رديف ”ٿ“
ٿيو جلوه نما آ يار جت ڪٿ،
عيان آهي سندس انوار جت ڪٿ.
پوَئي ڪل جي ڏسين پرده کڻي تون،
رکيل آه مخزن اسرار جت ڪٿ.
چئي سگهجي نه ٿو تا هِت نه هُت ڏس،
ٿيو جاني اچي اظهار جت ڪٿ.
ڪري ڏس سير سارو ئي صفاتي،
کليل آه حسن جي بازار جت ڪٿ.
اسان سان همدم و همباش ”تارڪ“،
رهي ٿو عشق جو آزار جت ڪٿ.
رديف ”ٽ“
پرين توکان پري ناهي دل اندر جون اکيون ڪي پَٽ،
پروڙي مام ’اقرب‘ ڏس ته ويجهو آهه سو تو وٽ.
ڪيو جنهن ’وهو معڪم، اينما ڪنتم‘ اشارو آه،
اچيئي ان تي نه جي ويساهه، تا تو ۾ ڪا آهي گهٽ.
ڪمر بسته جي ڪاهيندين ته ماڻيندين وڃي منزل،
ڏسين جي رنج رولا راهه جا ته به منهن نه موران مٽ.
صفا ڪر دل جو آئينو ته دلبر جي پسين صورت،
انهيءَ آئينه جي زنگار صيقل ساڻ ’لا‘ جي ڪٽ.
اجل توکي اچي ماري، تنهن کان پاڻ اڳ ۾ مر،
ڌرن نئي ڌوڙ ۾، تنهن کان اڳيئي سر سڄڻ وٽ سٽ.
ڪرين ماتام ڇو مومل، ٿي راڻي لئي رئين هردم؟
پنهنجي منِ مينڌري کي ڏس، وڃين ڍولئي ڇو ڍٽ؟
هي آهي سر سندو سودو، مهانگو ٿو ملي ڏاڍو،
مڇي ڀاڄي نه آهي جو وڪامي ٿي ڪنهن جي هٿ.
سڃاڻي پاڻ کي تا پاڻ ساڳيو آهين تون سوئي،
جدا جانيءَ کان ناهين ڪي، پري ڳولڻ ۾ جيءُ نا ڦٽ.
وهائج هي وکر ”تارڪ“ اٿي جان نقدِ جان هٿ ۾،
ويئي هليا جي واپاري ته ساري عمر چپ پيو چٽ.
*
پاڻيءَ پئي لهي نه سگهي عشق جي اساٽ،
ويتر وڌي ٿي دل جي اندر آڳ لنؤ جي لاٽ.
هن روڄ ساڻ گهٽ نه ٿئي باهه برهه جي،
ٿي چمڪندي رهي وڄ جهڙ مون وسي جي ڇاٽ.
غالب ٿيو گرچه عشق ٿس عاقبت کڻي،
ليڪن ويچارو عقل وڙهڻ لئي ٿيو لائو ماٽ.
جيئن سڪ وڌي ٿي دل ۾، تيئن ٿيون اکيون روئن،
دريا چڙهي ته وهن ٿا بي اختيار ڦاٽ.
سر جي ويو اسان جو ته ان جو نه آه فڪر،
سنگين دلو اوهان ته ڪيو پوري پنهنجي آٽ.
ڪافي اشارو ابرو جو آه قتل واسطي،
گهائڻ جي لئي دلين جي ٻيا ڇو گهڙيو ٿا گهاٽ.
توسان اگرچه صلح صفائيءَ سان ٿا هلون،
ته به ٿي اڃا هلي اچي تنهنجي عشق جي اچاٽ.
جڏ چوٽ عشق جي اچي دل تي ٺڪاءُ ڪيو،
تڏ بيخوديءَ کان بيوس وَيڙا کلي ڪپاٽ.
تنهنجي فراق ۾ ٿا ڦٽي هيانؤ ڪيون رڙيون،
جيئن جُوءِ اندر جاليون وڳ ۾ رڙن ڪنواٽ.
