سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :4

 

 

رديف ”ب“

توکي سهڻا ساهه ساري روز شب،

تو بنا گوندر گذاري، روز شب.

ري ملڻ تنهنجي مرڻ جو ڊپ اٿم،

هي مون کي ڳاراڻو ڳاري، روز شب.

بي سبب رانول رسي آهين ويو،

تنهنجو روسامو  رئاري، روز شب.

ڪيئن اجهامي، ري ملڻ تنهنجي مٺا!

برهه ٿو جا باهه ٻاري، روز شب.

چؤطرف تنهنجي اچڻ جي چاهه ۾،

دل سندم واٽون نهاري، روز شب.

عشق جي آتش رهي شعله فشان،

موم جيئن من ٿي پگهاري، روز شب.

ياد ڪيون تو يار کي هر نيڻ، نيڻ،

هر زمان هنجهون ٿو هاري، روز شب.

عشق جي آزار جو دارون نه ڪو،

مرض هي ماريو ٿو ماري، روز شب.

توتي ننگي، ننگ ”تارڪ“ جو سدا،

پيو تڳي تنهنجي پناري، روز شب.

 

 

 * 

جهاتي وجهي جي پاڻ ۾ لاهين هوڻ حجاب،

تو ۾ آ ڀونءِ، اڀ ۽ مهتاب آفتاب.

درياه بي ڪنار حقيقت سندو تون آنهن،

هيءُ جسم تنهنجو آه ڄڻ پاڻيءَ مٿي حباب.

شب روز ذڪر ذات حقيقت جي نور ۾،

ڪر دور خيال پنهنجي کان، ظلمات، خورد خواب.

بيچون، بيچگون، حقيقت آ تو سندي،

باطن ڏسين تون، لاهي جي ظاهر سندو حجاب.

علم لدني درس ڪهين ۾ نه ٿئي حصول،

جيسين رکين نه زير نظر، دل سندو ڪتاب.

ٿي مام ’من عرف‘ جي فقيرن جي واسطي،

ارشاد خاص شيرِ خدا شاهه بوتراب.

”تارڪ“ جي منجهه تصورِ حق محو ٿي ويا،

هر جاءِ حق ڏسن ٿا، ڇڏي ڏوهه ۽ ثواب.

 

 

 * 

سڃاڻي ’ثم وجہ الله‘ ٿي لاهوتي لا مذهب،

جوئي آهه رات، سوئي ڏينهن، جو مشرق آ سو مغرب.

سڃاتي تن سچي صورت، ڀڃي ڀولو ٻيائيءَ جو،

پڙهيو جن هيڪڙائيءَ جو سبق منجهه معنوي مڪتب.

اڏاريو جن قفس جسميءَ منجهان شهباز روحاني،

لنگهي تن عرش ڪرسيءَ کان، لڌو منجهه لامڪان منصب.

وساري پاڻ، تون پس پاڻ ۾، تا پاڻ روشن ٿئي،

پروڙج مام ”معڪم“ ۽ ”و في انفسڪم“ ۽ ”اقرب“.

سڃاڻڻ سِر پنهنجي ريءَ، جيڻ جڳ ۾ اجايو آه،

جني تي ”من عرف مڪشوف“ تن ”موتوا“ ڏٺو مطلب.

سدا پيءُ جام فيضِ ”فاذ ڪروني“، عشق مؤن ”تارڪ“،

دوئي جي درد وارن ليءِ، دوا هيءَ آه وه مجرب.

 

 * 

ناهه سهڻا توکي ضرورت زيب،

ڪونه تو ۾ خدا ڪيو ڪو عيب.

ٿو ڏسان، ٿو تڏهن چوان بي خوف،

آءٌ صورت سندءِ کي مظهرِ غيب.

ٿو ٿيان برهه تنهنجي ۾ بيران،

ٿو ڪريان چاڪ پنهنجو دامن و جيب.

جو چکي چاشني، چوي ٿو هيئن،

آه شيرين ته لعل لب لاريب.

مون نه ڄاتو ته هيئن جدا ٿيندين،

ڪيو مون سان وڏو فراق فريب.

