اسان اصل سڪڻ جا سبق پڙهيا، اڄ نه ايهي گهاٽ گهڙيا.
ڌڻي اصل کان طعنا تنهنجا، جاني اسان کڻي جان جڙيا،
نينهن نظاريا ڪيئي جي قربئون اسين انهن جي قيد ڪڙيا.
روز الستون قالو بليٰ چئي، دام زلف جي آهيون اڙيا،
جن کي ناهي عشق اندر ۾ توڙا آهين اُؤ ٿڙيا.
سي بي سورا دوزخ سڙندا سڪ سڄڻ جي نا سڙيا،
”اشرف“ چوي محبت موجون سر عشاقن چاڙهه چڙهيا.
*
الله ڪافي آهي ڪل ڪم ۾، روز مراڪم رب راحم ۾.
ڪل ڪم تنهجا وس قادر جي، ڪهڙو ڪم فرزند آدم ۾،
ڪوهه نه سپاريين تنهن کي ڪمڙا جو سنڀالي توکي دم دم ۾.
اڇلي وجهه پنهنجو بار باريءَ تي، ڪانهي ڪمي جنهنجي رحم ڪرم ۾،
هر دم هر هنڌ حاضر ناظر عرش زمينون عرب عجم ۾،
سي سڀ صفتون صاحب سنديون، جيڪي اچن ٿيون فڪر فهم ۾،
راهه رباني آهه اڙانگو قابو رهج قدم قدم ۾.
”اشرف“ آءُ تون ملڪ امن ڏي ڇو گذاريين ٿو هم غم ۾.
*
جيئن ملين تيئن مل، موليٰ سائين.
ملڻ ڌاران آئون تان آهيان غفلت ۾ غافل،
پنهنجي پورهت پاڻ کان تان م پري ڪرتل.
اڱڻ آسروند جي ٽهل موچاري ٽل،
ٿورو لائي ٿي سگهيرو مشتاق سان مائل.
صاحب مون کي پنهنجي سلڪ ۾ ڌڻينم ڪر داخل،
”اشرف“ سين تون هر دم هوئج شرم ڀريا شامل.
*
سانون پيا ڀانديان، ايهي اکيان.
زوري زوري سر مشتاقان،
حڪيمن برهه بڇانديان،
لوڪان لکيان.
ڦرن شڪاري ڪر هسواري،
خون جگر دا کانديان،
بيحد بکيان.
بحري باز اڙا ڪر بيحد،
لال لهو وچ ڌانڌيان،
سنو وي سکيان.
”اشرف“ چوڳ نه چڻ اکيان دي،
زلفان دام ڦهانديان،
وانگڻ پکيان.
*
آيا سو مين پايا، آيا سڄڻ آدمي بن آيا.
بي رنگ رنگ نال رنگ برنگي، هر هر رنگ رچايا،
ونحن اقرب ڪنون يار نيڙي صورت وچ سمايا.
المومن مرات المومن آئيا عشق بنايا،
وچ التحيات عبده و رسوله صاحب آ سر ڇپايا.
انا احمد بلا ميم ڦر ايوين فرمايا،
دو جڳ دي وچ محمد ”اشرف“ غمزي گنگهٽ کلايا.
داستان روپ جهنگلو
اسين آڻي قسمت ڦاسايا، نت و طن اسان جو ڪو ٻيو.
قسمت سانگي ڪيئي ڏينهڙا اسان برسر سڀ ساسايا،
مارئي کي ميان جيئن عمر جا بند لکئي باسايا.
ڪل شيءِ يرجع اليٰ اصله اسين آهيون اپر اَسايا،
عشق اصل جي هر اجناسون وڻ ٽڻ سڀ واسايا.
”اشرف“ ساعت ساعت ڪر تون ساڻيهه وڃڻ جا سايا.
*
سيني دي وچ ساوڻ دي نهين، باهه برهه دي ڀڙڪ لڳي هي.
زلف خم و خم چشم خماري، دلڪش دلبر دست ڪٽاري،
مشتاقان دي مراوڻ دي، هان ڪليجي ڪڙڪ لڳي هي.
دلڙي ميڏي درد رنجاڻي، ڳليان دي وچ ڦري نماڻي،
سائل حال سڻاوڻ دي، دامن دي نال لڙڪ لڳي هي.