زاهد کي حسن حور جو آه جيترو پسند،
تنهن کان وڌيڪ اسان کي وڻن نازنين جا ناٽ.
ناهين ٿو جي صحبتِ زاهد مؤن فيضياب،
پير مغان کان پڇ وڃي ”تارڪ“ خدا جي واٽ.
*
آفرين عاشق انهيءَ کي عشق ماريو جو اڦٽ،
ماهروين جي مقابل، چار چشميءَ سان ٿيو چٽ.
زلف جي سودا ۾ ٿيو وابسته مجنون جي طرح،
ڪاڪل خمدار جو پئجي ويس گردن ۾ وٽ.
تير مڙگان جي تصور جو لڳو جنهن کي اثر،
سو نهوڙيو چوڪ چشمن، نوڪ نيڻن جي نپٽ.
ماهرويان جي محبت دل کي مونجهارو ڏنو،
سڪ سڳو سولو ڇنڻ ناهي مُنجهيو ڄڻ آه پٽ.
ٿا ثناخواني ڪريون سهڻن جي تن جي روبرو،
جيئن پڏائڻ لئي ٿئي ڪنهن، پير پويان ڀان ڀٽ.
ناهه آسان نازنين سان نينهن جو ناتو رکڻ،
سڪ اندر ثابت قدم ٿي پير پائي پوءِ نه هٽ.
هئي اڳيئي دل ويچاري سيف ابرؤء جي سٽيل،
مرغِ بسمل وانگي ويتر ٿي ڏسي نيڻن جو نٽ.
ڪوزهء مسجد جو پاڻي جسم کي اطهر ڪري،
دل ڪري اطهر جو آ پرآب ميخانه جو مٽ.
ساقيءِ ڪوثر جي محفل ۾ ملي ڪيئن ان کي راه؟
حُبِ حيدر جو نه ”تارڪ“ ساڻ جنهن سرٽيفڪٽ*.
*
صفت الزوم ما لايلزم، التزام
[هن کي اعنات به چيو ويندو آهي. شاعرُ، هڪ يا چند امور، جي لازمي نه هجن، سي
غزل يا قصيدي وغيره جي هر شعر ۾ پاڻ تي لازم ڪري،
ان کي لزوم مالايلزم سڏيو ويندو آهي.]
عشق جي اوقات ۾ ڪثرت جو ڪاروبار چت،
شهر چٽ، دڪان چٽ، واپار چٽ، بازار چٽ.
اڄ شراب اهڙو ڏنو ساقيءَ جو پيئندي ٿي ويو،
جام چٽ، خمخانه چٽ، مدهوش چٽ، ميخوار چٽ.
حسن جي غمزه کان ٿي ويو زاهدِ بي پير جو،
نفل چٽ، اوراد چٽ، تسبيح چٽ، اذڪار چٽ.
باغ ۾ دلبر ويو ٿي رشڪ ان جي حسن کان،
مرغ چٽ، اشجار چٽ، اثمار چٽ، گلزار چٽ.
تنهن جي زلفِ عنبرين جي رشڪ کان ٿيو اي پرين،
عطر چٽ، عود ۽ اگر چٽ، نافهء تاتار چٽ.
جذبهء توحيد کان ”تارڪ“ رهيو ٻيو ڪينڪي،
دوستي چٽ، دشمني چٽ، يار چٽ، اغيار چٽ.
رديف ”ٺ“
فصل گل آيو چمن ۾ مَئي سندو هٿ جام وٺ،
فڪر کان فارغ بڻي، فرحت ڪري، آرام وٺ.
زندگي ضايع ڪيئي، سوُد و زيان ۾ پر هينئر،
امن ۽ آزادگي ڪاڏهن غمِ ايام وٺ.
ساقي و مطرب سڏي کڻ ساڻ ڪر سير چمن،
باده نوشان بيخوديءَ ۾ بوسهء گلفام وٺ.
