سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :14

 

مصرع طرح:

”زيارت پنهنجي سان دل ان جي اجاريو خدا ڪارڻ“

سڄن سائين سڪاين کي به ڪجهه ساريو خدا ڪارڻ،

ڀري پير ۽ وفا سان روءِ ڏيکاريو خدا ڪارڻ.

نه بي پرواهه ٿي اهڙو رهين ٿو سنگدل جهڙو،

ڪري ماڻا نه مشتاقن جو من ماريو خدا ڪارڻ.

و‎ٺي ويٺا جي تنهنجي راه ڪيو شادان اچي سي شاه،

سمندِ ناز جي تن ڏي عنان واريو خدا ڪارڻ.

اچو منهنجي اڱڻ جاني، ڪريان سر ساهه مهماني،

بهاني يار دعوت جي گهڙي گهاريو خدا ڪارڻ.

تپِ فرقت کان دل مضطر زبان خشڪ ۽ گلو بي آب،

لبِ شيرين جي شربت مون ذرو پيارو خدا ڪارڻ.

سدا ”تارڪ“ کي سڪ تنهنجي اٿس حب دل ۾ هڪ تنهنجي،

”زيارت پنهنجي سان دل ان جي اوجاريو خدا ڪارڻ.“


 

 

رديف ”و“

مسموع زمان ناه ڪو مسرور عشق جو،

مشهور دوجهان نه ڪو مستور عشق جو.

جنهن سر تي آيو عشق انهيءَ کي ڪري الف،

ديوانه ڪرڻ اول دستور عشق جو.

هسوار مٿي دار، بنا دير جي ٿئي،

منصور صفت مرد جو منظور عشق جو.

سو سور سان صبور سدا سوز ۾ سڙي،

لک چاڪ پيو چڪائي، جو چڪچور عشق جو.

هي طور دل جو ”تارڪ“ رهندو نه ريءَ جلئي،

ناگہ ڪندو نزول مٿس نور عشق جو.

 

 

*

[در صنعت انتظاريه]

[هن صنعت ۾ هڪ يا وڌيڪ اهڙو اکر آڻجي، جيئن ان جي ڪم آڻڻ کان سواءِ شعر جي معنيٰ ۽ مطلب پورو نه نڪري سگهي]

مٺا تنهنجو مشتاق ڏک ۾ ڏري ٿو،

مري ٿو، مري ٿو، مري ٿو، مري ٿو.

حسينن جو شائق سدا درد دانهون،

ڪري ٿو، ڪري ٿو، ڪري ٿو، ڪري ٿو.

ڏِيو نور تنهنجي جو ساري جهان ۾،

ٻري ٿو، ٻري ٿو، ٻري ٿو، ٻري ٿو.

ڏسي تنهنجو ديدار حيران هِنيو هي،

ٺري ٿو، ٺري ٿو، ٺري ٿو، ٺري ٿو.

ملي ٿو جڏهن مہ لقا غم تڏهن سڀ،

ٽري ٿو، ٽري ٿو، ٽري ٿو، ٽري ٿو.

ٿڌا ساه عاشق سندءِ هجر ۾ نت،

ڀري ٿو، ڀري ٿو، ڀري ٿو، ڀري ٿو.

اڳيان يار مون ڇاهيان سارو ئي عالم،

ڍري ٿو، ڍري ٿو، ڍري ٿو، ڍري ٿو.

محبن سندو سر ڏيڻ لاءِ ڏورُو،

ڦري ٿو، ڦري ٿو، ڦري ٿو، ڦري ٿو.

ڏسي يار سجده ۾ سر پنهنجو ”تارڪ“،

ڌري ٿو، ڌري ٿو، ڌري ٿو، ڌري ٿو.

*

روز ٿيو حسن يار جو، تازه بتازه نؤبنو،

جنهن جو آه ثاني گل نڪو، تازه بتازه نؤبنو.

