داستان روپ بروو
هڪ عشق جو بار اٺاء، ٻيا بار ڀيري هڻ ڀونء سان.
بار برهه ري ٻيا سڀ باري، شور شرر ڏينهون ڏينهن زياري،
پڄ ٻيلي بٺ پاءِ.
بار برهه جو ڏاڍو باري، جهڙي تهڙي جي ناهي ڪاري،
چايئين ته مرد ٿي چاءِ.
سنڱ سياڪا ڪڙم قبيلا، حرص هوس جا ڪوڙا حيلا،
ناحق جيءِ م کپاءِ.
عشق بنا ٻيو سڀ انڌارو، نوبت نينهن جو مار نغارو،
لنئون سان خيال لڙاءِ.
درد بنان ٻيو سڀ ڌوڙ ڇائي، ”اشرف“ سڻ تون عمر اجائي،
واء کي ڏيئي م وڃاءِ.
*
سهسين ڳڻ ڳايان، يار سڄڻ تنهنجا.
ٿورا ٿورا تو جي ڪيڙا، وسري مان کي سي نه ويڙا،
ڀال لکين ڀانيان.
البت ايندين مون نه مٽيندين، دوست دلاسو دل کي ڏيندين،
آسروند آهيان.
گلا غيبت هر ملامت، تنهنجي طرفان طعنا تهمت،
آئون برسر چايان.
”اشرف“ چوي اڱڻ اسان جي، آءُ پيارل وڙان پنهنجي،
پاند ڳچي پايان.
*
کڻي چشم ڪيئي چڪچور مان کي، تنهنجا نيڻ سلوڻا سانول يار.
شوق اوهان جي شور مچايو، ڳلي ڳلي ۾ هوڪا پايو،
منجهه ملڪن ڪيئي مشهور مان کي.
اچي اچانڪ ڇو ٽڪ لايئي، گهورن سان منهنجي دلڙي گهايئي،
سان رمزن ڪيئي رنجور مان کي.
جيءُ اڙايوءِ جادو لايوءِ، برهه بڇايوءِ مچ مچايوءِ
لائي محبت ڪيئي مهجور مان کي.
چپ چپاتي پاتئي جهاتي، ”اشرف“ چئي جا تو لنئون لاتي،
تنهن موج ڪيو مخمور مان کي.
*
ڪوئي اوهو بهانا هووي، جنهن بهاني ميرا پيا ملي.
عاشق مسڪين مري نه جيوي، ڀرم پيالا ڀرڪي پيوي،
راءِ ڀليندا کڙا رووي.
پيليان دي ڌاڳي ڪر ڪي، دردان دي داڻي چشمان ڀرڪي،
هار هنجون دا نت پووي.
درسن ڪيئي دل اداسي، سڀ جڳ دي وچ ڦري سناسي،
بار برهه سر ڍووي.
موج محبت رنگ برنگي، شربت شوق دا سارا تشنگي،
هڪ پيوي پيالو وي.
مک منور ڏيکڻ سيتي، ”اشرف“ عاشق ساهه سميتي،
داغ هجر دا ڌووي.
*
تون آيون اساڏي سانگي، صدقي صدقي مين جاني.
ذات مطلق تيڏي بيشڪ، هرنگ دي وچ تو نهين هين حق،
پوڳئي پيچ سڙانگي.
روز الستون قالو بليٰ دي، روح ميڏي ڪون انهين تسليٰ دي،
بانگ سڻائي بانگي.
رنگ برنگي لک لباسان،، ڪوئي نه سمجهي نال قياسان،
ناز سڃاڻن نانگي.
شمس الحق حق ڪرڪي کليا، شهه منصور نون سولي سليا،
عاشق يار اڙانگي.
”اشرف“ آکڻ بس بي ادبي، يار مسبب آيا سببي،
جئي جنهين ڪون مانگي.
*
آهين هر جا هادي توهين، تو ٻاجهون ٻئوڪي ناهي.
تون رهنما توهين راحم، هوئڻ تنهنجو دائم قائم،
هن جو هوئڻ هو هين، کڻي لاسين وجهجئين لاهي.