خود پرستيءَ کان مٽي منهن، ڪر بتن جي بندگي،
زلف جو زنار پهري، ڪفر ڇڏ اسلام وٺ.
مان نه توکي ٿو چوان ڪر باده نوشي دائما،
موسمِ گل ۾ فقط هي حضه صبح و شام وٺ.
جي اٿئي صياد مرغِ دل کي ڦاسائڻ جو خيال،
وجهه تون اول چُوڻ، آڻي پوءِ هٿ ۾ دام وٺ.
ڇونه قاصد کان ٿو احوالِ زباني ڪجهه پڇين؟
پرت وارن جو پرين بهرِ خدا پيغام وٺ.
منجهه لباس المومنين آهين قلوب الڪافرين،
ڇڏ بتن جي بات کي ”تارڪ“ خدا جو نام وٺ.
*
ڪر نه هيڻن ساڻ هرگز هوڏ هٺ،
ناز وارا! نياز جي ڪا واٽ وٺ.
تيئن سندءِ موئي ميان آه دل ڪڙي،
جيئن ڪمر تي ٿو ٻڌين ساهي اڳٺ.
تو بنا هردم ٽپي بيتاب ٿو،
دل سندو آهي چڻو ۽ بره بٺ.
آتشِ فرقت ۾ ائين ٿو جيءُ جلي،
جيئن ٿي سوناري جي ڪوٺاريءَ ۾ مَٺ.
جسم ٿيڻو آه جڏ ”تارڪ“ فنا،
تڏ ڇڏي ڏي سر سندو سڀ ٺاهه ٺٺ.
*
ڪين اُکڙيو دل مون تنهنجي بره جو بنياد نيٺ،
مون گهڻو توکي وساريو، پر ڪيو دل ياد نيٺ.
مون گهڻو ئي عشق جي آزار کي مخفي رکيو،
پر اندر مون اوچتو نڪري وئي فرياد نيٺ.
هيئن نه هو معلوم تا ڪو ظلم ڪيش آهين وڏو،
مون ٿي ڀانيون درد وارن جو ڪندين ڪو داد نيٺ.
هن تغافل کان نه ڪيئن سو جان کان بيجان ٿئي؟
ڪين ڪَيڙءِ ياد پنهنجو عاشقِ ناشاد نيٺ.
شاه خوبان کي ڪيم جو دل جي آباديءَ جو عرض،
چيائين، ٿي سگهيو ته ٿيندو ملڪ سو آباد نيٺ.
سالها صنعان وانگي هوس با تقويٰ و زهد،
اي بتِ بي پير تنهنجي بره ڪيو برباد نيٺ.
مرغ دل جو آشيانو، گرچه هو آزادگي،
پر وجهي دامِ بلا نين، سونهن جي صياد نيٺ.
عمر ساري صرف ڪئي ”تارڪ“ بتن جي بات ۾،
ماهرويان جي محبت کان نه ٿيو آزاد نيٺ.
رديف ”ث“
دلربا کان آهه هجران، الغياث!
مہ لقا کان درد حرمان، الغياث!
سينه پر سوراخ ٿيو ڇاڻي جيان،
منجهه تصور تير مڙگان، الغياث!
درد دوري آه ڪيو بي اختيار،
سر سندم سروِ خرامان، الغياث!
تنهنجي اوسيئڙي ۾ دلبر رات ڏينهن،
ٿا رهن هي نين نگران، الغياث!
آتشِ فرقت کان آهي دل ڪباب،
ڏس اچي هي سينه سوزان، الغياث!
زلف جي پيچيدگيءَ کان اي پرين،
ٿي رهي دلڙي پريشان، الغياث!
تو سوا گوندر گذاري دل سندم،
مبتلا منجهه فڪر ارمان، الغياث!
اشڪباري ٿي اکين کي ايتري،
تر ٿيو جنهن کان جيب و دامان، الغياث!
