وايـــــون
داستان روپ سارنگ
جاني منهنجا آءُ ته پرين پرچايين.
ساعت ساعت سپرين، واريو ڳچيءَ ڳرلائيين.
پائي پاند ڳچيءَ ۾، سوين ڀتين سرچائيين.
جيڪر اچين اڱڻ اسان جي، روئي دل نرمائيين.
”اشرف“ چوي آءُ پيارا، پلپل هوند پرڀائيين.
*
ماڻ نه ڪر، محوب اسان سان.
لاغرضي تو لالڻ جي، ماري ڪيس مغلوب،
اکيون کڻ الله لڳ، اوري محب مٺا مطلوب،
کول نقاب تون يار نوراني، مشتاقن مرغوب.
سهڻا نيڻ سياه سلوڻا، خمارئل خوش خوب.
”اشرف“ چوي ڏي درسن پنهنجو مولا هن معيوب.
*
مون سان گڏ گذاريين، ڇو نه ٿو تون.
پرين پورهيت پنهنجي، سڪندي يار سنڀاريين.
اچي اسان جو سپرين، جڏو جيءُ جياريين.
ڪري نظر نيڻن سان، سڀئي سور وساريين.
الله لڳ ”اشرف“ چوي، نڌر ڏي نهاريين.
*
لايو نماڻيءَ نينهن، سڄڻ سان لايو.
مِلان محبوبن کي، ڏاتر ڪرين سو ڏينهن.
والي شال وسائين، ميڙائي جو مينهن.
”اشرف“ عشق عجيب، شوخ وراتو شينهن.
*
ڪيون نهين آوندا، ساڏي ڪول پيارا.
ونحن اقرب وچ جو، وسدا ڏيندا نظارا.
سڻو سنيون، هڻ يار ٿيا هي بيحد مختارا.
بي پرواهي يار سڄڻ دي، هوش نيتو هي سارا.
”اشرف“ محمد ڪنون مولا دي منگي بيک بچارا.
*
سڄڻ مون کي ماريو، وڃو ڇو ٿا وريو.
ڀيرو هن بنديءَ تان، ڀلا ڪيم ڀڃو.
نهوڙي نيڻن سان، وڃو سو سڃو.
توڙان طعنو تنهنجو، مٿي تي مون مڃو.
پياري پُر ڪيو، ”اشرف“ آهي اُڃو.
*
سڄڻ مُئيءَ مارئو، وڃو ڇو ٿا ورئو.
ساجن جي صحبت مان، مون سرتيون سور سرئو.
ڦيرو هن فقير تي، ڪوهيارل ڪرئو.
هينئڙو حبيبن جا، ساري ڳُڻ ڳرئو.
”اشرف“ عجيبن جي، وڃي ماڻي ساڻ مرئو.
*
کليا نقاب نوراني، جيڏي ويکان تيڏي جاني.
جي ڪجهه آکين، واقف ٿيوان، ڪري سر قرباني.
دل ديواني دلبر ڪيتي، حيرت وچ حيراني.
لم يلد ولم يولد، نفي ڪر نيشاني.
”اشرف“ يار تون صحيح سڃاڻي، صفت سڀ سبحاني.
*
ويٺي نهاريان واٽ، سڄڻ تون ڪڏهن ايندين.
جاني آءُ تنهنجي اچڻ جا، گس ڏسان گهٽ گهاٽ.
پانڌي روز پڇائيان، ڳوڙهين ڀريو ڳاٽ.
تنهنجي ملڻ جي تون جئين اٿم اُڃ اُساٽ،
”اشرف“ چوي آءُ الهه لڳ، لک ڪريان لوهاٽ.
داستان روپ ڌناسري
سالڪ منجهه سڀن، ڪامل پير قريشي.
ان اوليائي تحت قبائي پڙهڻ اي پڙهن.
جن انسانن توڻي ڪي ٻيا مدحون ملڪ چون.
قادر ڪيئڙو ڪرم سان غوث سندو غوثن.