حضرت محمد مظهر ذاتي، ويس وجودي نور صفاتي،
احمد آدم ڏوهين، ڪيئي ظاهر پاڻ پراهي.
تون سڃاپين تون سڃاڻي، تنهنجي قدرت تون ٿو ڄاڻي،
مور نه ڄاتي مونهين، تنهنجي رمز عجائب آهي.
”اشرف“ سندي دل فضل سان، شاغل وحدت جي شغل سان،
ڪج سنڃاري سونهين، تون قلم عطا جو واهي.
*
گهول گهتيان مين لک وار وار،صدقي گهول،
سهڻي يار تون وفادار تون.
ڪنهن بهاني ڪولهون آوين،
نال اسا ڏي رمزان لاوين،
ٻيٺڙي رونديان زار و زار،
صدقي ٻول، شيرين گفتار تون تي وفادار تون.
سهڻا تيڏي سهڻي چالي،
ڏيئي مينون يار ڏيکالي،
دل ڪيتي سو بهار بار،
صدقي چول، چشم خار تون تي شوخ نظار تون.
جلوه حسن دا جان جلاوي،
ساهه سيني وچ نهين سماوي،
ڏيک زلفان دي تار تار،
صدقي گهول، گهنڊ رخسار تون تان پرانوارتون.
”اشرف“ عاشق تهدل تيڏا،
تون دل دا جاني دلبر ميڏا،
جليوين سوني دا ڳل هار هار،
صدقي قول، شهه سردار تون تي خود مختيار تون.
*
تون تان پکي پرڏيهي، هي ڏيهه نه ڄاڻج پنهنجو.
حب وطن جي غالب جن کي، ناهي جمعيت ڪوتل تن کي،
نينهن نوازيل نيهي، ايڏو ڪرم نه ٻي هر ڪنهن جو.
ڀورا ڇڏ تون ڪوڙا ڀروسا، ترڪ ڪري سڀ اوسا پاسا،
ڌڻي رهه ويهي، آهي جڳ آسائو جنهن جو.
پرڏيهه سان ڪيئن پرت اڙايئي، عمر اجائي واء وڃايئي،
ڪار ڪيئي ڏس ڪيهي، ڇڏ تون اسانگو تنهن جو.
”اشرف“ عشق اصل ڏي رک تون، ڏيهه بيگاني جاڙ م جک تون،
پائر ڏس وڃ پيهي، ڏک ڏيهه گذار م اَهنجو.
*
مان عيب ڪري سڀ اولي، شال ٻاروچو مون ملي.
قاصد قريبن جو مٺي ٻولي ڪا ٻولي،
ڏي خوشخبريون خوشحال کلي.
پنهنجي هن پورهت کي رنگ ڀريو م رولي،
شال گڏي پنهنجي سان هلي.
اڱڻ آسروند جي ميان در خوشي جا کولي،
اچي ٽهل موچاري سان ٽلي.
”اشرف“ چوي امت پنهنجي ڄام سنگت سان ڄولي.
ڪري بدڪردارن کي بلي.
*
تون ڀلين آيو جي آيون، پانڌي پرين جا.
پنهنجي سانگي هن پورهت سان موليٰ آڻي ملايون،
پاڻهي آيون چئو پيارل ڪ هوتن پاڻ هلايون.
سچ ڪين ايندا، سڪندين ڏي ڪا سچي ڳالهه سڻايون،
اچي ويهه تون ونڙين ۾ تو لاءِ جوڙايم جايون.
ڪري ڳالهيون قريباڻيون ويهه ته سور وراهيون،
”اشرف“ سنديون اکيون ان لاءِ آهن روز اڃايون.
*
توسان منهنجو نينهڙو لڳو روز ازل جو.
اسان تنهنجو قرب اڳوڻو لوڪ ليکي اڄ ڪلهه جو،
عشق اصل کان پاند پيوسين ڏينهن الست اول جو.
