سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام اشرف

صفحو :12

 

مولود

 

 

 

مولود

(1)

 صاحب سيد سوڀارو، محمد ميو موچارو.

مرڪ مٺي جي موهيو من کي، سرور سونهين سونهارو،

ڪوڏايل ڪريم جو، پرور پاڪ پيارو.

عشق عربيءَ جي ڌارن آهي اديون! سڀ انڌارو،

پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، اکين ڪيو آسارو،

ڪامل ڪري قرب منجهان، مان ناقص ڏانهن نظارو!

پاڻ ڀلائي سپرئين، آهي جانب جڏن جيارو.

آهي عرش عظيم تي، احمد ڄام اوتارو،

”قاب قوسين او اَدني“ ۾ تنهنجي لايو پرت پسارو.

قمر قدمن تي ڪريو، پسي آڱر جو اشارو،

”اشرف“ عربي ڄام جي، ڇا وصف ڪندو ويچارو؟

(2)

نبي سردار سرور آيو، مولي آڻي ملايو،

محمد مختيار مون گهر آيو، سيد شهسوار ڀلي آيو.

لاءِ نبيءَ لولاڪ ٿيو، بنيو باغ بهار، طٰحٰه ڇٽ جهلايو،

آفديت مُلڪي محمدا! فديو تو لئه تيار، رب فضل فرمايو.

مشڪ عطر عنبر سان ڇم ڇم ٿيو ڇڻڪار، محبت مينهن وسايو،

لڳي نوبت نبيءَ جي ڪنبيو ڪل ڪفار، داور دين وڌايو.

سڻو سهيليون سرتيون! سڀ ڪريو سينگار، ڳاڄ چڱا ڳايو،

’ولسوف‘ وارو وعدو تو سان ٿيو تڪرار، راض ربي سو رايو.

آيو محمد  عربي، نور ٿيو نروار، شمس قمر شرمايو،

”اشرف“ احمد ڪارڻي! پنهنجو هي پينار، لائق دامن لايو.

(3)

شفيع المذنبين اي جيءُ اجها آڳھ اڙين،

متان مون کي ڇڏئين شفيع المذنبين.

پنڌ اڙانگو پٻ جو، آهي پري جُوءِ جتن،

سنئين واٽ سهايئين، اچي موڳن ۽ موڙهن.

دائم آنهجي در تي، ٿا لانگها لاڳ لهن،

ڏوڙا ڏان ڏڏن کي ڏيئي چاڙهين چوڏولن.

عمر حرص هوس ۾ گذري ساڻ غمن،

ڇيهن کان ڇٽايئين آهيان کنيو خيالن.

ڪونهي تڪيو تو جيهو، اڙين ۽ اولين،

پڇڻ پر اوهان جي جيءُ ڏکين ڏهيرن.

آهون ”اشرف“ سنديون، سڻ دانهون جي دردن،

رکج هادي! هٿڙا، اچي مٿي محتاجن.

(4)

ماڳ مدينو منور، ڏاتر! مون ڏيکارئين،

نخل سڳورا نو ڀريا، ڪوٽ قبا ۽ قصر،

پسي حرم حبيب جو، بيحد ٺرن بصر،

مولي محمد ميڙيين، آگا! هن احقر،

عطا پاند اچيج تون، ڪرم ڪريو ساڻ ڪمتر،

يار ڪبار نبيءَ جا، سونهن سان سچي سرور،

ختمس خاص الخاص ٿيا، پاڻ ڌئا پرور،

اڪبر، عمر امير، عثمان، شاهه علي صفدر،

ڪنبايا ڪوٽ ڪفار جا، مولي ڪيا مظفر،

هادي ميڙ حسنين مون، آل نبي اطهر،

قادر! تنهنجي ڪرم سان، منهن پسان مطهر،

برڪت پاڪ بتول، ٿيان پاڙوسي پيغمبر،

هٿان قريشيءَ ڪارڻي، قدح پيان ڪوثر،

يا رب! پنهنجي پسڻ جي، ياري ڏي يارو،

محو ڪرين مهر سان، خاطر جان خطر،

يا الاهي”اشرف“ کي، مرڪائين ۾ محشر،

جان ڪندين قبر ۾، حامي ٿئيم حشر.

(5)

آئون ٿي وجهلان واجهايان حضرت هوت حبيب لاءِ،

نرمل نور نجيب لاءِ، مرسل مير مجيب لاءِ،

تن جي يار طبيب لاءِ.

