سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :15

 

رديف ”هه“

رئان جي درد فرقت ۾ ڪري ريهه،

ڪنبي سارو جهان جيڪر ٻڌي ڪيهه.

لنگهي منهنجي اڱڻ محبوب آيو،

ڏسان پيو صبح جو ڄڻ سج ڪڍي چيهه.

ڳليءَ تنهنجي ۾ مشتاقن جو ميڙو،

پوي ٿي پرت وارن جي اتي پيهه.

نه آسان آه ات ديدار دلبر،

جتي گهورن سندي آهي گپا گيهه.

اسان سان ٿو ڪري هو لڄ پيارو،

رقيبن جي اڳيان نا لڄ، نه ڪا ليهه.

هي آهي بي حيائيءَ جو وڏو وقت،

سندءِ آ عمر ”تارڪ“ ورهيه ٿي ويهه.

 

 

 

*

اچين جي مون اڱڻ دلبر، چوان اي يار، بسم الله،

ڏسي صورت ڪري سجدا، پڙهان صد بار، بسم الله.

سندم هي آهه سر حاضر، وڻئي جاڏي تون ڪر تاڏي،

هڻي ابرو سندي تلوار ڪر بردار، بسم الله.

نه آهي دين سان ڪو ڪم، فقط گهرجي رضا تنهنجي،

تون وجهه گردن ۾ پنهنجو زلف جو زنار، بسم الله.

نه مون هڪڙو ڏسي ديدار بسم الله پڙهان ٿو پر،

پڙهن ٿا پرت مؤن ڪيئي، پسي ديدار، بسم الله.

اچي سهڻو ڪري سينگار جي گلگشت گلشن تي،

وڃي پئجي مگر يڪبار منجهه گلزار، بسم الله.

سندم آغوش ۾ دلبر اچي هيڪر جي ڪا ساعت،

پڙهي جيڪر ڪريان دم تنهن مٿي بسيار، بسم الله.

سڄڻ خلوت اندر مون کي جو ’بسم الله‘ چئي ”تارڪ“،

چوان جلوت اندر ٿو مون، تڏهن اظهار، بسم الله.

 

 

*

(صنعت واسع الشفتين)

[شعر ۾ اهڙا الفاظ آڻڻ، جن جي پڙهڻ سان چَپُ چپَ سان نه ملي، ته ان صنعت کي واسع الشفتين چيو ويندو آهي]

جن سان ساڻي رهي ٿو تنهنجو توهه،

تن تي ڪهڙو گناه يا ڪو ڏوهه.

هيءَ حياتي سڄي سڄڻ ساري،

ڇڏيو آهي اسان جي هستيءَ ڇوهه.

هجر آهي هڻي ڪيو هيڻو،

ٿو لڳي هڪڙي وک کڻڻ سَو ڪوهه.

ڪارگر تنهن تي آه ٿئي ٿي ڪانه،

دلِ دلدار آه ڇا ڪو روهه؟

عشق جي آڳ کان ايئن دل آه،

جيئن کوري اندر ٿئي ٿو لوهه.

دل کسي ڇو ٿئين سڄڻ ياڪي؟

اهڙو گهرجي ڪرڻ نه توکي ڊوهه.

حسن جو قدر ڄاڻي ٿو ”تارڪ“،

عاشقن جو سدا سچارو گروه.

*

اي ادا سالڪ سهي ڪر، هي تن و جان ڪير آه؟

ڪير ڏسندڙ؟ ڪير ٻڌندڙ؟ زارو خندان ڪير آه؟

ڪير متحرڪ رهي ٿو؟ ڪير ٿو ساڪن ٿئي؟

ڪير اٿندڙ؟ ڪير وهندڙ؟ ۽ خرامان ڪير آه؟

ساهه ڇاهي؟ جسم ڇاهي؟ عقل ڇاهي؟ روح ڇا؟

جن، مَلڪ حور و پَري ڪير آه؟ انسان ڪير آه؟

ڪير عارف؟ ڪير جاهل؟ ڪير فهم ۽ علم ڪير؟

ڪير دانا؟ ڪير نادان؟ جهل و عرفان ڪير آه؟

آه ’لا موجود الاهو‘ انهيءَ جي واسطي،

هاڻ ”تارڪ“ سمجهه ظاهر ڪير پنهان ڪير آه.