قالو بليٰ جو قول ڪئيو مون په پيو ان پل جو،
روح عشاقن رمز انهي ۾ مست ميثاق مهل جو،
فضل فتاحي وهب الاهي عشق ناهي اٽڪل جو،
”اشرف“ عاشق سڪن اصل ڏي خوف نه اُن اجل جو.
*
صورت ۾ جن جهاتي پاتي، ساڳي صورت تن سڃاتي.
صورت کان بي صورت ٿيڙا، وريا ڪين وڃڻ کي ويڙا،
لحظي لنگهيائون ملڪ صفاتي.
وير لنگهي ويا وحدت وجودي، ظاهر ٿيڙن شوق شهودي،
ڪهڙو تن نفي اثباتي.
موتو قبل انت موتو، ماڻي مماتي ٿيا لايموتو،
هردم هوندي تن حياتي.
حاصل ڪيائون رويت رباني، لنگهي لاهوت ويا لامڪاتي،
”اشرف“ ٿياسي ذات ۾ ذاتي.
*
دل جون دلبر ساڻ، ٻه ٽي ڳالهڙيون.
اکيون اداسيون طرف اوهان جي،
رويو رت واهين، کوءِ هي راتڙيون.
ڪوڙيون درد ونديون در دلبر جي،
دل ڦريون دانهين، پايو جهاتڙيون.
پاڻ ڀلائي پرين پورهيت جا،
لحظي ڏک لاهين، ڏيئي ڏاتڙيون.
”اشرف“ چوي ڏير ڏکيءَ سان،
مان ڪو رس راهين، ڪن ڪي باتڙيون.
*
منهنجي سا ڪوهه نه ڪيائون
پـــاڻ پــيــهــي ويــا ڇــپــريــن!
پنهل نيائون پاڻ سين،
نڌر نال نه نيائون.
جان ڪي اورينديس ان سين،
تان پاڻان سور سڃيائون.
سکن هيرون جندڙو،
ڏکن منجهه ڏنائون.
جي هيس جوڙ جتن جي،
ته مادر مون نه مٽيائون.
”اشرف“ پهچان ان کي،
جيڪو جمل جهليائون.
*
منهنجي ڳچيءَ جو سونو هار،
هـــار ديـــدار دوســتــاڻــو.
هن گوليءَ تي هوءِ هميشه، راضي ياور يار،
پيار پيراڻو ...
لک ڪروڙين، نيل پدم، صدق صدق سو وار،
دلدار ريجهاڻو...
اجهو آڳهه سڀ امت جو، تون سردارين سردار،
شهه سوار ساماڻو ...
”اشرف“ عشق الاهي ميان، جنهن ۾ سو اسرار،
جنهن جو شان شاهاڻو...
*
رائي منجهه رهاڻ، ڪنديس ڪيچيڙن سان.
ڪنهن پر ملان ڪيچئين، آهيان اصل اڄاڻ.
پنهل پياري کي، طرف پنهنجي تاڻ.
ڇلي پونديس ڇپرين، ڪوهيارل ڪاڻ.
ڏسان شال اکين سين، ٻاروچي لاڏاڻ.
ٻاروچي ٻاجهه پوي، پنهل ايندو پاڻ.
هينئڙي هوتاڻين سان، ٻڌو زور ٻڌاڻ.
”اشرف“ هل هوتن ڏي، پڪي پهه پرياڻ.
*
مون وٽ مان اچن (لو) جيڏيون منهنجا مون وٽ!
سال جنين لاءِ ٿي سڪياسي، پرين اچن مان، منهنجي پاسي،
روح جنين وٽ روز رچن (لو).
فاذڪروني قول ڪيائون، اذڪرڪم، ائين چيائون،
سخن ٻڌائون ساڻ سچن (لو).
پاڻ ڇڏي ٿي پرين جي پيري، دوست ڏسندءِ اندر ديري،
ڪل پوي ٿي ڪان ڪچن (لو).
”اشرف“ عشق جو ٿي اتياري، محبت مچ مچايا باري،
ڏس پتنگ ٿا ڪينءَ پچن (لو).
