رديف ”ڄ“
ڏسڻ اسان ڏي جي مانع اوهان کي آهي لڄ،
اسان ته تنهنجي ڏسڻ سان ڇڏي آه لاهي لڄ.
الائي ڪاڏهن افسوس! تنهنجي ۽ منهنجي،
ملڻ جي وقت پئي وچ ۾ آه ڪاهي لڄ.
چون ٿا هڪڙي لڄ نئي بهشت، ٻي دوزخ،
ڏسون جي توڏي نه ٿا، تا ڳجهو ٿي ڳاهي لڄ.
ڪرين ٿو وقت ملڻ يار ڪونه ڪوئي عذر،
گهي حياؤ، گهي شرم، گاه گاهي لڄ.
چيم ته ”ٻيا ته نه معشوق ڪن ٿا لڄ مون سان.“
چيئن، ”وڌيڪ اسان کان ڪهين کي ناهي لڄ.“
وجهي بگاڙ ٿي هردو فريق جي دل ۾،
اگر هو ماڻهو هجي ڏيان وڃي مان ڦاهي لڄ.
وڃي مليس مان جيئن ان سان ڪُنجِ خلوت ۾،
ڪڇيائين ڪين، سڃاتئين، وڌيسين ٽاهي لڄ.
متيون ڏيو نه اسان عاشقن کي اي ناصح،
حياؤ شرم چؤ ڇا کي ٿا؟ ۽ ڇاهي لڄ.
*
الائي ڪهڙي سبب ٿو رهي چمن ۾ روڄ،
مري ويو بلبل شايد پيو گلن ۾ روڄ.
پريشان زلف ڏسي ٿيو پريشان سنبل اڄ،
پيو آ سوسن و سيمين و نسترن ۾ روڄ.
ڪٿي نصيب ٿين عاشقن سندا اهڙا؟
جو تن جي موت کان پئي ان جي دلبرن ۾ روڄ.
جي تيغ ناز سان عاشق شهيد ٿيا آهن،
ڪري ٿي شمع سندن قبر تي گلن ۾ روڄ.
مرڻ جي وقت نه جن کي تو منهن پسايو هو،
رهي اڃا ٿو سندن قبر ۽ ڪفن ۾ روڄ.
مٺا نه وڃج تون هن وقت الوداع ڪري،
سُرورِ سُڪر ۾ وجهه ڪين انجمن ۾ روڄ.
تڏهن به ڪين پيو رحم ان ستمگر کي،
اچي پيو حال سندم تي ننڍن وڏن ۾ روڄ.
رئڻ جو عشق جي آزار ۾ سو آه ٻيو،
وگر نه موت تي پوندو آهي مرد وزن ۾ روڄ.
رهي ٿو ظاهر اگر ڪين ديده تر ”تارڪ“،
ڪري ٿو صفحهء قرطاس تي سخن ۾ روڄ.
*
زلف دلبر جي اڙدها کان ڊڄ،
متان کائي وجهئي بلا کان ڊڄ.
مون جو اظهار عشق جو ڪيڙو،
چيو دلبر، ”سندم جفا کان ڊڄ.“
ڏئي وعده، وري نه يار ملي،
اهڙي دلبر سندي دغا کان ڊڄ.
ڇو ڪرين ابتدا ۾ ٿو انڌير؟
خوبرو ان جي انتها کان ڊڄ.
عرش تي ٿيون وڃن سندم آهون،
نازنين نالهء رسا کان ڊڄ.
جو ڏئي دلربا، سو وٺ دارو،
ٻي طبيبن سندي دوا کان ڊڄ.
نينهن لائج نه نازنين سان،
خلق جي خواري ۽ گلا کان ڊڄ.
مون کي ناصح ڪيئي نصيحت هي،
”نينهن جي داغ بدنما کان ڊڄ.“
جيڪو سانگو سريءَ جو لاهي ٿو،
اهڙي بانڪي کي ٿيندو ڇا کان ڊڄ؟
ڪر نه ”تارڪ“ سان نازنين نهڪر،
اچ اڱڻ ان جي ڪي خدا کي ڊڄ.
رديف ”جهه“
ٿو ڳوليان توسان حال اورڻ جو وجهه،
مگر ناهه ڪنهن ذڪر چورڻ جو وجهه.
جڳائي ٿو سهڻن تان صدقي هي سر،
ڪلهؤن جي ملي توکي ڪورڻ جو وجهه.