 

 

*

شمع رُو تي منهنجي دل پربسته ڄڻ پروانه آه،

ان کي پروانا سڙڻ جي، پر سندس پروا نه آه.

ات نه پيدا علم عقل ايمان و دين اجر و ثواب،

حلقهء عشاق ۾ جت جلوتِ جانانه آه.

گردش گردون گردان کي پڇي ات ڪو نه ڪو،

محفلِ رندانه ۾ جت گردشِ پيمانه آه.

پاڻ کي پاسي ڪرڻ ريءَ ٻيو نه تن کي ڪار ڪم،

بيخودي مقصود دل هر ساڪنِ ميخانه آه.

عالمن وٽ بحث علمي، عاشقن وٽ ذڪر حق،

هر ڪهين فرقي جي رهڻي مختلف ڇا ڇانه آه.

روز شب منجهه سر وحدت گم ٿيڻ جو جنهن کي ذوق،

سو ويو گم ٿي جو تا محشر وري پيدا نه آه.

عرش، ڪرسي، آسمان، فرشِ زمين، دوزخ، بهشت،

ان وٿاڻن کان اڳاهون مجلس رندانه آه.

شڪرالله سو پرين پيارو جو ڪنهن ناهي ڏٺو،

چشم صوفيءَ کي ٿيو روشن جا بجا همخانه آه.

خلوتِ بيرنگ ۾ جت نفي ري ٻيو ناه ڪي،

ناه ات معلوم تا ”تارڪ“ به آهي يا نه آه.

 

 

*

ذاتِ بيچون و بي نشان سندو آه نشان، ”لاالله الالله“،

بحر بيرنگ بي بيان سندو آه بيان، ”لاالله الاالله“،

ڪنان خطرات لوٿ نفساني، درد غم رنج مرض جسماني،

خيال جو دل جو قلب و جان سندو آه امان، ”لاالله الاالله“.

منجهان علم اليقين ٿي عين يقين، منجهان عين اليقين ٿئي حق يقين،

آه دافع شڪ ۽ گمان سندو بيگمان، ”لاالله الاالله“.

ذڪر هي دل اندر رهي جاري، تا ٿئي حال جذبه اظهاري،

پڙهين لاڙو ڇڏي زبان سندو بي زبان، ”لاالله الاالله“.

آه ”تارڪ“ هي بال و پران جو ۽ ٿيو پرواز ري اڃا به ڀلو،

طائرِ اوج لامڪان سندو آشيان، ”لاالله الاالله“.

 

 

*

عاشقن وٽ دين، مذهب، ڪيش، ملت ڪين آه،

دل سندن تابع تشيعت، توڙي سنت ڪين آه.

رند ناهن رافضي، سي خارجي ڀانئج نه خام،

وره وارن وٽ وهابين واري حجت ڪين آه.

دردمند آهن نه دهري، آريه عارف نه ٿين،

سالڪن جي گبر ترسا وانگي صحبت ڪين آه.

سي يگانا نا يهودي ۽ نه نصراني ٿين،

عشق وارن کي انهن مڙني جي عادت ڪين آه.

ڪفر ۽ اسلام کان آجا رهن منجهه عشقِ حق،

صاف صوفي سي، جنين ڪينه ۽ ڪلفت ڪين آه.

ظاهر و باطن سوائي ذات حق ڄاڻن نه ڪي،

جلوه گر تن جي نظر ۾، ري حقيقت ڪين آه.

غير ذاتِ پاڪ ڄاڻڻ، تن نسورو ٿيو گناهه،

دل صفا هردم رکڻ ري تن کي طاعت ڪين آه.

ظاهراً روزو نماز و حج ڪن ٿا ڪونه ڪو،

باطناً ان جهڙي ٻئي ڪنهن وٽ عبادت ڪين آه.

پيري و شيخي، بزرگي جو رکن سامان ڪونه،

بر سرِ منبر وٽن پندو نصيحت ڪين آه.

ونءُ مڃوتيءَ کان وڃن، گمنام سي گوشه نشين،

سر سندن ري طعنه ۽ مهڻي، ملامت ڪين آه.

جي ڏسين ”تارڪ“ ڪي اهڙا نفي تن اثبات جان،

ڪر سندن خدمت جو اهڙي ٻي سعادت ڪين آه.