تنهن ڪري دلبر رهي ٿو تنهنجي در،
نينهن ۾ ”تارڪ“ ٿيو نالان، الغياث!
*
مصرع طرح:
فرقت ۾ تنهنجي مون ٿو مران يار الغياث:
غمگين غمن ڪيو اچي غمخوار الغياث!
”فرقت ۾ تنهنجي مون ٿو مران يار الغياث!“
دلبي سان ڦرجي دل وئي ديدار آسري،
ديوانه درد هن ڪيو، دلدار الغياث!
فصلِ بهار، عشق، جواني، صنم وٽم،
ساقي برائي ساغرِ سرشار الغياث!
بارِگران، پيادگي ۽ پنڌ رات جو،
ڪر ڪا مدد، اي قافله سالار الغياث!
هند پسر جي عشق ۾ مئي پي ڪريان ٿو ڪفر،
اي شيخ پاڪ دامن و ديندار الغياث!
اي پير مون کان اڄ ته ٿيو رهن مئي فروش،
تو وارو ڏنل خرقه و دستار الغياث!
مون ٿو مڃان تون آهين مسيحِ زمان پرين،
وقتِ رمق لئي بره جي بيمار الغياث!
وقتِ خير آيو وئي وصل جي اُميد،
هاڻي سڄڻ ته واسطي ديدار الغياث!
خانو سندم سواءِ تو روشن نه ٿو ٿئي،
وجهه روشني ڪا اي مہِ رخسار الغياث!
سر خفي، جلي، ٿو رهي درد سر مثال،
ڏيکار طور سالڪِ اطوار الغياث!
روزِ قيام چوندا گنهگار يڪ زبان،
هن وقت يا محمدِ مختار الغياث!
خيبرخوديءَ سندو ٿو پٽيان هٿ همت جي سان،
ڏي ڏي مدد يا حيدرِ ڪرار الغياث!
”تارڪ“ جي نظم جو نه رهيو قدر لوڪ ۾،
اي قدردانِ ناظمِ اشعار، الغياث!
رديف ”پ“
بي مهر شوخ ظالم ڪي ڊڄ خدا جي ڊپ،
مستن کي ڪين مار ۽ پؤ نا چرين سان چپ.
ڪر ڪا تلاوتِ مصحف رخ سندي صنم،
ڪوڙا نه ڪر مسئلا قاضي ڪتاب ٺپ.
توسان جو عهد آهي سو مَرُ پڙي اچي،
راهِ وفا ۾ جي سِر ڪپڻو اٿي ته ڪپ.
جيسين ٿي رام سو بتِ ڪافر اچي ملي،
تيسين تون ڪفر ڀر رام رام جپ.
چله نشين زاهد سهڻن جو سير ڪر،
حور و قصور واسطي ويهي نه مار ڇپ.
”تارڪ“ ڪمان ابرو، تيرِ مڙه اگر،
ماري مقابلي ۾ ته سيني مٿي سي جهپ.
*
پنهنجي مشتاقن اڳيان اي مہ لقا نا مار مپ،
ناهه طاقت تاب تنهنجي جي ڏئي بيٺا جي ڏپ.
ڇو اجايو ڏيئي سهمون دل کي ساڙين ٿو سڄڻ؟
تنهن کان جي ڪپڻو ٿي سر ڪپ، ڪپڻ لئي آڻ ڪپ.
مُنهن جي ڪعبي ۾ ٿيو آه خال هندوءَ کي دخل،
پوءِ ڇا ٿيو جي کڻي تسبيح تي پڙهو سي جپ؟
تيئن سندءِ زلفِ دوتا ۾ قابو دل سندم،
جيئن ڊکڻ ڪاٺين کي هڪ ٻئي ۾ ملائي ڪن ٿا نپ.
نقد دل جيڪو هيو سو سڀ لٽي لحظي ۾ وئين،
هيئن ڪرڻ گهرجي نه توکي مال مسڪينان هڙپ.