ماه لقا ٿي جلوه نما عقل اسان جي کي ادا،

ڪري سان ڏسڻ جي محو ٿي، تازه بتازه نؤبنو.

زلف رکين ٿو رخ مٿي، سج ڪڪر سان ڇڏين لئي،

روز ڪرين ٿو شام ڇو؟ تازه بتازه نؤبنو.

تاب توهان جي عشق کان تنِ شڪسته کي توان،

عشق سندءِ جو ڏسجي مَو، تازه بتازه نؤبنو.

توکي طلب جي آه سچي، وقت اسر جي تون اٿي،

نت پيو رويون رويون رو، تاز بتازه نؤبنو.

ڪانگ چئج قريب کي، ”تارڪ“ غمِ نصيب کي،

ورد اوهان جو وات هو، تازه بتازه نؤبنو.

 

 

*

سڻيج عشق خبر، لاالله الاهُو،

ڪرين جي نيڪ نظر، لاالله الاهُو.

اگر آ جن ، مَلڪ، حور يا پَري غلمان،

وگر فرشته بشر، لاالله الاهُو.

زمين، سما ۽ درخت، انجم ۽ جبال، سمنڊ،

شعاع شمش قمر، لاالله الاهُو.

ظهور ذات مقدس ٿيو اول ۽ آخر،

سو لڪ آه، سوئي پڌر، لاالله الاهُو.

درخت ۽ ٿڙ، ٽاريون، شگوفه، گل ۽ پن،

بذر کان تائين ثمر، لاالله الاهُو.

فقير، منعم، شاه و گدا، ڪريم، بخيل،

۽ مس ۽ سيم ۽ زر، لاالله الاهُو.

هميشہ محو انهيءَ ذڪر ۾ تون ره ”تارڪ“،

ز شام تابه سحر، لاالله الاهُو.

 

 

*

ري دل جي روشني، منهن پُر نور ٿيو ته ڇا ٿيو؟

ري قرب ذات صاحبِ مقدور ٿيو ته ڇا ٿيو؟

نقدِ حيات خرچ نه سودا ۾ عشق جي ڪَيئن،

دنيا جي سود کان جي مغرور ٿيو ته ڇا ٿيو؟

جنهن تخت کان زياده ڄاتو نه فرش فقر آه،

سو ڪيقباد ٿيو، يا فغفور ٿيو، ته ڇا ٿيو!

نعرو هڻي ’اناالحق‘ ٿيو دار تي نه هسوار،

نالي جي لئي کڻي ڪو منصور ٿيو، ته ڇا ٿيو!

ري پاڪ ديد خوبن جي خيال ۾ ڪو عاشق،

رنجور ٿيو ته ڇا ٿيو، مهجور ٿيو ته ڇا ٿيو؟

جلوه جمال ربي، هر مظهر آه روشن،

موسيٰ کي طور تي جي منظور ٿيو ته ڇا ٿيو؟

”تارڪ“ نه ٿيو فنا جو جيئري ئي جهان ۾،

آخر فنا سو ٿيندو مشهور ٿيو ته ڇا ٿيو؟

 

 

*

[ري صنعت ذوقافين مع الحاجت]

ڏسن ٿا رند هر جا ۾، ته لاموجود الاهو،

رهن ٿا محو مولا ۾، ته لامقصود الاهو.

جني ارڪان عبديت، سڀئي صدقؤن بجا ڪيڙا،

ڏٺئون پنهان و پيدا ۾، ته لامعبود الاهو.

’انا احمد بلا ميم‘ منجهان شانِ محمد کي،

ڏٺوسي رمز اعليٰ ۾ ته لامحمود الاهو.

الا اي شاهدِ قدسي! ڏئين فيضِ لقا ڪامل،

ڏسان هر روئي زيبا ۾، ته لامشهود الاهو.

