سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :8

 

مصرع طرح:

”قند و نبات شهد کان تنهن جو دهن لذيذ“

تنهنجي ڏسڻ بنان نه لڳي ٿو چمن لذيذ،

تو سان رهڻ بنان نه لڳي ٿو وطن لذيذ.

اُميد عيش وصل جي دل مؤن نٿي وڃي،

تنهن لاءِ منهنجي دل کي ٿيو رنج و محن لذيذ.

جي جان تن ڏيڻ سان ٿئي يار جو ملڻ،

عاشق نه آه ڄاڻي ٿو جو جان تن لذيذ.

قد و رخِ صنم جو پيا ياد باغ ۾،

دل منهنجي ڄاتو ڪوئي نه سر و سمن لذيذ.

درگاهه عشق سا، جتي کي مانُ آه،

ٽاڪڻ جيل جو ڄاڻي ٿو ان ڪوهڪن لذيذ.

جي جام بيخودي پيئن پيرِ مغان وٽان،

دنيا جو لڳئي ڪينڪي هي پاڻي اَنُ لذيذ.

همسايه جي سڄي ڏسي، هڪ نا ٽُڪر گهُرانس،

اهڙو ٿو ڄاڻان پنهنجي مون مانيءَ جو اَنُ لذيذ.

زلفن جي بوسه مون ڇا ڀلا لطف ڪي اچي؟

آهي چکڻ ۾ ڪينڪي مشڪِ ختن لذيذ.

جڏ ”وابتغوا اليہ“ وسيلو چيو خدا،

تڏ ذوق اٿم بندگيءِ پنجتن لذيذ.

مان هڪ نه ٿو چوان هئن شاعر ٿا سڀ چون،

”قند و نبات شهد کان تنهنجو دهن لذيذ“.

رب جو قسم ته تنهن کان تون صد بار آنءِ مٺو،

آه جيترو تونگر کي پنهنو ڌنُ لذيذ.

ڇو ٿا اجايو مغزخوري شاعرو ڪريو؟

اڄ خلق ۾ ته شعر سندو ناه فن لذيذ.

ڪاٿي اکيون، جي شعر اوهان جي تي ڪن نظر،

اڃ ڪونه ڄاڻي شعر کي ٿو ڪوئي ڪن لذيذ.

عشقِ خدا جي بوءِ تي ڀي ٿي اچي منجهانس،

توڙي چوي ٿو ڪين ڪي ”تارڪ“ سخن لذيذ.

 

رديف ”ر“

حسن يار آه ته گلدستهء گلزار بهار،

عشق ان جو آهي ڄڻ صورتِ گلنار بهار.

هر شڪن ڪاڪل مشڪين سندو خوشبوءِ جي سبب،

آه لاريب صفت نافهءِ تاتار بهار.

ٿو رکي فتنهءِ ايام کان وڌ فتنه گري،

چشمِ فتان جو آهي نرگس بيدار بهار.

سِر دست دو پا سرخَ حنا چيوم ڏسي،

”هي کليو باغ سراپا ۾ ته اسرار بهار.“

هڪ نگہ سان ٿو ڪرين بلڪل بي هوش و حواس،

چشم تنهنجي آهي هڪ ساغرِ سرشار بهار.

حسن تنهنجو آهي هڪ باغ صباحت جو چمن،

سارو اسرار بهار آه، سو انوار بهار.

ڏسي هن شوخ سندو عارضِ گلگون ”تارڪ“،

بيخودانه ٿو پڙهي پرت مؤن اشعار بهار.

 

 

*

تنهنجي تابان روءِ تي صد تاب ماه و خور نثار،

تنهنجي زلفِ مشڪبو تي طبلهءِ عنبر نثار.

ملڪِ دندان جي صفائي ۽ ڏسي هموارگي،

ٿو ڪري بحرِ عدن عقدِ دُر بهتر نثار.

تنهنجي لالا لَب کان لالا ٿي گذاري داغدار،

ٿو ٿئي ياقوت مرجان ۽ گل احمر نثار.

مرده دل کي ٿو روان بخشي تَبسم تو سندو،

تنهنجي شيرين گفتگوءَ تي صد قدح ڪوثر نثار.

قدِ رعنا جي مٿان سر و خرامان سر فدا،

نقش پا تؤن معدنِ گوهر ۽ ڪانِ زر نثار.

اُن صنم دلبند جو ”تارڪ“ گهرين ٿو جي ملڻ،

عشق ان ۾ جڳائي ڪر تون اول سر نثار.

