سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :2

 

مرشد:

تارڪ فقير پنهنجي والد جي ارشاد موجب مخدوم پير صفي الله سجاده نشين درگاهه نصير الدين صوفي* نوشهره فيروز واري جو مريد ٿيو جيڪو نقشبندي طريقي جو پوئلڳ هو. تارڪ فقير پنهنجي مرشد کان گهڻوئي فيض حاصل ڪيو. سندس ڪلام جي اڀياس مان معلوم ٿيندو ته هو مذهبي ڪٽرپڻي، جهيڙي جهڳڙي کان بيزار، ڪلفت ۽ ڪدورت کان ڪوهين ڏور پر معرفت جي مئي سان مخمور هو:

سڀن مذهبن کان ڪنارو ڪيم،

مون صوفي صفا اهل عرفان ٿيس.

کيس سنگت به صوفين جي وڻندي هئي. اهي ئي سندس سچا ساٿي هئا، تنهنڪري صوفي سونهارن جي ور ور ڪري ساراه ڪئي اٿس. ڇوته صوفي صاف دل هوندو آهي:

تارڪ مون کي صوفي وڻن، شل پنهنجي سنگت ۾ کڻن،

سنگت به صوفي جي ٺهي، صوفي صفا، صوفي صفا.

مشغلا:

فقير صاحب ننڍي هوندي کان ئي ماٺيڻي طبيعت وارو هو. هو اجاين راندين ۽ بيڪار بحثن ۾ پنهنجو وقت ڪونه وڃائيندو هو. هن پنهنجي زندگيءَ جا قيمتي ڏهاڙا لکڻ پڙهڻ ۾ صرف ڪيا. اهوئي سندس محبوب مشغلو هو. جيئن عطار جي قصيدي جو منظوم ترجمو ڪرڻ وقت چيو اٿس ته:

ٿو لکان مون قصدهء عطار،

جو مون کي ري لکڻ نه آهي ڪار.

اهوئي سبب آهي جو هن ٿوري ڄمار ۾ گهڻا ڪتاب لکيا. افسوس جو موت کيس مهلت نه ڏني نه ته هو اڃا وڌيڪ سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت ڪري ها.

وفات:

هيءُ باڪمال بزرگ اديب ۽ شاعر 18-  محرم 1358هه مطابق 9- مارچ 1939ع ۾ سڀني عزيزن، قريبن، دوستن ۽ ساٿين کان موڪلائي وڃي پنهنجي مالڪ حقيقي سان مليو. موڪلائڻ وقت سندس زبان تي هي شعر هئا:

ڇڏيم جي جسم هي فاني ته سارو ساه ٿي پوندس،

سرا پرده عدم جي راه کان آگاهه ٿي پوندس،

جڏهن ’الموت جسر‘ آهي تڏهن ناهي مرڻ جو غم،

فنا في الله مان تارڪ، بقا باالله ٿي پوندس.

سندس وفات تي سندس شاگرد رشيد سيد اظهر گياني هڪ نظم لکيو هو. جنهن مان ٻه شعر پيش ڪجن ٿا، جن مان فقير صاحب جي وفات جو سن معلوم ٿئي ٿو.

سال رحلت جو پڇيم، تاهف چيو، ”صورت پرست“

1358هه

دهر فاني کي ڇڏي سوءِ جنان ويندو رهيو!

نائين مارچ، ڏينهن وسپت، هاءِ ”باغ نخلِ نور“

1939ع

فصلِ گل ۾ آه ٿي نذِر خزان ويندو رهيو!

 

ادبي صورت حال:

مشاعرن جي شروعات حيدرآباد کان ٿي. مير عبدالحسين خان ’سانگي‘ ”وفات 12- جون 1924ع“ مشاعرن کي زور وٺرايو. پر سندس وفات کانپوءِ، حيدرآباد ۾ اهو اڳوڻو چهچٽو نه رهيو، اها ساري ادبي رونق لاڙڪاڻي جي ڀاڱي ۾ آئي.

هفته وار ’الحقيقت‘ ۾ مشاعرن جون ڪارروايون شايع ٿينديون هيون. ماهوار گلدسته سنڌ ذريعي علم عروض جي سکيا ڏني ويندي هئي. نه صرف لاڙڪاڻي ۾ پر سنڌ جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن ۾ مشاعره جي بزمن جو بنياد پيو. ان دور ۾ غزل کي گهڻي مقبوليت حاصل هئي.

سياسي حالتون:

اوائل ويهين صديءَ وارو زمانو وڏي گوڙ گهمسان وارو زمانو هو. جنگيون لڳيون، حڪومتون تبديل ٿيون ۽ ڪيتريون ئي سياسي تحريڪون وجود ۾ آيون. انهن سياسي تحريڪن جي ڪو کڻي ڪيڏي به تعريف ڪري، پر انهن تحريڪن جو هڪ اونداهو پهلو اهو هو جو انهن تحريڪن سبب سنڌ توڙي هند ۾ هندو مسلم ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي. انگريزن ويڙهائي حڪومت ڪرڻ جي پاليسيءَ تي عمل ڪندي ان ڇڪتاڻ کي وڌيڪ زور وٺرايو.

