سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام اشرف

صفحو :17

 

 

مناجاتون

 

1-مناجات

اول چئي الله، ساراهيم سچو سبحان ٿي،

جنهن سچي سبحان خلقيو، خاص عالم ڄام ٿي،

تان ڦريو ساري جهان ۾، فضل جو فرمان ٿي،

تان ٻڌو مون مصطفيٰ جي شرف جو سامان ٿي،

سَوَ شڪرانا سبب ٿيا، مون نماڻي ڪاڻ ٿي،

مدد ڪيائون مهربانيون ماڙ مون مسڪين ٿي،

 

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار  مرسل، ساڻ اُمت سار لهه!

 

طلب تن تعريف تنهنجي اصفائي ساهه کي،

مدح مون مقبول من ٿئي، آسرو ارواح کي،

صفت ساراهه سوجهرو سو راهه ۽ گمراهه کي،

محض محبت پانهنجي جو ڏس ڏيو هن ڏاهه کي،

جو پنڌ پري پانڌيءَ ٻجهي ٿئي وسنءُ ويجهو واهه کي،

سام پنهنجي سا نه ڇڏجو سگهه وڏي تو شاهه کي:

 

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار  مرسل، ساڻ اُمت سار لهه!

 

مرڪ مڙني کان مٿي تنهنجو قرب قادر ڪيو،

لڙهه لڳس لائق اوهان جي پيش هي پينو پيو،

ڀو ڏسي آن ڏنهن ڀڳو لوڪ جو لاهي لِيو،

مير! ماندي کي ملڻ جو ڏس ڪو لڳ ڏاتر ڏيو،

هي! ڪمايم ڪين ڪي جو وقت ويساهي ويو،

محب معلوم آ اوهان کي حال تان منهنجو اهو.

 

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار  مرسل، ساڻ اُمت سار لهه!

 

تون مٺو محبوب موليٰ جو اسان کي آسرو،

سوڙهه جا سختي سجهي واهر ويچاريءَ تي ورو،

شوق پنهنجي ذوق جو، ڍوليا! مڪج ڍاري ڍرو،

هوئي هميشه حب اوهان جي، ٻن دنيا جو مامرو،

بيڪسن کي بخش ڪر ڪو ذوق پنهنجي جو ذرو،

صاحب سچا سڪ مان سڄڻ ڪو پرت پرجهايو پرو،

 

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار  مرسل، ساڻ اُمت سار لهه!

 

شرف موجب شان تنهنجو قرب ٿيو قرآن ۾،

”طهٰ“ ۽ ”ياسين“ ”يوسف“ فضل ٿيو فرقان ۾،

۽ ”مزمل“ ”حٰم“ ”حج“ ٿيو عهد الرحمان ۾،

”هل اَتيٰ، ۾ عزتون تو بابا ۽ بيان ۾،

ملڪ حورون منتظر تنهنجي ادب امڪان ۾،

اولياءَ سڀ انبياءَ فائق تنهنجي فرمان ۾،

 

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار  مرسل، ساڻ اُمت سار لهه!

 

ڏاتر ڏنا سڀ ڏيهه توکي ملڪ جي مالڪ مدار،

رحم توسان رب وڏا ڪيا پاڪ تان پروردگار،

مون کي سڪندي سال ٿيا ساريندي مون سڀ ڄمار،

تان ڪريو ٿورو ٿڪيءَ تي محب منهنجا من قرار،

آهون سڻي آسروندن جون آءُ جياپا جيءَ جيار،

ٿي ڪيم ڪارون ڪشالا، هي! هتي حيلا هزار،

 

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

ور ميان وارث وسيلا، سڄڻ منهنجي سار لهه!

 

تون نبين ۾  نبي سرتاج ۽ سالار ٿي،

تون ونڊيندڙن وحدتن جو تان مڙن مختيار ٿي،

تون سڀن سرتاج سرور مرسلن مهندار ٿي،

تون بدل برڪت جو برحق سرزمين سينگار ٿي،

تون همت همراهه حامي ۽ اَڙين آڌار ٿي،

تون سمر ساٿي سڃن جو تان دلاسي دار ٿي،

 

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

ور ميان وارث وسيلا، سڄڻ منهنجي سار لهه!

 

ترس ڪج ڪو توهه پنهنجو فضل تون في الحال جو،

رهنما! ڪو رحم ڪر پنهنجي ڀلائي ڀال جو،

خوف خطرو لاهه لائق جيءَ جُسي جنجال جو،

وهه وڃاءِ سو وجودان مڪر ميڙڻ  مال جو،

تو بنا ڪنهن کي چوان هي حال تا احوال جو؟

ڏهن نماڻي نظر ڪر ڪو ورق وار وصال جو.