مون کي ڇڏ ته پوري ڪريان آرزو،
ڏي پنهنجي مٿان سر کي گهورڻ جو وجهه.
خلاف عاشقن جي اوهان وٽ سدا،
رقيبن کي ٿيو ڇيڻي ڀورڻ جو وجهه.
ڪمائيءَ جي ڪُڙهه ۾ ٻڌل آه ڀلو،
نه گهُر نفس جي گهوڙي ٽورڻ جو وجهه.
پچر ڪر ته توکي پچارن پرين،
اٿيئي سڳي سڪ جي سورڻ جو وجهه.
ڳلي ڳولي دلبر سندي ڪر صحيح،
اٿيئي اڃا ڏيهه ڏورڻ جو وجهه.
سگهوئي تون تصحيح اشعار ڪر،
جو ”تارڪ“ تڪڻ ۽ ٿي تورڻ وجهه.
*
نه ڏي ڪجهه عجيبن کي الفت جو منجهه،
متان ڪن سهي سي محبت جو منجهه.
وڌائيندا ويتر سي جور و جفا،
جي معلوم ٿيندن مؤدت جو منجهه.
پڇڻ جي پرين ٿو اسان وٽ اچين،
ته ڏج ڪين تن کي محبت جو منجهه.
لڪائين گهڻو گرچه دل پنهنجي ٿو،
مگر ٿو لهي چور دولت جو منجهه.
ڪجي ڪين ڪنهن سان ڪا سرڪشي،
جي معلوم ٿئي نياز نوڙت جو منجهه.
تڏهن ڀي سهي صاف چهري مون آه،
اگرچه ڏئين ٿو نه نفرت جو منجهه.
نه پهچايو آهي جو پيغام يار،
صبا ڏئي نه ٿي اهڙي غفلت جو منجهه.
ائين جذبهء عشق دل ۾ سماءِ،
ڏين جيئن نه ڪامل ڪرامت جو منجهه.
اٿس ٻاجهه پئي مون سندي حال تي،
لڌم يار جي مهر شفقت جو منجهه.
ڪيو آه ارشاد پيرِ مغان،
نه ڏيو ڪنهن کي مستيءَ جي حالت جو منجهه.
رهن ٿا سي ڪثرت ۾ ڪنهن ساڻ ڪين،
موحد ڏين ٿا نه وحدت جو منجهه.
سوا جهيڙي ”تارڪ“ نه ٻيو آه ڪجهه،
لڌم جو تشيعت ۽ سنت جو منجهه.
*
يار پنهنجي ڪا بيوفائي سمجهه،
عاشقن ساڻ ڪج ادائي سمجهه.
حسن تي ڇو ڪرين ٿو ايڏو ناز؟
ساڻ صورت نه هيءَ سدائي سمجهه.
عاشقن ڏي گمان بڇڙو نه ني،
ان جي سيني اندر صفائي سمجهه.
آب انگور جي ڪم آڻڻ سان،
پرت وارن جي پارسائي سمجهه.
هٿ پنهنجي کان شيءِ آه جا پري،
گرچه تنهنجي، ته پڻ پرائي سمجهه.
گرچه ماهر آن فن عشق ۾، پر
مون کان دستور دلربائي سمجهه.
برخلاف عاشقن جي جيڪو چوي،
ڳالهه ان جي کي ڙاڙخائي سمجهه.
ٿا نهارين نازنين جنهن ڏي،
عشق جي آفت ان تي آئي سمجهه.
نازنين ڪر نه نينهن کان نفرت،
عشق هڪ طاقت خدائي سمجهه.
جو لڪائي ٿو لوڪ کان لنؤ کي،
پاڻ تي خلق ان کلائي سمجهه.
گرچه ڪثرت ۾ لا تعد ٿيو،
ليڪ وحدت ۾ هيڪڙائي سمجهه.
اعتبار آه عمر تي ڪهڙو؟
جسم ماڙي بَنا هوائي سمجهه.
سور، سختيون ۽ سوز آه سمر،
پرت جو پنڌ پياده پائي سمجهه.
سر تي صدما سهڻ ملامت جا،
هيءَ به هڪ بره جي ڀلائي سمجهه.
ڇو ڏئين قتل جا اشارا ٿو؟
سڪ وارن سري ڪپائي سمجهه.