*
آئون نالائق آهيان، لڄ ڀريا ڪر لائق پنهنجو!
تو ريءَ منهنجو ڪونه وسيلو، تو ريءَ حال نه ٻيو ڪو حيلو،
وڃي ٻي در ڪنهن جي دانهيان، شافع م ڇڏ شائق پنهنجو!
تنهنجي جيءَ اندر جهوري، تو جالاتي دل کي لوري،
توريءَ ونڙين ٿي نير وهايان، پورهيت ڏي منج پائڪ پنهنجو!
جو وڙ لائق جن جو، سو وڙ ڪرڻ مناسب تن جو،
آهيان ڪوڙو ڪنهن ڏس ڪاهيان، لوڌ م شاه لواحق پنهنجو!
رک م ”اشرف“ کان تون اولو، ڌڻيم دوئي سندو ڀڃ ڀولو،
تو ڏانهن آس اميد نه لاهيان، ڪرم ڪري ڪر لائق پنهنجو!
*
هيڏيون بي پرواهيون، ناهن مناسب نال نماڻن.
گهوريا وڇوڙي جا ڏينهڙا، مون سر وٺڙا محبت مينهڙا،
مون سر سورن جون سرواهيون، وڍ وجهن ٿيون ورهه ويڳاڻن.
توسان زورآور زاريون، تو جي ٻيهر ٻاروچا ٻاريون،
ڏاڍيون برهه جون باهيون، مچ مچايو کائن کاڻن.
پاڻ ڀلائي ڪر ڪو ڀيرو، دل ۾ اچي ڏي تون ديرو،
ٿين گم گمراهيون، ساهه سڪي ٿو روز رهاڻن.
”اشرف“ چوي ڪڏهن ايندين، ڏکيءَ کي ڪو دلاسو ڏيندين،
تنهنجو وڻ ڏيندم واڌايون، ڪر لهج ڪا وندر وڪاڻن.
*
هينءَ نه هوت جڳائي، ڇوري ڇڏڻ يار ڇپر ۾.
هيءَ برهمڻ آهي ڀوري، تو لئي هر دم ڏونگر ڏوري،
کڻيو ٻانهڙيون ٻاڏائي، پايو پير پٿر ۾...
آءٌ تان نالي آهيان نماڻي، تو لئي جبلن ۾ جوڳياڻي،
ٿينديس ڪنيز ڪنن ۾ پائي، برهه بيکارڻ بر ۾...
نينهن نڀائج ناتو، توسان پيچ پنهل مون پاتو،
تون نج ناتو نالن ڀائي، ڪامل ڪيچ شهر ۾...
”اشرف“ چوي اچين تون، اڱڻ منهنجي جانب جي تون،
ڪريان ڳالهڙيون ڳرلائي، جيڪي آهن اندر ۾ ...
*
سگهڙا عجيب ڪي ايندا، ڪانگل ڪا تو ڪل ڪيچين جي.
چئج مان کي جئن چيائون، ڏيئي دلاسو مان ڏي دعائون،
وٺي ويچاري کي ويندا ....
مون گهر ايندا جيڏيون محب مان سو، دردونديءَ کي ڪوڏيندا دلاسو،
ڇورڙي تان نه ڇڏيندا ....
پاڻ ڀلائي وڙان پنهنجي، جانب ايندا اڱڻ اسان جي،
اچي اوطاقي سي ٿيندا ....
ڄايس تان پيم پور پناري، هاڻ ڪيچي ويا ڪرهه قطاري،
نال نماڻي ڪي نيندا....
شڪ لاهيندا سندو شارڪ، ”اشرف“ چوي محب مبارڪ،
مون کي سي ڪين مٽيندا ....
*
مون کي مون پرين، لکين ٿورا لايا.
حال پڇيائون، ڀال ڪيائون، وٽ آسروندين، پرين پير گهمايا.
اوڳڻ منهنجا ڪين ڳڻيائون، ڳڻ ڪري سڄڻن، هم غم وهم وڃايا.
سوڙا آهن سپرين، ڪوڙن سان وڙڪن، سدا مون ساهه سهايا.