حاضر پويان جي ٿيا اوليا تابع سڀ سڻجن.
موجون ملتاني ڪري مٿي مريدن.
سڏيو ڏينهڪ ڏڏن کي ڏوڙا ڏان ڏين.
”اشرف“ چوي اوڏاهين اکيون آس رکن.
*
توکي پير سڀو معلوم حال منهنجو.
تو کي شاهه سڀو معلوم حال منهنجو.
سدا سڀڪنهن ديس تي غوث سندو غلبو.
آهي عرش زمين تي تنهنجو دٻدٻو.
ڪاغذ ڪچن ڪمن جو ڪرم سان ڪٽبو.
مدعي جو مريد جو پير تهان پلبو.
واري هڻ ويري کي چوٽي جو چئبو.
درد منهنجي دل جو تنهنجو ڪرتبو.
الله لڳ ”اشرف“ ڏي سنڃ هٿ سلبو.
*
پانڌي پيرين ڏيج، منهنجو نينهن نياپو.
هلي حضرت غوث کي هي مون حال چئج.
صدرالدين سڌير تون ڪامل ڪر لهيج.
رڪن عالم راڄيا وهلو وير وريج.
محمد غوث مريد تي هادي هٿ ڌريج.
ڀاون شاهه الله لڳ ڀلا پير ڀريج.
مرشد مريدن کي مورهين ڪيم مٽيج.
الله لڳ ”اشرف“ سان ڪوئي ڪرم ڪريج.
*
بي صورت سو صاحب (وي)، بن صورت دي وچ آيا.
آپي عاشق معشوق آپي، آپي عجب عجائب (وي).
آپي شاهه گدا (وي) آپي، آپي، نوڪر نائب (وي).
آپي پير مريد (وي) آپي، آپي ادب ادائب (وي).
آپي مومن ملحد (وي) آپي، آپي توبهه تائب (وي).
آپي هر هڪ دي وچ سدا، غازي آپ غرائب (وي).
”اشرف“ ظاهر باطن آپي، آپي حاضر غائب (وي).
*
آءُ سجن تون موري گهر آءُ سيني وچ سما.
ورق وفي انفسڪم والا، سهڻا آ سمجها.
و نحن اقرب نيڙي تون وسدا، ماهي چا مکڙا وکا.
وهو معڪم اکيان ڪولون پري ڪرين پردا.
ڏي جمال ته ڏيکان تينون راتين روز مرا.
”اشرف“ ڪون چا تون عطا ڪر لحظي وچ لقا.
*
جو ڪجهه هي سو هي،
سيان ري وچ صورت دي.
ويکڻ والا هڪو ويکي تيڏي ويکن ٽي.،
الف هڪي وچ هيڪو ٿيوين ڇوڙين ب ت ٽي.
هر هر صورت هر طرف هي جاني جيڏي ڪيڏي.
ڪل شيءُ في ڪل شي هر شي وچ وسي.
”اشرف“ نقطا ڪر پري، ري سائي حي ساخي.
داستان روپ مارئي
آئون ٿي گهاريان ڏينهن گنگهر، مارن ڌاران ماڙيين.
ڇڏي پڊ پري ويا اوء ڏاڍي سانگ سفر.
مارو موٽيا ڪينڪي ڪنهن جنهن ڏوٺ ڏمر.
عمر اُڪنڊين ساهه هيڏا قهر م ڪر.
مون کي ماروئڙن جي آهي اُڪنڊ اُڃ آپر.
”اشرف“ چوي ان ڏي آءٌ پهچان ڪهڙي پر.،
*
منهنجو سانگ ته سانگين ساڻ، ٻاروتڻ جو ٻانڌاڻ.
منهنجو ماروئڙن سان پڪو پهه پرياڻ.
اوڇڻ اڍين اُن جو واري سندس وڇاڻ.
اُڃ بک ات نه سڄي، اُن جو قوت اڇاڻ.
شهد شڪر شربت کان مٺو وڌ ڀانيان وڇراڻ.