ٿي چيو باغبان کي هيئن صياد،
هي تون بلبل به جهٽ ڦسائي سمجهه.
سڪ ۽ صبر سانڍڻ آه مشڪل،
منهنجي هيءَ ڳالهه آزمائي سمجهه.
توکي چورن اسان جي ٿا ابتڙ،
هيءَ لچن جي سڄڻ! لچائي سمجهه.
طرز اهنجي اندر غزل جوڙڻ،
طبع ”تارڪ“ سندي رسائي سمجهه.
رديف ”ڃ“
مرد ٿي منصور تهدل تن مٿي تعذير مڃ،
جو اچيئي سر تي سو تيغ تبر تير سمجهه.
ناهه حجت ڪا حبيبن سان اسان هيڻن سندي،
بي خطا توڙي هجين ته به پنهنجي تون تقصير مڃ.
عشق ريءَ انسان سڀ مردار جي آهي مثال،
ٿي حلال ابروءِ سندي تلوار جي تڪبير مڃ.
ٿو مڃين ڪنهن جي چوڻ کي ڪين ڪي گهرجي نه هيئن،
ڪجهه ته عرض عاشق سندو ڀي اي بتِ بي پير مڃ.
ڪاسهء گردون سندي جو روءِ ٿي آهي سياهه،
ان تي پنهنجي عاشقن جي آه جو تاثير مڃ.
رک توڪل برخدا، تدبير تي تڪيو نه ڪر،
وصل هجران کي هميشه کان طرف تقدير مڃ.
مقبلانِ حق مؤن ”تارڪ“ صدق دل جي سان سدا،
احمد و حيدر بتول و شبر و شبير مڃ.
*
عجيبا عاشق مستانه ڏي وڃ،
هلي اي شمع رو پروانه ڏي وڃ.
ٿي هشيارن تي حق مستن جي خدمت،
دلارا پنهنجي تون ديوانه ڏي وڃ.
رهين ٿو آشنا، نا آشنا سان،
يگانه ڪين ڪنهن بيگانه ڏي وڃ.
رهين جي منجهه رهت رندن جي راضي،
نه ڪنهن فاضل نه ڪنهن فرزانه ڏي وڃ.
صبوحي صاف نوشن سان وڃي ڪر،
اٿي اڌ رات جو ميخانه ڏي وڃ.
رهي الفت نه آباديءَ ۾ آهي،
هلي ڪنهن واديءَ ويرانه ڏي وڃ.
ڇڏي سڀ ننگ ۽ ناموس ”تارڪ“
ٿي بيخود محفلِ رندانه ڏي وڃ.
رديف ”چ“
غصو ڇڏ غمٽار دلبر يار پرچ،
مهر مشتاقن تي ڪر منٺار پرچ.
سڀ ميارون سر مڃيون سي تو سنديون،
توبہ وارن سان ڇڏي تڪرار پرچ.
ڪين موٽائي ڇڏج هيئن ميڙ کي،
دَرَ تي آين سان نه ڪر انڪار پرچ.
عندليبن جي مڃي آزي مٺا،
کول پرده کي اي گل رخسار پرچ.
ڇو رسين ٿو؟ ڇڏ رسڻ گهوريو رسڻ،
چَئي رقيبن جي نه ڪر ڪجهه عار پرچ.
باس خاطر پرت وارن جي ڪجي،
دردمندن کي ڏسي، دلدار پرچ.
نينهن وارن کي ڪجي ڇو نااميد؟
هوت تن سان هيج مؤن هڪ وار پرچ.
راستبازن سان نه رک رنجيدگي،
قرب وارن ساڻ ڪَج رفتار پرچ.
رحم ڪر ”تارڪ“ جي هيڻي حال تي،
بره جا ان تي پسي ڪي بار پرچ.
*
پيم ايئن دلربا دلدار جا پيچ،
پيا بلبل کي جيئن گلزار جا پيچ.
رهي شب روز ٿو سو سر پريشان،
پون جنهن ڪاڪلِ خمدار جا پيچ.
ڇڏي ٿو زلف گردن ۾ وڪوڙي،
وجهي ٿو پنهنجي ڳل ۾ مار جا پيچ.
هي دام دلربائي جا ٿيا حلقه،
جي ڦڙڪن طره طرار جا پيچ.
ڪيئي سوگهي سڄڻ دل عاشقن جي،
ڏيکاري منهن، وجهي ديدار جا پيچ.