1927ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ هندو مسلم فساد جي چڻنگ دکي، اها چڻنگ دکندي رهي، آخر ٽن سالن کان پوءِ سکر ۾ هڪ وڏي ڀنڀٽ ڀڙڪو کاڌو. مسلمانن حياءِ الاسلام نالي هڪ تحريڪ شروع ڪئي. ان جي مقابلي ۾ ڪٽر هندن وري شُڌي تحريڪ کي زور وٺرايو. ٻنهن جو مرڪز دهلي هو. هڪ مسلمان جوش ۾ اچي شُڌي تحريڪ جي باني سوامي شرڌانند کي قتل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ هڪ ٻئي لاءِ نفرت ۽ دشمنيءَ جو اهڙو مچ مچي ويو، جنهن وڏي جاني ۽ مالي تباهي آندي. ان جو سنڌ جي سياست تي گهرو اثر پيو، صوفي سونهارن جيڪا ايڪتا ۽ پريم واري فضا قائم ڪئي هئي. تنهن کي اهڙو نقصان رسيو جو ان جي وري تلافي ٿي نه سگهي. نتيجو اهو نڪتو جو بقول پير علي محمد راشدي: ”هند کي سوراج ۽ سنڌ کي پاڪستان جڙيو(1).“

فقير هدايت علي تارڪ هڪ صوفي شاعر هو. انسانيت ۽ انسان دوستي سندس شيوو هو. جاهل ۽ ڪٽر ملن پنڊتن ۽ ٻاون جي پيدا ڪيل مذهبي تنگ نظري ۽ ڪٽرپڻي جي سخت خلاف هو. هن جڏهن مذهبي اڳواڻن جو اهو حال ڏٺو ته کيس صدمو رسيو ۽ کانئن بيزار ٿي نفرت جو اظهار ڪرڻ لڳو ۽ بي ڌڙڪ چئي ڏنائين ته:

نا هندو، نا مسلم، نا گبر، نا ترسا،

سڀ ڪيف کان بيگانه، نه ڪافر مسلمان.

هن ڏٺو ته مذهب جي مقدس نالي ۾ هندن توڙي مسلمانن ڪيئن نه هڪٻئي لاءِ نفرت پيدا ڪري کين پاڻ ۾ ويڙهايو ۽ ناحق خون وهايو. هن اهو به ڏٺو ته مذهبي اڳواڻ پير، مخدوم، مفتي، ملا، پنڊت ۽ ٻاوا ملوڪيت ۽ پرماري قوتن جو ساٿ ڏيندا رهيا ۽ اٻوجهه عوام کي مختلف طريقن سان لٽيندا ۽ ڦريندا رهيا. ظاهري طرح ڪي حاجي بڻجي پاڻ کي پارسا ظاهر ڪرڻ لڳا. اهڙن رياڪارن جي پارسائي کي تارڪ هن ريت پڌرو ڪيو آهي:

يثرب ۽ بطحا گهمڻ سان ڀي رکڻ دل ۾ ريا،

پارسا هيءَ پارسائي توکان ٿي، مون کان نه ٿي.

تارڪ فقير پنهنجي ڪلام ذريعي انساني ڀائپي، ايڪتا ۽ پريم واري فضا پيدا ڪرڻ جي پرخلوص ڪوشش ڪئي آهي. ان جا چٽا ثبوت سندس ڪلام مان ملي سگهن ٿا.

شاعري:

فقير هدايت علي تارڪ جي ذاتي ڪتب خاني ۾ ڪيترائي ڪتاب موجود هئا. هن عربي، فارسي، سنڌي، هندي ۽ اردو ڪلام جو گهرو مطالعو ڪيو هو. وقت جي عالمن اديبن ۽ شاعرن سان سندس رس ڀريون رهاڻيون ٿيون. شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ (وفات 1929ع) جڏهن قنبر ۾ مختيارڪار هو، تڏهن تارڪ فقير جون ساڻس ادبي رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيون. ان کان علاوه سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شاعرن سان سندس گهرا تعلقات هئا. لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شريڪ ٿي پنهنجو ڪلام پڙهندو هو يا مقرره مصرع طرح تي غزل لکي بزم مشاعره جي سيڪريٽري کي موڪلي ڏيندو هو، جو مشاعره جي موقعي تي پڙهيو ويندو هو. سندس ڪليات ۾ اهڙن طرحي غزلن جو وڏو تعداد نظر ايندو.