وڃي ويڙچن ڏي، ڀريو پيان ڀاڻ.
”اشرف“ چوي ان جو ونهيون وهڻ وٿاڻ.
*/
وري ٿيئي منجهه ٿرن، مان ميڙائو ماروئين.
مون سرتيون ملير ۾، پکي پاند پرن.
پيو کير کيڙيون، ڀڻن منجهه برن.
ڦوڳن منجهه فضل سان، ڦرئو ڦر چرن.
مون ڏکي ڪو جو ڏوهه ڪيو ٻيون سڀ وٽ ورن.
عمر سارئو ان کي منهنجي هينئڙي ڳچ ڳرن.
”اشرف“ چوي اباڻا شال وري ڍٽ ڍرن.
*
ڪي جي ڏسي ڏوهه، مارن مٽي ماروي.
آڻي عمر ڪوٽ ۾ لکئي پاتم لوهه.
هن منهنجي حال کي رتو روئن روهه.
الله اُن م وسران آئون ٿي تڳان تن جي توهه.
زبرن زنجيرن کي وڃان ڇني منجهان ڇوهه.
”اشرف“ چوي اُڪنڊ جا مون کي اندر منجهه انبوهه.
*
آئون جا وينديس ويڙ وري، محلن منجهي مون هنيون.
جيڪس مرنديس ماڙيين ساري سرتيون سور چري.
لنڱين هڏ نه لائيان زيور سون ذري.
ساري سانڀيڙن کي وينديس موت مري.
مارن ڌاران ماڙيين آهيان ڳاري منجهه ڳري.
عمر اوٺي آئيو تنهن ڪي خبر کينئن کري.
”اشرف“ چوي آئيا مارو مٿان ڍٽ ڍري.
*
جهڄڻ ۽ جهوري، مون کي ماروئڙن جي.
لوئي جي ليڙن تان گهوريان پٽ جي پٽوري.
ماڙي ماڙيچن ري گهڻي کان گهوري.
عمر ڪهڙي عڪس کان آندئي ڇيلن مان ڇوري.
اباڻن جي اڪنڊ جي مون کي لنئون لنئون ۾ لوري.
قسمت آڻي قيد ڪئي منجهه نيرن ندوري.
”اشرف“ چوي انجي آهي هينئڙي کي هوري.
*
سانگين ري نه سري ٿي،
عمر ڄام ڪيئن جالينديس ڪوٽ ۾.،
ساريو سنڀيڙن کي ڳاراڻي ۾ ڳري ٿي.
ڪڍ بندياڻي بند مان ملڻ ڪاڻ مري ٿي.
پکا پنهوارن جا سارئو سور چري ٿي.
ان ري پٽ ”اشرف“ چوي ڪين قبول ڪري ٿي.
*
سانگيڙن کي ٿي ساريان.
عمر ڄام وينديس رهندس ڪين ڪي.
قسمت قيد الماء جا ڏينهن گنگهر ٿي گهاريان.
موڪل ڏيهيم سومرا ساڻيهه ٿي آءُ سنڀاريان.
ٻڪر ٻاٻاڻن جا تڙ تڙ شال تنواريان.
”اشرف“ چوي ان ري ڪيئن دم ڪوٽ گذاريان.
*
منهنجي مارن ري دل ماندي
هادي ڪر مون هيڪاندي.
مارئي منجهه هن ماڙيين عمر ڏکن لئي آندي.
قسمت قيد الماء کان وري ٿينديس ڪڏهن واندي.
مون سرتيون ملير ۾ سڀڪا ڏيهه سماندي.
”اشرف“ چوي عمر تو ڇا کي بندي هي باندي.
*
هن محبت ڪيو مردان، برهه بنا بيبان.
عشق جنهن کي اندر ۾ او چئبو انسان.
سک نه ساعت هيڪڙي جيءَ ۾ جنين جولان.
سڌ نه سڌڙين کي پيئي عشق نه آهي آسان.
عشق ڌاران آدمي سو هڏهين حيوان.