درد وارن جي سا دوا آهي،

ٿا چون جو سندءِ ذقن جو سيب.

سو سکيو ڪيئن رهي سگهي ”تارڪ“،

مليو قسمت ۾ جنهن ڏکن جو ڏيب.

 

 

  *

عاشقن کي اصل کان دل آه ديواني نصيب،

آه زاري، انتظاري، زخم پنهاني نصيب.

خلق جي خواري، مٽن جا طعن ۽ ناصح جي پند،

ڏک ڏهاڙي، درد دائم، رنج روحاني نصيب.

ڪيئن سو منجهه فردوس حورن سان گذاري، خوش ٿئي،

ٿيو جهان ۾ جنهن کي عشقِ صورت انساني نصيب.

جن مسلمانن ڪٺو منجهه ڪربلا آلِ نبي،

ٿئي نه ڪنهن ڪافر کي شل اهڙي مسلماني نصيب.

جي ٿئي حاصل ته ٿئي ديدار جي دولت حصول،

ڇا ٿيو جي ٿي کڻي هيءَ دولت فاني نصيب؟

جن فدا ڪيو يار تان سر کي ڪري مردانگي،

شل ٻين کي ڀي ائين همت ٿئي مرداني نصيب.

قيصر و فغفور کي آڻيان نظر ۾ ڪينڪي،

جي درِ اقدس سندي ٿئي، مون کي درباني نصيب.

اي رقيبِ خر خصالت، ٿا پٽن توکي عشاقِ،

رهندين فڪرِ رونق ۾، ٿيندءِ نه شل ماني نصيب.

جت مڙين کي ٿي نصيب ان بارگههِ حق مؤن مليو،

ٿي اتي ”تارڪ“ کي سهڻن جي ثناخواني نصيب.

 

 

  *

ڇڏ دنيا جا سڀ تون ڌنڌا، جي ٿي موليٰ جي طلب،

ڪين موليٰ جي طلب ٿئي، جي ٿي دنيا جي طلب.

طالب الدنيا مخنث، طالب الموليٰ ٿيو مرد،

ٿا چون آهي مونث، جنهن کي عقبيٰ جي طلب.

عاشقن کي دم قدم سان، مقصد آهي وصلِ دوست،

لاءِ جنت زاهدن کي، زهد، تقويٰ جي طلب.

نشهء ذاتي وڌائڻ ليءِ وڏو آهي سبب،

تڏ* صفت ۾ سالڪن کي، آهه صهبا جي طلب.

حسن بيرنگي نمايان ٿيو بتن جي روءِ ۾،

عاشقن کي ٿي تڏهن رخسارِ زيبا جي طلب.

منجهه همه اوست آ مقامِ صوفيءَ سرمست خاص،

عالمن کي دين، ملت، فقه، فتويٰ جي طلب.

حالت حلاج ”تارڪ“ ان کي حاصل ٿي ٿئي،

جنهن کي صورت جي رهي سڪ، اهل معنيٰ جي طلب.

 

  *

مصرع طرح:

”توسان ملان مون اهڙو ڪري شل خدا نصيب“

تنهنجي فراق ۾ ٿيو مون کي يار ڇا نصيب؟

رنج و غم و ملال ۽ جورو جفا نصيب.

توکي خدا جمال ڪيو هر طرح عطا،

ليڪن نه ٿئي مروت و مهر و وفا نصيب.

اغيار تي عنايت، عشاق تي ستم،

هر ڪنهن کي يار کان مليو پنهنجو جدا نصيب.

توبه کان گرچه هوس، مون شرمنده شراب،

ليڪن ڪرم سان پير مغان ڪئي صلا نصيب.

ٿيا رند رستگار ته عجز و نياز کان،

زاهد غرور وارا چون ٿا ته ”يا نصيب“.

پيرن سندءِ جي مون کي پڻي جي کڻي ملي،

ڄاڻان ته ڄڻ ٿي آهه، اها ڪيميا نصيب.

