سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام اشرف

صفحو :1

ڪلام اشرف

[پير محمد اشرف ڪاماري شريف واري جو ڪلام]

نياز حسن قائم الدين همايوني

 

صُورت ۾ جن جهاتي پاتي،

سائي، صورت تن سُڃاتي.

(پير اشرف)

 

مهاڳ

سنڌ جي بزرگ عالم ۽ شاعر حضرت پير محمد اشرف قريشي عليه الرحمة جو هي رسالو پهريون دفعو پير حاجي خان محمد ولد پير حاجي جان محمد قريشي 1332هه مطابق 1914ع ڌاري ڇپايو هو. ٻيو ڀيرو پير حاجي خان محمد جي ڀاءُ پير حاجي تاج محمد قريشي 1378هه مطابق 1958ع ۾ هن رسالي کي نئين سر ترتيب ڏيئي ٿوري تعداد ۾ شايع ڪرايو. ٻنهي اشاعتن جي مهاڳن جو اختصار هيٺينءَ ريت آهي:

1. قطب الڪاملين حضرت پير محمد اشرف رحمة الله عليه جو ڪلام بلاغت نظام شغل شهود جي شائقين لاءِ پيش ڪجي ٿو. ڪلام ۾ سچي سڪ جو سوز و گداز ۽ عشق حقيقي جو راز جلوه گر آهي. هي ڪلام انهيءَ الله جي عاشق جي زبان مبارڪ سان در افشان ٿيل آهي، جنهن پاڪ ذات جي عشق ۾ محويت جو قرب حاصل ڪري  ماسوا کان پنهنجا سڀ لاڳاپا ڇني ڇڏيا هئا. پير حاجي خان محمد قريشي.

2. قدوت السالڪين حضرت پير محمد اشرف عليه الرحمة  جو رسالو شايع ڪيو وڃي ٿو. گهڻا سال اڳ پهريون ڀيرو هي رسالو الحاج پير خان محمد صاحب قريشي سجاده نشين درگاه ڪامارو شريف جن ڇپايو هو. ستت ئي اهي سڀ نسخا شائقين جي هٿن ۾ پهچي ويا ۽ هڪڙو نسخو باقي نه رهيو. ٻي پاسي فقراء جي طرفان تقاضا جاري پئي رهي، تنهن ڪري هن رسالي کي وري شايع ڪيو وڃي ٿو.

فقير حاجي تاج محمد قريشي.

جيئن ته رسالي جي پوئين اشاعت ۾ ڇپائي جون تمام گهڻيون غلطيون هيون، ان ڪري مرحوم هاجي تاج محمد جي مرضيءَ موجب ان کي رد ڪيو ويو.هونءَ به اها اشاعت ڪنهن حد تائين اڻ پوري هئي، هڪ ته منجهس پير صاحب جو ڪافي ڪلام شامل ڪرڻ کان رهجي ويل هو، ٻيو ته صاحب ڪلام جي سوانح به ان ۾ ڪانه آيل هئي. انيهءَ احتياج کان هن رسالي جي ٽين ڇپائي ضرور محسوس ڪئي وئي. هن دفعي وڏي جاکوڙ کان پوءِ نه رڳو پير صاحب جو باقي رهيل ڪلام هٿ ڪري رسالي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، پر اڳ ڇپيل ڪلام جي به درستي ڪري ان کي نئين نموني ترتيب ڏنو ويو آهي. ساڳي وقت پير صاحب جي سوانح به هن اشاعت ۾ موجود آهي. جيئن پارکن توڙي پڙهندڙن لاءِ مطالعي جي سهولت رهي.

هن رسالي جي ٻي اهميت اها ليکي ويندي ته پير صاحب جي شخصيت کان علاوه سندس شاعري کي به خاص طرح اجاگر ڪيو ويو آهي، جيڪا ڪمي رسالي جي ٻن اشاعتن ۾ رهندي پئي آئي. هاڻ هي اشاعت هر طرح مڪمل آهي.

هن باري ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ڀلائي سان گڏ، آءٌ جناب الحاج پير عبدالله قريشي ”مهاجر مدني“، محترم پير ابراهيم خليل قريشي ۽ مڪرم پير اسماعيل صادق قريشي جو نهايت ٿورائتو آهيان، جن بزرگن قرب ڪري هن مهم جي سرانجامي لاءِ مون نيازمند جي رهنمائي فرمائي آهي.

نياز حسن همايوني

1395هه مطابق 1975ع

حيدرآباد سنڌ.