سڪندن کنيو سر تي سورن جو سامان.
”اشرف“ ڏوري ڏس تون محبتين جو ميدان.
*
رهجي اچي شال رس، منهنجو ماروئڙن سان.
سيل رکي ساڻيهه وڃان جيڏيون چونم جس.
ڇڏ سٻرايون سومرا حال پنهوارن پس.
مهڻو مارو ڄام جو مون ڳل سونو هس.
ڪڍ بندياڻي بند مان تان ڪو ڪر ترس.
”اشرف“ چوي ان کي ڏسي ڪنهن ڏينهن لاهيان ڪس.
*
مون کي پلپل پور پن، مٺن تن مارن جا.
ساريو ويٺي ساريان ويڙيون ويڙيچن.
منا مور نه وسريا سرها ويڻ سندن.
سدا مارو من ۾ وير نه ڪنهن وسرن.
مون کي ماڳ ملير جا هينئڙي نت هرن.
”اشرف“ چوي ان لاءِ، جهڙ جيئن نيڻ جهمن.
*
مون کي ڪي ڏينهن ڪوٽ پيا،
آءُ جا ويندي ويڙچن ڏي.
پڪا قول پنهوار سان مون تان ڪالهه ڪيا.
عمر ڪنديس ڪينڪي توسان ٻول ٻيا.
قسمت قيد الماء جا ڏهلا ڏينهن ٿيا.
واڌو ورهن کان ڀائيان هي جي بلڪ پيا.
امن سان ”اشرف“ چوي هادي ڪڍ هئا.
*
مون کي موڪل ڏي ميان عمر ته آءٌ ويڙ وڃان.
پيرون پوڄ پچي پيا ڏاڏاڻي ڏيهه ڏي.
آيس عمر ڪوٽ ۾ ڇيلا ڪالهه ڇڏي.
پهري پائر ڏي ويئا گوندر جي گڏي.
ٿينديس ٿاريلن سان ڀيڙي ڀاڳ وڏي.
جيڪس مرنديس ماڙيين سرتين کي سڏي.
اُتي ري ”اشرف“ چوي گهاريان جيء جڏي.
*
عمر ڏي موڪل، ڍٽ وڃي ڍنگر ڍوئيان.
کوڻن رات کنوائيا اٻاڻن اهل.
بادل برسي ڀريا تر ترايون تل.
وري وطن آئيا ڪيئن پيئيم ڪل.
آڻي اڏيائون اوڏڙا پکا پکن جهل.
ساريو سانڀيڙن کي ويٺي ڳاڙيان ڳل.،
”اشرف“ چوي ان ري کوءِ ماڙيون محل.
*
ماڳ ملير سنڀار ڀوري پانهنجو،
قسمت آنديين ڪو دم ڪوٽ ۾.
رک رجوع تون پنهنجي اصل ڏي وطن ڪيم وسار.
آڻي عمر ڪوٽ ۾ لکئي وڌئي جي جنجار.
دنيادار فنا في الحقيقت، وهم اصل ڏي وار.
عهد الستي قالو بليٰ ڪيئن ”اشرف“ عشق اجار.
*
لوهه جا پون لهي، قيدن قلب ڪنبائيو.
وٺا مينهن ملير ۾ وئڙا راڄ رهي.
مون جيڏيون ميلر ۾ پين موڪ مهي.
هن منهنجي حال جو ڪونهي سور سهي.
”اشرف“ چوي اُن ري ٿيڙم ڏ يل ڏهي.
داستان روپ بلاول
م ڪر ايڏا ماڻا، سانول يار سياڻا.
هي جي باغ ڀنڀور جا تو ري ڪانڌ ڪوماڻا.
تنهنجي ڏسڻ جون تون جيين ڄاڻ نٿي آءٌ ڄاڻان.
سور تنهنجا سمانگر سرسا اندر منجهه اڀاڻا.
اکين منجهه ”اشرف“ چئي ٿورو لائي ڏي ٿاڻا.