تارڪ فقير کي قدرت طرفان موزون طبيعت عطا ٿي هئي. کيس سنڌي، عربي، فارسي، اردو ۽ هندي زبانن تي عبور حاصل هو. هڪ ته وسيع مطالعو ڪيو هئائين، ٻيو کيس پنهنجي ئي شهر ۾ ادبي ماحول ميسر ٿيو. مٿان وري حضرت عشق جون مٿس مهربانيون، انهن مڙني ڳالهين سندس طبع ۾ وڌيڪ جوش، جذبو ۽ جولاني پيدا ڪئي ۽ هن پنهنجي شاعراڻي ڏات سان ڏسائون رڱي ڇڏيون. کيس سنڌي ڪافي سان تمام گهڻو چاهه هو. ڪافي جي ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام ڪٺو ڪيو هئائين. ڪلاسيڪي شاعريءَ جي مطالعي ۽ ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ سڄاڻ سگهڙن جي صحبتن ۽ قرباتين ڪچهرين سبب وٽس ٺيٺ سنڌي لفظن جو وڏو خزانو موجود هو.

تارڪ فقير جي ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿيندو هن گهڻو ڪري ٺيٺ سنڌي الفاظ استعمال ڪيا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن هو ضرورت آهر عربي فارسي الفاظ به استعمال ڪري ٿو. تصوف وارن شعرن ۾ ڪٿي ڪٿي قرآن مجيد جون آيتون، حديث شريف جا ڪي جملا ۽ صوفين جا ڪي مقولا استعمال ڪيا اٿس. اهي اهڙي خوبصورتيءَ سان استعمال ڪيا اٿس جو اهي ڄڻ سنڌي شاعريءَ جو هڪ حصو بڻجي ويا آهن. ايترا تصوف جا اصطلاح ٻئي ڪنهن عروضي شاعر پنهنجي ڪلام ۾ شايد ئي استعمال ڪيا هجن. هن هيٺ ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا جنهن مان تارڪ فقير جي تصوف سان دلچسپي ۽ صوفياڻي اصطلاحن جي خوبصورت استعمال جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ان سان گڏوگڏ پڙهندڙن کي تصوف جي ڪن نڪتن کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملندي ۽ اهي شعر، صنعت اقتباس جو پڻ سهڻو مثال نظر ايندو، نه صرف ايترو بلڪ اهي شعر تارڪ جي تصوف بابت ڄاڻ جا چٽا اهڃاڻ پيش ڪن ٿا:

’سبحاني‘، ’انااحمد‘، ۽ ’اني اناالله‘،

مردن سندو آهي اهو آوازِ طريقت.

ـــــ

جي ٿيا ’موتوا‘، سي ’حي لايموت‘،

’ثم وجہ الله‘ ۾ سريو تن سڪوت.

ـــــ

آءٌ ’انا احمد بلا ميم‘ مڃي مومن ٿيس،

’من راني‘ مام تي باظاهر و باطن ٿيس،

دل کي رمز فقر فخري ساڻ شامل ٿو ڪريان.

تارڪ فارسي شاعريءَ جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو هو. خود فارسي زبان جو سٺو شاعر هو، تنهنڪري سندس غزليه شاعري ۾ فارسي جو رنگ نظر اچي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هن ڪيترائي فارسي لفظ ۽ ترڪيبون استعمال ڪيون آهن، پر هن ائين تڏهن ڪيو آهي، جڏهن کيس ضرورت محسوس ٿي ۽ پنهنجي خداداد قابليت سان انهن کي اهڙي سهڻي نموني ۾ استعمال ڪيو اٿس جيئن شعر جي خوبي ۽ خوبصورتي برقرار رهي. هتي مثال خاطر هڪ ئي شعر پيش ڪجي ٿو، جنهن مان ان ڳالهه جو چٽيءَ ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو:

شعر ملاحظه فرمايو:

شان شاهي، ڪج ڪلاهي، سؤ سپاهي سڀ گذر،

شان شوڪت، ناز نعمت، تاب حشمت، چار ڏينهن.

تارڪ جي ڪلام جي هڪ خاص خوبي اها به آهي ته هن ٺيٺ سنڌي لفظ، اصطلاح ۽ پهاڪا عام جام استعمال ڪيا آهن. ان نموني ۽ ايتري تعداد ۾ غزل جي ڪن ٿورن شاعرن ايترا سنڌي اصطلاح پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪيا هوندا. وڏي ڳالهه ته هو اهي اهڙي سهڻي نموني ۾ استعمال ڪري ٿو، جنهن سبب اسلوب بيان نهايت ئي دلڪش بڻجي وڃي ٿو. کيس هن فن ۾ ايڏي ته مهارت حاصل آهي، جو هڪ ئي مصرع ۾ ٻه ٻه، ٽي ٽي محاورا استعمال ڪري ٿو. مثال خاطر سندس هڪ ئي غزل مان ٻه شعر پيش ڪجن ٿا:

پير کَڻ پِرَ جو پٺي پؤ، جيئن اتي پهچي وڃين،

سڪ کَڻي سونهين سڄڻ ڏي صدق سان ڪر ساه ستُ.