ٻڌي ٿو عاشقن کي ڏک جون ڏوريون،
وجهي اغيار کي ٿو، پيار جا پيچ.
ڏٺم قاضيءَ کي ڪلهه غمزهء بتان کان،
پيل ڪنڌ ۾ هيس دستار جا پيچ.
هڻي نعرهء اناالحق ٿيو نشانبر،
تڏهن منصور کي پيا دار جا پيچ.
پرينءَ جي پيچ ڪاڪل وانگي ”تارڪ“،
ٿيا پيچيده ڏس اشعار جا پيچ.
رديف ”ڇ“
عاشقن کي اي سڄڻ سهڻا تون سيم و زر نه آڇ،
مال جا محتاج ناهن لعل دُر گوهر نه آڇ.
ري ملڻ تنهنجي تنين کي ٻي تمنا ڪانه آه،
عيش عشرت دولتِ فانيءَ سندا هر هر نه آڇ.
جي ڏئين تا پنهنجي ڏي آغوش ۾ ڪا جاءِ تون،
ورنه تن کي اطلس و مخمل سندا بستر نه آڇ.
جي اٿي ڏيڻو ته ڏي بوسهء لب و چشم و دهن،
نه ته مزا قندِ مڪرر جا شهد شڪر نه آڇ.
بره جي بيهوش کي ڪو مشڪ زلفن جو سنگهاءِ،
ڪو ڀلائي هيءَ وگر نه طبلهء عنبر نه آڇ.
خاڪ ڪر پنهنجي ڳليءَ ۾ سر اسان جا اي سڄڻ،
خاڪسارن کي خدارا مسجد و مندر نه آڇ.
ڪين ڪي تنهنجي ڳليءَ مٽ ملڪِ اسڪندر ٿئي،
ڪر گدا در پنهنجي جو ملڪِ اسڪندر نه آڇ.
جي ڇڏي ٻيا در اچي سڀ تنهنجي در آهن پيا،
تن مٿي رک پنهنجو هٿ ۽ ٻيو وري ڪو در نه آڇ.
عشق جي اسرار جي ٿوري گهڻي جن کي خبر،
تن سوا ”تارڪ“ ٻين کي شعر جو دفتر نه آڇ.
*
مون ڏني يار کي اچڻ جي ميڇ،
ڏسي مون کي ڏنئن وڃن جي ميڇ.
مون کي شايد ڏنئن ٽرڻ جي ميڇ،
ڀانئي سا مون اتي هجڻ جي ميڇ.
ڇو ٿا مون کي اوهين ٻڌايو چئي،
مون سهي ڪئي آهي سڄڻ جي ميڇ.
نه ٿو ڍاپان سو ڪيئن ڏيان ان کي؟
ان جي ديدار مؤن رڄڻ جي ميڇ.
عاشقن کي سريءَ جو سانگو ناهه،
ڇو ٿو تن کي ڏئين ڪهڻ جي ميڇ؟
منهن کي ڦيرائي ٿو ڪري پاسي،
جيڪڏهن ٿو ڏيان ملڻ جي ميڇ.
ڪو ڳجهارت ڀڃي ڏئي مون کي،
ڏني دلبر آه اک ڀڃڻ جي ميڇ.
سيف ابرو اسان تي اولاري،
ڏئي هر هر ٿو سر هڻڻ جي ميڇ.
رمز ’لاتقنطوا‘ منجهان ”تارڪ“،
ملي اميد ۾ رهڻ جي ميڇ.
*
بزم مشاعره ڪراچي: 21- آڪٽوبر 1933ع
مصرعِ طرح:
”مزو انگور جو ميخوار کان پڇ“
مزو انگور جو ميخوار کان پڇ،
نشي جو لطف مئي جي يار کان پڇ.
سوا حق جي ڏسڻ ٻيو ڪونه هرجا،
هي ڪفر و دين جي بيزار کان پڇ.
پيا ڪيئن قيد زلفن جي ۾ عاشق؟
اها سڌ حسن جي سرڪار کان پڇ.
مان ديوانو سندءِ الفت ۾ آهيان،
تون ساري ڳوٺ جي هر ٻار کان پڇ.
نه ڄاڻي زاهدِ خلوت نشين عشق،
سو رسوائي سرِ بازار کان پڇ.