*
م ڪر ماڻا مئي ساڻ، ساهه ٻڌو توساڻ.
اچ الله لڳ سپرئين ڪريان وارو وڇاڻ.
ڏس م منهنجن ڏوهن ڏي تون پرينم پاڻ سڃاڻ.
پرڏيهه ۾ تو ري مون پئڙا وڻ وڻ مينهن وساڻ.
”اشرف“ چوي تهدل توسان منهنجو پهه پرياڻ.
*
م ڪر بيپرواهيون، سڄڻ سائين.
اچي پيون اندر ۾ سورن جون سرواهيون.
ميخون محبت سنديون لڳيون ڪنهن نه لاهيون.
عشق سندي آڙاهه ۾ ڪوپا اچن ڪاهيون.
”اشرف“ چوي عاشق تنهنجا اسين اصل کان آهيون.
*
ڇا کان لايئي ڏينهن، سڄڻ سائين پا کان.
ويٺي نت وسايان سندا محبت مينهن.
باغ ڀنڀور جا توري ٿيڙا ڪر ڪوماڻل ڪرينهن.
سر ڪش سور سمانگر سرسا شهه زوراور شينهن.
دل اکيون ”اشرف“ جون تنهنجي نهوڙيون نينهن.
*
ڪهه تون ڪلمان ٿي قتل قرباني وي يار.
لاءِ خنجر لا والا آپ نون مار پڙهين حرف حقاني.
وچ آفاق انفسکم عاشق ڪر صحي راهه رباني.
صورت مورت ڪُل ڪائناتان صنعت هيئي سبحاني.
نفي اثبات ڪنون لنگهه اڳتي سير ايهوهي سلطاني.
”اشرف“ ڇوڙ صفاتان اوري لڙهي ٿيئي لامڪاني.
*
عشق ڄاڻج تون امام، ٻيو ڇڏ ڪوڙ ڪمام.
رسم ريا جا نفل نمازون اي نه آهي اسلام.
ورد وظيفو تسبيح مصلو نينهن بنا ناڪام.
شوق شهود جي سرڪ ساقي کان پي ٿي مست مدام.
”اشرف“ پير مغان توکي مئي جو جال پياري جام.
*
ڪوئي ڏوهه مين ڪيتا، آئوندا نهين اساڏي ڪولهون.
مست پيالا هٿون ماهي دي، پُر ڪرڪي مين پيتا.
ٿيسان بيرا ڳڻ تنهين دي ڪارڻ، جيئڙا جنهين نيتا.
هرگز ويسان مول نه رهسان، ساهه سڄڻ نال سيتا.
”اشرف“ آکي يار جي آوي، مئا عاشق ول جيتا.
داستان روپ آسا
درسن ڪي بکياري، مين واري واري.
درسن ديوو تان سک پائون،
نهين تو حال ميري سي توبهه زاري.
دو جڳ مين هي مقصد ميرا،
يار تمهاري ياري.
*
جيڏي ڪري ويا جاڙ، جت جڏي سان جيڏيون،
موت ماريندم، ڪڏهين اوٺين جا اولاڙ.
آئون ستي هو هليا، ساڙيس تنهن ساڙ.
ڪنديس ڪيچئڙن لاءِ ونڌر منجهه ولاڙ.
آهي اکڙين کي، ٻاروچاڻي ٻاڙ.
”اشرف“ چوي اوٺي ويا، پيهي منجهه پهاڙ.
*
مون منجهه عيب اپار، عيب نه اوٺيئڙن ۾.
ڪانهي ڪيچيئڙن ڏي آءٌ بندي بدڪار.
ڏيرن ڏوهه نه جيڏيون ڪوجها ٿيم ڪردار.
ڪين ڇڏينديس ڪڏهين سندي پرين پچار.
پاڻ ڀلائي سپرين سگهي لهندم سار.
آري ڄام ”اشرف“ چئي، مون تان لاهه ميار.
*
سهسين هئڙم سک، آيل ٻاروچن جا،
جيجل تن جتن جا.