 

 

سوانح

هرگز نميرد آنکه، دلش زنده شد به عشق

سنڌ ۾ خانقاهن جو وجود نه فقط عام و خاص ماڻهن جي ديني رهنمائي جو وسيلو هو، بلڪ هتان جي زبان ۽ تهذيب، تمدن جي ترقي ۽ تحفظ جو پڻ ضامن پئي رهيو. خانقاهن جي سرپرستن روحاني خدمتن کان علاوه علمي ادبي ڪارناما به سرانجام ٿي ڏنا. هنن جتي عوام الناس جي اخلاق ۽ معاشري جي اصلاح جو ڪم پئي ڪيو، اتي انساني  اتحاد ۽ برادري برابري جي تبليغ پڻ ڪندا ٿي رهيا ته جيئن ملڪ ۽ قوم ٻئي معياري حيثيت جا مالڪ ٿي رهن. دراصل اهائي خانقاهن ۽ انهن جي سرپرستن جي افاديت ۽ اهميت هئي. جيستائين اهي خصوصيتون برقرار رهيون، تيستائين انسان ذات جي بهبودي بحال رهندي آئي.

انهيءَ سلسلي مان ڪي خانقاه صرف مذهبي تعليم ۽ تبليغ لاءِ مخصوص هئا ته ڪن جو تعلق ديني تحريڪ سان گڏ ادب، طب ۽ سياست سان پئي رهيو ته ڪي رڳو پيري مريدي تائين محدود هئا. مجموعي طور سڀني جو مقصد دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي هئي. انهن ئي خانقاهن مان اڳئين زماني ۾ شاه عنايت شهيد، مخدوم بلال، سرور نوح، سيد حيدر سنائي، پير پاڳاري ۽  شاهه لطيف جهڙيون عظيم هستيون پيدا ٿيون، جن روحاني فيض سان گڏ دنياوي فضيلت درحق به ماڻهن جو مان مٿاهون ڪيو. پوئين دؤر ۾ مولانا تاج محمود امروٽي، پير صبغت الله پاڳارو ۽ مولانا عبيدالله سنڌي روحاني توڙي سياسي سربراهيءَ ۾ قوم ۽ ملڪ کي آزادي ۽ حريت سان همڪناري ڪري ويا.

پير محمد اشرف قريشي ڪاماري وارو به اهڙن عظيم روحاني رهنمائن مان هو، جنهن خدا جي عشق ۽ ماڻهن جي محبت ۾ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي هئي.

پير صاحب هڪ سو سال اڳ ٽالپرن جي حڪومت ڌاري ڪاماري تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. سندس خاندان شيخ بهاء الدين ذڪريا ملتاني جي نسب مان هو ۽ سنڌ ۾ هن خاندان جي اڳ ۾ ئي ڪافي اچ وڃ هوندي هئي.

شيخ بهاء الدين جي خاندان جا ٻيا به ڪيئي بزرگ ۽ خليفا سنڌ ۾ رهائش پذير هئا، تنهن ڪري به هن خاندان جو سنڌ جي سرزمين سان اُنس رهندو پئي آيو. پير محمد اشرف جي والد بزرگوار شيخ محمد غوث جي بڪيرن ۽ ونجهيري وارن بزرگن سان ارادتمنديءَ جي نسبت هئي ۽ پاڻ گهڻو ڪري سنڌ ۾ ئي رهندو هو. سندس وفات به بڪيرن ۾ ٿي هئي، جتان پوءِ ڪاماري ۾ آڻي کيس اتي رکايو ويو. اهڙيءَ طرح پير محمد اشرف جي والده جو مقبرو به تعلقي ٽنڊي باگي ۾ هڪ چوکنڊي هيٺان مشهور آهي. انهيءَ مان اندازو لڳائجي ٿو ته هن خاندان جو شيخ محمد غوث کان به اڳ سنڌ سان لاڳاپو رهندو ٿي آيو. پڇاڙيءَ ۾ پير محمد اشرف پنهنجي والد بزرگوار جي وفات  کانپوءِ سنڌ کي پنهنجو دائمي وطن قرار ڏنو ۽ هتي ئي قيام پذير ٿيو.

پير محمد اشرف جي ولادت 1214هه مطابق 1799ع ڳوٺ ڪرم خان جمالي تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ٿي هئي. ننڍي هوندي کان ئي کيس فقيري ۽ شاعري سان رغبت هئي  (1). ظاهري

علوم جي تحصيل ۽ باطني فيوض جي تڪميل کان پوءِ سندس عظمت چوڏهينءَ جي چنڊ جيان عروج تي آئي. پاڻ پنهنجي وقت جو عارف، متشرع، متوڪل ۽ صاحب نظر هو.