ــــــــ

اٿ اندر آتڻ وجهي، چرخو چلائج چِت جو،

کڻ پها پوڻيون سنڀاري، سڪ جي سُٽ کي صاف ڪَتُ.

محبوب جي مزاج ۽ سندس مذهب جو بيان ته گهڻن ئي شاعرن ڪيو آهي، پر ذرا تارڪ جو هيءُ شعر ملاحظه فرمايو جنهن ۾ ’دل کسڻ‘، ’دلبو ڏيڻ‘، ’ڪاڻ نه ڪڍڻ‘ ۽ ’منهن مٽڻ‘ جا محاورا استعمال ڪيا ويا آهن:

دل کسي دلبو ڏئي، پو ٿو ڪڍي ڪنهن جي نه ڪاڻ،

ان جي مذهب ۾ شروع کان منهن مٽڻ آهي مباح.

’ميڙ موٽائڻ‘ ۽ مهت نه ڏيڻ عام سنڌي محاورا آهن جي سنڌي ماحول جي عڪاسي ڪن ٿا. تارڪ ڪهڙي نه پياري انداز ۾ رٺل محبوب کي پرچائڻ لاءِ ميڙ منٿ ڪري ٿو:

ميڙ موٽائڻ چڱن جو ڪم نه آه،

مهت ڏي آين کي ڇڏ انڪار پرچ.

ذرا هي شعر ملاحظه فرمايو ۽ تارڪ جي محاوره بنديءَ جو دل کولي داد ڏيو:

ناصحا! نيٺ دل ڦرائي تو،

هاڻ پنهنجي ڪئي جو ڪيتو لوڙ.

ــــ

ٿو جاڏي دل جو رايو ٿئي، اکيون اوڏهن نهارن ٿيون،

مثل مشهور هي آهي ته اڳ ۾ گُر پٺيان چيلا.

ــــ

ٻڌي ٿو عاشقن کي ڏک جون ڏوريون،

وجهي اعتبار کي ٿو پيار جا پيچ.

نه صرف کيس ٺيٺ سنڌي محاورا استعمال ڪرڻ ۾ مهارت حاصل آهي، پر هو ڪڏهن ڪڏهن ٺيٺ سنڌي قافيا ۽ رديف استعمال ڪري زبان ۽ بيان جي خوبين سان گڏ، ٺيٺ سنڌي ماحول پيش ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪري ٿو. هتي مثال خاطر سندس هڪ غزل مان ٽي شعر پيش ڪجن ٿا:

مون کي شايد ڏنئن ٽرڻ جي ميڇ،

ڀانئي سا مون اتي هجڻ جي ميڇ.

 

نه ٿو ڍاپان سو ڪيئن ڏيان ان کي،

ان جي ديدار مؤن رڄڻ جي ميڇ.

 

ڪو ڳجهارت ڀڃي ڏئي مون کي،

ڏني دلدار آ اک ڀڃڻ جي ميڇ.

مطلب ته عاشقانه مضمون سان گڏوگڏ هن پنهنجي ڪلام ۾ تصوف جا ڪيترائي نڪتا نروار ڪيا. اهڙي ريت هن سنڌي غزل ۾ تصوف جو رنگ ڀريو ۽ ٺيٺ سنڌي اصطلاح ۽ محاورا استعمال ڪري، سنڌي غزل ۾ مقامي ماحول پيش ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي. سندس ڪلام ۾ عشق و محبت، اخلاق و نصيحت، جماليات، خمريات ۽ طنز و مزاح جي عنوان تي ڪيترائي اعليٰ اشعار نظر ايندا. جن جي پڙهڻ سان پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي. سندس ڪلام ۾ بيحد سلاست ۽ سادگي آهي جنهن ڪري پڙهندڙ اهو آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. لفظن جي سهڻي سٽا، خوبصورت ٻولي، دلڪش تشبيهون، ٿورن لفظن ۾ وڏو مقصد بيان ڪرڻ سندس ڪلام جون خاص خوبيون آهن. کيس علم بديع ۽ بيان جي وڏي ڄاڻ هئي. سندس ڪيترائي شعر، ڪي پورا غزل ڪن خاص شاعرانه صنعتن سان سينگاريل نظر ايندا. لفظي توڙي معنوي صنعتون گهڻي تعداد ۾ استعمال ڪيون اٿس، جي صحيح معنيٰ ۾ شعر جي سونهن کي سوايو ڪن ٿيون. مطلب ته سندس ڪلام هر لحاظ کان قابل داد آهي. سنڌي ڪافي، لوڪ شاعري توڙي عروضي شاعريءَ ۾ کيس مهارت حاصل هئي، تنهنڪري کيس سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت حاصل رهندي.

