سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :12

 

 

 

رديف ”ل“

ڪيم عشق تنهنجي کي برسر قبول،

اگرچه هئس مون ظلوماً جهول.

اٿم آسرو تنهنجي احسان ۾،

ٿو ڄاڻان ڪندي پاڻ سان نِئي وصول.

سگهو خواب ڪلفت کي ڪر ترڪ تون،

محبت جي بيداري ڪر ڪا حصول.

ڪيم پنهنجي عشاق سان اختلاط،

وڻن ڪين هاڻي ٿا اهلِ عقول.

ملڻ لاءِ محبوب جي ”تارڪا“،

من و دست و دامان آلِ رسول.

 

 

*

بهار آيو ٿيو گلزارِ گل گل،

ٿيو هر گل جي کان هٻڪار هل هل.

وري وڻ ٽڻ ڦُٽي سرسبز ٿيڙا،

ٿو ڏسجي باغ ۾ گل گل بلبل.

پوي پوڪار ٿي ڪُوڪُو جي ڪن تي،

سونهن ٿا سُرؤ جي شاخن تي صلصل.

ڪرن ڀڻڪار ڀونر ۽ مرغ چہ چہ،

انهيءَ کان آهي منجهه گلزار غلغل.

مساجد مان اچي آواز ’قل‘ جو،

خراباتن ۾ آهي شور قلقل.

لڳو ”تارڪ“ وڃي هر ڪوئي لاري،

تن وٺ دامن سندي هسوار دلدل.

 

 

*

ڪنهن کي چوان چشم ڪنهن منهنجي ڪئي چور دل!

پايون وٽان پيٽ ۾ پُور مٿي پور دل.

نشهءِ جامِ طهور آه سمايل منجهس،

گرچه ٿي مقدار ۾ دانهءِ انگور دل.

ٿي ڪري آه و فغان درد ۾ دلدار جي،

ان ڪري آهي ادا مون سندي معذور دل.

جاڪون ٿي آه آشنا سهڻي ستمگر سان نئي،

تاڪون رهي روز شب رنج ۾ رنجور دل.

جي اچي ”تارڪ“ نظر دل کي ڪوئي دردمند،

هوند تهين سان سلي سور منجهان سور دل.

 

*

مصرع طرح:

”قبضه ۾ هاڻ ناه سندم بيقرار دل.“

شمشيرِ ناز سان ڪري منهنجي فگار دل،

شڪرِ خدا جو پاڻ سڄڻ ڪئي شڪار دل.

جاڪون جمال يار جي سان چشم چار ٿي،

تاڪون ڏسي ٻيو نه ٿي نقش و نگار دل.

پرده دوئي جا ڦاڙي آه غنچه صفت ٽڙي،

وحدت سندي نسيم کان آهي بهار دل.

برگِ خزان مثال ٿي دردِ فراق ۾،

بل هاڻ پاسي ۾ لڳي منهنجي ٿي خار دل.

دنيا جي ڪاروبار مؤن هٿ آه ان ڪڍيو،

موليٰ جي عشق جو کنيو سر آه بار دل.

بيزار ماسوا کان ٿي محوِ جمالِ حق،

منجهه عشق مست عقل اندر هوشيار دل.

زاهد گهري نه قند، نه شڪر، نه شير، ڪجهه،

چاهي سدا ٿي جام مئي خوشگوار دل.

ٻيو ڪهڙو شڪ ڪو منهنجي صداقت ۾ ٿي پرين؟

سر ڇاهي جڏهن آه ڪئي مون نثار دل.

ٿيون اشڪبار پوءِ اکيون عشق تنهنجي ۾،

اول ٿي تابِ حسن کان زار و نزار دل.

منهنجي زبان هڪڙي چمي يار کان گهري،

جاچيان کڻي اندر ته گهري ٿي هزار دل.

اسباب عيش عشرت موجود آه مون کي،

پر ڪاڏي ڪريان ڄاڻي نه ٿي پائدار دل.

آهي تونگرن کي جيئن فخر مال تي،

تيئن فقر تي ڪري ٿي سندم افتخار دل.

جاه و جلال، عزت و اقبال و حشم،

عاشق جي تن تي ڪين ڪري اعتبار دل.

رزاق وعده رزق جو قرآن ۾ ڪيو،

کائي نه هاڻ منهنجي غمِ روزگار دل.

عالم ۾ بيڪسيءَ جي رهي محو تنهن ڪري،

جو ڪو وفا ۾ پورو ڏٺو ڪونه ياد دل.

محشر ۾ هوندو داغ سندس آفتاب جيئن،

ٿي دردِ دوست کان جو سندم داغدار دل.

