفور سڪندر نه سليمان محفوظ.
ٿو بيان باده انهيءَ لاءِ ته هن عالم ۾،
بيخوديءَ سان خوديءَ کان ٿي دل و جان محفوظ.
غمزهء حسن کان عالم جو کسيو تو آرام،
ڪونه تنهن کان ٿيو هندو نه مسلمان محفوظ.
دور گردون کان رهي زير زبر روءِ زمين،
ڪونه تنهن کان ٿيو شيراز و صفاهان محفوظ.
مان گهڻو عشق جي آزار کي محفوظ رکيو،
پر ڪري ڪين سگهيس حال پريشان محفوظ.
ڪين پستيءَ ۽ بلنديءَ کان سخن ٿئي خالي،
۽ نه لغزش کان ٿئي ذهن سخندان محفوظ.
مون ته توبہ جي حفاظت ۾ گهڻي ڪوشش ڪئي،
ٿي سگهي ڪين سا منجهه فصلِ بهاران محفوظ.
گهر دعا ”تارڪ“ دلدار سندي حسن سندو،
”آفتِ بادِ خزان کان ٿئي گلستان محفوظ.“
رديف ”ع“
گلزار دل ۾ آه وري آيو بهار طبع،
غنچه سخن کي کوليو دمِ خوشگوار طبع.
مضمون جي گلن تي ڪري خوب چهچها،
هي بلبل زبان جو ٿيو بر شاخسار طبع.
نڪري نه ڪيئن زبان کان سندم شعر آبدار،
ڀرپور موجزن ٿي وهي جوئبار طبع.
قرطاس جي زمين تي نه ٿي هار جي هي مس،
آبِ سخن وسي ٿو هي کان ابربار طبع.
بوئي سخن کان ٿئي ٿو معطر دماغِ دل،
هر لفظ قطرهء عرق آه ازغدار طبع.
جيئن سبزه منتظر آهي آبِ روان سندو،
تيئن ٿو رهي زبان کي سدا انتظار طبع.
موسم بهار ۾ جيئن ابرِ بهار آه،
”تارڪ“ ٿو درد ۾ ٿئي تيئن اختيار طبع.
*
تنهنجي جمال کان ٿي رکي خوب نور شمع،
ڏسندي ئي توکي پاڻ کان ٿئي ٿي نفور شمع.
سر ٿي جلائي سوز ۾ رهندي صبور شمع،
ڪنهن کي سلي ٿي ڪين اندر جو ڪو سور شمع.
تنهنجي اڳيان کڙي رهي خدمت ۾ ساري رات،
ويهي رهي صبوح جو ٿڪجي ٿي چوُر شمع.
آخر سڙي وئي پاڻ به ساري صبوح جو،
پرواني ساڻ ڪيڏو ڪيو جي غرور شمع.
ڪيئن سرفراز محفلِ محبوب ۾ رهي؟
سر تابيا سڙڻ ۾ ڪري جي قصور شمع.
سر تي کنيو سا بيٺي آهي بار روشني،
مجلس ۾ تنهنجي آه جيئن ڪو مزور شمع.
معقول رهه تون فرقتِ جانان ۾ تون به تيئن،
”تارڪ“ گذار ۾ رهي جيئن با شعور شمع.
*
مصرع طرح:
”روشن ٿي وٺندي داغ جگر جي ۾ جاءِ شمع.“
عاشق جلائي عشق ۾ دل کي بناءِ شمع،
محلات ۾ وجود جي آڻي جڳاءِ شمع.
جي يار قرب مؤن اچي عاشق سندي اڱڻ،
مهماني لاءِ گل مل سان ٿي جڳاءِ شمع.
تو ۾ نه قدرت آه ڪا همسر ٿيڻ سندي،
محبوب جي مقابلي سر کي نواءِ شمع.
شب وصل يار منهنجي اڱڻ شمع کي ڏسي،
فرمايو جيئن ڏسي نه ٻيو ڪو، اُجهاءِ شمع.
تشبيہ ڏي نه يار جي رخ ساڻ شمع کي،
اي مدعي مڃين نه، ته ان سان ملاءِ شمع.
قاصد متان زباني ڀي دلبر پڇي ڪي حال،
تمثيل لاءِ تنهن کي کڻي نئي رساءِ شمع.
*
اي دوست تنهنجي راءِ ٻڌي شمع گل ڪيم،
ٻاريان نه ٿو مون شمع جو ٿي تنهنجي راءِ شمع.