مون نالائق سان لائق ڪيائون، ٿورا مٿي ٿورن، آءٌ جيس جڏهن آيا.
”اشرف“ چوي اچي عجيبن، اکيون سڃيون اکڙين، وري ويرانا وسايا.
*
جهاٽي جهليندياس، پلئو هوت پنهل جو.
ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون، ڳرهيو ڳرهيندياس،
جهڙي تهڙي حال سين، پيش وڃي پوندياس.
در پنهنجي دوست جو، مور نه مٽيندياس،
رکي پيرين هٿڙا، ڪلئي ڏک ڪهندياس.
ٻانهي ٻاروچن سان، سنڱ نه ساهيندياس،
پاڙي ڄام پنهونءَ جي، گولي ٿي گهاريندياس.
آريءَ سندو آسرو، لک نه لاهيندياس
”اشرف“ ٻول ٻروچ سين، پارئو پاريندياس.
*
مون ڪوڙيءَ سان تو وڙ ڪيڙا، ڳڻ ڳڻڻ کان ويڙا.
ڪوڙيءَ سان ڪر ڪرم ملڻ جو،
خوب اکيون کڻ ڪر خيز لکڻ جو،
جهڙو تون ڪر لائق تهڙا.
جئن جئن مون هٿان، ٿين مندايون،
تئن تئن تون ڪرين، ڀال ڀلايون،
شاهه شاهان تنهنجا شان اهڙا.
واءِ وڃايم عمر اجائي،
فضل ڪرم سان سا ڪر سجائي،
آهن تو ۾ اميدوار ڪيئي مون جهڙا.
نالي پنهنجي جو ننگ نڀائج،
منهنجو تهين سان رس رهائج،
وار ڪرم منهنجا ڀاڳ طالع ڪهڙا.
”اشرف“ چوي يا الاهي،
شرم ڀريا ڪر شفقت شاهي،
پريم پاڻ سڃاڻ، منهنجا حال ههڙا.
*
عشق ڀرايا پر تئون پير،
پير پرت ريءَ ٻيو ڪير ڀري.
محبت دل ۾ مچ مچايا، پرت پنهل جي پنڌ ڪرايا،
سسئي ڏک ڏونگر ڏاريا، اوٺين ڪاڻ الير،
الير ڏئي وچان ڪير وري ....
فرهاد کي حب ٽڪر ٽڪايو، مجني پنهنجو ڪرنگ سڪايو،
سيفل کي سڪ رڻين رلايو، ڪاري عشق انڌير،
انڌير قرب ري ڪير ڪري ....
جرجيس جفا ۾ جيءُ کپايو، ذوق ذڪريا کي ڪرٽ چيرايو،
منصور سوريءَ تي سر سينگاريو، دولهه شير دلير،
دليرن ري سوريءَ ڪير چري ....
”اشرف“ سهڻي عشق جاڳائي، نينهن جنهين جي ننڊ ڦٽائي،
ساجهر سنجهه صبوح سڏائي، ساهڙ پار سوير،
سوير تنهن ري ڪير تري ....
*
مچ عاشق تون برسر، جيڪا رب جي رضا.
ٿي شاڪر ڪر شڪر، جا بڻي سا بڻي،
سا سڀوئي حق، جا واحد کي وڻي،
رهه سدائين خوشتر، ماڻ صبر جا مزا.
جا ٿيڻي سا ٿيندي، کلين جي روئين،
محبوبن کي معلوم ڇا چيو ٿو چوين،
ڪين ٽري سا ڪنهن پر، جا قادر جي قضا.
انگ اصل کان لکيو، پارڻ پوءِ پيو،
ڪوهه کجين ٿو کرپين، ڏيهه کي ڏوهه ڏيو،
درد گهٽ دل اندر، سڪ جي لهندون سزا.
”اشرف“ روز ازل کان ٿيو جف القلم،
ٿي رضا تي راضي، قابو کوڙي قدم،
آگو پاڻ اپر، ڏيندءِ خير جزا. |