ڪاماري شريف  ۾ سندس آمد آسپاس جي عام و خاص ماڻهن لاءِ رحمت ۽ برڪت جو باعث ٿي ۽ سندس ئي شرف کان هيءَ ننڍڙو ڳوٺ وڏن شهرن کان وڌيڪ شهرت وارو ٿيو. هونءَ به هيءَ ڳوٺ صديون اڳ آباد هو، جيئن حضرت شاهه لطيف هن کي سر سارنگ ۾ واکاڻيو آهي:

”ڍٽ ڍري پٽ پئيون، آيون ڪاهي ڪاماري،

وٺا پٽ پراڻ جا، وٺيون ساماري،

ڪڪر ۾ ڪاري، وڄڙين پسو ويس ڪيا.“

ڀانئجي ٿو ته اهائي سڪائتي ڇڪ هئي، جنهن پير محمد اشرف جهڙي عظيم شخصيت کي ڪاماري ڪهي اچڻ لاءِ مائل ڪيو. پاڻ به انهيءَ سڪ سان ۽ ساڳئي سر سارنگ ۾ ڪاماري جي سار سنڀار لهي رهيو آهي:

جمعي ڏينهن جوڙ، ڪي مانڊاڻا مينهن جا،

قادرڪاماري جا، اچي ٻنا بوڙ،

صاحب سنڌ وسائين، ڇڏ گسر ڪر گوڙ،

اوهيرا آب جا، مٿي ڇنن ڇوڙ،

پکا پراڻ ڪنڌئين، آڻي کٿيرن جا کوڙ،

پکا تن جا ٽوڙ، جن سانڍيو ان اشرف چوي.

ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

ڪر کڻي ڪاماري تي، ڪر وسڻ سان وس،

جي ڏو ڱاهي ڏٻريون ڪيون، تن جو ڪر ترس.

اها اڪير نه صرف ڪاماري تائين محدود هئي، پر ان جي وسعت سڄيءَ سنڌ تائين محسوس ٿئي ٿي. جيئن شاهه لطيف جو بيت آهي:

سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار!

تئين پير محمد اشرف جي صدا ته: صاحب سنڌ وسائين! حب الوطني جو اهو جذبو، سو به جڏهن ڪنهن ڪامل شخص ۽ عظيم هستي جي لفظن ۾ اظهار هيٺ اچي ته ان کان وڌيڪ وطن جي ڪهڙي خوش قسمتي ٿي سگهي ٿي.

جن بزرگن ٻاهران اچي سنڌ ۾ رهي، نه صرف سنڌ وارن کي پنهنجي فيض ۽ فضل سان نوازيو، پر خود سنڌ جي آباديءَ لاءِ به دلي دعائون گهريون، تن ڀلارن جي مٽي به سنڌين لاءِ ماڻڪ برابر آهي، انهن کي اڃا تائين وڏيءَ حب ۽ عقيدت سان ياد ڪيو وڃي ٿو. باقي جيڪي انهيءَ  راهه کان پري وڃي پيا، تن لاءِ ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته: حيف تنين کي هوءِ.... عام طرح پيرن فقيرن جي ڪرامتن جا قصا ته گهڻي ئي مشهور آهن، پر ڪي ڳالهيون اهڙيون به ٿين ٿيون جن کي اهڙن معاملن تي وڌيڪ ترجيح آهي. مثال طور خلق جي خير خواهي، خدا تي توڪل ۽ ذاتي تحمل وغيره. اهي اهڙيون وصفون آهن، جيڪي ڪڏهن به ڪنهن معمولي انسان جي قسمت ۾ نه ٿيون اچن.

پير محمد اشرف عليه الرحمة جي زندگيءَ ۾ سندس بي نظير عارفانه تحمل جو هڪ اهڙو واقعو ٿي گذريو جو هن بزرگ جي ڪماليت تي پوري دلالت ڪري ٿو:

ڳوٺ راڄي خاناڻي ۾ ڏينهن ڏٺي پير صاحب جي نوجوان ۽ صالح فرزند کي قريشي قوم يج ڪن ماڻهن بنا ڪنهن ڏوهه جي نهايت بيدرديءَ سان شهيد ڪري ڇڏيو. انهيءَ المناڪ سانحي تي سڀ ڪنهن کي يقين هو ته پير صاحب وڏي هلنديءَ وارو آهي، وقت جا حاڪم به کيس عزت ۽ عقيدت جي نگاهه سان ڏسندا آهن، سو هن صورتحال جو ضرور پوري انصاف سان تدارڪ ٿي رهندو، پر ماڻهن جي حيرت جي حد ئي نه رهي، جڏهن پير صاحب جي پٽ جا قاتل پريشاني ۽ پشيماني جي عالم ۾ سندس اڳيان پيش اچي پيا ته هن بزرگ هڪدم کين خون بخشي ڇڏيو.