 

 

*

نه آهي عشق ڪجهه آسان سوريءَ سوار ٿيڻو آه،

دنيا عقبيٰ، ڪفر و دين کان بيزار ٿيڻو آه.

ڪي نااميد ٿيا اصلي، ڪنين کي آسرو اڳتي،

اسان کي هت هتي دلبر سندو ديدار ٿيڻو آه.

پري پيريءَ، بزرگيءَ کان ٿيڻ ڪم عشق جو آهي،

ملامت وارو عشاقن جي سر تي بار ٿيڻو آه.

مريدي، خادمي، ڏن، نذر، دعوت، آه سڀ دلبو،

ڦُري مخلوق خالق جي خدا وٽ خوار ٿيڻو آه.

اسان جي حال جو حاسد، ڪندا انڪار پيا اڪثر،

اسان جو عشق تا اڳتي اڃا اظهار ٿيڻو آه.

اسان جو سر مرڻ جي مهل هوندو يار جي هنجهه ۾،

اسان جو دفن دلبر جي ڳلي هڪوار ٿيڻو آه.

ڇڏيو ”تارڪ“ کي ميخاني، هجي مدهوش مستانو،

پيالو بره جو پيتئين نه ڪٿي هشيار ٿيڻو آه.

 

 

*

[بزم مشاعره مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد

6- مئي 1934ع]

مصرع طرح:

”علم مردن کي ملي زالن ڪيو ڪهڙو گناهه“

علم مردن کي ملي زالن ڪيو ڪهڙو گناهه،

غور جي هن نڪته تي گهرجي ڪرڻ هڪڙي نگاهه.

جاڪون مون توکي ڏٺو حيران تاڪون ٿي پيس،

دل ڪيم قربان توتان پڻ ڪندس صدقي هي ساه.

جن تي تنهنجي مهرباني سي سدا سالم رهن،

تون ٿئين رهبر جنين جو، تن جي روشن آه راه.

سونهن سوڀيا وارو سندر دل کي موهي ٿو وجهي،

اهڙي من مهڻي جي صورت سان ٿئي حاصل الله.

ڇو ڪجي بيحد وڏائي هن فنا جي ماڳ تي؟

جت سدائين ناه رهڻو ٺاهه ٺٺ ۽ عز و جاه.

پرت جو پاڻي وهي ٿو نينهن جي نالي منجهان،

تنهن مون سامايو ٿيو سر سبز آهيان مثل گاهه.

پرت ري ۽ قرب ري هڪ ٻئي جي ماڻهو ٿيو مرون،

توڻي تنهن کي باغ ۽ بنگلا هجن يا کوهه واه.

پنهنجي ڏي تون راءِ تان مون سان مٺا ملندين ڪڏهن،

جو جدائي تنهنجي آهي جان جي لئي جانڪاه.

ٿو پڙهي ”تارڪ“ غزل ڪر قدرداني ان سندي،

واه وا ڪر تون به جيئن ڪن ٻيا سخنور واه واه.

*

مصرع طرح:

”تنهنجو ٿو رهان يار طلبگار هميشہ“

جيئن جيئن ٿو رهي يار جفاڪار هميشہ،

تيئن تيئن ٿو رهان مون به وفادار هميشہ.

هر جا ٿو ڏسان يار جو ديدارِ هميشہ،

ٿيو مدِ نظرِ مون کي ته دلدار هميشہ.

ڪيو چشم سڄڻ جي مون کي ميخوار هميشہ،

هي دوست رکان ساغرِ سرشار هميشہ.

هن عارضِ گلگون جي تصور ۾ شب و روز،

ٿو سرخ رکان ديدهءِ خونبار هميشہ.

هر روپ ۾، هر رنگ ۾، هر شڪل ۾، هر شان،

توکي ٿو ڏسان بار نمودار هميشہ.

ٿو ملتِ وحدت سان رکان صلح سڀن سان،

نه ته جهيڙي ۾ ٿيا ڪافر ديندار هميشہ.

گهرجيس ٿو رڳو ’ارجعي‘ آواز اشارو،

جو تو ڏي رهي روح ٿو طيار هميشہ.

مون ناهيان، مون ناهيان، مون ناهيان هرگز،

هو يار آءِ، هو يار آءِ، هو يار هميشہ.