 

*

صنعت رد العجز علي الصدر

[جيڪو لفظ صدر يعني پهرين مصرع جي پهرين جز ۾ آندو وڃي، اهو ئي عجز يعني ٻئي مصرع جي پهرين جز ۾ اچي ته ان کي ردالعجز علي الصدر چيو ويندو آهي.]

بار تنهنجي بره کان دل بار بار،

ٿي نزار آهي، روئي ٿي زار زار.

وار هڪ ناهي تفاوت تنهن اندر،

جو ٿو ساري توکي منهنجو وار وار.

خار آهي بي الف جانان رقيب،

جنهن کان آهي عاشقن کي خار خار.

مار مار آهي ڳليءَ تنهنجيءَ ۾ روز،

زلف جو ويٺو ڪري آه مار مار.

ٻار پهڻين جي سندس سر تي ٿي ٿئي،

تنهنجي ديواني کي ماري ٻار ٻار.

ڌار پائڻ سان ڪجل جي ٿو ڪرين،

درد وارن جون سريون، ڌڙ ڌار ڌار.

چار چشميءَ ساڻ هڪ تون ٿو ڦرين،

ره مسافر، ٻه ٻه، ٽي ٽي، چار چار.

تار ”تارڪ“ کي لڳي تن تو سندي،

تنهنجو ذڪر ان جي ڪري هر تار تار.

 

 

*

صنعت ترصيح

[جڏهن هڪڙي مصرع موزون ڪئي وڃي ته ٻي مصرع ان جي مقابل اهڙي ريت آندي وڃي جو پهرين ۽ ٻي مصرع جا الفاظ هم قافيه هجن. ان کي ترصيع چيو ويندو آهي.]

ساقي شراب پيار جو آيو نظر بهار،

ڪو باده ناب ڏيار سوايو ڪو پر پيار.

دورِ قدح هلاءِ ته هر دل ٿئي در سرور،

شورِ قدح سڻاءِ ته حاصل ٿئي خوش خمار.

سرشار ڏي پياله ته ميخوار ڪن خوشي،

گلزار تي آ ڙاله گهَربار بار بار.

نسرين، سمن جي روءِ نور ڪيو چمن،

رنگين گلن جي بوءِ معصر ڪئي جان زار.

آغوش ۾ صنم ٿيو، در دست جام مئي،

۽ جوش ۾ هي خم ٿيو سرمست باده خوار.

پُر نور نور روءِ ٿي رهي ساغر جي باده جي،

ڀرپور جوءِ ٿي وهي عرعر جي درڪنار.

”تارڪ“ ڪلام ۾ تون رکج صنعت عجيب،

هاتڪ نيام ۾ تون رکج تيغ آبدار.

 

*

جوڀن جمال تنهنجي مؤن پيدا بهار عمر،

گل حسن تنهنجو آه مٿي شاخسار عمر.

تنهنجو رخِ منور ۽ ڪاڪلِ سياه،

آهين عاشقن جا ليل و نهار عمر.

هوندي حياتي توکي جڳائي ملڻ پرين،

جو ڪين آه عاشق باپائدار عمر.

هڪ دم جنهين ۾ تنهنجو ميسر ملڻ ٿي،

آهي هزار بار چڱو کان هزار عمر.

خاڪِ لحد سندم تي به پيدا ٿيو نقشِ چشم،

منجهه انتظار تنهنجي ٿيو هي افتخار عمر.

اي نازنين جي ناز مؤن هڪڙي نظر ڪرين،

ان ناز جي نگاه کان ڄاڻان قرار عمر.

جي توڻي عمر تي وڻ عاشق رهن ڀي ٿا،

ته به آه فنا پذير هي نقش نگار عمر.

”تارڪ“ سخن سراءِ جو حافظ ڏسي چيو،

”اين نقش مانداز قلمت يادگار عمر.“

 

 

*

صفت ذو قافين

[شعر ۾ هڪ کان وڌيڪ قافيا آندا وڃن، ته ان کي ذو قافين چيو ويندو آهي.]

سر ڏئي جن سر سمجهيو، سي سدا سردار سر،

بي سرن جي صف اندر سي ٿيا چڙهي بردار بر.

پوءِ خبر ڏي خيال جي ڪر ”من خدايم“ جي پچر،

شاهِد قالِ خود اصول پنهنجا تون ڪردار ڪر.