اهو واقعو ڪيتريقدر دردناڪ هو، تنهن جو اندازو شهيد ٿيل پٽ جي دردمند پيءءُ جي هن پرسوز ڪلام مان ڪري سگهجي ٿو، جو انهيءَ ئي واقعي تي لکيل آهي:

 

مَڃ عاشق تون برسر، جيڪا رب جي رضا.

 

ٿي شاڪر ڪر شڪر، جا بڻي سا بڻي،

سهيوئي حق، جا واحد کي وڻي،

رهه  سدائين خوشتر، ماڻ صبر جا مزا.

 

 

جا ٿيڻي سا ٿيندي، جي کلين جي روئين،

محبوبن کي معلوم، ڇا چيو ٿو چوين.

ڪين ٽري ڪنهن پر، جا قادر جي قضا.

 

انگ ازل کان لکيو، ٻارڻ پوءِ پيو،

ڪوهه کجين ٿو کر پين، ڏيهه کي ڏوهه ڏيو،

درد گهُٽ دل اندر، سڪ جي لهندون سزا.

 

”اشرف“ روز ازل کان، ٿيو جف القلم،

ٿي رضا تي راضي، قابو کوڙي قدم،

آگو پاڻ اپر، ڏيندءِ خير جزا.

هن ڪلام ۾ مالڪ جي رضا تي راضي رهن ۽ پاڻ کي دلداري ڏيڻ جو جيڪو اسلوب اختيار ڪيو ويو آهي، تنهن کان وڌيڪ ڪو بيان ٿي نٿو سگهي.

ان زماني جي سٻاجھي سنڌيءَ ۾ جنهن فصاحت ۽ خوبي سان رضا به قضا جو مختصر لفظن ۾ ذڪر ٿيل آهي، سو هڪ ذوق سليم وارو ماڻهو ئي سمجهي سگهي ٿو. ان مان سڀ  کان وڌيڪ هن ڳلاهه تي روشني پوي ٿي ته سنڌ ۾ هڪ سو ورهيه اڳ ڪهڙي سنڌي ڳالهائي ۽ شعر ڪتب آندي ويندي هئي. (1)

پير صاحب جي توڪل بابت ڪيئي روايتون ماڻهن ۾ مشهور آهن. ڪيترا دفعا ننگر خاني ۾ سيڌي سامان جي سخت کوٽ پيدا پئي ٿي، مريد ۽ مهمان دستور موجب ايندا ويندا ٿي رهيا، پر سکڻين هٿين باهه ڪانه ٿي ٻري، جن جو توڪل تي ترهو هو، اهي قدرت جي مشاهدي جا منتظر هئا، جن کي دنياداريءَ تي نظر هئي، سي جيئن پوءِ تيئن مايوس ٿيندا پئي ويا. ڏينهن لڙڻ تي يا سنجهو ٽرڻ تي هو ته عين انهيءَ وقت ڪٿان نه ڪٿان سيڌو سامان اچي نڪرندو هو، پوءِ وري ساڳيا ڪيچ ٿي پوندا هئا. انهيءَ کانسواءِ به پير صاحب تي وڌيڪ ڏکيا وقت آيا، پر سدائين کيس توڪل تي تڪيو پئي رهيو. آخر هن سالڪ جون سڀ سڻايون ٿي پئي  ويون.

خلق جي خير خواهي لاءِ به پير صاحب پنهنجي سر جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون، سي پڻ مثالي حيثيت رکن ٿيون. روزاني ريت موجب عبادت ۽ رياضت کان فارغ ٿيندي ئي کيس پيري مريدي، درس تدريس ۽ ضرورتمندن جي علاج معالجي ڏانهن توجه ڏيڻو پوندو هو.