اوهان جي عشق ۾ ”تارڪ“ ڏسي ٿو ظاهر و باطن،

حرم ۽ دير ترسا ۾، ته لامسجود الاهو.

 

 

 

*

جنهن جام عشق پيتو، مخمور ڇو نه ٿيندو،

هوش و خرد جي حالت کان دور ڇونه ٿيندو.

ذاتِ خدا ۾ بيخود جنهن گم ڪيو خوديءَ کي،

نعره هڻي اناالحق، منصور ڇونه ٿيندو.

زاهد ڪري ڪنارو جرم و گناه کان ٿو،

اجر و ثواب تي سو مغرور ڇو نه ٿيندو.

’همه اوست‘ ري نظارو، ناهي نظر ۾ جنهن کي،

خانو انهيءَ جو حق سان معمور ڇونه ٿيندو.

پاتو جهين جو ”تارڪ“ ميدان عشق ۾ پير،

بدنامي ساڻ جڳ ۾ مشهور ڇونه ٿيندو.

 

 

*

دربدر دلبر مون کي جڳ ۾ رلائي تو ڪيو!

بره ۾ بي حال بي طاقت بنائي تو ڪيو!

تنهنجي محبت ڪيو مسافر، گهر ڇڏايو تنهنجي گهُر،

پرت جي پَرِ ساڻ پرديسي پنائي تو ڪيو.

شوق تنهنجي شور ڪَيڙو، درد واري دور کان،

هجر ۾ حيران، گوندر ۾ گڏائي تو ڪيو.

حسن جي حيرت اندر ڪئي دور کان ايمان و ڪفر،

وره ۾ ويران سارو وس وڃائي تو ڪيو.

عشق تنهنجي عقل جو اسباب سارو ڪيو عدم،

نينهن ۾ نادان هي ”تارڪ“ نوائي تو ڪيو.

 

 

*

جلوه گر نور حق ٿيو هر سُو ”وحده لاالله الاهو“،

سوئي مسلم آهي، سوئي هندو، ”وحده لاالله الاهو.“

هڪ حقيقت آه هردو عالم جي، ڇا عدم جي ڇا دم جي آدم جي؟

رمز وحدت جي وٺ ڪري قابو، ”وحده لاالله الاهو.“

”ڪل شيءِ هو الله“ حق آهي ريءَ صوفي ڪنهن کي ڪل ناهي،

سمجهه سر کي رکي مئي زانو ”وحده لاالله الاهو.“

جو ئي عابد، سوئي گنهگار آه، جو ئي سرمست، سوئي هشيار آه،

سوئي درد آه، آه سو ساڌو، ”وحده لاالله الاهو.“

بلبليون باغ ۾ ڪرن چہ چہ، ڪبڪ ڪهسار ۾ ڪرن قہ قہ،

سرو تي قمريون ڪن سدا ڪُو ڪُو، ”وحده لاالله الاهو“.

جنين ”تارڪ“ وڃايو آه خود کي، لنگهي حد کان رسيا سي لاحد کي،

اُهي بيراڳي ٿا چون بابو، ”وحده لاالله الاهو.“

 

 

 

*

جا ملتِ عشق آه نه سمجهن اي حريفو!

ڇا مالڪ ڇا شافعي حنبل ڇا حنيفو؟

ريءَ رند دوئي سوز نه پڇ پئي کان اناالحق،

توڙي ڪو هجي مولوي آخوند خليفو.

جي دل ۾ ٿي اميد جهان جي ڪا تمنا،

ڪجهه سود نه ٿيندءِ جي پڙهين ورد وظيفو.

تا ترڪ وجودي نه تمامي ڪرين حاصل،

ڇا ٿيو جي ٿئي روشن ڪوئي به لطيفو.

بدناميءَ عشق آه وڏو يار جو الطاف،

”تارڪ“ نه سا خواري آهي عزت اي شريفو!