اي خوبرو جي توکي هجي شمع جو ضرور،
دل پنهنجي کي بنائي منجهان تنهنجي لاءِ شمع.
ڇو ٿو نقاب سان تون ڍڪين پنهنجي رو پرين،
لڪندي نه ڪي گلن ۾ نه ناحق ڇپاءِ شمع.
ٿي شمع دل اجهامي وڃي بار طمع کان،
جيئن ٿي ڇڏي اجهائي لڳڻ سان هواءِ شمع.
گهر منهنجي ۾ ٿيو يار اچي آه جلوه گر،
هن شمع جي اڳيان ٿي رهي ڄڻ سواءِ شمع.
اي شمع رو جي تنهنجي ڏسي حسن جو لقا،
پرواني وانگي هوند ڪري سر فداءِ شمع.
”تارڪ“ جي تا قيامت شعله کان عشق جي،
روشن ٿي وٺندي داغ جگر جي ۾ جاءِ شمع.
*
بحر بي رنگيءَ ۾ موجون ٿيون شروع،
رنگ رنگ عالم تڏهن ٿيو مِ وقوع.
پردهء تن روءِ جان تؤن لاهي ڏس،
تا ٿئي نور بطون تو ۾ طلوع.
آه ڇڏڻو توکي جڏهن هي ملڪ تڏه،
ڇو نه جيئري ٿو ٿئين اوڏهن رجوع؟
محو ذاتِ حق ڇٽو سڀ حاج کان،
ٿئي ادا ان کان نه قومه، نا رڪوع.
سِريءِ دنيا ڪيو ”تارڪ“ خراب،
آنهن جي عاشقن نه ڪر منظور جوع.
*
جو ئي آه خورشيد سو ئي ذره آه سوئي شعاع،
”ڪل شيءِ“ آه هو الله ماسوا کان ڪر وداع.
جو ئي شہ، سوئي رعيت، سو مالڪ سو مُلڪ آه،
پاڻ تي پاڻهي ٿيو حاڪم جو مطيع آه سو مطاع.
ڪٿ ٻيائيءَ ۾ سو ٻهڳڻ ڪاٿي هيڪائيءَ ۾ هڪ؟
ڪٿ رکي باطل تي بيهڪ ڪٿ مٿي حق ارتقاع؟
ڪٿ رهي صاحب شريعت دين ملت تي مقيم؟
ڪاٿي سو صوفيءِ لا مذهب سوا ڪينهء و نزاع.
ڪاٿي ”تارڪ“ مفلس دريو زه گر ٿيو دربدر،
ڪاٿي دنيادار شاهوڪار آه اهلِ متاع.
*
تون صنعت آنهن، تون مصنوع، تون آن صنع، تون صانع،
تون جميعت، تون آنءِ مجموع، تون آنءِ جمع، تون جامع.
تون آنءِ تفريق تون تجميع تون تشريڪ تون توحيد،
شفاعت تون شفيع آن تون مشفوع آنهن، تون شافع.
ٿيو ’لا موجود الاهو‘ لئي عشاقن جي آگاهي،
تون نافع آنهن، تون رافع، تون ساطع آنهن، تون قاطع.
تون ناطق آنهن، تون صادق، تون لائق آنهن، تون فائق،
تون قائم آنهن، تون قيوم، تون ممنوع، تون مانع.
تون ”تارڪ“ آنهن، تون سالڪ، ’تون متشرع‘ تون آنءِ صوفي،
تون آنءِ منظور ’تون ناظر‘ تون آنءِ مسموع، تون سامع.
رديف ”غ“
آهي فنا پذير هي حرص و هوا جو باغ،
هن باغ کي بجا هي جي چئجي فنا جو باغ.
جيسين ڪه بند جسم ۾ ٿيو خيال جو پکي،
تيسين اُڏامي ڪين ڏسي نابقا جو باغ.
تون ’باغ هُو‘ جو آنهن پکي جلد ڪر اُڏام،
ڪر آشيان اتي وڃي ڇڏ ماسوا جو باغ.
ريءَ ذات بيچگون نه ٻيو موجود آه ڪي،
بي جسم ٿي نهار تون سر صفا جو باغ.
گلزار صورت آه اگرچه باب رنگ،
ان کان وڌيڪ ڄاڻ تون نور لقا جو باغ.
”تارڪ“ نظارو ’خلق الاشيا‘ کلي رهيو،
”عين اليقين“ سان پَسُ رنگِ ضيا جو باغ.
*
الاهي جلد ڪر هستي هوڻ جي کان فارغ،
بندوقِ نيستي ڪر جسم جي جنجال کان فارغ.