هو شمس آه مون چنڊ ۽ هو عڪس مون ڪائو،

ٿو نور کان ان جي رکان انوار هميشہ.

مون کي ڪري گم پاڻ ۾ پيدا ٿيو پرين پاڻ،

ٿيو پاڻ سندم تنهن کان پرينءَ يار هميشہ.

وجهه اسم سندس پاڪ جي قلزم ۾ کڻي جسم،

تاهڪ ٿي وڃي ڦوٽو ۽ زخار هميشہ.

هي هُو مڙئي ان ’هُو‘ سندي حڪمت جو اثر آه،

هيءُ باغ رکي ’هُو‘ سندو هٻڪار هميشہ.

”انا انت انا“ عالمِ ارواح ٿي ٻوليو،

ٿيو تنهنجو ۽ منهنجو تڏ تڪرار هميشہ.

جي مون کڻي ڪو سر ڪيو فاش سڄڻ جو،

ڇا ٿيو جو آهي پاڻ ته ستار هميشہ.

غواص جو غوطو هڻي منجهه قلزمِ ذاتي،

وحدت جا لهي گوهرِ شهوار هميشہ.

بازار سخن ۾ دُرِ مَضمون ها گهڻائي،

مون ٿيس دُرِ وحدت جو خريدار هميشہ.

ڪيئن منهنجو سخن عالم و فاضل کي وڻندڙ؟

جو مست رهان برسرِ بازار هميشہ.

ڪو زهد عبادت جو رکان ڪونه ٿو سامان،

سو رند جو نيڪيءَ کان رکان عار هميشہ.

صد شڪر انهن مؤن نه آهيان جيڪي رکن ٿا،

جُبه ۾ نهان رشتهءِ زنار هميشہ.

دل منهنجي مصفا هي جيئن ’بيت الاقصيٰ‘،

گر ٿو رهان منجهه خانهءِ خمار هميشہ.

رحمت ئي مون کي ناجي ڪندي روز جزا جي،

عالم ۾ آهيان گرچه گنهگار هميشہ.

زاهد مون توکي رند جي صحبت ڪندي رسوا،

ڇا لاءِ رهين برسرِ گفتار هميشہ؟

ڳالهاءِ اچي يار تون هڪوار اسان سان،

پو ڪر تون ملڻ جو کڻي انڪار هميشہ.

افسوس! لڌو ڪونه ڪو مون حال جو ڀائي،

دنيا ۾ گهڻو ڳوليو مون غمخوار هميشہ.

جنهن ساڻ رکيم ياري، اتان خار لڳڻ ٿيا،

ايذايو مون کي يار ڇا، اغيار هميشہ.

جيئن دل ٿي سندم دوست سان، تيئن ان جي نه مون سان،

سو دوست دورنگو رهيو هربار هميشہ.

ظاهر ٿو رکين پيار پرين، ليڪ ڏسان ٿو،

دل ۾ ٿو رکين جيڪي، اي عيار هميشہ.

اميد آ مون وانگي، ٻيو سچار نه ڏسندين،

رهندو تو مٿي شيفته بسيار هميشہ.

”تارڪ“ ٿيو سندم نام، سندءِ نينهن ۾ جاني،

”تنهنجو ٿو رهان يار طلبگار هميشہ.“

 

 

*

[پهرين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس

بزم مشاعره لاڙڪاڻه 1921ع]

مصرع طرح:

”ستارو منهنجي قسمت جو اوهان جي مهرباني آه“

ستارو منهنجي قسمت جو، اوهان جي مهرباني آه،

محبت تو سندي مون لاءِ عمر جاوداني آه.

جمالِ يار جو جلوو، ٿيو پيدا مظاهر مؤن،

انهيءَ ديدار ۾ عشاق جي خوش زندگاني آه.

ڏٺم ’حق اليقين‘ سان ناهه ٻيو موجود، الاهو،

اگر سيرِ زمين آهي، دگر سير آسماني آه.

شرابِ عشق جو پيتم، ته ٻيو سڀ ڪي ويو وسري،

نه ذوقِ عيش عشرت آ، نه شوقِ ڪامراني آه.

فنا ڪيو عشق مون کي حال حلا جيءَ اندر اهڙو،

اناالحق چئي، چڙهڻ سوريءَ مٿي ڄڻ شادماني آه.