 

 

 

*

اچي ڪئي عشق اثباتي ته عقلِ دوربين گم ٿيو،

منجهان ’همه اوست‘ جي انوار فرق ڪفر و دين گم ٿيو.

ڏٺم جو ’لاتحرڪ ذرةً الا باذن الله‘،

تڏهن دل کان خيالِ شادي و غم مهرو ڪين گم ٿيو.

عجائب قول ’لاموجود الاهو‘ عيان آهي،

منجهس مسجود ساجد سجده و نقش جبين گم ٿيو.

باوجِ عشق مستي، بيخودي جذبهءِ حقيقت جي،

زمين گم ٿي، زمان گم ٿيو،  مڪان گم ٿي، مڪين گم ٿيو.

ثوبتِ شش جهت گم ٿيو جو منجهه اثبات بي رنگي،

تڏهن فرشِ زمين گم ٿيو، تڏهن عرشِ برين گم ٿيو.

ظهورو ذات بيرنگيءَ ڪيو منجهه صورتِ حلاج،

انهيءَ طاقت خدائي کان وجودِ آب طين گم ٿيو.

ڪيو جو سَرورِ عالم گذر کان، پردو امڪان،

تڏهن منجهه خلوتِ آن بي نشان ’روح الامين‘ گم ٿيو.

ڏٺم جو خلق جي صورت ۾ ”تارڪ“ خالقِ بيچون،

انهيءَ کان ڪيئن چوان عالم ۾ رب العالمين گم ٿيو.

 

 

*

سڄڻ آيو سِر بالين، اها ها ها اهو هو هو،

ڏسي خوش ٿي دل خونين، اها ها ها اهو هو هو.

رخِ گل، عارضِ خوش، چشم نرگس، زلف سنبل جيئن،

صفا ساعد صفت سيمين، اها ها ها اهو هو هو.

ڏسي جلوهء شِہ خوبان، ٿيا هوش ۽ خرد حيران،

عجب ان جي چوان تزئين، اها ها ها اهو هو هو.

سندم خانو گلستان ٿيو، معطر مشڪ افشان ٿيو،

کليا ان ۾ سمن نسرين، اها ها ها اهو هو هو.

وسيون بوندن بهاريءَ جون، صبا خوش ٿي لڳي سهجون،

چمن گل رنگ کان رنگين، اها ها ها اهو هو هو.

عجب آه عشق جي قدرت ڀڃي دانا سندي حُجت،

ڪري ديندار کي بي دين، اها ها ها اهو هو هو.

لبِ شيرين سندي مضمون، رهي ”تارڪ“ جي دل ميگون،

تڏهن ٿو چئي سخن شيرين، اها ها ها اهو هو هو.

 

 

*

[در صنعت انتظاريه]

ڏس هر جا هر مظهر ۾ پنهنجو جلوه جانب يار ڪيو،

اظهار ڪيو، اظهار ڪيو، اظهار ڪيو، اظهار ڪيو.

تنهن پنهنجي پاڻ پسائڻ جي ’ثم وجہ الله‘ سخن سَليو،

اقرار ڪيو، اقرار ڪيو، اقرار ڪيو، اقرار ڪيو.

هن عاشق پنهنجو پاڻ وڃائي، وعده محشر کان اڳهين،

ديدار ڪيو، ديدار ڪيو، ديدار ڪيو، ديدار ڪيو.

و ابر بهارِ ذات صفت، جو بر سڄو وسڪار ڪري،

گلزار ڪيو، گلزار ڪيو، گلزار ڪيو، گلزار ڪيو.

ڇا شاهدِ معنيٰ صورت وارو گوناگوني ويس ڍڪي،

سينگار ڪيو، سينگار ڪيو، سينگار ڪيو، سينگار ڪيو.

هن محو جمالِ يار کي ”تارڪ“ خواب لقا مون ڪين ڪهين،

بيدار ڪيو، بيدار ڪيو، بيدار ڪيو، بيدار ڪيو.