نون پراڻن مريدن لاءِِ، بيعت، زيارت ۽ ورد وظيفي جي واٽ وٺائڻ جي شغل کان علاوه انهن جي تڪرارن جا فيصلا به ڪيا ويندا هئا ته ڪن جون حاجت روايون به ٿينديون هيون. پير صاحب جي بٺي (ننگر خاني) جي سڄي علائقي ۾ هاڪ هوندي  هئي. جڏهن به جيتري تعداد ۾ به ماڻهن جي خانقاه تي اچڻ ٿيندو هو ته انهن لاءِ ماني موجود هوندي هئي ۽ سندن  رهائش جو پورو بندوبست ڪيو ويندو هو. انهيءَ بٺيءَ مان ڳوٺ جي ماڻهن کي به ٽيئي وقت ورءُ ملندي هئي. هن رسم کي ڪنهن به حالت ۾ جاري رکيو ويندو هو، ايتري قدر جو ننگر خاني جي پورائي لاءِ پير صاحب وٽ جيڪي ڪجهه هوندو هو، سو (ننگرخاني) جي حوالي ڪرڻو پوندو هوس، انهيءَ لاءِ ته جيئن خلق خدا جي کي ڪابه تڪليف درپيش نه اچي. جو به سوالي ڪو سوال ڪندو هو ته انهيءَ جي مشڪل ڪشائي ٿيندي هئي.

خانقاه جي پاران وڏي پيماني تي هڪ مدرسو قائم ڪيل هو، جنهن ۾ سنڌ کان علاوه ٻين ملڪن جا طالب علم به تعليم وٺندا هئا. انهيءَ مدرسي مان ڪيئي عالم ۽ فاضل فارغ التحصيل ٿي چڪا هئا. اهو عظيم الشان مدرسو پير صاحب جي پونير پير  حاجي خان محمد جي زماني تائين هلندو رهيو جنهن ۾ شيخ الاسلام مولانا حسيني احمد مدني جو سڳو ڀاڻيجو مولانا جميل احمد قاسمي صدر مدرسو هو، شاگردن جي پڙهائي، رهائش ۽ ٻين خرچن جو سڄو انتظام خانقاه طرفان ڪيو ويندو هو (1)

پير صاحب پاڻ طب جي علم ۽ فن ۾ به صاحب ڪمال هو. ڪيئي لاعلاج مريض ڪشالا ڪري وٽانس شفاياب ٿيندا رهيا. سندس ڪتب خاني ۾ ڪيترا طبي قلمي ڪتاب ۽ ڪيتريون تحقيقاتي تصنيفون موجود هونديون هيون، جن مان وقت جا عالم، طبيب ۽ حاجتمند استفادو ڪندا رهندا هئا.

پير صاحب جي پوين مان اڃا تائين ڪيترن پيرن جي انهيءَ علم ۽ فن سان وابستگي رهندي اچي ٿي.

هن زبرگ جي سڄي زندگي نهايت سادگي ۽ مصروفيت سان بسر ٿيندي رهي. سندس رهڻي ڪهڻي ۾ دنيا جي ڪنهن ڏيک ويک جو ڪوبه دخل نه هو. جن وٽ باطني حسن آهي تن کي ظاهري ٺٺ ٺانگر جي ڪابه ضرورت نٿي رهي.

فرصت جي وقت پير صاحب شعر و شاعري سان شغل فرمائيندو هو. سندس ڪلام سنڌي زبان جو خزانو آهي، اهو ڪلام اڄ تائين خانقاه جا سوين مريد ۽ خادم خاص ڪري هر سال عرس جي موقعي تي بنا ساز سرود جي سريلي آواز ۾ ڳائيندا رهن ٿا ۽ اهل ذوق ان مان روحاني لطف ۽ سرور حاصل ڪندا آهن.

پير صاحب جي سير سفر سان به گهڻي دلچسپي هوندي هئي. پاڻ ڪاماري شريف مان سنبت ڪري ڪنگري، روهڙي، گهوٽڪي، ڀرچونڊي ۽ رياست بهاولپور وٽان ٿي، ملتان وڃي رسندو هو. انهيءَ آمدرفت دوران سوين ماڻهو هر هنڌ سندس معتقد ۽ مريد ٿيندا ويا. رياست بهاولپور جو نواب صادق محمد اول هن بزرگ جي معتقدن مان هو ۽ دهه گلو پير واري ۾ پير صاحب جي نالي هڪ جاگير پڻ مقرر ڪئي هئائين، جا هاڻ خانقاه جي متولين جي سنڀال هيٺ آهي. انهيءَ سير سفر ذريعي پير پاڳاري ۽ پير ڀرچونڊي جي خاندان سان سندس دوستانه تعلقات قائم ٿي ويا ۽ آسپاس جا ٻيا بزرگ به ساڻس محبت جو ناتو رکندا آيا. اها خصوصيت ورلي ڪنهن وليءَ ۾ ٿئي ٿي.