رڳو عاشق نه ٿي ڪي اهلِ مجلس،
تون مسڪينان پسِ ديوار کان پڇ.
خبر خوش حال، خوش دل کي نه آهي،
تون دردِ عشق دل افگار کان پڇ.
رڳي خيرات جي ناهيس ڪا گهرج،
کپئي ڇا ٻيو به هيئن پينار کان پڇ؟
جنون کان مون ڪيو چاڪِ گريبان،
اها پڪ ڪر سڄي سنسار کان پڇ.
بسلڪِ نظم پوئڻ دُر معنيٰ،
تون ”تارڪ“ شاعرِ اشعار کان پڇ.
رديف ”ح“
سڄڻ يار سهڻو مسلم صبيح،
نه مٽ تنهن سان ٿئي ڪو منور مليح.
ڪڏهن ماريون ماري، ڪري مات ٿو،
ڪڏهن ٿو جياري مثالي مسيح.
ڦري دل ڦٽي ٿو، بڻي جي حسين،
ڏئي ٿو ڪراهت، ڪڏهن ٿي قبيح.
ٿو سوريءَ تي سر عاشقن جا سٽي،
هڻي ٿو، کڻي ٿو، بڻي سو ذبيح.
ڪڏهن عبدهء جو ڪري قول ٿو،
ڪڏهن ٿو ”انااحمد“ آکي صريح.
ڪرين جنهن جي تعريف ٿو ”تارڪا“
سو ممدوح، سو مدح، سوئي مديح.
*
ڏي منهنجي هٿ ۾ پُر ڪري، مئي عشق جو ساقي قدح،
پيئندي سندم هيءَ دل ٺري، مئي عشق جو ساقي قدح.
من کي ڪري مدهوش سو، جذبو وڌائي جوش سو،
ڏسندي ڏيڻ سر جو سري، مئي عشق جو ساقي قدح.
چپ تي رکان دل چُور ٿئي، بيخود ٿئي مخمور ٿئي،
هٿ تي جيئن آتش ٻري، مئي عشق جو ساقي قدح.
ذاتي وڌائي ذوق کي، پرشور آڻي شوق کي،
وٺندي نظر حق ڏي وري، مئي عشق جو ساقي قدح.
”تارڪ“ ٿيو ميخانه ۾، تنهن کي نه ڇڏ ارمان ۾،
پيارينس جهٽ پرتئون ڀري، مئي عشق جو ساقي قدح.
*
سينو جنهين جو آه مصفا مثال صبح،
سو سر سڃاڻي پنهنجو ٿي خندان بحال صبح.
تو ۾ ٿو ڏينهن اُڀري ۽ تو ۾ ٿي رات ٿئي،
تو ۾ شعاع شمس جو، تو ۾ جمال صبح.
برقع ۾ رات جي به تجلي سندءِ ٿي تام،
پر ٿو ڏيکاري تو سندو حسين ڪمال صبح.
سر بقا ۾ آه سمائڻ جو وقت واهه!
عرشِ برين کان ٿو لنگهي خاصو خيال صبح.
گرچه ڳجهو ٿيو نورلقا اولي جسم جي،
ته به ابر ۾ لڪي نه ٿو خورشيد فال صبح.
”تارڪ“ جي خيال حق سان ٿيڻ هڪ سندو رکين،
خوش عاشقن جي لاءِ آه ساعت وصال صبح.
*
جي گهرين سينو صفا ٿئي، پي تون اول جام صلح،
تفرقه تڪرار کي تالان ڪري، آرام صلح.
مذهب و ملت مڙئي جنگ و جدل سان پُر رهن،
مشربِ رندان ۾ ٿيو، آغاز تا انجام صلح.
شيعه و سني و هندو مومن اندر آه گوڙ،
صوفيءَ بي سر جي گهر ۾ ناهه ڪي ري نام صلح.
جنهن حضورِ حق ۾ پنهنجي جان دل حاضر رکي،
سو قدم پيو قرب جا پائي، ڀري پيو گام صلح.
لُڙ تفرقه کان نظر ايندو نه جانيءَ جو جمال،
”ثم وجہ الله“ تون ڄاڻج تجلي تام صلح.
جڏ مليو پيرِ مغان کان صلح جو ”تارڪ“ سبق،
هن غزل جو نانؤ مون آهي رکيو پيغام صلح.
*
هرگز نه چوان حسن سندءِ حور جي طرح،
روشن نه آه حور سندءِ نور جي طرح.