اٿيو عرب پار ڏي نئين سج نهاريان،

مديني جي مير لاءِ آئون پانڌي روز پڇايان.

هوت بنا هِن ڏيهه ۾، ڪنهن کي سور سڻايان،

پڇان پور پرين جي، آئون گوندر ڏينهن گذاريان.

راتو ڏينهان رسول لئي، ٻر ٻر ڪريو ٻاڪاريان،

صحبت ڪارڻ شفيع جي، نت نت نين ٽمايان.

”اشرف“ چئي مون کي اُڪنڊ اپر ونين نير وهايان،

ساريو سرور ڄام کي ويٺي محبت مينهن وسايان.

(6)

منهنجو ساهه سڪي ٿو ساري يا سرور!    اچـي محمـد مـل مشتاقـــن کـي.

آئون ڪنهن پر مِلان مون پرين.وچان پنڌ پرين يا سرور!

مــان مــيڙائـو مون ٿين.وجهلان واجهايان يا سرور!

پسڻ ڪارڻ لئي پرين.اکڙيون اُسڙڪن يا سرور!

لــنــگــهــان مـنـجـهـان لـحـظن.بـــر، بــحــر، ٿــر جــهــــر يــا ســرور!

عاصــي ”اشــــرف“ کـــــي هـــن.محمد منهن ڏيکار يا سرور!

ســاري مــشــفــق مير مڪي کي،منهنجو ساهه سڪي ٿو،

ڪـــــامل شـــاهه قـــريشيءَ کي.نرمل نــــور نــبـــيءَ کـــي،

ڏج ســــــــــنـــــيــــهــــــا ســـاري،پانــــڌي پريــــنءَ رســــول کـــــي،

چــــئـج مـحمـد مـيــر مــوچــاري.نياپا نيهن گاڏيان،

پـــيـــــر پيــادي پـرتئون پڪاري،پنڌ پري، پٻ، پرڀون، پٽيون،

احـــــــمـــــد نـــيـــج اڪـــــــاري.بر بحر، جهر جهنگ، حبل کان،

ســا دل دلـــبـــر دوســــت ڌتــاري،دردن در دل دود دکايا،

ڪاهــون ڪــو ڪــون ڪـوڪـرا،     ڪريان ڪارڻ ڪانڌ ڪوهياري.

من مهجور رنجـــــور، رويــــو رڙيـــو.     ٻـــر ٻــــر ڪــيــــو ٻـــــاڪــــاري،

پــــــــــر تـقصيــر حـــقـــــيــــر ڏي،   مـــــان نــــرمــــل ڄــــام نــــــهاري.

سور سمانگر سرس ســــــــڄڻ جا،سرتيون! سئو سک ساهه سنڀاري،

سڙان، سنــڀــران، ســور چــــــران،ســــاريــــو ســــرور ڄـــام سـونهاري.

”اشرف“ اکيون عرب ڏي اُسڙڪن،    اُڪـــنـــڊيـــون احـمد جـي امـاري،

هنڌ حـويليون، حـجـرا حـرم جـا،  شــــل ڏاتــــر نـــيــئــي ڏيــکــــاري!

 

 

(8)

مونکي روضي نيئي رساءِ،ساٿ سلامت سرور سان.

سنئين واٽ وصال جي، مونکي صاحب رب سنهاءِ،

”اهد ناالصراط المستقيم“، ان گس کان ڪيم گساءِ.

تکي سير سمونڊ جي، مونکي لحظي منجهه لنگهاءِ،

برڪت مير محمد جي، مونکي پريون پار پساءِ.

جيئري جمال ڏيکارئين، مونکي محمد گهوٽ ملاءِ،

پاڙي پرين رسول جي، مونکي واحد نيئي ورساءِ.

خاوند! شر خناس کان، مونکي باري رب! بچاءِ،

آجو ڪرئين ”اشرف“ کي، مونکي ڪلمي جو ڏانءُ ڏساءِ.

(9)

ڏوري ڏيهه سڀئي وڃي پسان حجرو هوت حبيب جو،

پيرين پنڌ ڪري ڏسان وڃي پڃرو پاڪ شفيع جو.

ملان مديني، ملڪ مڪي، جت روضو پاڪ رسول جو،

پر ان عرب پار ڏي وڃان پرتئون پير ڀري،

چمان چائنٺ رسول جي نميو نيڻ ڌري.