شروعات ۾ جيئن بيان ڪيو ويو ته پير صاحب جو خاندان شيخ بهاء الدين ذڪريا ملتاني جي نسب مان هو، انهيءَ سلسلي ۾ سندس شجرو هيٺينءَ ريت آهي:

پير محمد اشرف ولد شيخ محمد غوث ولد شيخ محمد اشرف ولد شيخ محمد سليمان ولد شيخ راجن ولد شيخ خان محمد ولد شيخ رحمت الله ولد شيخ قطب الدين ولد شيخ يحيٰ ولد شيخ جعفر هادي ولد شيخ شاهه محمود ولد شيخ پير محمد ولد شيخ ابوبڪر  عرف منگير شاهه ولد شيخ خليل خواجه ولد شيخ عماد الدين ولد شيخ رڪن الدين شهيد ولد شيخ صدرالدين ولد شيخ بهاء الدين ذڪريا ملتاني عليه الرحمة. موقعي جي مناسبت سان ملتان وارن بزرگن جي خاندان ۽ خليفن جو ڪجهه احوال پيش ڪجي ٿو، جو هن ريت آهيِ:

شيخ بهاء الدين ذڪريا ملتاني متوفي 1262ع عرب جي قريشي خاندان مان هو. سندس وڏا مڪي مان هجرت ڪري پهريان خوارزم ويا، پوءِ ملتان ۾ اچي مقيم ٿيا. شيخ بهاء الدين جي ولادت انهيءَ علائقي جي هڪ ننڍي شهر ڪوٽ ڪروڙ ۾ 1272ع ڌاري ٿي هئي. پاڻ ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ آيو ته سندس والد بزرگوار رحلت ڪري ويو. ان کانپوءِ خراسان هليو ويو، جتي هن سالن تائين ظاهري ۽ باطني علوم جي تڪميل ڪيائين، وري بخارا ۾ اچي ساڳيو سلسلو جاري رکيائين. پڇاڙيءَ ۾ حج تي اسهيو ۽ پنج سال مديني ۾ رهي روضه نبوي ۾ مجاوري تي مامور رهيو ۽ اتيئي شيخ ڪمال الدين يمني کان علم حديث جي سند ورتائين. تنهن کان پوءِ بغداد ويو ۽ شيخ شهاب الدين سهروردي جي حلقه ارادت ۾ داخل ٿيو. انهيءَ وٽان خلافت جي خلوت حاصل ڪري سندس ئي ارشاد تي ملتان تشريف فرما ٿيو. جتي هن  بزرگ جي روحاني عظمت جي شهرت ٿيندي وئي.سندس مريدن جو تعداد سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ افغانستان تائين وڌندو ويو ۽ وقت جا بادشاهه به هن جا مطيع ٿيندا رهيا. مشهور بزرگ شيخ فريد شڪر گنج متوفي 1265ع پاڪ پتن وارو، سيد جلال الدين بخاري متوفي 1291ع اُچ وارو ۽ شيخ عثمان مروندي متوفي 1274ع سيوهڻ وارو سندس همعصر ۽ احباب هئا. (1)

شيخ بهاء الدين جي اولاد مان ڪيئي خاندان ۽ سندن خليفا سنڌ ۾ اچي پنهنجون گاديون وسائي ويٺا، جن مان پير محمد اشرف عليه الرحمة کان جلاوه علاوه هيٺيان بزرگ به وڏي مان ۽ مرتبي جا مالڪ ٿي گذريا آهن.

1. مخدوم فاضل شاهه: مخدوم عمادالدين جي اولاد مان شيخ رڪن الدين جو ڀاءُ هو. پاڻ وڏي اٽالي سان پهريان ڪشمور، (اپر سنڌ) ۾ اچي پهتو، پوءِ بڪيرا تعلقي ٽنڊوالهيار ۾  اچي ساڪن ٿيو. سندس والد محمد تغلق پاران سنڌ جي حڪمران سان وڙهندي شهيد ٿي ويو هو. هن جي اولاد گذر ڪري چڪي هئي، ان ڪري مخدوم شهد الله بڪيرائي کي گهرائي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو هئائين. اها گادي سنڌ ۾ غوث پوٽن پيرن جي گادي ڪري سڏجي ٿي ۽ مخدوم قائم الدين قريشي اتان جو ناميارو بزرگ ٿي گذريو آهي، جو پير محمد اشرف  جو همعصر هو. ساڳي وقت پير محمد اشرف جي ساڻس ارادتمندي جي نسبت به هئي.

2. شيخ صوبدار ”مست“، جنهن جي درگاه غوث پور  تعلقي بدين ۾ آهي. ملتان وارن بزرگن جي خاندان مان هو. جنهن وٽان ڪيترا بزرگ فيضياب ٿي چڪا هئا.