مفت فرصت ٿي ڪرين جي معرفت حق جي حصول،

پاڻ ٻيائيءَ ۾ نه ٻوڙين پنهنجي ڪر واهار ور.

دل سندي بستان سندو جي دُر کلئي ديدن مٿي،

ڪين وَڻيءِ سير جي لئي تون گهمين گلزار گر.

ترڪ تن ڪر تات کي ٿيءِ ديد منجهه ديدار حق،

ڪين حائل ٿي سگهئي پوءِ پردهِ ديوار در.

”وهو معڪم اينما ڪنتم“ ٻڌج هيءُ قول تون،

پئج ٻيائيءَ ۾ نه تون، ڊڄ ڪين ڪنهن ڏهڪار ڏر.

خاڪ جي من ۾ لڪي نا آفتابِ تيز تاب،

ڪين ڪجهه پنهان رهي، منجهه پردهء زنگار زر.

ڏس تون ”تارڪ“ ڪيئن منزه ٿيو مشبہ ۾ عيان،

بادشاهِ ملڪِ ڪونين ٿو ڪري پينار پر.

 

 

 

*

ڇو اڙيو عالم ۾ آهين، خيال کي عرشين اُڏار،

تون ’علمي العرش استوا‘ آهين زمين تي ناگذار.

عرش و ڪرسي انحم و افلاڪ تنهنجو سير آه،

لامڪان ۾ ڪر مڪان، ڪون و مڪان ڏي نانهار.

صورتِ خاڪي پسي ڀانئج نه پنهنجو پاڻ جسم،

خيال کي ڄاڻج خدا، ٿي بيخوديءَ ۾ خوش بهار.

تون خدا آن، تون نبي آن، تون ولي، تون دستگير،

آهين تون ’سر عُلا‘ اسفل اندر ڪر ناقرار.

”وهو معڪم اينما ڪنتم“ تون وچ ۾ ڪين آءُ،

ري وجودِ ذات مطلق ناهه ٻيو ڪي آشڪار.

صدق مؤن ”تارڪ“ ”اناالحق“ ڪلمي تي ايمان آڻ،

ڇڏ خوديءَ جي خيال کي ٿي عشق ۾ منصور وار.

 

 

 

*

چيو ٿي همسايه ته هجر دلبر ۾ ڪين اهل بڪا، بڪا ڪر،

نه پنهنجو ساٿي غم والم ڪر، نه ساڻ دافع عنا عنا ڪر.

گهڻائي ڦاسيءَ ۾ جنهن جي ڦاسن ٿا ڪين ڦاسڻ سان ڪن ٿا ڦٿڪا،

تون شوخ اهڙو نه خوشنمائي ۾ خوب زلفِ دُوتا دُوتا ڪر.

اجايو شاهي وزيري جي ٿو رکين تمنا و حرص بيحد،

ٿي با قناعت ۽ فقر وارو ڪڏهن نه دل ۾ هما هما ڪر.

ننڍو جي آهين ته فڪر ناهي وڏن جون رهڻيون هميشه هٿ ڪر،

وڏو نه ٿيندين منجهان وڏائي، وڏائي ڇڏ، ڪم وڏا وڏا ڪر.

پروڙي فرقِ مراتب اول، لڳاءِ دل کي پو ياد حق ۾،

ڀلا ڀلا ڪر، ڍلا ڍلا ڪر، ڪڙا ڪڙا ڪر، مٺا مٺا ڪر.

سگهو پيارين شراب صافي، جو ساقي ميخوار سڀ گهرن ٿا،

ته آهه فصلِ بهار آيو ڪو جام خوشتر عطا عطا ڪر.

جڏهن وڃائين وجود پنهنجو ۽ بود پنهنجو، نمود پنهنجو،

پر مثلِ منصور بنجي بيخود، ڀلي پيو نت انا، انا ڪر.

سڏن ٿا بزم سخن ۾ توکي، سخن جا پرور، سخن جا گوهر،

اتي اي طبعِ رسا، رسا ٿي، سخن عيان تون سٺا سٺا ڪر.

نه آءُ زاهد تون ريش فش کي، لڳائي مندي، بنائي ڳاڙهو،

انهيءَ ۾ رندن جي قتل جو آه رت نه تنهن کي حنا حنا ڪر.

ڇڏي خوديءَ کي اصل ٿي بيخود، خدا نه ”تارڪ“ خوديءَ ۾ ملندو،

”خدا جا بندا خدا خدا ڪر، خدا جا بندا خدا خدا ڪر.