ڪاڪل سندءِ ته سنبل پيچان جي ٿيو صفت،
ٿيا نين عجيب نرگسِ مخمور جي طرح.
ڇو باوجود ناز ۽ هن حسن جي پرين،
لاهين نه ٿو نقاب تون مستور جي طرح.
تابِ جمال تنهنجي کان بي تاب ٿا جلن،
سينا سوَن سڪايلن جا، طور جي طرح.
جنهن کي لڳي ٿي بره بلا اوچتي اچي،
کائي انهيءَ جو ماس ۽ هڏ سور جي طرح.
جنهن کي توهان جي تار رهي تار تار ۾،
’تن تن‘ تنهين جو تن ڪري طنبور جي طرح،
هوندو هميشه ڪينڪي، تو ساڻ سو سدا،
هل ڪين حسن تي هيئن مغرور جي طرح.
نروار ٿي تون ”تارڪ“ نعرو ”انا“ هڻي،
سانگو سريءَ جو لاهج، منصور جي طرح.
*
دلبرن وٽ عاشقن جو سر ڪٽڻ آهي مباح،
يا هڻي پيڪان پنبڻين جا ڦٽڻ آهي مباح.
دل کسي دلدار، بس پوءِ ٿا ڪڍن ڪنهن جي نه ڪاڻ،
تن جي مذهب ۾ مگر هي منهن مٽڻ آهي مباح.
سونهن جا صياد ٿيا سڀ متفق هن راءِ تي،
طير دل لئي، زلف جي ڦاهي وٽڻ آهي مباح.
جي هجن گلچن، انهن کي گل ڇنڻ آهي روا،
بلبلين کي ڪونه ڪاٿي گل پٽڻ آهي مباح.
سيم تن کي عاشقِ مفلس سان بڻجڻ بيوفا،
۽ دنيا وارن جي الفت ۾ جٽڻ آهي مباح.
جي اهو شيرين دهن، اڇلي کڻي آبِ دهن،
عشق ۾ فرهاد کي ان جو ڇَٽڻ آهي مباح.
سوز فرقت جو اگر ساڙي وجهي ”تارڪ“ هنيون،
وِره وارن وٽ وڃي وائک جهٽڻ آهي مباح.
*
مصرع طرح:
”ٿي پيو آهيان پريشان جي طرح.“
عاشقِ دلدار آهيان هر طرح،
ڪين دل خوش ٿئي، ٻئي سان هر طرح.
عالمِ دنيا و عقبيٰ ۾ پرين،
ٿو رهان مان تنهنجو خواهان هر طرح.
قيد دل ٿي منهنجي، يوسف جي مثال،
تنهنجا ٿيا هي زلف زندان هر طرح.
صورتِ جانان نه وسري ٿي مون کان،
هي ڪيو مون ياد قرآن هر طرح.
ڪينڪي چاهِ زنخ جو مٽ ٿئي،
اي عزيزو چاهِ ڪنعان هر طرح.
ڇو لڪائين رخ نقاب اندر پرين؟
منجهه گلن آه شمع عريان هر طرح.
شاهِ دوران جي ڪري ڪيئن بندگي؟
خادمِ درگاهِ خوبان هر طرح.
ساقي و مطرب، مئي، دلبر مليا،
آهيان مون هن وقت سلطان هر طرح.
ڪالهه دلبر عاشقن کي هيئن چيو،
”وصل جي چاهيو، ڏيو جان هر طرح.“
جي ڏسين زاهد تون زلفِ دلربا،
ڏين ڇڏي تسبيح پيچان هر طرح.
واديءِ وحشت ۾ مجنون چيو مون کي،
”آهين تون سرخيل مستان هر طرح.“
تيغ ابرو جا ڪٺا سڀ حشر ڏينهن،
تو سندي پڪڙيندا دامان هر طرح.
ٿو رهان تنهنجي جدائيءَ کان پرين،
سينه بريان، چشمِ گريان هر طرح.
زهد، تقويٰ جو ٿيان پابند ڪيئن؟
آهيان مان هم بزمِ رندان هر طرح.
عالمِ دنيا نه آ جائي خوشي،
ڪيئن رهي تنهن ۾ ڪو شادان هر طرح.
”تارڪ“ اڄ ڪلهه زلف جي سودا سبب،
ٿي پيو آهيان پريشان هر طرح. |