نه ڪنهن کي آه طاقٽ حڪم تنهنجي کان جو منهن موڙي،

اگر اهي ولي الله، يا ڪو چور زاني آه.

لباس فقر جي راحت نه آه پوشاڪ دنويءَ ۾،

جو فرشِ خاڪ آڌوتين جي لئي تخت ڪياني آه.

جنين کي روز شب اثبات حق جي آرزو آهي،

انهن اڳيان نه ڪجهه موڙي ڪرامت آه نه ڪاني آه.

اسان سي رند ساغر نوش آهيون مست متوالا،

جو ميخاني اندر شغلِ شرابِ ارغواني آه.

فنا جي پيچ ۾ آخر اچي اعزاز دنيا جو،

اميري يا وزيري يا خطابِ خانداني آه.

موحد آه هي ”تارڪ“ هڻي نعرو ٿو منصوري،

نه پرواهه ڪنهن جي نفرت جي نه خواهش قدرداني آه.

 

 


 

 

 

رديف ”ء“

دل کي ڪجهه آرام نا ديدار دلبر کان سواءِ،

نير نيڻن مؤن وهي سهڻي سمنبر کان سواءِ.

اصل کان ٿي دل اسان جي محو جلوهء يار تي،

ڪين رهندي سا ڏيڻ تنهن نور پيڪر کان سواءِ.

ري ڳلي دلدار جي عاشق نه جالي جاءِ ڪنهن،

جيئن نه قمري ويهي ڪٿ شاخِ صنوبر کان سواءِ؟

آيو فصلِ گل ٿيو سيرِ گلستان فرض عين،

ساقي و مطرب، سرود و باده ساغر کان سواءِ.

ڪيئن نه ٿيندو يار ريءَ خانو سندم ظلمت ڪده؟

ٿو جهان جڏه ٿئي سيہ مهرِ منور کان سواءِ.

آيو مون وٽ سو سڄڻ ٿيا زلف جنهن جا مشڪبو،

خانو منهنجو ٿئي معطر ڪيئن نه عنبر کان سواءِ.

فرقتِ دلدار ۾ دل کي ڀلايان ٿو گهمي،

نه ته سري ٿي منهنجي سيرِ باغ بازر کان سواءِ.

ٿي نئي بادِ صبا احوال منهنجو يار وٽ،

ٿو رهان مون تنهن کان خوش قاصد ڪبوتر کان سواءِ.

جي گهرين فيضِ الوهيت ٿئي ”تارڪ“ حصول،

وٺ نه در دولهه دريا خان جي سچي در کان سواءِ.

 

 

 

*

[در صنعت عڪس و طرد]

[ڪلام جي ڪن جزن کي اڳتي پوئتي ڪري، ٻيو فقرو يا مصرعو وغيره بنايو وڃي ۽ اهي با معنيٰ هجن.]

آه دورنگي سراءِ، ڪنهن جي رهڻ جي نه جاءِ،

ڪنهن جي رهڻ جي نه جاءِ، آه دورنگي سراءِ.

وقت مزي سان لنگهاءِ، کاءُ نه دنيا جو غم،

کاءُ نه دنيا جو غم، وقت مزي سان لنگهاءِ.

ڪين ڪهين سان ڦٽاءِ، صلح صفا ساڻ رهه،

صلح صفا ساڻ رهه، ڪين ڪهين سان ڦٽاءِ.

نورِ لقا کي پراءِ، چشم نهان جي اندر،

چشمِ نهان جي اندر، نورِ لقا کي پراءِ.

پاڻ ۾ ڪا جهاتي پاءِ، راز حقيقت جو ڏس،

راز حقيقت جو ڏس، پاڻ ۾ ڪا جهاتي پاءِ.

حرص هوس سڀ وڃاءِ، حسن جي حيرت اندر،

حسن جي حيرت اندر، حرص هوس سڀ وڃاءِ.

صبر ٿو ”تارڪ“ جڳائي، يار جي ديدار لئي،

يار جي ديدار لئي، صبر ٿو ”تارڪ“ جڳاءِ.

 

 

 

*

لامڪاني هوس هت ٿيڙس مڪاني هاءِ هاءِ!

دام ۾ جيئن ڦاسي مرغ آشياني هاءِ هاءِ!