 

 

*

بزم مشاعره حيدرآباد 20-  مئي 1937ع

مصرع طرح:

”شبِ فرقت جي اي مولا سحر ڪر“

الاهي آه منهنجي ۾ اثر ڪر،

”شبِ فرقت جي اي مولا سحر ڪر.“

نه ڪر خلدِ برين جي ڪا تمنا،

ڳليءَ ۾ دوست دلبر جي بسر ڪر.

قدِ دلبر سان مٽ ناهي صنوبر،

نه منجهه تشبيهه ماڻهوءَ سان شجر ڪر.

سندس جلوو آ تنهنجي ڪنج دل ۾،

نظر کي نا طرف ديوار و در ڪر.

وڃي منجهه هيڪڙائي محو ٿي رهه،

دوئي جا دور سڀ خوف و خطر ڪر.

رهي وحدت ۾ ڪثرت کي ڇڏي ڏي،

ڇڏي جنت کي دوزخ ۾ نه گهر ڪر.

بهار آيو چمن ۾ چهچٽو آ،

شرابِ ناب سان لب پنهنجا تر ڪر.

رقيبن جي گلا عشق ڪرين ڇو؟

نه لائق ٿئي پرائي ڪا پچر ڪر.

سندءِ هردم وڏي ٿيو مرتبي سان،

انهيءَ سان ڪين مٽ دُر و گهَر ڪر.

پوي فتنو جي ڪاهي ڪو وطن ۾،

جڳائي تان اتان نڪري سفر ڪر.

خوديءَ جي ڪوٽ تي وڃ تيغِ ”لا“ سان،

وڃي جذبه جي لشڪر سان ظفر ڪر.

جي آهين عاشقِ اسرار وحدت،

ته ”تارڪ“ جي سخن تي ڪن مگر ڪر.

 

 

*

بزم مشاعره ڪراچي فيبروري 1934ع

مصرع طرح:

”دامنِ صبر تار تار نه ڪر“

عشق ري ٻئي کي اختيار نه ڪر،

عقل هرگز تون پنهنجو يار نه ڪر.

اشڪ جو طفل راز کولي ٿو،

اهڙو سنگتي ڪڏهن به ٻار نه ڪر.

خو بدست جنون تون سياڻو ٿي،

”دامنِ صبر تار تار نه ڪر.“

وار هڪڙي سان قتل مان ٿيندس،

ضرب مون تي تون وار وار نه ڪر.

هنجون هاريان ٿو هجر تنهنجيءَ ۾،

تنهن تي دلدار هار هار نه ڪر.

زلف تنهنجا ٿي مار مارن ٿا،

تن جي مارڻ تي مار مار نه ڪر!

دل ٿي توسان گهري ته گڏ گهاريان،

دلربا تنهن کي ڌار ڌار نه ڪر.

ڀل ته موذي رقيب گهاري جدا،

تنهن سان همدم ٿي آر آر نه ڪر.

وصل جانان جي لاءِ اي عاشق،

صبر ڪر، گريه زار زار نه ڪر.

قرب جا وڻ! سڪج نه ڪنهن کي وڻئين،

تون ڦٽي شاخون ڏار ڏار نه ڪر.

ڪين چيڙاءِ شوخ کي ”تارڪ“،

پاڻ لئي تيار گار گار نه ڪر.

 


 

رديف ”ڙ“

اچ پرين واڳ ڪا ملڻ جي موڙ،

اچي منهنجي اڱڻ تون خيمان کوڙ.

ڪري ويس ۽ وڳا سڄڻ سائين،

سُههِ سک ماڻ يار سہ سک چوڙ.

قاصدا! اهڙو ٻڌ تون ڪاغذ کي،

جو نئي نازنين جي اڳيان ڇوڙ.

دلربائي سان دل کي ڦاسائي،

بيوفا پوءِ نه نينهن ناتو ٽوڙ.

اشڪباريءَ سان نالهء و افغان،

آه برسات ساڻ شامل گوڙ.

ناصحا! نيٺ دل ڦرائي تو!

هاڻ پنهنجي ڪِئي جو ڪيتو لوڙ.

پاڻ ۾ پيچرو پنهل جو ٿي،

ڪين سسئي وڃي وندر ۾ ووڙ.

تڏه آرام وصل جو ملندءِ،

پرت ۾ پاڻ پنهنجو خوب پتوڙ.

ناز وارن سان ٿو جڳائي نياز،

”تارڪ“ ان شوخ کي ٻئي هٿ جوڙ.