 

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

ور ميان وارث وسيلا، سڄڻ منهنجي سار لهه!

 

يا رسول رسجان اچي ڀلڪار جي ڀؤ کان بچاءِ،

سير جا سختي سجهي سا لهر لحظي ۾ لنگهاءِ،

وَڏ وڙا! ڪو وڙ ڪري پنهنجي وڙئون واڳون وراءِ،

ٻاجهن ڀريا! ڪا ٻاجهه ڪر، ڪر ويران هي وارث وساءِ،

ساهه تولئي ٿو سڪي تون ڪين سڪندن کي سڪاءِ،

حال منهنجي تي هلي اچي ڀال برڪت جو ڀلاءِ،

 

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

ور ميان وارث وسيلا، سڄڻ منهنجي سار لهه!

 

رک دنيا جي دام کان جا ڪين حرڪت کان هٽِي،

ڪم ڪُل ڪرڙيءَ ڪچا واٽان ولهي راهان رٽِي،

شرم وندي شرم ڪيو، موڳي محابي کؤن مَٽي،

ڪلنگيون جنهن ڪاپار ۾ سا ڪيئن رسي ڦورن ڦٽي،

 

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

قربئون اچي پنهنجي ڪرم سين پاڪ پيشاني پساءِ

 

ماندو ڏسي مون کي نه ڇڏ نالي خدا آهيان نڌر

مون ٿڪيءَ تنهن جو تڪيو دلبر دلاسو دوست در،

وهلو چوان ور ڪري تو ڏنهن گهڻو آءٌ منتظر،

هي! عمر حيلي منجهه وڃائي ٿي ڪيم غم ۾ گذر،

توشو توڪل تار ۾ ٻي سگهه نه ساريان ڪو سمر،

هر ويل هردم ساڻ هج نالي مٺا مون سان ثمر،

 

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

قربئون اچي پنهنجي ڪرم سين پاڪ پيشاني پساءِ

 

تنهنجي بچائي هي بچي ڪنهن تان ڀلائي ڀروسي،

ور ڏيو ويري وڙهي ٿو ڏور ڏنگايون ڏسي،

آءُ ڊڄان ٿو ڊپ انهيءَ هي خر متان کٽيو کسي،

موذي مداين تي متو ڪوڙو ڪمر ڏس ڪيئن ڪشي،

نچ ناز تي نرڄو نوي هي نور نيڪي کون نسي،

چٽ ڪريو تنهن چور کي درنگو وجهو دشمن دسي،

 

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

قربئون اچي پنهنجي ڪرم سين پاڪ پيشاني پساءِ

 

جيءُ جسي ۾ جار تنهنجو اندر ۾ اشتياق آهه،

سوز سيني ۾ شهيدن جو چڪي ٿو چاڪ آهه،

دوست لئي ديدار تنهنجي من گهڻو مشتاق آهه،

شمع دل جو سوجهرو سو عشق جو اطلاق آهه،

ذڪر نتهنجو برهه جي بيمار لئي ترياق آهه،

جو سندم دلڙي هجر ۾ چاڪ ۽ غمناڪ آهه،

 

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

قربئون اچي پنهنجي ڪرم سين پاڪ پيشاني پساءِ

 

يا محمد ڄام! تنهنجي پيش پيس پاند پُکِي،

حُب هئي هر دم هميشه جانبن جيئڙو جُکِي،

محب! تو من مست ڪيو دل ۾ درد دائم دکي،

وٽ پاڪ مون وٽ ڪا ونڊيو ڏس ڪو ڏيو  ڏاتر ڏکئي،

مسڪين کي محفوظ ڪريو ۽ ڏيو برڪت بکئِي،

جو پيو تو سام مرسل! ڪيم تنهنجي دل ڏُکِي،

 

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

قربئون اچي پنهنجي ڪرم سين پاڪ پيشاني پساءِ!

 

هٿ وٺي همراهه ٿي هن وقت ۾ ويلي وري،

اثر اظهاري ڪيا تان هن زماني ظاهري،

لوڪن وڪي لڄ لوڀ تي حرام تي پيڙا هري،

ننگ سڃاڻڻ جو شرم ويو ۽ ويا ماڻهو ڦري،

ڳوليا لڀن نٿا ڳوٺ ۾ ڪي سچ سخن جا صابري،

چور چاوت، چُوچڙو گهر گهر پيو ٻارڻ ٻري،

 

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

قربئون اچي پنهنجي ڪرم سين پاڪ پيشاني پساءِ!