منجهه وقت ڪاه جي وئي لنگهي عرش کان اڳي،

ذڪرِ حقيءَ جي گهوڙيءَ مٿي ٿي سوار دل.

ڪنهن ساڻ اوري حال غم و دردِ عشق جو؟

افسوس! جو ڏسي ٿي نه ڪو غمگسار دل.

مون سان اچي ثبوت سچائيءَ سندو ڏئي،

اهڙو ڏيڻ گهري ٿي سندم اشتهار دل.

اهڙي نه مون کي ڪانه سجهي ٿي ڪهين جڳهه،

دلبر جي دوستيءَ ۾ رکي جا قرار دل.

مون ٿو گهران ته هوند رهي اختصار نظم،

پر وس نه آه جو ٿي گهري اقتصار دل.

دنيا تي ڀروسو نه نڪي مال ان جي تي،

هڪ ڏينهن ٿيندو مال و دنيا مثل مار دل.

”تارڪ“ نٿي نصيحت منهنجي تي ڪن ڪري،

”قبضه ۾ هاڻ ناه  سندم بيقرار دل.“

 

*

[صنعت لزوم ما لايلزم، التزام]

چشم گل، لب گل، دهن گل، خال گل رخسار گل،

دست گل، انگشت گل، پاگل، بدن گل، وار گل.

آءٌ آهيان ان جو بلبل جنهن جي زيب تن ٿيو،

جامه گل، دستار گل، سلوار گل، پيزار گل.

تنهنجي باغ حسن ۾ يادِ جوانيءَ کان کليو،

جوڙ گل، جنسار گل، سينگار گل، اطوار گل.

سير سانگي ڪيو گذران گل لقا جنهن کان ٿيو،

شهر گل، دڪان گل، سامان گل، بازار گل.

آيو مون وٽ گلبدن، ٿيو عڪس ان جي کام سندم،

خانه گل، ايوان گل، بام و در و ديوار گل.

ناز نين تون آنهن سارو رشڪِ گل تنهنجو عجب،

شاخ گل ۽ برگ گل ۽ تخم گل ۽ خار گل.

گلرخن جي وصف ۾ گلزار معنيٰ مؤن ڇني،

خوب تو پوتو آ ”تارڪ“ منجهه سخن جي تار گل.

 

 

 

*

دل اڙي يار سان ٿيو تنهن کي ڇڏائڻ مشڪل،

اک پئي سهڻي سڄڻ تي سا ڦيرائڻ مشڪل.

زلف جي قيد ۾ ڪيو آه قريبن قابو،

سر انهيءَ سرڪڻ ڦاهيءَ مون ڪڍائڻ مشڪل.

ريءَ ڏسڻ ماه رخن ڪين ٿئي دل مسرور،

طفل ٿي آه ٿيو تنهن کي ريجهائڻ مشڪل.

حسن بيوس هڻي ديواني ڪئي منهنجي دل،

تنهن کي ڪنهن حيله ٿيو هشيار بنائڻ مشڪل.

نينهن ناتي کي نڀائڻ نه ڪَچن جو ڪم آه،

آڳ تي سيخ مکڻ جي آه پچائڻ مشڪل.

پرت جي پِڙ ۾ پيو پير اچي جڏهن آه،

جي قدم چايو ته وه، نه ته ٿيو هٽائڻ مشڪل.

نينهن ”تارڪ“ ٿيو نروار لڪڻ کان لنگهي،

عقل جي پردي ۾ ٿيو ان کي ڇپائڻ مشڪل.

 

 

*

کول گهونگهٽ تا سندءِ عاشق ٿين محوِ جمال،

سر فدا ڪن تو مٿان دلبر بصد جذب و جلال.

قرب تنهنجي عاشقن سان هيءَ ڀلائي پنهنجي ڪئي،

جو زوال اندر سندن تن روح تن جو در ڪمال.

اي سڄڻ سائين ڏي جوشِ عشق منهنجي جان کي،

تا جلي اسباب قال ۽ رونما ٿئي شوق حال.

ڪاهلي منجهه راهِ عشق آهي وبالِ بي حساب،

ڪرڪو چالاڪِ محبت، بخش ڪو چستيءَ جو خيال.

عقل جي آلودگيءَ کي ڌوءُ آبِ عشق سان،

آڻ ڪوئي ابرِ وحدت، مڃ خدا ”تارڪ“ جو سوال.

 

 

*

لذتِ دنيا وٺي بيغم ٿيڻ آهي محال،

غم محبت جي بنا آدم ٿيڻ آهي محال.