عالمِ ارواح ۾ آندو هُيس مون کان جيئڻ،

هت ڪيو لاچار قيد زندگاني هاءِ هاءِ!

پردهِ نابود ۾ جاليو ٿي مون آسوده حال،

بود ۾ آيس پريان ٿيس عياني هاءِ هاءِ!

جسم جي جنجال ۾ بس خسته حالي ٿي نصيب،

طوقِ گردن ٿي پئي پيري جواني هاءِ هاءِ!

سر ذاتِ بي نشان ۾ بي هس بي نمود،

ٿيو عيانيءَ جو سبب عشقِ نهاني هاءِ هاءِ!

منجهه ظهورِ آدم و حوا سر اسيمه ٿيس،

مون ٿيس محتاج خواب و آبِ فاني هاءِ هاءِ!

مون مجسم نورِ قدسي، پاڪ ذاتِ ذوالجلال،

ظلمتِ تن ۾ ٿيم گم نور جاني هاءِ هاءِ!

جلوه گاهِ عرش ڪرسي منهنجو جولانگاه هو،

ٿي زمين تي مون سندي گم ڪامراني هاءِ هاءِ!

ٿو نهاريان واٽ تا موٽي وري حاصل ڪريان،

تاج بيچوني و تخت بي نشاني هاءِ هاءِ!

يادگيري اصل ۾ ”تارڪ“ ٿيس زار و نزار،

بينوا ڪيو آه جنهن منجهه دار فاني هاءِ هاءِ!

 

 

*

زال، پٽ، ڌيءُ، پيءُ، برادر، ماءُ،

ڏس ته ڪثرت جو ڪيئن بڻيو آ بڻاءُ.

ذات هڪڙي صفات ٿي ان جي گهڻي،

ٿئي دُڪا ڪيترا، ٿو هڪڙو پاءُ.

عشق جو پيءُ پيالو، ٿي بيخود،

گم خدا ۾ ٿيو، خوديءَ کي کاءُ.

عاقلن کي پسند هوش و خرد،

عاشقن کي ٿيو محويت جو ساءُ.

رک تون ويساه همه اوست سندو،

سلڪ صوفين سندي ۾ ”تارڪ“ آءُ.

 

*

مسلمان ٿئين ڪفر عشقي ڪماءِ،

حسينن جي مسجد، اندر سر نماءِ.

تون ڪونهي، تون ڪونهي تون ڪونهي تون ڪونه،

مگر ذات حق تنهن جي صورت سماءِ.

ڇڏي ذات نالو ۽ ناموس ننگ،

سدا ڄاڻ موجود حق جو ڄماءِ.

اها ڪل نه پوندءِ منجهؤن زاهدن،

وڃي انگ رندي ڀڀوتي رماءِ.

بقا ٿيڻ لئه ”تارڪا“ روز شب،

پيو نيڻ آتش فنا ۾ ٽماءِ.

 

*

جهد ڪر هستي هوڻ کان سر ڇڏاءِ،

قطرهِ جان بحرِ بيچون ۾ گڏاءِ.

بيخوديءَ جي باغ  آڻي رکينس،

جهنگ تن جي مؤن چڪي جان جي لڏاءِ.

ڏس ۽ ٻڌ تون ري اکين ۽ ري ڪنين،

پاڻ کي منصور پوءِ بيشڪ سڏاءِ.

حالتِ حلاج جي حاصل نه ٿي،

ڊڄ خدا کان پاڻ نا پنهنجو پڏاءِ.

هن دنيا ۾ فاني ”تارڪ“ نفي ٿي،

جيئري ئي ملڪِ بقا ۾ گهر اڏاءِ.

 

 

رديف ”ي“

نه سمجهي پاڻ پنهنجو، بي خبر آهي ته هي آهي،

اڙي جو ڪفر دين ۾، بي بصر آهي ته هي آهي.

’اناالحق‘ کي ڪرڻ اثبات آهي راه پيغمبر،

نه ڄاڻڻ ’ميم‘ ري احمد خطر آهي ته هي آهي.

ڀڃي جو قالبِ خاڪي کي رکي جو روح کي روشن،

رهي محو جمالِ حق، بشر آهي ته هي آهي.

نظارو ’ثم و جہ الله‘ ڏسي ’عين اليقين‘ سان جو،

ڪري گم ماسويٰ صاحب نظر آهي ته هي آهي.