فارسي ۽ ٻين زبانن ۾ شاعري:

سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ کي وڏي مقبوليت حاصل رهي آهي. سنڌ ڪيترائي فارسي شاعر پيدا ڪيا آهن. فقير هدايت علي تارڪ به انهن مان هڪ آهي. فقير صاحب فارسي زبان جي مشهور شاعرن جو مطالعو ڪيو هو. ڪن مشهور صوفي شاعرن جي ڪن مثنوين جو منظوم سنڌي ترجمو ڪيو هئائين. ان کان علاوه سنڌ جي مشهور فارسي شاعرن جي ڪلام جو پڻ اڀياس ڪيو هئائين. قدرت کيس اڳ ئي موزون طبيعت عطا ڪئي هئي، ويتر فارسي زبان جي نمائنده شاعرن جي گهڻي مطالعي ۽ پنهنجي همعصر فارسي شاعرن سان ادبي رهاڻين سبب کيس فارسي شعر چوڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ نتيجي ۾ ڪافي فارسي ڪلام چيائين، جيڪو هڪ ڪليات، هڪ ديوان ۽ ڪجهه قطعات تي مشتمل آهي. فارسي شاعري ۾ سندس استاد ميان سلطان علي سالڪ قريشي (متوفي 1343هه) هو. جنهن جي مزار وستي پناهه علي، ضلع ديري غازي خان ۾ آهي.

تارڪ فقير فريد الدين عطار (متوفي 627هه)، سعدي شيرازي (متوفي 691هه) ۽ حافظ شيرازي (متوفي 791هه) جي ڪلام کان گهڻو متاثر هو. حافظ ۽ سعدي جي ڪن غزلن جو منظوم سنڌي ترجمو به ڪيائين، نه صرف ايترو پر انهن ٻنهي شاعرن جي ڪن مصرعن تي وڏي خوبصورتيءَ ۽ ڪاميابيءَ سان تضمين ٻڌي اٿس. ان کان علاوه ڪي غزل حافظ ۽ سعدي جي زمين ۾ پڻ چيا اٿس. ان کان علاوه هن شمس الدين بلبل (متوفي 1919ع) ۽ مولوي محمد عاقل عاقلي (متوفي 1941ع) جي تتبع تي به ڪي فارسي غزل چيا آهن، ڪي غزل وري پنهنجي ڪنهن همعصر شاعر جي جواب طور چيائين. هتي نموني طور سندس هڪ غزل جا چند شعر پيش ڪجن ٿا، جنهن جي مقطع ۾ مرحوم عبدالباقي اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ پوليس ۽ فقير علي محمد قادري متوفي (1940ع) کي به ياد ڪيو اٿس. اهو غزل مرحوم عبدالباقي ڏانهن جوابي غزل طور لکي موڪليو هئائين:

بغمِ فراق چون من تو اگر رسيده باشي،

بمثالِ نيم بسمل، بزمين طپيده باشي.

 

دو جهان بزير پايت، بفراز عرش جايت،

ز هوا و حرص پا را، تو اگر ڪشيده باشي.

 

بچمنِ جمال اي دل! ز تغافلت بترسم،

که بهار رفته باشد، تو گُلي نچيده باشي.

نه ڪشاندت وظائف، نه رساندت لطائف،

ببقا رسيده باشي، چو فنا گزيده باشي.

 

ز جمالِ قدر خوبان، تو دران زمان بداني،

که به پيشِ طاقِ ابرو، بادب خميده باشي.

تو ’بقادري‘ صبا گو، بجوابِ سخن ”باقي“،

که هم ز فقير ’تارڪ‘ تو سخن شنيده باشي.

جيئن سنڌي شاعريءَ ۾ سندس مکيه مضمون عشق ۽ تصوف آهن، تيئن فارسي شاعريءَ ۾ به انهن ٻن مضمونن تي وڏي خوبصورتيءَ سان لکيو اٿس. سندس فارسي ڪلام ۾ سادگي، سلاست ۽ سوز و گداز جون خوبيون نمايان نظر اينديون. عشق ۽ عاشقي سندس ايڏو پسنديده موضوع آهي جو پنهنجي ڪليات جي شروعات به هيٺين شعر سان ڪئي اٿس:

چه گويم غير وصفِ حسن خوبان حمدِ يردان را،

بداني بيت ابروي بتان آياتِ ايمان را.

کيس پنهنجي عشقيه شاعري تي وڏو ناز هو. هڪ شعر ملاحظه فرمايو، جنهن ۾ شاعرانه تعلي کان ڪم ورتو اٿس. فرمائي ٿو:

نغمهء  عشق من اگر شنود،

جنبد از جاي شاعرِ شيراز.