سو ڪيئن نه مک جان منهن پٽي، توڙي اڏي مٿي،

جنهن کي ٿيو هن جهان ۾، حرص و هوا نصيب.

جنهن تي سندءِ عنايت، آرام ۾ اُهو،

نه ته ٿا وتن پٽيندا، هتي ڪيترا نصيب.

اعجاز ۾ سندءِ ٿو مسيحا، خلل پوي،

بيمار عشق جي کي، نه ٿي جي شفا نصيب،

سو ڇونه خوش نصيب ٿئي هر دوجهان ۾،

دنيا ۾ جنهن کي ٿيو، هتي فقرو فنا نصيب.

”تارڪ“ رسيده آنهن، تون معنيٰ جي ملڪ جو،

توکي ٿي آه صورتِ طبعِ رسا نصيب.

 

رديف ”ٻ“

’يا ڦٻان‘ پڙهندو وڃي يار ڦٻ،

ڪوئي دم منجهه دولتِ ديدار ڦٻ.

جيئن مقابل ٿئين وڃي محبوب وٽ،

مڪر ڪنهن اهڙي سان اي مڪار ڦٻ.

ٿو وڃي سيرِ چمن تي هو صنم،

باغبان ٿي، بر درِ گلزار ڦٻ.

پوءِ ڀلي توکي تڙن محفل منجهان،

ڪنهن هنر سان حال تا هڪوار ڦٻ.

من ڪرين حاصل قدم بوسي ڪڏهن،

خاڪ ٿي پيرن جي منجهه پيزار ڦٻ.

خار جيئن ڇو ٿو رقيبن سان رهين؟

گل بڻي منجهه طرهء دلدار ڦٻ.

حسن جي هٽ تي سُڃي جو ناهه ڪم،

نقد دل جي ساڻ منجهه بازار ڦٻ.

ڇو لڪين ٿو لوڪ کان، لڄ ڇو ڪرين؟

نازنين وٽ ”تارڪ“ نروار ڦٻ.

 

 

رديف ”ڀ“

زماني ۾ محبت آه اڻ لڀ،

صفائي ساڻ ظلمت آه اڻ لڀ.

پئي آ بُزدلي دنيا ۾ ڪاهي،

رهي مردن ۾ حشمت آه اڻ لڀ.

سچي سڪ آ وئي سڀ مؤن ڇڏائي،

گهڻو مهر ۽ مودت آه اڻ لڀ.

ڪري جا رهبري راههِ خدا ۾،

انهيءَ سالڪ جي صحبت آه اڻ لڀ.

جهان سارو ٿيو ماتم ڪده آه،

تنهن ۾ امن راحت آه اڻ لڀ.

نه آهي اعتبار ان جي دلاسي،

وفا ۾ خوبصورت آه اڻ لڀ.

جنهين ۾ ٿئي ميسر وصل دلبر،

سا مشتاقن جي قسمت آه اڻ لڀ.

عجب ديوان ”تارڪ“ ليڪ ان ۾،

سخن سنجيءَ جي صفت آه اڻ لڀ.

  *

عشق الفت ۾ مرڻ، هيءَ عاشقن جي سونهن سوڀ،

ڏک ڏسڻ کان نا ڏرڻ، هيءَ عاشقن جي سونهن سوڀ.

بره جي دريا مٿي، ترهو توڪل جو کڻي،

تار اوڀارو ترڻ، هيءَ عاشقن جي سونهن سوڀ.

ڪاڪلِ پيچان جا گردن ۾ وجهي پيچن تي پيچ،

زلف جي ڳاري ڳرڻ، هيءَ عاشقن جي سونهن سوڀ.

روز شب منجهه يادگيري يار جي يڪدل رهڻ،

ريءَ سڄڻ دم نا سرڻ، هيءَ عاشقن جي سونهن سوڀ.

پاڻ کي پاسي ڪري، ”تارڪ“ ٿيڻ حق ساڻ هڪ،

طرف وحدت جي ورڻ، هيءَ عاشقن جي سونهن سوڀ.