برتؤ تن مؤن نه جيسين ٿئي جدا نورِ خيال،

تيسين رازِ حق سندو محرم ٿيڻ آهي محال.

آتشِ عشق و محبت تا نه ساڙي ماسوا،

دلير توحيد سان همدم ٿيڻ آهي محال.

اک جنهين جي جام دل ۾، آه سو جمشيد وقت،

قصه خواني جامِ جم مؤن جم ٿيڻ آهي محال.

خانهءِ بغض و حسد ازبس ڪِ آه سنگين نهاد،

سيل مستيءَ جي بنا برهم ٿيڻ آهي محال.

توڙي افلاطون ڪري، يا هوئي جالينوس ڪو،

زخمِ تيغِ عشق جو مرهم ٿيڻ آهي محال.

تا خيال ڪير ”تارڪ“ ڪين سرتا پا ٿئي گم،

دل ۾ ذاتي جلوهء اعظم ٿيڻ آهي محال.

 

 

*

[مصنوع و عجيب]

کسي ويو منهنجي دل دلبر، ڇا دلبر، دلبرِ فاضل؟

ڇا فاضل، فاضلِ رهبر، ڇا رهبر، رهبرِ ڪامل؟

سندس دستار جو طره، ڇا طره، طرهِ دلڪش؟

ڇا دلڪش، دلڪشِ عالم، ڇا عالم، عالمِ عاقل؟

جمالِ دلربا انور، ڇا انور، انورِ لامع؟

ڇا لامع، لامع اظهر، ڇا اظهر، اظهرِ محفل؟

بتِ طناز مہ پيڪر، ڇا پيڪر، پيڪرِ قدرت؟

ڇا قدرت، قدرتِ قادر، ڇا قادر، قادرِ عادل؟

سراپا جلوهء وحدت، ڇا وحدت، وحدتِ واحد؟

ڇا واحد، واحدِ ايزد، ڇا ايزد، ايزدِ هر دل؟

عجائب صورتِ خوشتر، ڇا خوشتر، خوشترِ فرخ؟

ڇا فرخ، فرخِ فائق، ڇا فائق، فائقِ قابل؟

سندم دل عشق ۾ ڦاٿي، ڇا ڦاٿي، ڦاٿي ٿي سوگهي؟

ڇا سوگهي، سوگهي ٿي گڏجي، ڇا گڏجي، گڏجي ٿي شاغل؟

ڪيم دلدار سان صحبت، ڇا صحبت، صحبتِ قربت؟

ڇا قربت، قربتِ خاطر، ڇا خاطر، خاطرِ مائل؟

محبت مون کي ڪيو ”تارڪ“ ڇا تارڪ، تارڪِ ڪثرت؟

ڇا ڪثرت، ڪثرتِ ڪلفت، ڇا ڪلفت، ڪلفتِ جاهل؟

 

*

[صنعت بي نقوط]

[اهڙي عبارت يا نظم لکيو وڃي، جنهن ۾ نقطي وارا حرف نه هجن. هن کي عاطله يا مهمله به سڏيو ويندو آهي]

اهو سردار سرور آه سالم،

احد اعليٰ، عمل وارو سو عالم.

سدا سهڻو سگهارو آه اطهر،

امام اڪمل، مڪرم سر حاڪم.

ڪرم ڪر، مهر ڪر، ڪر داد عادل،

عطا ڪر حال و اصل، وصل دائم.

مداماً محو ۽ مسرور هردم،

حرم ۽ حامد و موصول صائم.

مدد محڪم رسول الله محمد،

مڪمل لاءِ ”تارڪ“ آه راحم.

 

 

رديف ”م“

پچي سودا ٿو دل ۾ خام تي خام،

پڪاري دل ٿي تنهنجو نام تي نام.

ٿو لٽڪي زلفِ مشڪين خط سيہ تي،

سو آهي عاشقن کي شام تي شام.

مگر ڏورين کي ڏيکاريندو جلوو،

بنائي ٿو پرينءَ جو بام تي بام.

جتي ناهي وسيلو ڪو وڃڻ جو،

اتي عاشق وڃن ٿا گام تي گام.

اشارا تيغ ابروءَ جا اسان کي،

ڏين ’موتوا‘ سندي ٿا مام تي مام.

حسن جو باز منهنجي مرغ دل کي،

جهٽڻ جي لئه ڏئي ٿو جهام تي جهام.

ملاحت تي ڇڏي ٿو زلف ڇوڙي،

وجهي ٿو عاشقن کي دام تي دام.

نشي ۾ تار ٿيو ”تارڪ“ تهين کان،

مئي وحدت جو پيتئين جام تي جام.