 

 

 

*

عشق جو عالم آهيان واعظ آهيان وحدت سندو،

ٿو چوان اسرار مون حلاج جي حالت سندو.

ذات بيرنگيءَ ظهورو ڪيو اچي هر رنگ ۾،

ملڪ معنيٰ جو ڇڏي، تڏه سير ڪيم صورت سندو.

عشق تا مون کي عطا ڪيو هي سخن جو گنج آه،

ڪيئن ٿيان محتاج دنيادار جي دولت سندو.

ٿيس پري پيري بزرگي نيڪناميءَ کان صفا،

حرص ناهي ڏَن نه نذرانه نه ڪنهن دعوت سندو.

سڀ طريقه ترڪ ڪيا سي شغل ذڪر ۽ فڪر جا،

عشق اسان جو ڪين تابع ٿيو ڪهين ملت سندو.

’من خدا‘ جي ماهيت معلوم ٿي دل جان کي،

هاڻ مون ڪهڙو ڪريان اقرار عبديت سندو.

منجهه حقيقي ڪفر ”تارڪ“ قرب مؤن ڪاهي پيو،

فڪر ناهي هاڻ ڪنهن جي رحمت ۽ لعنت سندو.

 

 

 

*

ساقي شراب ڏي، ويو مهينو صيام جو،

ساغر کي آڻ ماه ويو ناموس نام جو.

جا مئي ڪري ٿي هستيءِ ميخوار کي فنا،

ڪونهي ڪو فڪر تنهن ۾ حلال و حرام جو.

آرام منهنجو درد دلارام کان ٿيو رم،

تنهن لئه رکان ٿو ورد دلارام رام جو.

مون جام ميڪده ۾ ٿو ساقي هٿان پيان،

سو جام جنهن کي هوند پئي شيخ جام جو.

ترغيب هوند مئي جي مريدن کي تون ڏئين،

واقف جي شيخ منهنجي ٿئين شربِ مدام جو.

زلف جي تصور ۾ ٿو مئي شام جي پيئان،

آهيان حريفو آءٌ ته سلطان شام جو.

تسليم يار جي ۾ فنا هڪڙي ڏينهن ٿيس،

هاڻي ضرور ناه ڪهين جي سلام جو.

مون پيشوا طريقهءِ الفت سندو ٿيس،

ڪافر اُهو جو منڪر آهي امام جو.

مون ۾ ۽ يار ۾ نه رهيو فرق درميان،

محتاج ناهيان قاصد نامه و پيام جو.

جنهن راءِ مون سان يار ملاقات ڪئي اچي،

مقدور واٽ ان ۾ نه آه خاص عام جو.

ٿيو صيد تنهجي بوءِ تي هي عندليبِ دل،

ناهي ضرور تنهن کي گل اندام دام جو.

سو ڇونه خون پنهنجي ته عشاق جو ڪري؟

جنهن يار کي نه خوف رهي انتقام جو.

عاشق ٿيئن ته وصل جي افسون واسطي،

ڪر تون وظيفو مون سندي شيرين ڪلام جو.

مرزا ’قليچ‘ هوند ڏسي شعر منهنجو چئي،

”تارڪ“ جو شعر فخر آه ’سودائي خام‘ جو.

 

*

مون مملڪتِ نظم ۾ خاقان سخن جو،

هٿ منهنجي ۾ ٿيو گوءِ ۽ چوگان سخن جو.

موجود اڳيان منهنجي آهي خوان سخن جو،

مون ڏيان ٿو صلا آه ڪو مهمان سخن جو؟

ميدان مضامين معاني سو ڪري طئي،

ڏيان طبع جي گهوڙي کي جي جولان سخن جو.

هن ملڪ ۾ هن وقت سخن جو نه رهيو قدر،

نه ته هرڪو چوي ها ته تون ’سحبان‘ سخن جو.