بره تنهنجي ۾ جڏهن بدنام ٿيا سي بي سبب،
پو مٺا ماڻا ڪِري، لالن ليو پائي نه ڇپ.
حد ٽپي هر ڪوئي ٿو بيحد ٽپي سو پير آه،
جي فقير آهين تون ”تارڪ“ حد ۽ بيحد ٻيئي ٽپ.
*
[در صنعت لزوم، ما لايلزم، التزام]
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ،
عقل چپ، ادراڪ چپ، انڪار چپ، افڪار چپ.
ڪالهه ميخاني ۾ ساقي مئي ڏني، جنهن کان ٿيو،
مست چپ، هشيار چپ، بيهوش چپ، بيدار چپ.
مہ لقا جو منهن ڏيکاريو، ٿي ويو تنهن جي سبب،
رنج چپ، ارمان چپ، افسوس چپ، آزار چپ.
عاشقن تي جڏ کليو سر حقيقت تڏ ڏٺئون،
ڪفر چپ، اسلام چپ، تسبيح چپ، زنار چپ.
ڇا سبب جو هن بتِ طناز کان سڀ ٿي ويو؟
عار چپ ۽ پيار چپ، انڪار چپ، اقرار چپ.
هجري واري رات مون کي ٿي نظر آيو ائين،
خويش چپ، بيگانه چپ، بل هي سڄو سنسار چپ.
موج محويت سبب ”تارڪ“ جي دل مون ٿي ويو،
ذڪر چپ ۽ فڪر چپ، اسرار چپ، انوار چپ.
*
نه پانئيج زلفن جا سنهڙا هي سپ،
هڻن ڏنگ جيڪر ته ڏين ٺينگ ٽپ.
اها آه مشاط مارَن سان جا،
بنا منڍ منتر ٿي ڏئي ڳن ڪپ.
چڱو ٿا چون آه چاهي ذقن،
پياريو پياسن کي تنهن مؤن ڪا لپ.
ٿيو جان بخش تنهنجو تبسم پرين،
ٿيءُ اعجاز عيسيٰ جي چورين ٿو چپ.
محبت ۾ محنت اچي ٿي مٿي،
هلي ڪين هرگز اتي لم ٺپ.
سڄڻ آئي راحت سري روح کي،
ٿئي عطر کان دور بدبوءِ ڌپ.
نه دنيا مان ”تارڪ“ ڇٽي ڪو سگهيو،
نه نڪتو ڪو ڦٿڙي منجهان چور- گپ.
رديف ”ڦ“
قاصد نجئين پيام، هي ٿورو اسان تي ٿڦ،
دلبر کي ڏج سلام، هي ٿورو اسان تي ٿڦ.
جاڪون جدا ٿيو آهين تون، تاڪون ٿيا جيءَ جڏا،
گڏ رهه مٺا مدام، هي ٿورو اسان تي ٿڦ.
آبِ وصال سان اچي فرقت جي باهه ٺار،
جاني پيار جام، هي ٿورو اسان تي ٿڦ.
گلشن ۾ اچ، ته گل ٿئي خجل ۽ لهيس لاڏ،
ڪنهن وير صبح و شام، هي ٿورو اسان تي ٿڦ.
ڪيو بي سروپا بره سندءِ ٽل اچي اڱڻ،
اي سرؤ خوش خرام، هي ٿورو اسان تي ٿڦ.
”تارڪ“ نماڻو پرتو اٿي هر طرح پرين،
هٿ رک مٿي غلام، هي ٿورو اسان تي ٿڦ.
رديف ”ج“
پانڌي پرين کي مون سندو هيڻو هي حال ڪج،
ماندو مري ٿو تنهن سان ڪو وهندو وصال ڪج.
بي پرده عاشقن ۾ تون حسن و جمال ڪج،
تازو وري تهين مٿي خوش خط و خال ڪج.
توڙي نه ڪن وفا، تون وفادار ره سدا،
لائي پريت قرب ۾ پنهنجو ڪمال ڪج.