 

تون نيت تي رک نِگهه، نيتن سندا آهن نفعا،

نيت ٻيڙي توڙ نيندئي توڙ لنگهائي پارسا،

جن سڃاتو مرتضيٰ کي تن سڃاتو مصطفيٰ،

جن سڃاتو مصطفيٰ کي تن سڃاتو ڄڻ خدا،

جن سڃاتو خود خدا سي ڪيئن خدا کان ٿيا جدا،

اذن الله جو مليو ٿي هاشمي هٿ ۾ شفا،

 

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

قربئون اچي پنهنجي ڪرم سين پاڪ پيشاني پساءِ!

 

آل سان جو بي ادب سو مصطفيٰ جو مدعي،

جو مصطفيٰ جو مدعي تنهنجي چوان ڪيئن پيروي،

ويون نمازون ناهه ٿي ۽ ڪل ڪمائي ٻن پئي،

ڏس مصيبت ماريو تن ماجرا، ڪيڏي پئي،

ڪافر ٿيو ڪلمو نه پڙهيو ثابت صحيح،

سو ڪيئن چوان اُمتي ٽول ويا جنهن کون ٽئي.

 

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

قربئون اچي پنهنجي ڪرم سين پاڪ پيشاني پساءِ!

 

’صديق‘ صاحب سرزمين شامل شريعت سربسر،

’فاروق‘ فياض، زمان ’عمر‘ طريقت تربتر،

’عثمان‘ اعظم اولياءَ بحر حقيقت بحر و بر،

’مرتضيٰ‘ مانجهي مشرف معرفت مهرِ نظر،

حاضر رهن سي حضور ۾ هئا حڪم لاءِ منتظر،

 

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

قربئون اچي پنهنجي ڪرم سين پاڪ پيشاني پساءِ!

 

حُبَ هِنئين ’حسنين‘ جي تحقيق آ تلقين تَن،

جي رسول الله جا هئا جگر گوشا جانِ مَن،

سي پسان پرتئون پيارا واهه تن جا ويَس وَن،

اصحاب احمد ڄام جا مرڪن ميا مانجهي مگهن،

چارئي ڪندا واهر منهنجي شل چمان چائنٺ سندن،

مهر سان مون تي ڪندا پردو پکر پنجتن،

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

قربئون اچي پنهنجي ڪرم سان پاڪ پيشاني پساءِ!

 

قبر ويلي ڪَرَ لهج اوندهه جا گُهٽ سختي سجهي،

ڀلڪار جت ڀتيون ڀڙيون ٻوڙاٽ ٻُس ٻهه ٻجهي،

گارو نه گپ گردان گس اوراٽ اُلڪو اُجهي،

منهنجي حمايت تون ڪندين توري نه ڪو سرور سجهي،

مسڪين سان يا مصطفيٰ همراه تو جهڙو هجي،

يا سچا سردار سرور، ڄام  منهنجي سار لهه!

بئون اچي پنهنجي ڪرم سان پاڪ پيشاني پساء!

 

ختم الرسل، خيرالوريٰ! مِل موٽ تون مشتاق تي،

موت ويلي ور ڪريو ڪا مهر مون محتاج تي،

سڪرات سهنجي سا ڪيو سواليءَ جي رب جي واسطي،

”اشرف“ چوي آسان ڪر اَگهَه ڪر  ڪريان آراستي،

پرتئون پڙهي اُن دم ڏيان ڪلمو محمد شاهه تي،

يا سچا سردار سرور، ڄام منهنجي سار لهه!

قربئون اچي پنهنجي ڪرم سين پاڪ پيشاني پساءِ

 

لا اِلله اِلا الله محمد رسول الله

 

 

 

2- مناجات

 

”لو لاَ الفِرَاقُ لَڪَ الوَصلُ بلِاَ قَدَر،

حَيرَتُ عَليَ الد وامِ آثَاره“.

 