جي ملڪِ عرب ۾ ٿيان پيدا ها ته جيڪر،

’فرزوق‘ چوي ها ته تون ’حسان‘ سخن جو.

ٻيو ڇا ڪو ڪندو قدر سخن ليڪ ڏسي جي،

ڏئي داد مون کي شاعرِ شروان سخن جو.

جي ’حافظ‘ و ’صائب‘ ڏسي يا ’سعدي‘ و ’جامي‘،

هر ڪوئي چوي هوند ته تون سلطان سخن جو.

پيغمبري جو ختم زمانو ٿيو آهي،

نه ته مون مٿي نازل ٿيو فرقان سخن جو.

’سودا‘ جي ’مير‘ هجي، هوند ته تن ڏي،

گلدسته منجان پنهنجي گلستان سخن جو.

ٿيو فڪرِ سخن منهنجو ته ميخانهءِ معنيٰ،

هر شعر سندم جام ۽ پيمانه سخن جو.

جيئن فهم سخن ملڪ ۾ وڌندو تيئن ٿيندو،

هر وقت روان منهنجو ئي فرمان سخن جو.

رسوائي جهان رند آهيان گم نه ٿي ويندس،

مون کان پوءِ ڪندو شهره هي ديوان سخن جو.

’بلبل‘ ’گل‘ ’قاسم‘، ’گدا‘، ’عاجز‘ به هليا ويا،

ڪنهن کي مون ٻڌايان وڃي ته بيان سخن جو.

’سانگي‘ ۽ ’قليچ‘ ۽ پڻ ’واصف‘ ۽ ’مدد‘ کي،

ڏيکاريان ٿو مون پنهنجو ته امڪان سخن جو.

اڄ ’قادري‘ ۽ ’نياز‘ ۽ پڻ ياد ’فقير‘ آه،

’مخلص‘ مون انهن آهيان يارانِ سخن جو.

’شهمير‘، ’اداسي‘ ۽ ’مسافر‘ کي صبا چؤ،

منجهه رانڪ ڏسو جو کليو دڪان سخن جو.

پڻ ’خادم‘ ’حنفي‘ ۽ ’غريب‘ ۽ چوان ’سائل‘،

هرهڪ ٿو رکي پاڻ سان سامان سخن جو.

اڄ مبدهء فياض جي انعام سان ”تارڪ“،

ٿيو سنڌ اندر فائضِ فيضان سخن جو.

 

 

*

سمايو آه محيطِ ذاتِ بيرنگيءَ سان دم منهنجو،

رهان موجود ٿو ان ۾ ٿيو بحرِ عدم منهنجو.

قدم محبوب سبحاني رکيو، ڪل اوليا تي جيئن،

تيئن هم عمر عشاقن تي آهي اڄ قدم منهنجو.

ٿيس مون پاڻ کان آجو ته ناجي ٿيس جئري ئي،

وڌي هردو جهان جي حد کان هي ٻاهر ويو رم منهنجو.

طوافِ ڪعبي جي لئي ڪينڪي مڪہ طرف ڊوڙان،

فضائي وسعتِ دل صاف ٿيو بيت الحرم منهنجو.

مون آهيان بادشاهِ ملڪِ قدسي صاحبي قدرت،

باوجِ لامڪان ’اني اناالله‘ ٿيو علم منهنجو.

دو عالم واري بينائي ۽ دانائي مون کان آهي،

سڄو ئي ’ڪن فِڪان‘ جي راز جو آهي حڪم منهنجو.

اگرچه صورتِ خاڪي فنا هڪ ڏينهن ٿي ويندي،

مگر هُو روح بيچوني نه ٿيڻو آه بسم منهنجو.

هيس مون اصل بي صورت عجب اسرار معنيٰ جو،

مگر اظهار صورت خود ٿيو مون لئي صنم منهنجو.