 

  *

ٿي چريو منجهه چال جي، پرکي ڏٺاسون يار سڀ،

ٻيا سڀئي ڪم آيا، پر آيا نه دنيادار سڀ.

ڪو قياس ان تندخو کي، منهنجو اڄ تائين نه پيو،

عشق ان جي ۾ اگرچه، سر سٺم آزار سڀ.

سڀ مڙي پير ۽ فقير آيا جو مون سان ميڙ ٿي،

پر نه پرتو سو پرين، چوندي ٿيا لاچار سڀ.

جي گهرين تان منزلِ محبوب کي ماڻيان وڃي،

لاهه سانگو ساهه سر جو، هل سٽي سينگار سڀ.

جي نه هوءِ حق جي عطا ”تارڪ“ سخن سنجي ڪرڻ،

ريس تي ماڻهو ٿي شاعر ها چون، اشعار سڀ.

 

 

رديف ”ت“

ماهروين جي محبت جو نه مُلن سمجهيو مت،

چار تت عالم ٿا سمجهن، پرت پنجون آه تتُ.

خون دل کائڻ آهي ڪم عاشقن جو روز شب،

ناهه تو جيئن زاهدا، کائڻ وڃي ختمي جو ڀت.

جي گهرين جانب سان گڏ جالين، سمهڻ جو ساءِ ڇڏ،

ڏس ته سسئي کي سمهڻ مؤن، ڪيئن ڪري ويو جاڙ جت.

پير کڻ پِر جو پٺي پؤ پنڌ تا پهچي وڃين،

سڪ کڻي سونهين سڄڻ ڏي ڪر صدق، سر ساهه ست.

من اندر آتڻ وجهي، چرخو چلائج چِت سندو،

کڻ پها پوڻيون، پريتئون، سڪ سندو سُٽ صاف ڪتُ.

نازنين نروار پيهي آيو ”تارڪ“ جي اڱڻ،

هاڻ اي اغيار تون تنهن ساڙ ۾ ويڳاڻو وت.

 

 

 

  *

بزم مشاعره نصيرآباد (لاڙڪاڻو)

مصرع طرح:

”سيمتن جي عشق ۾ بيدل سندو بيدار بخت“

توسان لاتم نينهن پنهنجو تنهنڪري ٿيو يار بخت،

عشق تنهنجي ۾ رهي منهنجو سدا تيار بخت.

علم، فن ۽ سيم، زر ۽ هوش، عقل ۽ عيش، امن،

سڀ اجايا جي نه آهي ياور ۽ غمخوار بخت.

حسن جي سلطان جو منزل ڪئي الفت اندر،

شان مان ان جا هئا ٻانها ۽ سپهه سالار بخت.

حسن وارا ڏين بوسو اڄ وٺي ٿا سيم کي،

برهه جي بازار ۾ کوليو سندن رخسار بخت.

تو رقيب روسيه کي جاڪون پاڻان ڪيو پري،

تاڪون ان جو عقل آهي زار ۽ لاچار بخت.

مال دنيا ڇونه ڌاري، مر هجي قارون جيئن؟

جي بخيل آهي ته ان جو آهه ڄڻ بيمار بخت.

مر چون ماڻهو، ته تنهنجي عشق ۾ آهي چريو،

مون ٿو ڄاڻان، عشق تنهنجي ۾ اٿم هشيار بخت.

منهنجي ڀاڪر ۾ جو آئين ناز مان نازڪ بدن،

ان خوشيءَ کان پيو ٽڙي، منهنجو ٿيو گلزار بخت.

رخت کي تخت کي ۽ تاج کي سڀ ٿا گهرن،

ڪين ۾ ٿي ڪين ڳولهي ڪو قلندروار بخت.

تنهنجي در تي جي گداگر ٿا رهن، تن کي نواز،

ڏي زڪواةِ حسن تا تنهنجو وڌي دلدار بخت.

سڀ ڀڄي هڪ جيڏا ويا طوفانِ غم جي ۾ پيس،

ڪين ڪي مون سان ٿيو ڪنهن جو ڪرڻ واهار بخت.