اندر عشق اُڪنڊ جو مونکي منجهئين مچ ڀري،

سيد سرور سپرئين ڏسي منهنجو من ٺري.

سرتيون! گهڻي سڪ سان هيڪر هلان هوت ڳري،

حاضر هئان حضور ۾ هوند ٿيان نه پل پري.

حاجي چئج حبيب کي، تون ڳوڙهن ڳاٽ ڀري،

سڻي حقيقت حال جي، من وارث وير وري.

”اشرف“ احمد ڄام جي، سر محبت منجهه مري،

تنهن کي محمد مير جو شل سڪڻ سچ سري.

(10)

آءٌ تنهنجي پيو آهيان سام، آءُ مل محمد ڄام!

پانڌي! پرين رسول کي چئج پازيءَ جا پيغام،

ماندي مون مسڪين جا، چئج ’اڪبر‘ کي اڪرام.

عرض هن عليل جا، چئج عادل ’عمر‘ امام،

زاريون ’ذوالنورين‘ کي چئج عالم علم علام.

عاجزيون ’اسد الله‘ کي چئج گولي سنديون غلام،

بند گيون پاڪ ’بتول‘ ڏي، ڪج عاجز جا علام.

هينئڙي ۾ ’حسنين‘ جو، مونکي ڪاڙهو روز قيام،

”اشرف“ ان ڀلن تي، پڙهه صلواتون سلام.

(11)

مير مڪي المدني! مون ٻاجهه ڪريو ڪا،

مدد ڪريو ڪا، مون تي ڪهل ڪريو ڪا.

نفس امارو اولو، ٻيو شامل شيطانا،

حضرت! رکيم هٿڙا، آءٌ تان ويڙس پاڻ وسا.

ظلم زيانيون ڪيتريون ڪيم ڄاڻي ڄاڻ منجها،

اپر عصيانن ۾ آهي هينئڙو حيرانا.

سوڙهي سُڄي سڃ ۾، جت پيءُ نه اوڏو ڀاءُ،

اتي منهنجو سيدا! ڪونهي احمد تو سوا.

حامي ٿج حشر ۾، رس مرسل محمدا،

لنگهائينم لطف سان اچي سهکي صراطا.

ٻيو ڀروسو ڪونهي تڪيو تو ڌارا،

احمد تنهنجي آسري مون کي آهه اميدا.

هٿان منهنجا هاشمي! ٿيا خون خطا،

آجو ڪرين ”اشرف“ کي آهي تنهنجا اُمتا.

(12)

قاصد چئج ادا! سڀڪا منهنجي صدا مير مديني ڄام کي،

سڪڻ سوراخ ڪيا، سيد سرمدا.

سيد پنهنجي ساٿ سان ڪريو گڏ گدا،

واريو واءُ وصال جو ڪيس فراق فنا.

ڪريان قربان جندڙو مشفق آن مهندا،

پڇج ڪي پازيءَ کي اچي احمدا،

الله لڳ ”اشرف“ چئي، جاني ٿيءُ م جدا.

 

(13)

مون مذنب تي موٽ، موٽ محمد هاشمي،

نفس ڪميڻو يا نبي! آهي اَمارو اڻموٽ،

نرم ڪر نگاهه سان، جو سخت سٽاڻو سوٽ،

مهندان محشر ماڳ ۾، جتي مڙندو جڳ جهڳوٽ،

عاصيڙن جو احمدا! تون آهين ڪانجهو ڪوٽ،

پيءَ نه ڏاڏو ڀاءُ برادر جت مامون ماروٽ.

سوڙهيءَ ۾ رس سيدا!آهين اڙين آڳهه اوٽ،

ڀريل بدڪارين سان آهيان پيرين تان سر چوٽ.

ڪر عفو ”اشرف“ کي، ڪڍ تنهن مان کوٽ کروٽ.

 

(14)

آءُ تان صدق صدق سو وار، آءُ مل دوست پرين دلدار،

سونهن سرور ڄام سان، چوکا چارئي يار.

اصحاب احمد ڄام جا، جيئن تارا چنڊ چوڌار،

آهن نور اکين جو، سي پنجتن پاڪ پيار.

مون کي حب حسنين جي، ڏني  ڏيهه ڌڻي ڏاتار،

مون تي موٽج مصطفيٰ! ور سونهن ڀريا سردار!

ڪامل! ڏينهن قيام جي، رس موليٰ جا مختيار!