حقيقي حسن جي شعلي سان روشن جان منهنجي ڪر،
مجازي عشق جي ڪر رنگ خط و خال کان فارغ.
قدم جي فرش تي آرام جي لذت عطا ڪر تون،
حوادث جي ڪرين اقوال ۽ افعال کان فارغ.
رهان بيتِ فنا اندر بقا جي فيض جو طالب،
ٿيان خوف و رجا ۽ نيڪ بد عمال کان فارغ.
ڏسان توريءَ نه ٻيو ڪوئي کڻان جي چار سؤ اکيون،
هجان مون ”ثم وحدالله“ سوا ٻئي خيال کان فارغ.
دل ”تارڪ“ کي ڪر سر جلوهء اسرار بيچوني،
رهي محِو لقا هردم ٿي قيل و قال کان فارغ.
*
ڏي ساقي جام محويت ٿيان هن هوش کان فارغ،
سڻان الهام احديت زبان و گوش کان فارغ.
رهان ڪنجِ الوهيت اندر سرمست بي سرپا،
وڃي ٿيان ذات ۾ ذاتي صفاتي پوش کان فارغ.
غم و شادي سندي آثار کان احوال ٿيو ابتر،
بحالِ نيستي ڪر جلد نيش و نوش کان فارغ.
مون آهيان بحر بي رنگي سندو قطره مٿي ساحل،
پوان تنهن بحر ۾ ساحل جي ٿي آغوش کان فارغ.
جو هردم آه ’اقرب‘ مون ملان تنهن يار سان ”تارڪ“،
نه ٿيء دم يادگيري دلبرِ همدوش کان فارغ.
*
ٿا لنگهن دم عمر جا زندانِ ظلمت ۾ دريغ،
ٿو وڃي هُو دُر جان جو قعر ڪثرت ۾ دريغ.
خيال روشن ڪين ٿيو انوار کان توحيد جي،
ڪين استقرار ٿيڙو فڪر وحدت ۾ دريغ.
بيخوديءَ جي بادهء صافي مؤن سرڪي نا چکيم،
بي سرو پا ڪين ٿيس سڪرِ هويت ۾ دريغ.
محويت جي ماڳ ۾ ٿيو ڪين دل کي ڪو قرار،
هوش هستي گم نه ٿيو سر حقيقت ۾ دريغ.
جلوهء حسنِ ازل دل تي ٿيو پرتو فگن،
من نه معنيٰ سان مليو، هن گرد صورت ۾ دريغ.
چار ديوارِ عناصر کان نه ٿي آزادگي،
ٿي مذبذب دل رهي آزار و عشرت ۾ دريغ.
ره تون شاڪر حال تي ”تارڪ“ اجائي قال ڇڏ،
ڪهڙي آه تنهن تي لکيو جيڪي جو قسمت ۾ دريغ.
*
مصرع طرح:
”سرد مهري کان بتن جي مٽجي ويو آه سوزِ داغ“
نور تنهنجي کان ٿيو روشن دير مسجد جو چراغ،
حسن تنهنجي جو کليل آه هر طرف هرجاءِ باغ.
ماه کان تا ماهي ٿي صورت سڄڻ جي جلوه گر،
فرش کان تاعرش ڪرسي لامڪان تنهن جو سراغ.
هر گل ڪون و مڪان کان بُوءِ تنهنجي ٿي اچي،
ٿو معطر ٿئي انهيءَ ان عشق وارن جو دماغ.
ڪالهه ميخانه اندر مون کي سڏيو پيرِ مغان،
رمز رنديءَ جي ڪري تلقين ڏنئن مَئي جو اياغ.
ترڪ دنيا، ترڪ عقبيٰ، ترڪ موليٰ، ترڪ ترڪ،
عشق آديسين کي عالم ۾ رسايو هي بلاغ.
بحر بيرنگيءَ اندر غازي رهن شب روز غرق،
نا وٺن تلوين ۽ تڪوين جو سي ابصباغ.
گردگون گردون دون جي ڇا چوان حالت ادا؟
جاءِ جنهن ها مور بلبل ٿيا اتي بوم ۽ ڪلاغ.
جي گهرين تان جلوهء وحدت وجودي ٿي عيان،
هيڪڙائيءَ کان دوئي جي فڪر کان وٺ تون فراغ.
ڪالهه سهڻن پاڻ ۾ ٿي چيو ته اڄ ”تارڪ“ سندو،
”سرد مهريءَ کان بتن جي مٽجي ويو آه سوزِ داغ.“ |