مختصر ته تارڪ فقير جي ڪلام ۾ ڪيترائي مضمون ۽ معنيٰ جا موتي نظر ايندا. جنهن جي پڙهڻ سان دلـــي ۽ روحاني سرور حاصل ٿيندو.

فقير صاحب فارسي کان علاوه اردو ۾ هڪ مڪمل ديوان لکيو آهي. ان کان علاوه ڪجهه قصيدا ۽ قِطعا پڻ چيا اٿس، نه صرف ايترو پر سرائڪي زبان ۾ به ڪافي ڪلام چيو اٿس جو هڪ ديوان، ڪافين، جهولڻن، هفتي جي بيتن ۽ ٻارهن ماه وارن بيتن تي مشتمل آهي، پنهنجي طيع جا جوهر ڏيکارڻ خاطر عربي ۽ هندي زبانن ۾ ڪجهه ڪلام چيو اٿس. مطلب ته سنڌيءَ سان گڏوگڏ ٻين زبانن ۾ به عمدو شعر چيو اٿس.

آخر ۾ سندس هڪ غزل پيش ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ڇهن زبانن ۾ چيل آهي:

عربي:          انت رب العالمين و ذوالجلال،

                        شافع الڪونين يا بدرالجمال.

فارسي:        من بدردِ عشق غمگين گشته ام،

                        شاد کن از جلوهء حسن و جمال.

اردو:            رات دن تيري تصور سي ميرا،

                        هي منور آئينهِ فکر و خيال.

سرائڪي:              تيڏا مئن سگ در ڪرم دي ڪر نظر،

                        من تون ميڏا لڳ خدا سانول خيال.

ڀاشا:                   ست گرو ڪر پاڪرو هون ناس ونت،

                        ساڌ سنگت سي بنون ساسي اڪال.

سنڌي:         نينهن تنهنجي ۾ رهي تارڪ سدا،

                        صلح ۾ سڀ سان بنا جنگ و جدال.

ادبي خدمتون:

”تصنيف، تاليف ۽ ترجما“ تارڪ الدنيا فقير محمد هدايت علي صاحب ”تارڪ“ پنهنجي زندگي جو وڏو حصو علم و ادب جي خدمت ۾ گذاريو، تصنيف، تاليف ۽ مختلف زبانن جي ڪتابن جو ترجمو ڪرڻ سندس محبوب مشغله هو. هڪ اندازي موجب هڪ سؤ کن ڪتاب لکيا هئائين، انهن مان 45 ڪتاب سندس شاگرد رشيد سيد انور علي شاهه ”اظهر“ گيلاني جي ذاتي لائبريري گهوٽڪي ۾ محفوظ ۽ طباعت جا منتظر آهن. باقي ڪتاب فقير جي وفات حسرت آيات کان پوءِ مختلف ماڻهن جي هٿ چڙهي گم ٿي ويا. هيٺ انهن ڪتابن جو ذڪر خير ڪيو وڃي ٿو، جيڪي نظر مان گذريا آهن.

ديوان نجفي: فقير روشن ضمير جو هي پهريون سنڌي ديوان آهي، جنهن جي ڪتابت فقير صاحب خود ڪئي، ۽ ان کي پوڪرداس شڪارپوريءَ شايع ڪيو. هي ڪتاب 1922ع ۾ منظر عام تي آيو، 162 صفحات تي پکڙيل آهي، ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ آهي، ان وقت فقير صاحب جو تخلص ”نجفي“ هو.

ڪليات تارڪ: سنڌي غزليات 412 صفحات تي پکڙيل، سنه 1932ع ۾ مڪمل ڪيائين.

غنائي تارڪ: سنڌي ڪافين جو مجموعو 84 صفحات تي پکڙيل، سنه 1931ع ۾ مڪمل ڪيائين.

گلزارِ تارڪ: سنڌي ڪافيون ۽ قصيده 20 صفحات تي پکڙيل آهي.

مراثي تارڪ: سنڌي مرثيه، نوحه، سلام، سوز موجود آهن، بقول سيد اظهر گيلاني هي قلمي ڪتاب جناب ڊاڪٽر نبي بخش صاحب بلوچ جي ذاتي لائبرري ۾ موجود آهي.

ميثاقي عنبر شمامه: حافظ شيرازي جي ساقي نامه جو سنڌي ترجمو 16- فيبروري سنه 1935ع ۾ لکيو ويو.

چمڪندڙ گوهر: بو علي قلندر جي مثنوي جو منظوم سنڌي ترجمو، مارچ سنه 1932ع ۾ لکيائين، هي ڪتابڙو تارڪ مطبوعات گهوٽڪي سنه 1964ع ۾ ڇپرايو هو.