اوکي ويل ”اشرف“ کي، احمد ڏي آڌار.

 

(15)

ڪر شافع شفاعت، تنهنجي گهرجي مون حامي حمايت،

ور وسيلا وير ولايت، يا مصطفيٰ! ڪر شافع شفاعت.

سڪي هنيون سڌ مري، سيد جي صحبت،

پسڻ پرين پانهنجو، ڪر احمد! تون عنايت.

مون کي مشفق تنهنجي، من اندر محبت،

بخشج هن بدڪار کي، پنهنجو قرب ڪفايت.

مون تان لاهج مهر سان، محمد ملامت،

هن منهنجي حال تي، ڪج شفقت سڻي شڪايت.

آجو عيبن کان ڪرين، ”اشرف“ ساڻ اُمت،

شفيع! آنهنجي شان شفاعت جي ناهي ڪا نهايت.

 

 

(16)

آيو محمد عربي وسيلو حق جو، خلق سو هلايو،

لولاڪ لما خلقت الافلاڪ، صاحب شفيع جو شان وڌايو.

طحهٰ ياسين واليل و الضحيٰ، قادر  منجهه قرآن ڪوڏايو،

انا احمد بلاميمي چئي، سيد پنهنجو سر سلايو.

موسيٰ کي امر فاخلع نعليڪ، نعلين سوڌو احمد آڻايو،

افديت ملڪي عليڪ يا محمد، سڀ جڳ تو تان گهور گهمايو.

آگي جو ڪيڙو ”اشرف“ الناس، تنهنجي طفيل عالم آپايو.

 

(17)

سرور توهين ساڻ ڪڏهن ٿيندم روح رهاڻ،

سڪان ٿي ساري سيدا!

ڇلي پهنديس ڇپرئين، جيءُ قريشي توڪاڻ،

مان ميڙائو مون ٿئي، آهيان اوڳي زور اڄاڻ.

ڏوري ٿيڙم ڏينهڙو، آءٌ پهچان ڪنهن پرياڻ،

هن دم هوت حبيب ڏي، مون راحم رب رساڻ.

مل محمد عربي! اچي هيڻيءَ کي هاڻ،

پرين پيغمبر پاڻ ڏي هن ”اشرف“ کي اماڻ.

 

(18)

سهسين سيد تي ٿيا سلام،

آسون ٿيون عالم ۾، آئي احمد ڄام،.

صلواتون سرور تي هر صبح هر شام،

پڙهن گهڻي پرت مان جن، ماڻهو، ملڪ مدام.

لولاڪ پنهنجي لطف سان آگي ڪيس انعام،

’انا احمد بلا ميم‘ سندس ملڪ مقام.

نبي مرسل ملڪ مقرب، سيد سندي سام،

’لي مع الله‘ وقت ايڏا قرب ڪلام.

ڪندو شفاعت ڪارڻي، ڪامل ڏينهن قيام،

ڇٽائيندو ڇيهن کان خاصا توڻي عام.

آڌر ’اشرف‘ کي ڏيندو، ڪندو غور غلام،

لاهيندو لائق ڀريو، مون تان سڀ ملام.

(19)

منهنجي محمد مير ڏي، قادر ڪر قسمت.

شهر مديني جو ڏسان، روز جتي رحمت،

اکين ساڻ ٻهاريان،  حرم سندو حصرت.

تکي سير سمونڊ جي، دڙڪا ۽ دهشت،

لطف ساڻ لنگهائين، هادي! ڪنهن حڪمت.

موليٰ! مون نصيب ڪرئين، سرور جي محبت،

هجان شال حضور ۾، خير الوريٰ جي خدمت.

يا الله! هن ”اشرف“ کي ميلين سان محبت،

پيراندي پرينءَ رسول جي، منهنجي ڪر تربت.

(20)

منهنجو محمد گهوٽ موچارو، اهڙو سج نڪو تارو،

بي دينن بڇڙن جو، قادر ڪيو منهن ڪارو.

سڃاتئون نه صاحب کي هئو هدايت وارو،

پائي پير رڪيب ۾ چڙهيو پنهل پاڳارو.

سونا سنج سمنڊ تي ٻيو ڇيرين جو ڇمڪارو،

آيو محمد عربي نر اچي هنيو نعرو.

مٿي مير محمد جي دين سندو دستارو،

عاصي هن ”اشرف“ کي ورهه ڪيو ويچارو،

پازي پنڻ آئيو، در تنهنجي درٻارو.