يار جادوگر رنگ برنگي، مين بي سامان جنگ فرنگي،
توف برهه دي بڇاوڻ دي، تن من اندر تڙڪ لڳي هي.
رل مل سيان مين ڪني آئو، پاءِ پلئي ڳل ڍول منائو،
ڪائي ڪرو بخشاوڻ دي، ”اشرف“ ڪو ڪيهي اڙڪ لڳي هي.
*
نينهن نياپو نيئي پرين کي، پانڌي ادا پهچاءِ.
پاران پورهيت جي اڳيان عجيبن، حال سڻائج وڃي حبيبن،
ترس پوي ڪو مان طبيبن، ٻاجهه ڀريا ٻاجهاءِ.
هي حقيقت هيئن سڻائج، مون مران ٿي نيئي پرينءَ سڻائج،
سڌ ايها جيئن تيئن سڻائج، رويو مون رات وهاءِ.
جڏو جيڙو ڪيو جدائي، ڪل ڪيچن کي چئج ادا اي،
قاصد ڪج تون منهنجي مدعيٰ اي، لائق ٿورو مون لاءِ.
”اشرف“ عاشق آهه اداسي، خبر سڻائج آڻي ڪا خاصي،
سڪ سڄڻ جي ڪيڙو سناسي، محبت مينهن سواءِ.
*
درسن ڪي مين بکياري،
آوي سڄڻ تون يار هڪواري.
جس نگري ميرا پيا وسدا، تس نگري تون بلهاري،
سو سو واري، جند جان پياري.
مين مستاني ٿيان ديواني، ويک ڪي چشم خماري،
هان بيماري، عشق آزادي.
عشق تيري هم ڪون ڪملا ڪيتا، هوش ڳيا هشياري،
بيداري دن رين ساري.
”اشرف“ آکي يار ڪڏاهين، دلبر ڏي دلداري،
ياوري ياري، غمگساري.
*
اهڙيون عجيبن جون اکيون، ان جي ڏسڻ ٻئي جڳ وساريا،
انجي ڏسڻ هم غم وساريا.
لٽ پٽ زلفن لايا لس لٽڪا، چٽ پٽ چشمان ڏين چٽڪا،
ڪن خون لکين ساري تکيون، مشتاق ميگانن سان تن ماريا.
سهڻا نيڻ سياهه پرنور سدا، ڪوڙيين پدم سندن ٿيا شاهه گدا،
لائي پرت جنين سي پر کيون، پيوند انهن جي اندر اجاريا.
عينن رکئو جنهن ڏس آرو، وري ڏين وڙهڻ جو نه ڪنهن وارو،
ڪئين جوان وڃن ان سان جکيون، سو سور پرائي شهزور سڌاريا.
سرور جي شبي سارو نور ربي، ات قياس ڪرڻ بس بي ادبي،
اسود العنين سهڻيون سر کيون، توڻي ملڪ فلڪ سڄڻن سينگاريا.
”اشرف“ اکين جا عزم بالجزم، تابع تن جا سڀ اولي العزم،
ڇا مون جهڙيون لک مور مکيون، ڏسي شان شفيع ڪل قلب قراريا.
*
ڀلا جاني بي پرواهي دي نال، گهتيئي اساڏا جيڙا جنجال،
تيڏي برهه ڪيتان بي حال.
سهڻيان تيڏڙيان سهڻيان اکيان، هن شڪاري مين هڻ لکيان،
پر خون خود خيال،
ڀنين ڀنين مين تو در آئيان، جس ويلي تون مين اکين جو لايان،
تجهه بن رهيا نه جال.
جيهي ڪيهي مين تيڏڙي باندي، مک ويکڻ نون مين هان ماندي،
ايڪواري مڙ ڀال.
در تيڏي تي آ جو کڙيان، دام زلف وچ محڪم اڙيان،
مينون تون مکڙا ويکال.
ڪوجهي ڪملي مندي گنديان، تو سهڻي دي بردي بنديان،
دامن لڳڙي تون پال.
”اشرف“ آکي مرشد سائين، نظر مبارڪ ميڏهون چائين،
ڪر تون عور غم ٽال. |