 

 

*

حسن تنهنجو آه هزاري، گل بهاري، اي صنم،

بره تنهنجو آه باري، بيقراري، اي صنم.

شوق تنهنجو آه شعلا ٿو جلائي جان کي،

سوز ساڙي سُرت ساري، هوشياري، اي صنم.

طالبن تنهنجن کي تن من آه تهدل تنهنجي تانگهه،

آه زاري، انتظاري، جوش جاري، اي صنم.

ناه ثاني تو سندو ساري خدائيءَ ۾ سڄڻ،

تنهنجي آهي تاجداري، برقراري، اي صنم.

سڀ ڇني سڱ ۽ سياپا لڙه سندءِ لاري لڳس،

تنهنجي ياري، ڳل ۾ ڳاري، پرت پياري، اي صنم.

نينهن تنهنجي ۾ ڇڏيو ”تارڪ“ سڀو ناموس ننگ،

وجهه نه گهاري، مهر واري، ڪر ستاري، اي صنم.

 

 

*

ناز نؤ نؤ نازنينن جو ٿيو ڪم،

عشقبازي صاف سينن جو ٿيو ڪم.

زلف کي ڇوڙي ڇڏڻ رخسار تي،

هي به هڪڙو مہ جبينن جو ٿيو ڪم.

جي ڪئي مون اشڪباري تون اڳيان،

ناه غم جو هي خزينن جو ٿيو ڪم.

بوسهء لب تي نه ٿي آزرده جو،

اهڙي گستاخي قرينن جو ٿيو ڪم.

خيال جهٽ پٽ دوست وٽ ڏس ٿو وڃي،

پا پياده هي مهينن جو ٿيو ڪم.

آبرو اشراف جي لاهي وجهڻ،

جاتي ڪاٿي هي ڪمينن جو ٿيو ڪم.

منهنجي دل مؤن نڪتو جي گنجِ سخن،

ڇاهي ان ۾ هي دفينن جو ٿيو ڪم؟

علم ڪم ۽ شعر وڌ جو داد پاڻ،

ڇا ڏيان هي ناظرينن جو ٿيو ڪم.

بي خطر ”تارڪ“ سنجي ڪجي،

نڪته چيني نڪته چينن جو ٿيو ڪم.

 

 

*

درد تنهنجو ٿو ڪري ڏس دربدر تنهنجو قسم،

سوز ساڙي ساه کي ٿو سربسر تنهنجو قسم.

نينهن تنهنجو نامرادي پرت تنهنجي پاڙ پٽ،

بره تنهنجو ٿو ڪري بي پاؤ سر تنهنجو قسم.

ٻيو نه آهي، ٻيو نه ٿيندو، ٻيو نه هوندو، ٻيو نه چؤ،

تون اندر منجهه دم بدم، تون در نظر تنهنجو قسم.

تو ڪيو مخمور، تو منصور، تو مجنون ڪيو،

تو نيارو، تو جدا، تو ڪيو پڌر تنهنجو قسم.

ناه ”تارڪ“ کي نظارو تنهنجي صورت ريءَ سڄڻ،

ٿو ڏسي توکي سدا ٻاهر اندر تنهنجو قسم.

 

 

*

ڏسي سرِ اَنا احمد بلا ميم،

’اناالحق‘ چيو شہِ حلاج بي بيم.

خوديءَ کي گم ڪرڻ ذاتِ خدا ۾،

تڏهن کان ٿي مروج آه تعليم.

چوڻ ”قم باذني“ شمس تبريز،

ڪئي نئي قصرِ بيرنگيءَ جي ترميم.

چيو عطار بيخود ”من خدايم“،

ڪيائين سر احديت جي تفهيم.

سوا رندن جي هن رمزِ نهان کي،

نه ڪن زهاد نا عباد تسليم.

تڏهن ثابت ڪَيئن سر اناالله“،

جڏهن ڪئي ترڪ ”تارڪ“ هفت اقليم.

 

 

*

ٿم(1) نظر ساقيءَ سندي پيمانه ۾،

آسرو آهي ڪرم رندانه ۾.

ڪڍ سگهو ڪثرت جي آباديءَ منجهان،

تا وڃان وحدت سندي ويرانه ۾.

مون گداگر تي نوازش ڪا ڪريو،

عرض هي آه بارگہ شاهانه ۾.

ڪر نه بيگانو تون پنهنجو آشنا،

ڇڏ نه پنهنجو آشنا بيگانه ۾.

نيستيءَ جي طالبن کي ”تارڪا“،

اُنهن ۾ لذت نه آهي جانه ۾.

