سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام اشرف

صفحو :6

 

 

 

*

ويسان مين جهوڪ ضروري، اٿان آرام نه آوي.

 

پلپل دي وچ مينون مريندي، ماهي دي مهجوري،

ساهه سيني نه سماوي.

عشق اساڏا نال رانجهن دي، ملڪان وچ مشهوري،

کيڙي دا جيءَ جل جاوي.

 

وچ سياليان دي صبر نهين آوندا، دل دي ايها دستوري،

جهم جهم جهاتيان پاوي.

 

”اشرف“ آکي انهان اکيان دا، لڳڙا ڪان ڪلوري،

خون جگر دا کاوي.

 

  

داستان روپ جوڳ

عشق سارا بدنام سيان، اساڏا هي امام سيان.

 

ٻنهان لوڪان ڪون مول نه ڀانوي،

اسان آکون ڪوئي لاوي لاوي،

 

عشق دي ايها چالي،

جنهن ڪون ڏيندا آڪي ڏيکالي،

رووي روز مدام سيان.

 

ڳل وچ خفني بڀوت رماوي،

مست و مست ڌمال کيڏاوي،

 

عشق جهيندي ڪولهون آوي،

ڳلي محبوبان دي ڊڪ ڊڪ جاوي،

هر صبح هر شام سيان.

 

خون جگر دا کاوي کاوي،

مجنون ٿي کڙ ڪر نگهه سڪاوي،

 

عشق ايها رسوائي چاتي،

گهر گهر هوڪا در در جهاتي،

ڀر ڀر پيوي جام سيان.

هر شهر شر شور مچاوي،

ٿيان ٿيان نچ ناچ نچاوي،

 

نينهن نسنگ جهين ڪون نيوي،

وچ بازار ڍنڍورا ڏيوي،

ڇوڙ ڪفر اسلام سيان.

 

انا احد والا ناد وڄاوي،

سولي پور منصور چڙهاوي،

 

”اشرف“ عشق عشاقان والا،

بي خودي خود خوب خيالا،

ٻڌ ايهو احرام سيان.

*

ڪيهي ڪيهي جا لائي هئي، ساڏڙي نال پياروا.

 

يونس هو پيٽ مڇي دي، ڪوئي ڏينهن گذاريئي

يوسف شاهه مصر وچ برقعا پاڪي مئل  چڪايئي،

هو زليخا ڌم مچاڪي، ڏاڍڙي رمز رلائي هئي،

مه جمال پياروا.

 

زير ارهه زڪريا هوڪي، آپي عشق ڪمايئي،

سر خليل دي آپ پيارا ڦوڪ آڙاهه مچايئي،

ڪربلا وچ  نال امامان، تيغ برهه ڀڙڪايئي

عين وصال پياروا.

 

خلق آدم علي صورته، آپي آپ بنايئي،

ليس ڪمثله شيءِ ڦر ايوين فرمايئي،

و نفخت فيه من روحي، مخفي مام الائي هئي،

بي مثال پياروا.

 

ڪر لباس انساني آيا هين، احد تون احمد بن ڪي،

عبديت دا عزم ڪتوئي حضرت محمد بن ڪي،

”اشرف“ عشق لڳا هر جنسون، خلقت ايها خوش آئي هي،

قرب ڪمال پياروا.

*

جان لبان پر آئي هي، ڏي ديدار دلبرا.

 

تيڏي ڪيتي دل در ماندي، تڙپ تڙپ تڙپاندي،

هجر تساڏي تير چلايا، هڪ پل مول نه واندي،

جرح جگر وچ هوئي جاري، نينهن تمهاري تائي هئي.

ستمگار دلبرا.

 

عشق اسان نون ڪملا ڪيتا، فهم فڪر جس کس نيتا،

پرم پيالا محبت والا، پر اسان ڪر  پيتا،

ڳيا هوش آئي مدهوشي، سڪ سيني نه سمائي هي،

بي اختيار دلبرا.

 

مهتر موسيٰ وانگر مين ڀي، ارني مرلي واهي،

مين نماڻي ڪوجهي ڪملي، اس دا منصب شاهي،

لن تراني آک نه مينون، تيڏي عام عطائي هي،

بي شمار دلبرا.