ڪڍي قيدِ مذاهب کان رکڻ وحدت اندر واصل،

امارو عشق جو ”تارڪ“ اگر آهي ته هي آهي.

 

 

*

نه آه گلشن ساڻ دلچسپي،

مگر آه ڪوچهءِ دلدار ساڻ دلچسپي.

ڪنن کي ان سندي گفتار ساڻ دلچسپي.

اکين کي ان سندي ديدار ساڻ دلچسپي.

اچي ٿي ان مؤن آسيس تيغ ابرو جي،

رکان ٿو خنجر و تلوار ساڻ دلچسپي.

ڪڏهن ڏسان من ان مؤن سڄڻ سندو جلوو،

رهي ٿي روزنِ ديوار ساڻ دلچسپي.

جي ساءُ صلح جو جنهن ساه کي ٿو سيبائي،

رکي اهو نه ٿو تڪرار ساڻ دلچسپي.

ٻي ڪانه ڪنهن سان ٿي دلچسپي مون کي اي ”تارڪ“،

مگر رهي ٿي خوش اشعار ساڻ دلچسپي.

 

 

 

*

ڪونه عاشق کي ڪري ڪو پنهنجي دلبر کان پري،

ڪن نه آڻي جي ٻڌي شہ هفت ڪشور کان پري.

مون کي اي شيرين دهن ڏي، بوسهء لب جو مزو،

عاشقِ طوطي صفت کي ڪر نه شڪر کان پري.

نوڪ نيڻن سان نوائي، تيغ ابرو هڻ مٿان،

صيدِ بسمل کي نه ڪر تون آبِ خنجر کان پري.

محفلِ محبوب ڏي ويندي نه روڪيو ڪنهن مون کي،

پر رقيبِ روسيه ان جي ڪيو در کان پري.

عاشقِ رخسار روشن کي نه ڪر تون اي محتسب!

منجهه شبِ هجران جي بزمِ باده احمر کان پري.

ساقيا! شرمنده توبہ آهيان منجهه فصلِ گل،

شرم رک منهنجو خدارا ڪر نه ساغر کان پري.

عاشقِ رسوا جي لئي آ شعرِ ”تارڪ“ ۾ مزو،

گير جي عاقل کي رهڻ بس ان جي دفتر کان پري.

 

 

 

*

سڄڻ جي چالي پَسي نرالي ديواني دلڙي عجب ۾ آئي،

رهي ٿي حيرت انهيءَ ۾ حيران سڙي ٿي سورن اندر سدائي.

حسن جي جلوي ڇڏيون هزارين دليون جلائي متيون منجهائي،

رهيو سو الفت جي آڳ ۾ جنهن عجيبن سان اک اڙائي.

سدا سو سِڪ ۾ وتي سڪايو غم والم ۾ رهي ستايو،

سڙڻ پچڻ ۾ جهڄڻ جهُرڻ ۾ رهي هميشہ ٿيو توائي.

اکين جي آري ڇڏيا هزارين رلائي ناموس نام وارا،

ٿيا سي ظاهر شديد شيدا سگهي انهن کان نه لنؤ لڪائي.

ڪمند ڪاڪل ڪيا جي قيدي ڳري مري ويا انهيءَ جي ڳاري،

ڀڄي سگهيا سي نه بندن مؤن نه جان دل تن اتان ڇڏائي.

جنين سڃاتي سڄڻ جي چالي وتن محبت ۾ سي سوالي،

ڏسن پيا ديدار چؤطرف سي لٿو انهن تان جفا جدائي.

ڪٿي سو سهڻو ٿئي سياڻو ڪٿي نظر ٿو اچي اياڻو،

رهي سو سڀ رنگ ۾ سماڻو ڏٺي سي ان جي جو چلولائي.

ڪٿي رکي ٿو عجب شوڪت ڪٿي رکي ٿو عظيم عظمت،

ڪٿي حقارت ڪٿي به نفرت ۽ ڪاٿي آزي ۽ سر نمائي.

ٿيانس قربان سر تي ”تارڪ“ عجيب چال ۽ مڪر شڪر تون،

وڻيس جيئن تيئن سدا پيو سونپي عجب اٿس شان ڪبريائي. 

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org