ڪالهه هيئن مشاطه چيو مون کي انهيءَ دلبر سندي،

”سيمتن جي عشق ۾ بيدل سندو بيدار بخت“.

هردو عالم ڪر ڦٽي ”تارڪ“ ۽ تارڪ ٿي گذار،

ڇڏ اهي اشعار جو ناهي سندءِ اشعار بخت.

 

 

 * 

عاشق آهين ته سگهو پاڻ وسارين ڪنهن ريت،

هٺ ۽ هوڏ ڇڏي، نفس کي مارين ڪنهن ريت.

معرڪهء قتل ۾ جت عاشقِ جانباز اچن،

سر وڍائڻ کان اتي ساهه نه وارين ڪنهن ريت.

دل جي کوري ۾ سندءِ چڻنگ پيل جا آهي،

ڦوڪي آڙاهه ڪري، تنهن کي اٿارين ڪنهن ريت.

فقر، فاقه ۽ قناعت تي سدا رهه قائم،

ريءَ رياضت جي گهڙي دم نه گذارين ڪنهن ريت.

جي گهرين تا ٿيان مشهور نظر باز، عشاق،

سڪ ۾ سهڻن جي سدا پاڻ اجارين ڪنهن ريت.

گلشنِ عالمِ بالا جو پکي تون آهين،

ڀڃي پڃرو بدني، پاڻ اڏارين ڪنهن ريت.

ڪرين يڪ دل، ٿي تڏهن قرب قديري حاصل،

هيڏي هوڏي جڏ* ”تارڪ“ نه نهارين ڪنهن ريت.

 

  *

در صنعت تقليب قافيه

[شعر ۾ ايندڙ قافيه، ابتو ڪري رکجي، جيئن بات، تاب وغيره]

روز تنهنجي روح ۾، سڪ ۽ طلب جي تار، رات.

بيخودي ۾ بره جي، بيوس ڪريان، بي تاب، بات.

خيال ۾ ان خوبرو جي، خوشنوائي تي سندم،

جنهن اڳيان ڄاڻان ٿو، بلبل ٿو ڪري بي تال، لات.

جي چوان ڪجهه ٿو صفت، ان آتشين رخسار جي،

خشڪ لب گرميءَ کان ٿئي ٿو، ۽ سخن جو تاؤ وات،

حسن تنهنجي سان ڇا نسبت، ٿئي قمر جي نور کي؟

رشڪ مہ جي مُنهن اڳيان، ڏسجي ٿو ماهِ تام مات.

توکي اي مشتاق مهلت آه قاتل کان ملي،

وٺ ڪري ديدار دلبر جو ڪسين تون تاڪ ڪات.

مرد جي ”تارڪ“ تون آهين، ڪنهن جي منت ڪيم کڻ،

برلبِ دريا مرين ته به، تن ۾ تسيو تاس سات.

 

  *

سر مست، جگر مست، ۽ دل مست، ۽ دم مست،

مون کي ڪيو ديدار سندي چشمِ صنم مست.

هر ڪوئي هتي آيو منجهان ڪتم عدم مست،

ڪو مست گدائي ۾، ته ڪو منجهه خيلِ چشم مست.

ڪو فقر ۾ ٿيو مست، ته ڪو مست غنا ۾،

ڪو بخل ۾ ٿيو مست ته ڪو ساڻ ڪرم مست.

اڄڪلهه جو نه مست آهيان، مگر روزِ ازل کان،

مئي نوس آهيان ٿو رهان سرتا بقدم مست.

اڳتي چئي ”تارڪ“ نٿو مستيءَ کان سخن ڪو،

مس مست، ته خط مست ته هٿ مست، قلم مست.

 

 

  *

نڪر جلدي منجهان هن نقل ناسوت،

وري وڃ اصل تي تون ماڻ ملڪوت.

بجذبهءِ معنوي مدهوش ٿي تون،

جدا صورت کان ٿي، پي جامِ جبروت.

اڏائي خيال پنهنجو جسم کان ڪڍ،

لنگهي لاحد اندر ڏس لال لاهوت.