هڏ نه هئو فراق جي ته وصل کان ورچن،

ساءُ اچي مون سڪ جو  مِٺن مشتاقن،

ڏکن ڌاران سُکن جو پَرو ڪيئن پرجهن؟

اُڃ ڌاران آب جو ڪيهو قدر ڪڻن،

قدر تڏهن طعام جو جڏهن بيحد ٿا بکجن،

ڌاران مرض ماڻهئين ڪيهو قدر طبيبن؟

ڌاران ڦٽ فراق جي هيج نه حبيبن،

مون کي سڪڻ سيکاريو پاسي لڳي پرين،

هڏ نه هو هيڪاند ۾ ههڙو ساءُ سيڻن،

جيئن وڇوڙي جي وصال کان پرو پيڙم تن،

هڪ اندر اَٽِي عشق ۾، ٻي ننڊ نه آهي نيڻن،

ساءُ چکايم سڪ جو، وِجهُل واترين،

پلل پوي ٿو پور ۾، منهنجو هنيون لاءِ هوتن،

ساريو ڏينهن سُکن جا، ٿا ڦوڙايا ڦاٽن،

تون جو وڃين پَهيَڙا وٽان واڍوڙين،

ساريو ڏيج سنيهڙو منهنجن مِٺن محبوبن،

آڻي آب اکين مان چئج ونهين ويڙهيچن،

ته  ڇيلو ڇڄي ڇانگ مان ڪنهن جو  رهي پئي چرڻ،

ته واهري وير وٿاڻ ۾ تنهن جي پڻ سار لهن،

پَٽَ نهارينِس پٽيون ۽ پڇن تي به تڙن،

ته مَڇَڻ گوهر  گڏيو ڪنهن جي ساڻ ڦرن،

ته جڏهن پيدا نه ٿئي تان پي منجهان تن،

ته اچيو اُوءِ افسوس ۾ ٿا هي هي هٿ هڻن،

ته هي اڄ رهيو هيڪلو جيڪس منجهه جهنگن،

ڪ ور پئو ڪنهن ويريءَ جي ڪر مارئو سو مرن،

ڦر سندي فراق ۾، ٿا ايڏا اندوهه اچن،

اَڌَر نِڌر اڀري آءُ جيڪس ڪر په ڦرن،

جن ووءِ ووءِ ويس وسري، تن سٻاجهن سانگين،

ڪَرَ نه لڌي ڪڏهم منهنجي موٽي ماروئڙن،

هينءَ ڳرهيو حال کي ٿي رُئان رت وَرن،

جئن آءُ بندياڻي بند ۾ هوءِ پنهور منجهه پٽن،

هو کليو پين کير ٿا، آءٌ ڪُسان ۾ قيدن،

هو واڳيون سڀ ورن سين آءٌ جڙيس زنجيرن،

هو سرتيون سڀ سکن ۾، آءٌ ڏکي منجهه  ڏکن،

ڪرم آنديس ڪوٽ ۾، نه ته هت ڪير اچن،

”جَف القَلَمُ بِمَا هُوَ ڪَائِن“ ٿا لکيا انگ پرن.

 

لکيا هُيم لوح ۾، نه ته هي ڪي سور سُنهن،

جهڙو قيد قسمت جو تهڙا ڪين سٻحن،

”قيد الماءِ اشد مِن قيدالحَدِيدِ“ ائين ڪتاب لکن،

گوندر ڏينهن گذاريان ساريو ساٿيئڙن،

ڏاڍا! ڇڏ ڏاڍائيون هيڏيون تان نه ڪجن،

گهڻو اُڪنڊي آهيان تن عمر اباڻن،

سيئي ساريم سومرا! جي مارو منجهه ٿرن،

سيئي ساريم سومرا! جي پنهور منجهه پکن،

و جهل اُن وطن  جي مارو مشتاقن،

محل ماڙيون بنگلا ٿا ڪش مون ڪين اچن،

آءُ نپني آهيان ايئن، جيئن پنهور منجهه پٽن،

سي واٽڙيون ڪيئن وساريان؟ تن سٻاجهن سانگين،

گهڙي گهاري نه سگهان، ميان! ۾ محلن،

لوئي ڪيئن لڄائيان کي پهري هت پٽن،

هنيون منهنجو هُت ٿيو، هت بدن منجهه بندن،

ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڄان؟ ٿا پل پل پور پون،

هُت وسريس هنن کي، هت جڙيس زنجيرن،

هي هي منهنجي حال کي ووءِ ووءِ هن ويرن،

ميان! ڪر ڪا مهر تون، سٻاجها په سڀن،

ٻاجهائيندڙ ٻاجهائين تون مٿي مريضن،

ٻاجهه، سٻاجها سپرئين ميان! ڪر ماندن،

جي ملائين ته ملان، نه ته رهيس منجهه رڃن،

وير وسيلو آهيين ٻاجهيندڙ ٻڏن،

جن وسيلا سڀ ويا تون واهر وسيلو تن،

عاصي هن ”اشرف“ کي ميڙين سان محبن

جو سڪي ساري سڪ ۾ سدا سانبيئڙن،

موليٰ! ميڙائو تنهن ڪرين ماندي جا محبن،

حاضر هوءِ حضور ۾، ٿئي پاڙيچي پرين،

پسيو درسن دوست جو اکڙيون عيدون ڪن،

ويندا سي ايمان سان جي ڪلمو پاڪ ڪهن.

 

لا اِلله اِلا الله محمد رسول الله

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org