*

جت جلي شمعِ لقا تاٿي پروانه سَڙُ،

خاڪ ٿي پؤ پاڪ تون جنهن تي پوي پوش پَڙُ.

عاشق جا استخوان درد جي دانهن سان پُر،

خاڪ لحد جي اندر ائين ٿا وڄن جيئن نَڙُ.

راه محبت ۾ گام کڻ تون سدا شوق مؤن،

پهچندين تنهن پر جڏهن ڪاٿهين رهندين نه آڙُ.

آهي هي افسوس جو عاشق ناچاڪ کان،

ڪڏ نه پڇيءِ اي پرين تا آهين ڪي چاڪ ڀَڙُ.

تار نفس کي وڄاءِ محو ٿي اندر سماع،

وجد ۾ رقصان رهي روڄ محبت ۾ رَڙ.

ڪيئن سهي دلڙي سندم تا پرين مون هُئي پري،

ڪونه ڪو پنهنجو گهري تا ٿي جدا سر کان ڌَڙُ.

عشق جو اوڀڙ ائين دل ۾ وڌي ٿو وڃي،

هيڏي هوڏي ٿو هڻي پنهنجي جئن پاڙ بَڙُ.

هجر سندو زخم جنهن، ڇو نه سو داهون ڪري؟

ٿو رهي نالان سو ڪئن جنهن کي فقط آه ڳَڙُ.

صلح سندو ساءُ ڄڻ سير بهشت آه ڪرڻ،

تيز نه دوزخ کي ڪر پاڻ تي ڪنهن سان نه لَڙُ.

”تارڪ“ ٿي دربدر سير نه ڪر حسن جو،

لاله رخن جو ڏسي لنگهه وٺي ويهه تَڙُ.

 

 

 

*

بره جي بستان ۾ لاهي پرده اي گلُر و ٽِڙُ،

يا ته ٿي مہ آسمان جي بام تي تون خوب کِڙُ.

جي چريو ڪي ڀي چوي ويڃائي سياڻو دل ۾ سو،

چئي رقيبن جي لڳي، چنچل عشاقن تي نه چِڙُ.

خنجرِ چشمِ صنم جا جي شهيد آهن ٿيا،

تا قيامت تن جي ماتم لاءِ قائم رهندو پِڙُ.

حال دل تنهنجي اڳيان ظاهر ڪريان مون سربسر،

هيڪواري ڪاٿهين نالي خدا مون ساڻ مِڙُ.

وضع رندانه جڳائي جا رکڻ منجهه ميڪده،

سا سکڻ لئي ”تارڪ“ پيرِ مغان جي ڪول ڪِڙُ.

 

 

*

صبر ڪر ناصح سگهو هي لاه لُڙُ،

ڇڏ نصيحت کي خدا جا نانءِ مُڙُ.

بوسهءِ لب جي حلاوت ڇا چوان!

ڪئن مٺو چوندو جي گونگو کائي ڳُڙُ.

دانه آهيون گردش اندر آسيا،

جنهن جو ڌرتي آسمان هرهڪ ٿيو پُڙُ.

ڪين ايندين ته به ڪبي توکي دعا،

تا سدا جاني تون پنهنجي جاءِ جُڙُ.

حلقهءِ وحدت کان ٻاهر پا نه پاءِ،

شاخِ ڪثرت تي نه وڃ ڇڏ ڪيم ٿُڙُ.

مهر جي اميد مهرويان ۾ ناه،

پنهنجي مطلب جي اٿن هيءَ لڙه وُچڙُ.

ناله ريءَ نيڻن ڪيو آگم ”تارڪ“ آه،

جئن وسي سياري سندو ريءَ گاج جهُڙُ.

 

 

 

*

وڌي شل سدا وره وارن جي ويڙ،

الاهي پري تائين تنهن کي پکيڙ.

خبردار! تن تي گران جان نه ٿي،

نه مستن تي عقلي قصا آئي ڇيڙ.

سدا محو منجهه حيرت و عبرت گذار،

پسي واقعاتن تي واڇون نه ٽيڙ.

هي بازار جڳ لئي خريد و فروخت،

ڏئي نقد مالِ محبت کي ميڙ.

آهي هرڪو پنهنجي نفع ۽ خفي،

اي زاهد تون مستن تي دوڏا نه ٿيڙ.

وٺي ساءُ هڪ وار ڏس صلح جو،

وڻي وئي جي ”تارڪ“ پوءِ ڪنهن سان نه جهيڙ.