نظم مقبول: بهلول دانا جي مثنوي جو منظوم سنڌي ترجمو، سنه 1931ع ۾ مڪمل ڪيائين.

جلوس التارڪين: سنڌي غزليات جو مجموعو صنعت ”ابتدا انتهايک“ ۾ لکيل، 78 صفحات تي پکڙيل آهي.

راز اظهار: عطار جي بي سرنامي جو منظوم سنڌي ترجمو 16 صفحات تي پکڙيل، سنه 1940ع ۾ مڪمل ڪيائين.

زوائد صورت: ڪتاب شاهد عشرت (فارسي) جو منظوم سنڌي ترجمو جنهن ۾ محبوب جي سراپا نظم ۾ قلمبند ڪيل آهي، 15 صفحات تي پکڙيل آهي. هي ڪتاب 14- فيبروري 1935ع ۾ لکي پورو ڪيو ويو آهي.

برهان الواصلين: (سنڌي) قرآن مجيد جي چند آيات جو منظوم ترجمو، منظوم تفسير، تصوف جي رنگ ۾ رڱيل 228 صفحات تي پکڙيل 9- آڪٽوبر 1932ع ۾ لکيو ويو.

 آثار العرفان: (سنڌي) قرآن شريف جو منظوم ترجمو ۽ تفسير، صوفيانه رنگ ۾ قلمبند ڪيل.

 ڪشڪول: سنڌي، اردو، فارسي غزليات ۽ قطعات جو مجموعو 35 صفحات تي پکڙيل.

 سنڌي ٻولي: شعر ۽ شاعري جي تاريخ: سنڌي قديم شاعرالڪلام جو تذڪرو، ڪلام جو نمونو ۽ ان تي تبصره ۽ تنقيد، هن ڪتاب جو مولوي حفيظ الرحمان ”حفيظ“ اردو ترجمو ڪري، ديده زيب ڪور سان ڇپرايو هو. غالباً سنڌي شاعرن جو هيءُ پهريون تذڪرو آهي.

مخزن القوافي: سنڌي زبان ۾ قوافي جو بي بها ۽ بي نظير ذخيرو، هن ۾ سنڌي، اردو ۽ فارسي زبان جا مروج ۽ موزون هزارها قافيا لکيا ويا آهن. هي ڪتاب متبدي شعرا لاءِ رهبر ۽ باڪمال لاءِ هڪ ادبي لغات جي حيثيت رکي ٿو، هي ڪتاب وڏي سائيز ۾ 441 صفحات تي پکڙيل آهي. هي ڪتاب تاريخ 28- ڊسمبر بروز خميس 1933ع مطابق 11- رمضان سنه 1352هه جناب غلام عمر صاحب قاضي جي فرمائش تي لکيو ويو، شعر ۾ تاريخ ۽ سنه ملاحظه فرمايو:

سال تاريخ ان جو لک ”تارڪ“

رک گزٽ مخزن لقوافيءَ ۾

1352هه

تحفة الڪرام: مير علي شير قانع جي فارسي دستاويز جو سليس ۽ با محاوره سنڌي زبان ۾ ترجمو، 400 صفحات تي پکڙيل.

عاشقانه خطوط: سليس سنڌي ۾ خطن جو دلڪش مجموعو 47 صفحات تي پکڙيل.

حديقة الاوليا: بامحاوره سنڌي زبان ۾ روضة الشهدا جو ترجمو 802 صفحات تي پکڙيل. 6- جولاءِ سنه 1933ع ۾ لکيو ويو.

عجيب معلومات: ڇهن حصن ۾ ورهايل، جنهن ۾ تاريخ، ادب، تنقيد، فلسفو، طب، نجوم، رمل، جعفر ۽ دنيوي معلومات جو گنجينه آهي، 740 صفحات تي پکڙيل 15- نومبر 1933ع ۾ لکيو ويو.

ارشاداتِ حڪمت: ميزان الطب فارسي جو بامحاوره سليس سنڌي ۾ ترجمو، 407 صفحات تي پکڙيل، سيپٽمبر 1931ع ۾ لکيو ويو.

آه سرد: رباعيات مير درد جي 217 رباعين جو سنڌي منظوم ترجمو، مارچ 1932ع ۾ پورو ڪيائين.

مسودات: سنڌي، اردو، غزليات، مستزاد، هفتي جا بيت، جهولڻا وغيره، 263 صفحات تي پکڙيل.

بره جي بندي: واڻڪي وهي جي نموني هڪ ڪتاب 212 صفحات تي پکڙيل، حادثاتِ زمانه کان ان مان چند اوراق اڏامي ويا آهن. ان ۾ سنڌي، سرائڪي، اردو، فارسي، عربي ڪلام لکيل، پاڻ ان کي هڪ نوٽ بڪ وانگر ڪتب آڻيندا هئا، اها بندي سفر توڙي حضر ۾ ساڻ هوندي هين.