3. شاهه عبدالله عرف ”ابن شاهه“ جنهن جي نالي گوني تعلقي ۾ درياهه جي ڪپ تي هڪ ٽڪري مشهور آهي، سو به ملتان وارن بزرگن جي خاندان مان سنڌ ۾ روحانيت جي تبليغ لاءِ آيو هو.

4. سيد محسن شاه، جنهن جي گادي ونجهيري لڳ هالا نوان مشهور آهي. پاڻ ملتان وارن بزرگن مان هو. هن جي به پير محمد اشرف سان عقيدت جي واٽ هئي. سندس مقبرو پڻ ونجهيريءَ ۾ آهي.

5. مخدوم عبدالرحمان: پهريان هندو هو، پوءِ ملتان وارن بزرگن وٽ مسلمان ٿي روحاني فيض حاصل ڪري ساماري ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين. سندس معتقد کي ”رام جاڳيو“ پير ڪوٺيندا آهن.

6. پير پٿورو: هي درويش اصل مينگهواڙ قوم مان هو، پر ملتان وارن پيرن جي صدق سبب وٽائن فيضياب ٿي وڏو منصب ماڻيائين. اڃا سوڌي هن جي شهرت هلندي اچي ٿي. سندس مزار پٿوري تعلقي ۾ ريلوي اسٽيشن اڪڙي جي نزديڪ آهي.

7. شيخ اسماعيل، جنهن کي عام و خاص ماڻهو ”شيخ سومار“ سڏيندا آهن. ملتان مان روحانيت جي تبليغ سانگي ڳوٺ نوتيار تعلقي بدين ۾ اچي رهيو. سندس درگاهه نئي بارڻ جي ڪنڌيءَ تي آهي.

8. مخدوم عبدالله: هي جيسلمير جو هندو راجڪمار هو،  جو پوءِ  مسلمان ٿيو ۽ شيخ بهاء الدين ذڪريا ملتاني جي رضا موجب سنڌ ۾ روحانيت جي تبليغ لاءِ اچي اقامت پذير ٿيو. اڃا تائين هالن پراڻن ۾ سندس خلافت جو سلسلو هلندو اچي ٿو.

9. مخدوم نور الله عرف ”مخدوم نورنگ“؛ ملتان جي بزرگن پاران لاڙ جي علائقي لاءِ خليفو مقرر ٿيل هو. سندس درگاهه ٽنڊي غلام حيدر تعلقي گوني ۾ آهي.

10. شيخ عيسيٰ: هي بزرگ به ملتان وارن پيرن جو خليفو هو. لواريءَ جي لڳ ڳوٺ شيخ پور تعلقي بدين ۾ سندس درگاه آهي. لاڙ مان جڏهن به ملتان جي فقيرن جا جٿا ملتان ويندا يا اتان موٽندا آهن، تڏهن کين هن درويش جي مقبري جي زيارت ضرور ڪرڻي پوندي آهي. (1).

انهيءَ زماني ۾ جڏهن ملتان کان شيخ بهاء الدين جي خاندان مان ڪن بزرگن ۽ سندس خليفن جي سنڌ ۾ آمدرفت ۽ آبادي هوندي هئي، تڏهن سنڌ جي سرزمين تي به وقت جا اولياء ۽ مشائخ موجود هوندا هئا، جن جي هاڪ ٻڌي خود شيخ بهاء الدين عقيدت جي اظهار لاءِ هڪ دفعي هتي آيو هو، جئن نقل آهي ته: شيخ العالم شيخ بهاء الدين ملتاني جڏهن بغداد ۾ شيخ شهاب الدين سهروردي (539-632هه) جي حضور ۾ حاضر ٿيو ۽ سندس هٿ تي بيعت ڪرڻ کان پوءِ جڏهن واپس ورڻ لڳو ته شيخ شهاب الدين کيس ٻڌايو ته سنڌ ۾ اسان جو هڪ مريد رشيد شيخ نوح بکري رهي ٿو، تون اتي وڃي ساڻس ضرور ملاقات ڪجانءِ، جو هو پاڻ به وڏيءَ ولايت وارو هو وٽس هدايت ۽ ارشاد جي اسباب جو چراغ موجود هو. هتان ان کي معرفت سان روشن ڪري اُتاهين منزل تائين رسائي ڪري چڪو آهي.