چوريم جو ذڪر وصل جو ٿي تار منجهه طلب،
فرمايو يار، ”اهڙي نه خواهش محال ڪج.“
عشقِ بتان ۾ جي اچي تعذير تو مٿي،
منصور ٿي مڃيج، نه موران ملال ڪج.
بوسه جو عرض ڪيم ٿي فرقت ۾ تلخ ڪام،
چيو خشمگين ٿي يار، ”نه اهڙو سوال ڪج.“
اغيار جي شڪايت چيو يار هيئن ٻڌي:
”جي چوان ان رقيب سان جوڙي جدال ڪج.“
مون درد دل جو پيش ڪيو يار جي اڳيان،
چيئن، ”ٻيو نه ٻڌڻو آه نڪي قيل قال ڪج.“
راهِ وفا ۾ جي ڪرين عاشق جو سر قلم،
تڪبير تيغ ابروءَ جي سان حلال ڪج.
”تارڪ“ جي نقد جان ڏئي بازار عشق ۾،
سودو ڪرين سڄڻ سان ته دل کي دلال ڪج.
*
ادا طرف حق جي هليو پيو هليج،
سدا غير کان دل پليون پيو پليج.
محبت جو من ۾ مچائي تون مچ،
اڇل سر انهيءَ ۾ جليون پيو جليج.
ڀلي جيئن سياڻو نه توکي سڏن،
چريائيءَ جي چالي چليون پيو چليج.
ڏين مهڻا ماڻهو سي منظور ڪر،
سڄڻ ڪاڻ سر تي جهليون پيو جهليج.
ڪڍي ڪينو اسلام ۽ ڪفر جو،
همه ساڻ هڪ دل رليون پيو رليج.
نه ٿي يار ڳهلو ڪي ڳڻ ڳوت ڳالهه،
سدا نينهن نڪتا ٽليون پيو ٽليج.
رهي رنگ رندن رچي لال ٿي،
اڳيائون انهن جي ڍليون پيو ڍليج.
کڻي خاڪ ”تارڪ“ در شِہ نجف،
محبت مون منهن کي مليون پيو مليج.
*
ساقي ڀري پيالو ڪو ڀنگ جو پيارج،
خط خوبروءَ جي سبزي جي يادگيري ڏيارج.
مهجور جي مرن ٿا، جاني اهي جيارج،
اعجاز عيسويءَ کي سرنو وري اجارج.
قتل عاشقن جي مؤن ڪجهه، هٿ ڪين آه اچڻو،
توکان جوسر کي واري، موذي ڪو اهڙو مارج.
ڪُنجِ فرح ٻيو ڪو، ميخانه جهڙو ناهي،
پيرِ مغان جي پاڙي ڪو دم حياتي گهارج.
ڪاچوڪ جي شعر ”تارڪ“ ۾ نڪته چين ڏسين تون،
جي وس پڄي سگهيئي، کلندي کڻي سڌارج.
*
ري پاڻ سڃاڻڻ ٻي تمنا ڪر تاراج،
وٺ استعفا عشق کان ٿي ٻئي جو نه محتاج.
غم ۾ نه جي غمگين ۽ شاديءَ کان نه شادان،
هڪ جهڙو ٿيو تن کي ته ڇا ماتم ڇا ڪاج.
ڏس حسن صنم ذات صفت ۾ ڪيو ظهورو،
ڪشڪول رکي ڪڇ ۾ ڪٿي، ڪٿ رکي سر، تاج.
ڪر خيال جدا جسم کان، تون فڪر فنا سان،
تا صورت ريءَ حاصل ٿئي معنوي معراج.
رک ذڪر روان هر جا هر وقت همه حال،
منجهه جاڳ اٿڻ ويهڻ، منجهه ننڊ ڪرڻ حاج.
اي ساقيءِ ميخانهء توحيد هي ”تارڪ“،
ڪر بيخود کان جام مئي حالتِ حلاج.