جان ڪي نيندم پاڻ سان پاڻان ڏيئي ويم ڏک.
ڏونگرين جي ڏسڻ جي بيحد اٿم بک.
سڄو سنگت نه ساريان چت چريو ڪئو چک.
”اشرف“ چوي ان جي، من سڪي لاءِ مک.
داستان روپ سسئي
ڀلين ٻاروچل آيو – جيس جيس جيڏيون.
جاني آيو جود ۾ رنگ ڀري رنگ لايو،
اڱڻ آيم سپرين وري تنهن اڱڻ وسايو.
شاديون ٿيڙيون شهر ڀنڀور ۾ رات پنهل رانيو،
”اشرف“ چوي عيديون ٿيڙيون پرين پاڻ پسايو.
*
الله سي شال اچن، وڃي سي مان ورن،
آءٌ جنين جي جهڄان جهوري لاءِ.
ويٺي واٽ نهاريان سندي سپيرين،
اڳڻ آسروند جي وري اچي مان وسن.
ڪاڪيون ڪوهيارل کي، مهر پوي ڪا من،
مان مونهين تي مون پرين ڀينر ڀيرو ڪن.
”اشرف“ چوي ان لاءِ اکيون اُڃ مرن.
*
ساجن ري نه سري، آءٌ تان پلڪ نه سهان پري،
آئون ڏينهن گنگهر گذاريان.
ساٿي سنهيا کي سڄڻين ڏج پيرين هٿ ڌري،
توکي ساريو سپرين هي ٿي معذور موت مري.
وارج واڳ ولهي تي تون تان ڪيچي ڪرم ڪري،
اڱڻ آءُ ”اشرف“ چئي ڀلا پير ڀري.
*
وچ م پي پري تو ري تان نه سري،
وري آ هوت ٻاروچا.
سندا سنگت ڏينهڙا ساريو منڌ مري،
ڪريان سٻاجها سڏڙا ڳوڙهن ڳاٽ ڀري.
ڇولي وڌيس ڇپرين ڪنهن جنهن ذوق ذري،
آن در آيس ”اشرف“ چوي بدين بار ڀري.
*
وڃو آڻين ڪين وري چاڪن ڪيس چري،
مون کي ماريو مون پرئين (ڏاڍا ڏير وو).
ڏاڍي باهه برهه جي ٻانڀڻ سر ٻري،
ساري توکي سپرئين وينديس موت مري.
تازا ڦٽ فراق جا ٺاريان تان نه ٺري،
سڻي دانهن درد جي ڏونگر پون ڏري.
آءُ مران آءُ ”اشرف“ چئي جان ور تان جيري.
*
ساٿين ساهه نيو، وهڻ وهه ٿيو،
ڏونگر ڏورينديس وندر ووڙينديس.
ڏکي جو ذونگر ۾، سرتيون سانگ پيو،
وڃان ٿي وندر ڏي ٻئون سڀ ٻن ڏيو.
سائم سڪ سرتيون، ٻيلي ناهه ٻيو،
جيڪر جاڳيس جيڏيون ور هوند ڪين ويو.
ستيس آئون ”اشرف“ چوي ڪاڪيون مون ڪوهه ڪيو.
*
آئين ڪا رات رهو، ٻاروچا ڀنڀور ۾.
پنهون ڄام پورهت سان گڏجي سور سهو،
ڪري هوت هلڻ جون ڏکي کي م ڏهو.
ماري ماڳ مٺي کي پوءِ ٿي بار نهو،
الله لڳ ”اشرف“ چوي ڪامل ڪر لهو.
*
سڀ ڳرهينديس سور سفر جا،
هوتن سان هيڪر، جي پهچايس پرور.
سڀ سلنديس ساٿيڙن کي جي ڪيڙا غم گذر،
چڙهي نه سگهان چوٽيين ڪيا پرزا پير پٿر.
جبل جاڙون جي ڪيون مون سان ڏوٺ ڏمر،
ڏاريندي ڏونگر کي منهنجي آهه اندر.