شيخ بهاء الدين پنهنجي مرشد جي زبان مبارڪ مان شيخ نوح بکري جي عظمت جا الفاظ ٻڌي ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ سندس زيارت فيض بشارت جي اشتياق ۾ ملتان پهچڻ کانپوءِ جلد ئي سنڌ جي راه ورتائين. بيان آهي ته شيخ بهاء الدين جڏهن بکر ۾ اچي رسيو ته ان کان اڳ شيخ نوح بکري هي جهان ڇڏي چڪو هو. اها خبر جڏهن کيس ملي ته پاڻ ڏاڍي حسرت ۽ وڏي ارمان سان واپس ملتان موٽي ويو. انهيءَ شيخ نوح جي مزار بکر جي قلعي ۾ آهي (2). ساڳئي دور جا ٻيا به ڪيئي مشائخ مشهور معروف آهن، جن جو تفصيلي ذڪر ”تحفة الڪرام“ توڙي ٻين تاريخي ڪتابن ۾ موجود آهي.

پير محمد اشرف قريشي خدا جي خلق کي فيض رسائيندي ۽ حقيقت، معرفت جي تلقين ڪندي، تاريخ 14 ربيع الاول آچر جي رات عشاء جي وقت سن 1277هه مطابق 1860ع ۾ رحلت فرمائي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. سندس مقبري جي ڪتبي تي هيٺيون قطع تاريخ ڪاشي جي رنگين سرن تي نقش ٿيل آهي:

فغان از وفات ولي خدا،

که مثلث نبوده دراين شش جهات.

محمد علم اشرف اثر شد خطاب،

چو اسم و خطابش برابر صفات.

نبايد به تحرير و صفش اگر،

شود خانه اشجار و دريا دوات.

خلف ماند زو در جهان نام نيک،

که نيکي ز نيکان جود باقيات.

کلامش جود عاشقان را چو قوت،

بيانش جود طالبان را برات.

دلم گفت سال وصالش بحق،

محمد جود اشرف کائنات.

1277هه.

پير صاحب کي پٽيتي اولاد مان صرف هڪڙو فرزند هو، جيڪو جوانيءَ ۾ ئي شهيد ٿي ويو، تنهن کانسواءِ پويان هڪ دختر نيڪ اختر يادگار ڇڏي ويو، جنهن جي شادي خانه آبادي پنهنجي هڪ قريبي عزيز پير جان محمد قريشي سان پنهنجي زندگي ۾ ئي ڪرڻ فرمائي هئائين. سندس رحلت کان پوءِ اهو ئي بزرگ خانقاه جو متولي ٿيو. انهيءَ بزرگ جي خاندان مان حاجي نور محمد، حاجي خان محمد، حاجي تاج انهن جا پويان حاجي احمد شاه، حاجي عبدالله شاه، حاجي ابراهيم خليل ۽ حاجي اسماعيل صادق کان علاوه حاجي غلام مصطفيٰ، حاجي غلام مرتضيٰ، حاجي عبدالجليل ۽ حاجي عبدالحميد هن تاريخي خانقاه کي آباد رکندا آيا آهن.

هنن پيرن مان حاجي خان محمد هڪ وسيع القب بالغ نظر ۽ سياسي شخصيت  جو مالڪ هو، امام الهند مولانا ابوالڪلام آزاد جي فڪر جو حامي ۽ سندس ذات والا صفات جو مداح هو. 1911ع واري زماني ۾ جڏهن برصغير جي سياسي جدوجهد پوري عروج تي هئي، تڏهن پير صاحب ان ۾ دلچسپي وٺندو رهيو. مولانا جي اخبار الهلال ۾ هن بزرگ جا برابر خط شايع ٿيندا هئا. پاڻ ڪيئي دفعا سنڌ مان چندو گڏ ڪري الهلال جي امداد لاءِ موڪلي ڏنو هئائين. غرض ته علمي،ادبي، ديني ۽ قومي خدمتن ۾ هن نيڪ هستيءَ چڱو پاڻ ملهايو هو. (1)


(1)   ڪتاب ”مداحون ۽ مناجاتون“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ص 479.

(1)  (ڪتاب ”تذڪره مشاهير سنڌ“ مولانا دين محمد وفائي مرحوم، مقدمه ۽ حاشيه، سيد حسام الدين راشدي، ص 9 ۽ 10

(1)  روايت، مولوي خان محمد نوحاڻي ساڪن نئيگ

(1)  ڪتاب ”آب ڪوثر“ شيخ محمد اڪرام، ص 255

(1)   ڪتاب ”آب ڪوثر“ شيخ محمد اڪرام، ص 255.

(2)  ڪتاب ”جنت السنڌ“ مولائي شدائي، ص 337 ۽ 340.

(1)   روايت، مولوي محمد صالح عاجز، ايڊيٽر هفتيوار ”صبح صادق“ نواب شاهه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org