*
سمجهه سر جي سير کي هن جسم جان مؤن ڪر عروج،
عالمِ بالا مٿي هل، هن جهان مؤن ڪر عروج.
آيو تون جنهن جاءِ کان آهين وري اوڏاهين وڃ،
لامڪان ۾ ڪر مڪان، ڪون و مڪان مؤن ڪر عروج.
عالمِ ناسوت ۾ آرام ويهي ڪين ڪر،
ڪر همت هاهوت ڏي هل، آسمان مؤن ڪر عروج.
قال الرحمٰن عليٰ لعرش استويٰ، ور حق طرف،
رهه زمين تي ڪينڪي، دورِ زمان مؤن ڪر عروج.
ذات قدسي آهين ”تارڪ“ مختلط روح و بدن،
موٽي هل ملڪِ بقا، بندِگران مؤن ڪر عروج.
*
تارڪ الدنيا کي سيم و زر جو ڪهڙو احتياج؟
تارڪ العقبيٰ کي حور اطهر جو ڪهڙو احتياج؟
تارڪ الدنيا و ما فيها ٿيو طالب خدا،
ان کي ذوقِ خمر يا ڪوثر جو ڪهڙو احتياج؟
جنهن کي روشن ٿو رهي سير اليٰ الله دم قدم،
ان کي صحرا جو ويا بازر جو ڪهڙو احتياج؟
جو گداگر ڪوچهء جانانه ٿيو ڪشتو بدست،
تنهن کي ڪنجوس ۽ سخي جي درجو ڪهڙو احتياج؟
جو پسي عين اليقين سان نور ’وجہ الله‘ ٿو،
ان کي جاچڻ اولهه ۽ اوڀر جو ڪهڙو احتياج؟
جنهن کي آئي سمجهه ’افلا تبصروني‘ جي اندر،
ان کي بيت الله يا مندر جو ڪهڙو احتياج.
صوفيءَ بي سر کي ”تارڪ“ آهه سوري سيج جيئن،
محو ذاتِ حق کي پاؤ سر جو ڪهڙو احتياج.
*
دل کسڻ ڏيئي دلاسو آه دلبر جو رواج،
اعتبار ان تي ڪرڻ، عشاق بيسر جو رواج.
درد وارن جون دليون ٿو زلف دلبر جو ڦري،
ديندارن کي ڦرڻ هن آه ڪافر جو رواج.
سر ڏيڻ ري ڪين ڪنهن کي وصل جي نعمت ملي،
عاشقن جي لئي ڪڍيو تڏ يار خنجر جو رواج.
ساقيا! فصلِ بهار آهي وري ٿيو جوش ۾،
ڪر تون جاري هاڻ بخشش باده ساغر جو رواج.
جاڪون تنهنجي زلف جي خوشبو صبا آندي کڻي،
تاڪون عالم مون ويو گهٽجي، مشڪ عنبر جو رواج.
سلڪِ دندانِ صنم جي ڇا صفائي ٿئي بيان،
چمڪ کان ويو جنهن جي گهٽ ٿي در گوهر جو رواج.
خانهء دل ۾ ڏٺو جن آه اسرارِ نهان،
ويو ڇڏائي تن مون سيرِ باغ بازر جو رواج.
منهنجي دل دلبر جي دل سان ٿي رکي اچ وڃ ڳجهي،
مون ڇڏيو تنهن کان رکڻ قاصد ڪبوتر جو رواج.
صبر ڪر دل تون غمِ جور و جفائي يار تي،
ناهه انصاف و عدالت، هن ستمگر جو رواج.
منهنجي دل دلدار جي ٿي درد ۾ ديوانه وار،
هر دو عالم کان جدا ٿيو هن قلندر جو رواج.
ناهه جنهن ۾ اهل دنيا جي، نه دنيا جي صفت،
ڪيئن ڀلا دنيا ۾ ٿئي ”تارڪ“ جي دفتر جو رواج.
|