خوديءَ کان بڻج بيخود ”من خدا“ چؤ،

فنا ڪر قطره کي منجهه بحر باهوت.

بقا باالله ٿي ”تارڪ“ فنا سان،

وڃائي ڄاڻ ڏس ري پاڻ هاهوت.

 

  *

جي ٿيا ’موتوا‘ سي ’حي‘، ’لايموت‘،

’ثم وجہ الله‘ ۾ سريو تن سڪوت.

ٿا ٻڌن ڳانا ملامت سر مٿي،

کان قصد ڪُوڙائي سي ريش و بروت.

جن جو ڪشڪولِ قناعت آه پُر،

ڪين ڳولن ڪاپڙي سي وجِہ قوت.

آنهه تون يونس نبي، هي تنهنجو آهه،

جسم اونداهو مثالِ بطن حوت.

جي پسين هر جاءِ جلوهء ذات حق،

ڀؤ نه ٿيئي جي ڏسين تون جن ڀوت.

ڄاڻ جي ڄاڻين تون پنهنجي ڄاڻ جو،

حرڪتِ اعضا مؤن ڏس حق جو ثبوت.

’ڪُل شيءِ هُو‘ نه ڪر ”تارڪ“ ڪو شڪ،

نعره هڻ: ’اِني اَنا الله‘، ڇڏ قنوت.

  *

پسيو جن پاڻ ۾ آ نور وحدت،

رهن سي روز شب مامور وحدت.

ڇڏي سڀ بحث مذهب ٿيا نيارا،

رهن مستيءَ ۾ سي مخمور وحدت.

ڪيو جن ماسوا کي گم خدا ۾،

سي سڀ هردو جهان منظور وحدت.

سي ڪثرت ۾ نه جهيڙن ٿا ڪنهين سان،

رهن جي روز شب مسرور وحدت.

مرڻ تن تي ٿيو آهي معافي،

مئا جي سرهڻي ساطور وحدت.

سدا محفل اندر رندن جي ”تارڪ“،

بڻي بيخود وڄاءِ طنبور وحدت.

 

  *

حسنِ صنم جي هر گهَر هردم هلي حڪايت،

مُلڪين مقال تنهنجي، وائي آ هر ولايت.

ڪهڙو انهن کي ڪم آ، قرآن سان، دعا سان،

صورت مؤن تنهنجي جن پڙهي آهي اکين جي آيت.

عاشق جي تنهنجا آهن، تن تي جفا ڪرين ٿو،

اغيار جي، انهن سان هردم رکين رعايت.

تنهنجا نوان نوان ٿيا، نازو ادا ڏهاڙي،

اي ناز نين، نه تنهنجي ٿي ناز جي نهايت.

ٿي عشق جي ادب ۾، ان جي زبان وڍجي،

عاشق ڪري جو ڪاٿي، هن شوخ جي شڪايت.

کان پرت پنجتن جي، نروار ٿيندو ”تارڪ“،

جنهن کي ڪري ٿو مهرؤن موليٰ علي هدايت.

 

  *

ڪٿ مڙي عاشق وڃڻ کان، ٿو رهي دلدار جت،

ايندو بلبل بي شبہ، هوندو ٽڙيل گلزار جت.

جنهن کي هوندي سڪ سڄڻ جي ڪيئن رهي سگهندو پري؟

ڪاهي ويندو قصد مون ٿئي دوست جو ديدار جت.

ڪٿ بچي ايمان سگهندو، زاهدِ بي پير جو؟

ناز نينن جو لڳي ٿو غمزهء خونخوار جت.

اي ادا ليءَ گلرخن جي، آهيون ڀونرن جي مثل،

واس اتهين ٿا وٺون، ٿئي حسن جو هٻڪار جت.

ڪين آيو اعتبار ان تي بتِ دل سنگ کي،

روبرو ڪيو مون جو پنهنجي عشق جو اظهار جت..

ڇو اجايو عشق وارن کي ڏئين ٿو ساڙ هيئن؟

جو اتي ڪوٺائين تن کي ٿو رهي اغيار جت.