(21)

محب مليا محبوبن کي، پنيون مون مدعائون،

لاهي لاڳا هليا، رکي اوڏاهين آسائون.

ڪامل رسيا ڪيچ کي لڌائون لالن سيني لائون،

هلندي رات حبيب ڏي، ڪيائون سهسين سکائون.

سسيون پنهنجون سنتون، سي تان کلندي کنيائون،

سڌاريائون سنڌ کان، ڪي جو ڏٺائون.

مڪو مدينو مهت سين، سو تان مرڪي ماڻيائون،

مجلس منجهه ”مقيم“ کي، جڏهن گازي گڏيائون.

مقام تنهنجو مڪي ۾، آڻي اعليٰ اڏيائون،

عاشق ’عبدالروف‘ کي جڏهن شوقئون سڏيائون.

پرت پيالو پانهنجو، تنهن کي ڏسندي ڏنائون،

جڏهن ساري سانبيئڙن کي”اشرف“ چئي آئون.

ويا ڏوراڻي ڏيهڙي، لاڳاپا لوڪئون لاٿائون.

 

(22)

سڪاين جي لهج سنڀار، اچي ڏج دلاسو دلدار،

ماندو ڇڏ ج م مصطفيٰ!

توکي پيدا پرور پاڪ ڪيو سونهن ڀريا سردار،

تو لئي جوڙ جهان ٿيا الاهي اسرار.

دل دائم دوست ڏي، آهي سدا ساهه سنڀار،

رسين سيد سيگهه ۾ ته هي اهنج وڃن آزار.

هادي! ويل هلڻ جي ڪا مهر ڪجو مختيار!

”اشرف“ عرض قبول ٿئي ڪري ڪلمي ساڻ قرار.

 

(23)

موليٰ مون کي ميڙئين ڪو اوٺي عرب پار جو،

يا رب! مون کي ميڙئين، ڪو پانڌي پرينءَ رسول جو.

دل ميڙئين، ڪو پانڌي پرينءَ رسول جو.

ر.

آپايو.

،

ي،

.

‘‘‘’‘’‘’‘’ازابر! داد ڪجاهه، هن ڪاهل جي ڪوڪار جو،

اسان پرينءَ وچ ۾، شل ويڇو پوي م وار جو.

واحد واءَ واريئين، دوس جي ديدار جو،

”اشرف“ آس پڄايئين وڃي ڏسان منهن مهندار جو.

 

(24)

نه آهي وسيلو ڪا واهه، مون تي موٽج يا مصطفيٰ!

داور تون دارين ۾، رک پردو پوش پناهه،

هن منهنجي هال جي، عربي! تو آگاهه،

بخشائج باري کان، مون گولي جا گناهه.

مجرم گهڻو آهيان، تون شفقت ڪر شاهه!

حب ۾ آنهنجي حضرتا! شل پورا ٿين پساهه.

آهين مون عاصيءَ جو، آڳاندو ارواح،

سگ آ نهنجي سگن جو، مٿي در گاهه.

”اشرف“ جي اُڃ لاهيين، رحمت جا درياهه!

 

(25)

سردار! لهج سار، لنگهائيج لڪن مان،

هٿ ڏيج، بچائيج، مون تي موٽ محمدا!

 

تند چور، ٻنڌي ڏور، اُٿي اور الله سان،

گڏ پاڻ، ثمر ساڻ، مون تي موٽ محمدا!

 

جا ٿي اِيڙَ، ڀٽن ڀيڙ، پهچ پير! پلڪ ۾،

تنهن وير، ڀري پير، مون تي موٽ محمدا!

 

تر ميزان، ڏينهن قيام، جتي عمل به ترندا،

تنهن ويل، ٿيج طفيل، مون تي موٽ محمدا!

جر راهه، ڪنڌي ڪاهه، تري ٻانهه نه ڄاڻان،

تنهن تار، منجهئون چاڙهه، مون تي موٽ محمدا!

 

منجهه قبر، لهج خبر، ورج وير وسيلا،

ملڪين جوابين، مون تي موٽ محمدا!

 

”اشرف“ آس، لاهه اُداس، مان کي دوس دليلا،

تنهين ساڻ، ڪيو احسان، مون تي موٽ محمدا! (1)


(1) ڪتاب ”مولود“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ص 118 ۽ 119 مولود نمبر 20-21-22 ۽ 24.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org