”اشرف“ چوي ان ري ڀانئيان ذوق ضرر.
*
ڪاف ڏٺئي اڄ ڪي جانب منهنجا جي،
او ٻاروچا سي ڪوهيارا.
سڀ ڳرهينديس ڳالهيون هوت پنهل سان هي،
تو وٽان ڪي ويڙا سڄڻ ساٿ ڀري.
جبل جمل جتن جا ڪي توڏا تو مٿي،
مان سلايين سپرئين توکي پڇان ٿي.
الله لڳ ”اشرف“ چئي ڏونگر ڪو ڏس ڏي.
*
ويتر ڪئيڙم وڌ، ڙي جيڏيون جانب جدائي سان.
گولي گسن تي ڪندي پنهل ڪارڻ پڍ،
وينديس رهنديس ڪينڪي ڪاڪيون ڪيچن ڪڍ،
ماءُ پلينديس ڪيترو هينئڙي ڏيئي ڏڍ،
”اشرف“ چوي عشق جي سهکي ڪرڻ نه سڍ.
*
اچن شال وري، جيئڙو منهنجو جڙيو جن سان.
ڪانگل قريبن جي خبر ڏيج کري،
ايندا ڪريان آسرو ڪ وينديس موت مري.
اُڪنڊ آريءَ ڄام جي چوري ڪيس چري،
ڏوري ٿينديس ڏونگرين وجهي بيراگ بري.
”اشرف“ چئي عشق جي سڀ مون ڳالهه سري.
*
مون ۾ بدين جا بار، سڄڻ پاڻهي سالڪ آهين.
متان مون کي مٽيين ڏسي عيب اپار،
مرشد منهنجا موٽ تون سڪندين لهه سنڀار.
ڪونهي ڪميني جو تڪيو توها ڌار،
حضرت سڀڪنهن حال ۾ ور ڪج وير وتار.
الله لڳ ”اشرف“ ڏي ڪر تون نظر نهار.
*
مون منجهه عيب اپار، پرين پاڻ ڀلائي آءُ تون.
اڱڻ آسروند جي، ڀيرو ڪج ڀتار،
ميخون محبت سنديون هينئڙي منجهه هزار.
لڳي آهي نه لهي، لنئون لنئون منجهه لغار،
ڪين ڇڏينديس ڪڏهين تنهنجي پي پچار.
اڱڻ آء ”اشرف“ چئي جاني جيء جيار.
*
گهار گهڙي مون وٽ، سائين گهوريو سانگ سفر جو.
اڱڻ آسروند جي جان ڪي تان تون جٽ،
ڏکيا سکئا ڏينهڙا ڪيچي مئي سان ڪٽ.
ماري مون معذور کي لوڙهه هٿن سان لٽ،
الله لڳ ”اشرف“ چئي مون کان منهن م مٽ.
*
ڪري ڏير ڏمر، ڏهي ويڙا دل ڏکئي جي.
ڏيئي ڏکن جو ويا سوريتيءَ سمر،
پنهون نيائون پاڻ سان هوتن ڪيڙو حشر.
اصل هئڙو انگ ۾ لکيو برهمڻ بر،
”اشرف“ چوي ان لاءِ ڏورينديس ڏونگر.
*
لائي نينهن نه مون ڄاتو، آيل آريچن سان.
اُٺن ۽ اوٺين سان نيئي پيچ مٺيءَ پاتو،
ڏاگن ۽ڏيرن جي آهي ڏونگر ڪل ڪا تو.
ڪرها ۽ ڪيچي ويا ڏيئي اکن اوراتو،
”اشرف“ چوي آهي اهکو نباهڻ ناتو.
*
چشما چا چڪچور، اهين سهڻي سانون ڪيتا.
منهن مهتابي رنگ گلابي نين سيهه پرنور،
ابرو ڪالي سدا متوالي ملڪان وچ مشهور.
چشم خماري بي اختياري مست سدا مخمور،
”اشرف“ آکي انهان اکيان دا دلين لٽڻ دستور. |