ڪٿ اچي آرام توڙي سايهء طوبيٰ هجي؟

روح راحت آه تنهنجي سايهء ديوار جت.

ڪٿ بچي ”تارڪ“ سندءِ شعر و سخن خامي ڪنان،

شاعرانِ نڪته چين جاچيندا جڏهن اشعار جت.

 

  *

عزيزو ڪيئن ملي مون عشق جي بيمار کي صحت،

سوا ديدار ناهي، طالبِ ديدار کي صحت.

مليو محبوب مون کي اڄ، رقيب ان رشڪ ڪيو بيمار،

حياتي تائين ٿئي شل ڪين ان اغيار کي صحت.

اسان کي ڪين ٿي حاصل، ته ان جي ناهه ڪا پروا،

اسان جي ڀي خدايا ڏي، اسان جي يار کي صحت.

دعا جي لئي کليو دستِ سُبو ۽ دستِ ساقي اڄ،

جو ڄاتائون ته مسجد مؤن نه ٿي ميخوار کي صحت.

الاهي ڪاروبارِ عشق وارن کي سلامت رک،

نه بخشج تا قيامت، بره کان بيزار کي صحت.

ٻڌو مون ڪلهه ته هڪڙي طالب الدنيا کي صحت ٿي،

چيم، ”افسوس جو ٿي مائلِ مردار کي صحت.“

اسان مستن جو صبح و شام هي ورد ۽ صدا آهي،

هجي پير مغان جي شال هڪ هڪ وار کي صحت.

چون ٿا شعر اڄ ڪلهه شاعرانِ سنڌ جذبه مؤن،

مگر ڏسجي نه ٿي اڪثر سندن گفتار کي صحت.

هجي جنهن کي سخن سنجيءَ جي دعويٰ، تنهن کي لازم آه،

بطور اصلاح ڏئي ”تارڪ“ سندي اشعار کي صحت.

 

  *

اچي ٿي عشق جي اهڃاڻ ۾ رات،

بره بيچون واري ڀاڻ ۾ رات.

اديبن اسم حق جي سان اجاري،

ٿي اونداهي ڄٽن جي ڄاڻ ۾ رات.

طلب جي تار تاروُ لنگهائن،

محبت موج جي مهرياڻ ۾ رات.

عجيبن ساڻ ڏيندي داد الفت،

لنگهي ويئي سندم ڇڪتاڻ ۾ رات.

ڏٺائون هيڪلائيءَ جي حقيقت،

گذاري پرت وارن پاڻ ۾ رات.

جنين هيءُ جسم جو جامو جلايو،

سمائي عشق جي تن آڻ ۾ رات.

پڙهان الحمد جو ”تارڪ“ جي گذري،

سچيءَ سڪ پاڪ سان سيوهاڻ ۾ رات.

 

  *

لنگهي ٿي رنج ۽ ارمان ۾ رات،

پوي ٿي سڪ سندي سامان ۾ رات.

تڪي تارا اچي ٿيو پره پيدا،

گذاريم حسرت و حرمان ۾ رات.

گذاري رات ايئن دل منهنجي منجهه زلف،

پئي يوسف کي جيئن زندان ۾ رات.

لنگهي وئي رات اندر اشڪباري،

هئي ڄڻ نوح جي طوفان ۾ رات.

جنون جي جوش کان منهنجي عزيزو،

بسر ٿي جذبهء و جولان ۾ رات.

اهو ڇا ڄاڻي منهنجي رات جو حال،

گذاري جو تنبو طولان ۾ رات.

فقيرن فڪرِ حق ۾ رات گذري،

اميرن آه دُنوي ڌيان ۾ رات.

پڙهان جيڪر دوگانهء شڪر در صبح،

سمهان جي دوست جي دامان ۾ رات.

ڪري هيڪل، ڀڄي ويا علم ۽ عقل،

پئي جو عشق جي ايوان ۾ رات.

قلندر لعل جي الفت ۾ ”تارڪ“،

ٿو جاڳي شهر سيوستان ۾ رات.


*  تڏهين

*  جڏهين

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org