 

لاتقنطو خود فرمايئي، دل ڪون هويا دلاسا،

توهين رحيم ڪريم وي توهين، بلڪل تون ڀرواسا،

تيڏي آس پياس وي تيڏي، تيري وعد وفائي هي،

بخشڻ هار دلبرا.

 

”اشرف“ آکي چڪر هوئي، شامل لطف خدائي،

کلندي کنودي ڪرم ڪرين چا، ٿيوي دور جدائي،

کول نقاب ته ويکان تينون رويت صاف صفائي هي،

شرح وار دلبرا.

*

جاني اچين ته هي سر گهوريان،

تنهنجي قدم قدم تان ڪوڙيين ڀيرا.

 

گهوري جدائي جانب تنهنجي، جان لبن تي آئي منهنجي،

سدا ويٺي گس سوريان، پرين لايئي پريري ڏينهن گهڻيرا.

 

تنهنجي سانگي سهڻا سائين، سڪ سچي سان آئون سدائين،

ڏيهه ڏيساندر ڏوريان، ڪيا ملڻ ڪارڻ مون وس وڏيرا.

 

ڪين تڳان ٿي پرينم تو ري، يار الله لڳ اچج اوري،

اندر جا ڏک اوريان، آئون طعنا سهان ٿي پرين تو پيرا.

 

”اشرف“ چوي جيڪڏهن تون ايندين، دوست دلاسو دل کي ڏيندين،

ايهي ويٺي تڪ توريان، سائين صدق صدق وڃان تهين ويرا.

*

دل وسان مون ويئي ويئي (وو جيڏيون)

ڪوهه ڄاڻان تان ڪيئن وڃايم.

ويئي دل وري نه آئي،

وڃي پري سا پيئي پيئي (وو جيڏيون)

وري ٻيهر هٿ نه آيم،

دل ديواني تنين ڪارڻ،

جڙ هڻي ويم جيئي جيئي (وو جيڏيون)

خير صلاح ۾ جيءَ کسايم.

فهم فڪر جي جاءِ ناهي جت،

سر نهاريم سيئي سيئي (وو جيڏيون)

اهکي جاڳهه جيءَ اڙايم.

”اشرف“ چوي ان سان اکيون،

نينهن اڙايم نيئي نيئي (وو جيڏيون)

پاڻان ڄاڻي پاڻ پسايم.

*

ميان معلم مون م مار،

پڙهڻ پرت کان ڪين ٿو ٿيي.

 

سڪ جنهين سان ٿي سرسي،

سو مون سبق سيکار،

 

مئي دل جنهين سان جيي.

 

مي پيالو محبت مد جو،

پيتو هوئي ته پيار،

 

جڏو جيءُ جيي پرڀيي.

 

سڪڻ پڙهڻ لڳي ڪين پاڻ ۾،

رويو هنجون رت هار،

 

پيهه پنن تي ڪوهه جا ڪيي.

 

وار ورق وفي انفسکم وارو،

ورق ڪلي ٻيا وسار،

 

پاڙهه ايها سٽ جيڪر پڙهيي.

 

وهو معکم اينما ڪنتم،

”اشرف“ نظر نهار،

 

رمز ڳجهي سک جا نه سکيي.

 

*

تو بنان ٻيو ڪير لهي ڪر،

ڪانهي ڪا واهه مرشد منهنجي توري.

 

منهن ڏيکار جيار جڏو جيءُ،

وري ڪر ڪا ور واهر،

چاڪ واڌ سڪ چوري چوري.

 

جيڪر اچين اڱڻ اسان جي،

گم ٿين هم غم گوندر،

ساهه سڪي گس سوري سوري.

 

جيڪر ٿيين تون ڪر لاهو،

محو ٿين ڪل خوف خطر،

آءُ الله لڳ اوري اوري.

 

”اشرف“ چوي تنهنجي اچڻ جي،

جيڪر ڏي ڪو خوش خبر،

گهور ڏيان سر گهوري گهوري.

 

 

 

 

*

چشمان دي سهڻي چال ڀلا يار وي،

خون ڪريندي نهين ڪجهه سنگديان.