 

رديف ”ز“

سندءِ زلفن اڳيان زنجير عاجز،

اڳيان پيڪان پنبڻين تير عاجز.

ڪمندِ زلف جانان صيد افگن،

ڏسڻ جنهن جي ٿئي نخچير عاجز.

اڳيان رائي سڄڻ جي راءِ عاشق،

جيئن تقدير کان تدبير عاجز.

جمالِ بي نشان جي ڪيئن ڪڍي سو؟

ٿئي ’ماني‘ ڏسي تصوير عاجز.

نه تنهنجو حسن محتاجِ بيان آه،

زبان منهنجي اندر تقرير عاجز.

خراب آباد آه دنيا ئي فاني،

رهين ڇو ان جي منجهه تعمير عاجز.

هي آهي عالم بيداري ڀي خواب،

معبر آه منجهه تعبير عاجز.

رخِ زرد آهي عاشق جي نشان جو،

هميشہ ٿو رهي دلگير عاجز.

رخِ پُرنور جانان آه قرآن،

مفسر ان جو منجهه تفسير عاجز.

زجوشِ طبع ڏس آهي روان ٿيو،

اگرچه ڪيو قلم تحرير عاجز:

هي ”تارڪ“ آه سگ دروازي ان جو،

ڇڏن ڪيئن شبر و شبير عاجز.

 

*

حسنِ لطيف تنهنجو جلوه نما ٿيو شب روز،

وه وه ڏيڻ ڏيکاري هر جا بجا ٿيو شب روز.

صورت سڄڻ سينگاري، ناز و ڪرشمه واري،

وارڻ هزار واري، عاشق فدا ٿيو شب روز.

پردو عدم جو لاهي، دلبر ٿيو ظاهر آهي،

نورِ لقا کان هردو جڳ پُر ضيا ٿيو شب روز.

محبوب مهرور ٿيو، هر جاءِ جلوه گر ٿيو،

’عين اليقين‘ سان ره محو لِقا ٿيو شب روز.

مطلب مڙئي ڇڏ ڇڏ، ذوقِ عدم سان اڏ گڏ،

آرام گاه تنهنجو بحرِ فنا ٿيو شب روز.

”تارڪ“ مثالِ بلبل، رک تازه پنهنجو غلغل،

بادِ بهار کان خوش باغِ بقا ٿيو شب روز.

*

عشق ٿيو اظهار منجهه راز و نياز،

عاشقن کي نياز  معشوقن کي ناز.

بلبلن جا گلن تي چهچٽا،

شمع تي پروانه کي سوز و گداز.

سج طرف سورج سندي هردم نظر،

چنڊ سان آهي چڪوريءَ روح راز.

قيس ليليٰ ڪوهڪن شيرين ٿيو،

وامق ۽ عذرا ٿيو محمود ۽ اياز.

ٿيا ڏسڻ ۾ ناظرو منظور ٻه،

ليڪ هڪ آهي حقيقت ۽ مجاز.

بره جي بهره جو ”تارڪ“ سائل آه،

بخش تنهن کي ياشہِ بنده نواز!

 

 

*

ڀري جام بيخود پياري مجاز،

ٿو مشتاق ماريون جياري مجاز.

حقيقت جو کولي ٿو در تنهن مٿي،

جفا ڏئي جنهين کي ڏکاري مجاز.

کڻائي ڇڏي تخت شاهيءَ تؤن هٿ،

مٿان کٽ هڻي پٽ وهاري مجاز.

ٿو ٻوڙائي صنعان جيئن نام ننگ،

نه نيڪيءَ بديءَ ڏي نهاري مجاز.

اي ”تارڪ“ آهي صيقلِ تيغ دل،

ملڻ سان اندر کي اُجاري مجاز.

 

 

*

ڀڃي جسمي قفس ڪر جلد پرواز،

آهين عرش آشياني جو تون شهباز.

قبا ڪثرت سندي ڦاڙي ڦٽي ڪر،

وڳو وحدت جو پهري ٿي سر افراز.

رکين جي ڌيان دل اندر ٻڌين تون،

پويئي ”ارجعي“ جو ڪن تي آواز.

بظاهر جي جدا آهين همه کان،

بباطن سڀ سان تون همخانه همراز.

سڃاڻي ”سر بسطامي“ صفت جي،

ته ”تارڪ“ تنهنجو اعليٰ آه اعزاز.

 

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org