جيئن مون ذات هُس آيس صفات اندر ٿيس ظاهر،

تيئن هاڻي صفت کان ذات ڏي موٽڻ ٿيو ڪم منهنجو.

پون ڏونگر ڏري، ڌرتي ڌڏي، ٿئي عرش کي جنبش،

پوي تن جي مٿي تي جيڪڏهن هي درد غم منهنجو.

متان ڪو مدعي منڪر ٿئي احوالِ ”تارڪ“ جو،

وگر نه راز وحدت جا ڪري ظاهر قلم منهنجو.

 

 

*

مصرع طرح:

”تنهنجو منهنجو فيصلو ٿيندو خدا جي روبرو“

ٿي رهي هيءَ منهنجي دل ان دلربا جي روبرو،

هي گدا بختِ رسا ڪيو بادشا جي روبرو.

ڪنهن کي جرائت آه جو ٿئي زلفِ دوتا جي روبرو؟

سڀڪو ماڻهو ڪين ٿي سگهندو بلا جي روبرو.

منهنجي دل دلدار اڳيان ٿي وئي فنا اهڙيءَ طرح،

گم ٿئي جيئن ذره مهرِ پُر ضيا جي روبرو.

ساري عالم ۾ عيان آهي وفاداري سندم،

ڇا ڪريان اظهار ما، ان بيوفا جي روبرو.

ٿي ڏٺم پيالي جي لب تي تنهنجو جاري ذڪر هو،

هوس ڪلهه مون ساقيءِ خمرِ صفا جي روبرو.

گرچه تر دامن هيس ته به يار هم آغوش ٿيو،

گم ٿي وئي منهنجي خطا، ان جي عطا جي روبرو.

هو سڄو سو هن چمن جي بي بقائي جو بيان،

صبح جو، جو حال بلبل ڪيو صبا جي روبرو.

جي نه مون کي يار منهن ڏيکاريو ناهي ڪو عجب،

ڪيئن ٿئي سلطان مون جهڙي گدا جي روبرو؟

ناه ڪو شڪ هوند سو يڪدم شرابي ٿي پوي،

ذڪر هن مئي جو ڪريان جي پارسا جي روبرو.

ڏس ته ناري کان ۽ نوري کان اتم خاڪي ٿيو،

ڪائي دولت وڌ نه ٿي فَقر و فنا جي روبرو.

يار فرمايو ته، ”ان جي خون بها خود آهيان مون“،

جيڪو عاشق ٿئي سندم تيغِ جفا جي روبرو.

اي ستمگر ڇا جفا تنهنجي وفا پنهنجي چوان؟

”تنهنجو منهنجو فيصلو ٿيندو خدا جي روبرو؟“

هن غزل جي هيءَ طرح ”تارڪ“ اگر اوکي جي آه،

ڇا جهليندي ڌڪ سندءِ طبعِ رسا جي روبرو؟

 

 

*

آءُ ته اوريان حال دل هيڪر ته تنهنجي روبرو،

توتي گهوريان يار سر ۽ گهر ته تنهنجي روبرو.

هج ته مون سان يار هڪ درڪار ناهي مون کي دين،

مر چون ماڻهو مون کي ڪافر ته تنهنجي روبرو.

تنهنجي پيرن جي پڻي، سرمو اکين ۾ پايان مون،

ڇڏ ته حاصل هي ڪريان اوجر ته تنهنجي روبرو.

قتل جي مون کي ڪرين تون، ڪر اڳيان پنهنجي ڀلي،

هوند ڪهڙو سر وهي خنجر ته تنهنجي روبرو.

درد جو هي داستان ڏس ٿو ٻڌايان ٻين کي،

پر اڃا چوندس اچي اڪثر ته تنهنجي روبرو.

ٻين جي در ڀي گهڻو ”تارڪ“ رهائي تو ڇڏيو،

حڪم ڪر هاڻي رهي بهتر ته تنهنجي روبرو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org