 

ڪر ڪر حملي قتل ڪرينديان،

مشتاقان نون موت مرينديان

ناز غمازان دي نال ڀلا يار وي،

زور زوراور هن جنگديان.

 

چشم سياهه زوراور زهري،

ميگان موت ديان ڪيبر قهري،

ڌار ڪجل ڌاڙيوال ڀلا يار وي،

تپديان تڪديان کڙيان تنگديان.

 

ڪرڪي چڙهيان ڪوچ نغارا،

دل دا ڪوٽ لٽيوني سارا،

هوش هنر هر خيال ڀلا يار وي،

ڪئا ڪجهه مين ڪنون ٻيا منگديان.

 

نين بهادر ميڏي دلبر دي

خورش ڪريندي خون جگر دي،

ڏسديان لالو لال ڀلا يار وي،

ڳئريان ڳوڙهيان رئي رنگديان.

 

مشڪين زلفان بشيهر ڪاليان،

”اشرف“ آکي سدا متواليان،

گهتديان جيءُ جنجال ڀلا يار وي.

ڏيکڻ سيتي ڏوڙا نت ڏنگديان.

*

گهور ڏيان سر گهور صدقي صدقي،

سهڻا سڄڻ سائين سو واري سک.

 

سو لک ڪوڙيين پدم قدم تان،

امل لال اتور صدقي صدقي،

گهوري گهوري سک مٿان سک.

 

ماڻڪ موتي مينهن وسايان،

جهرمر جهور جهڪور صدقي صدقي،

جيءَ اندر ڏاڍو جوش جذب جک.

 

سهڻا تنهنجي سهڻي چالي،

ٽهل موچاري ٽور صدقي صدقي،

تنهنجي ڏسڻ سان ڏور ٿين ڏک،

 

جيڪر اچين اڱڻ اسان جي،

ڪريان ڦلن ڦور صدقي صدقي،

ڏسي وسايان دل سندي دک.

 

”اشرف“ آءُ تون ويهي اولي،

ڪر هون اندر جي اور صدقي صدقي،

اڃ لهي ٿيئي برطرف بک.

*

فن فنون شيخي جا سهکا، اوکو فن فقيري جو.

 

طامع آهين تارڪي چاهيين، راڳ ڪيو ٿو راڄ ريجهايين،

خوش الحان سرود سڻايين، طعن ڪيئي تسخيري جو.

نالو پنهنجو پير سڏايين، مڪر ڪريو ٿو مريد گڏايين،

اسبابن سان ا ٺ لڏايين، پري درجو پيري جو.

ويس موسيٰ جو ڪم ابليسي،  خارج خام خيال خبيثي،

اهڙا اجايا بار ڀرين ٿو، اٿئي غرض اميري جو.

محبت لايو جي مڙين ٿو، جهالن جي جماعت جڙين ٿو،

ٻوڙا ڪن ڏيئي ڪين سڻين ٿو، نڪتو اي بي نظيري جو.

”اشرف“ قال سڻائيندين ڪن، معلوم حال سڀو مرشدن،

ٻنهين جهانن ۾ کنيو جن، دعوو دستگيري جو.

*

گهنگهٽ پاڪي آيا، ماهي هر بن بن ۾.

زلف خم و خم لعل بدخشان لب،

چشم سياهه چين ابرو چون مهتاب رخ،

روپ رساڪي آيا، تڪ تڪ تنن تن تن ۾.

 

ڪيچن هوڪي آيا کينچت هر من من سي،

ڪيسريان پشوازان گهڻڪن ڪنگن گهن گهن سي،

ناچ نچاڪي آيا، ڇم ڇم ڇنن ڇن ڇن ۾.

 

ڳاوي بجاوي آوي سورخ طرز ڪر تن تا،

جنگ اپنگ رسنا ڪر ڪر ڇنن وهه ڇن نا،

رمز  رلاڪي آيا، ڌم ڌم  ڌنن ڌن ڌن ۾.

 

ڪل شيءِ في ڪل شيءِ هر شي ۾ هر هر هي،

”اشرف“ عشق سيتي هر هڪ انور ترهي،

بيک بناڪي آيا، پل پل پون پن پن ۾.