 

 

*

[بزم مشاعره ڪراچي 16- ڊسمبر 1933ع]

مصرع طرح:

”قلب مان ڪينو ڪڍي هڪ ٿي وڃو هر حال ۾“

ڇو پيا آهيو ٻيائي واري ٻائيتال ۾،

قلب مان ڪينو ڪڍي هڪ ٿي وڃو هر حال ۾.

حسن تنهنجي تي سڄڻ منهنجو ويو من موهجي،

توتي گهورڻ لئي وڌا آهن مان هٿ اڄ مال ۾.

پَرُ سڄو ئي ورهيه گذريو ۽ ملڻ توسان نه ٿيو،

چيو نجوميءَ وصل جي اميد آ، هن سال ۾.

آهين جي عارف ته ڪر سارهه سچي مالڪ سندي،

ڇو مٿو مارين اجايو وصف خط ۽ خال ۾.

خوب مس کولي ڪٻٽ، بوتل برانڊي جي ڪڍي،

پيگ پي پو واڪ تي ويئي فريئر هال ۾.

جي نئون فيشن ڪرين ۽ خاص جينٽلمين ٿئين،

نا اڙين تون جهوني فيشن جي ڪڏهن جنجال ۾.

عاشقن کي ٿي وڻي بدنامي تنهنجي برهه جي،

ڪين ڪي لائين دل سي عزت ۽ اقبال ۾.

پانئين جي گهگهرو ۽ ڄاري منهن تي ڏئين اي نازنين،

هوند ٻارين باهه تون ڪشمير واري شال ۾.

ڪر ادا لنڊن وڃڻ جي سيگهه مان تياري کڻي،

گهر ڇڏي اڙ ڪينڪي تون ٻار ۾ ۽ زال ۾.

ٽِي، شگر، سان چاهه رک ۽ ميز تي کائج فروٽ،

ڊيم فول آهين اگر دل ٿو اڙائين دال ۾.

”تارڪ“ اڄ مِس حسن سان گرجا ۾ وئي دلڙي کسي،

اهڙي اڪثر ڪانه ڪا چنچل ڏٺي مون چال ۾.

 

 

*

[بزم مشاعره حيدرآباد سنڌ]

(7- مارچ سنه 1937ع)

مصرع طرح:

”ساغر ٿو هلي خون جو اڄ بزم چمن ۾“

دل تو سوا گهاري ٿي سندم رنج و محن ۾،

ٿي ڪين لڳي تو سوا ڪنهن مال يا ڌن ۾.

هر جاءِ سندءِ جلوهء انوار عيان آه،

ڏسجي ٿو شجر، شاخ ۾ گل غنچه ۾ پن ۾.

هي زلف جو منهن گوش سندءِ سان جو لڳل آه،

ڏَس مون کي ته ڇا ٿو چوي توکي اهو ڪن ۾؟

وحشت ڪيو غلبو اچي فرقت ۾ سڄڻ جي،

ڪيئن پوءِ نه رهجي وڃي ڪنهن بر ۾ يا بن ۾.

ساقي جو اچي ناز سان پيالو تو ڏنو مئي جو،

مون ورتو ٿي خوش موسم گل توبہ شڪن ۾.

هن سال بهار آيو وڏي جوش سان اهڙو،

جو ان جو اثر ٿيو عيان سوسن ۾، سمن ۾.

گلزارِ حقيقت مان اچي بوءِ ٿي ذاتي،

جنهن جهڙي نه آه نافهء خوش مشڪ ختن ۾.

دنيا اها زن آه جا عشوه سان ٿي موهي،

پر ناه ڪا اميد وفا جي هِني رن ۾.

”تارڪ“ بتِ طناز جي الفت کان سندم دل،

مانوس ذهانت سان رهي شعر جي فن ۾.

 

 

*

دلڙي پڪاري منهنجي چئي يار دم دم،

هروار سڪي سڪ ۾، ٿو وار وار دم دم.

ڪيون ياد تنهنجون ڳالهيون، چاليون سندءِ نراليون،

بيوس روئي ٿي بيشڪ، دل زار زار دم دم.

تنهنجي ڳليءَ ۾ عاشق کي سڀڪو ڄاڻي مجنون،

ماري ٿو سنگ ان جي سر، ٻار ٻار دم دم.

ڏاڍي ڪريان ٿو ڪوشش، توساڻ گڏ هجڻ جي،

پر تون ڪرين پيارا، ٿو ڌار ڌار دم دم.

منجهه باغ وصل تنهنجي، بلبل مثال ”تارڪ“،

گلچين جي هٿ کان کائي ٿو خار خار دم دم.

*


(1) اٿم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org