ڄاڻ سڃاڻ: سنڌي ادب ۾ علم قيافه جو نادر مجموعو، هي ڪتاب قصرالارب گهوٽڪي سنه 1969ع ۾ ڇپرايو هو.

محمود نامه نيچرل: رئيس شمس الدين بلبل جي طرز تي محمودنامي تي تضمين 16 صفحات تي پکڙيل.

عمدة الصلالب في انساب آل ابي طالب: ٽن حصن ۾ ورهايل، سليس سنڌي زبان ۾، صوبه سنڌ ۾ آيل سادات جو عجيب و غريب تذڪره، هي ڪتاب عربي زبان ۾ ڇپيو هو، بعد ۾ تارڪ صاحب هن جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو، ڪتاب 160 صفحات تي پکڙيل آهي.

گوهر آبدار: سرائڪي زبان ۾ پهريون رديفوار مختصر ديوان، 15 صفحات تي پکڙيل 7- جون سنه 1932ع ۾ لکيو ويو.

ديوان تارڪ: اردو زبان ۾ غزليات جو رديفوار مڪمل ديوان، 164 صفحات تي پکڙيل.

تحفته ال اصفيا في بيان ال اوليا: اردو زبان ۾ اوليا ڪرام جو سليس بامحاوره سنڌي نثر ۾ تذڪرو، 96 صفحات تي مشتمل.

مضامين تارڪ: ”اُردو“، علمي، ادبي، مذهبي، تاريخي، تنقيدي، اصلاحي، مضامين جو مجموعو، 78 صفحات تي پکڙيل.

شش رسائل حضوريه: ”اُردو“ عبادت، رياضت، ورد وظائف، طريقهء فقير، ان جي منازل و مقامات جو بي نظير ۽ دلپذير بيان ڪيو ويو آهي، 111 صفحات تي پکڙيل.

ڪليات تارڪ: ”فارسي“ غزليات ۽ نظمن جو دلڪش مجموعو، آخر ۾ مسدس حالي جو بامحاوره فارسي زبان ۾ منظوم ترجمو ڪيو ويو آهي، 244 صفحات تي پکڙيل آهي.

ديوان تارڪ: فارسي غزليات جو رديفوار مڪمل ديوان، 130 صفحات تي پکڙيل آهي.

قطعات تارک: فارسي ۽ ٻين مختلف زبانن ۾ چيل قطعات جو مجموعو، 15 صفحات تي پکڙيل.

آئينه قصد گنجنيئي خرد: هز هائينس مير علي نواز خان ”ناز“ والئي خيرپورميرس جي اُردو رباعيات جو بامحاوره فارسي ۾ منظوم ترجمو سيپٽمبر سنه 1935ع ۾ لکيو ويو.

قوت المدرڪه: ڪتاب ”تحفة الصوفيه“ جو بامحاوره سليس فارسي ۾ منظوم ترجمو، 89 صفحات تي پکڙيل.

جلوهء توقف: تصوف جي باريڪ ۽ بي نظير نڪات کي جديد فارسي ۾ حل ڪيو ويو آهي.

مقولات رسولي: ارشاداتِ مصطفيٰ صه کي بامحاوره فارسي زبان ۽ تصوف جي رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

عمدة المقال: ڊاڪٽر گربخشاڻي جي سنڌي ڪتاب ”لواري جا لال“ جو فارسي نثر ۾ ترجمو 148 صفحات تي پکڙيل، 19-  آگسٽ 1935ع ۾ لکيو ويو.

شهنشاهه جارجه ششم: جارجه ڇهين جي فارسي نثر ۾ سوانح عمري، 12 صفحات تي پکڙيل.

گفتگو نيڪو، سچ جو صدقو: سنڌي ڪتاب ”سچ جو صدقو“ جو بامحاوره فارسي نثر ۾ ترجمو، هيءُ ڪتاب 47 صفحات تي پکڙيل آهي.

پرجوش خم: نورجهان بيگم جي سليس فارسي نثر ۾ سوانح عمري، 77 صفحات تي پکڙيل.

المڪاتيب الجديده: عربي نثر ۾ خطن جي فن تي سليس عربي ۾ سمجهاڻي، 27 صفحات تي پکڙيل.

رموزِ سالڪين: عربي زبان ۾ تصوف جي باريڪ ۽ بي نظير نڪات تي عارفانه انداز ۾ بحث ڪيل آهي، هيءُ ڪتاب 61 صفحات تي پکڙيل آهي.


*  شاهه نصير ڪافيءَ جو باڪمال شاعر هو، سندس وفات 1318/ 1900ع ۾ ٿي.

(1) پير علي محمد شاهه راشدي- اهي ڏينهن اهي شينهن (ٻيو ڇاپو) ص 2.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org