*

مٺا ماکي ساءِ، مون کي ڪوڙ ويڻ قريبن جا (جيڏيون)

عسيٰ ان تکرهو شيئا وهو خير لکم،

و عسيٰ ان تحبو شيئا وهو شر لکم،

پرين ايهين پرجهاءِ.

حب دنيا جو راس خطائن،

ترڪ تهين جو مور عطائن،

سچن صبر سهاءِ

الدنيا سجن المومن جنت الڪافر،

عيش عشرتون پٺيرن وافر،

سوز سمهارڻ لاءِ

عيش دنيا جا آهين فاني،

عسر يسرا جي خاص نيشاني،

روزو عيد ڪراءِ.

”اشرف“ چوي دوست حقيقي،

تيقن ۽ توفيقن تحقيقي،

سنوت سدا سمجهاءِ.

*

جاني آئون ٻانهي تون سائين سائين،

آهــــــي شــــــاهــــــد لــــــوڪ ســـــــارو.

 

جيهي ڪيهي يار پيارل آئون تنهنجي توڙائين سائين،

جاني وار وصل جو وارو.

 

پرچ پرين ڏس پاڻ ڏي پاند ڳچي ۾ پائين سائين،

توري ناهي چڪي جو چارو.

 

اوڳڻ پائي پاند ۾ آيس تو در تائين سائين،

تون باري بخشڻ هارو.

 

”اشرف“ کي رک پيش پنهنجي سهاڳ سدائين سائين،

ايهو ڍار ملڻ جو ڍارو.

 

 

*

يار ورڻ جيون، ڪرڪي وايون.

 

اسان توسان نينهڙو لايو،

محبت تنهنجي مچ مچايو،

ڀال سڄڻ مان سا ڪرڪي ڀلايون.

 

اسان توهين وچ وچ وڏا پيا،

پاپ پنهل مون جيڪس ڪي ڪيا،

سبب انهي پيون هيڏيون جدايون.

 

لاتفنطو جو ڏنئي دلاسو،

خوش ٿياسون سڻي وعدو خاصو،

اوڙڪ ڪندون بخش بڇايون.

 

”اشرف“ چوي ڪڏهن تون ايندين،

دوست دلاسو دل کي ڏيندين.

ڪوڙيون تو لاءِ ڪانگ اڏايون.

*

آئون پرين جي جتي هونئان، هوند پرين پائينم پير ۾.

 

هر دم حضرت جن پيرن ۾ روز مراهي رتي هونئان،

دم دم دلبر در پانهنجي ڪوڪارين،

هي جي ڪتي هونئان.

 

پرين ڪنم هي جي پنهنجي تنهن سهاڳ ۾ ستي هونئان،

پير مغان جي خم خاني ۾ هي جي،

شراب جي بتي هونئان.

 

”اشرف“ ٿيان مئي ذري سان، توڻي مئي جي متي هونئان.

*

اب تو آيا پيا ميري پاس،

جسڪي هوئي بهت پياس.

 

هر هر صورت مظهر نور،

اظهر شمس نهين مستور،

ڏسدا يار بدين دستور.

زير زبر چپ راس.

 

وحدت هويا عين وجود،

ڪس ول ڪيجي صدق سجود،

عبد ڪنون هويا معبود،

ڀل ڳئي ڪل قياس.

 

گلشن گلبن گل گلزار،

هر جا هر گل هر رخسار،

پهن کڙوتا سهڻا يار،

خلعت خاص الخاص.

 

هڪ هور هيي ڳئي طرفين،

نهين ڪوئي مطلب وچ ڪونين،

”اشرف“ هويا غين عين،

نڪتا ڳيا نراس،

*

واهه واهه سهڻي صورت سبحان الله.

 

خلعت خاص عجب انساني،

بيرنگ رنگ ۾ راز نهاني،

جلوو نور جمال الله.

 

ذات صفت ۾ ڪيئي ظهورو،

سمجهي سو جو رمز جو پورو،

 

وصف وجودي وجه الله.

 

اسين تابع تنهن صورت جا،

ملڪ سلامي جنهن مورت جا،

 

منهن ڦيرائڻ معاذ الله.

 

سو ئي ذاتي نور صفاتي،

صورت ۾ ڏس پائي جهاتي،

 

”اشرف“ اي اسرار الله.

  

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org