سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام اشرف

صفحو :14

 

3- مداح

سچا محبوب سبحاني!  مٺا محبوب حقاني!

توهي تي راز رحماني،  تون هي شهه شير يزداني.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

بنام پاڪ رب پرور،  بحق حضرت سرور،

طفيل ساقي ڪوثر، برائي آل پيغمبر.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

خدا جا دادلا دلبر! پيارا! تون سدا پرور،

يگانا، حق سان ياور! منهنجو ڪر داد تون داور!

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

تنهنجو اعليٰ نسب اطهر! نبيءَ جو آل تون اظهر،

محمد شاهه جو مظهر، مريدن جاءِ ڏي جوهر.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

تنهنجو شهه شان آ اعليٰ، قدر ڄاڻي تو حق تعاليٰ،

توکي باري ڪيو بالا، سڃاتو رب جل و اعليٰ.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ولي ڪل تي قدم تنهنجو،  شرف ايڏو نه ٿيو ڪنهن جو،

ٿيو مقبول در انهن جو، مڙئي مقصود ڪر منهنجو.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ولي تون ملڪ جو والي، جيڪو ٿئي تو سندو سوالي،

رسي تنهن فيض فل حالي نه هڏ سو خير کان خالي.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

توڻي جن، ڀوت، پري ۽ دءَ، بري، بحري سڀئي تابع،

توڻي ارض و سماءَ راجع، ملڪ ماڻهو تو ۾ طامع.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

تون منهنجي ماڙ ڪر ميران! تون هي سرتاج سر پيران.

سگهو ڪر داد دلگيران! مريدن ڏي خوشيون کيران.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

اَجهو ساريان ڪريان آهون، منجهان دل درد جون دانهون،

ويون ٻيون وير! سڀ واهون، اچي ٻهڳڻ! جهلج ٻانهون.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

تنهنجي آڌر تنهنجو اولو، لاهين دل تان ڀئي ڀولو،

تنهنجي گولن جو آءٌ گولو، لٿو مون تان جهٽو جهولو.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

اوڳهان جي سگ سندو آءٌ سگ، جهليو مون پير! تنهنجو پڳ،

آهيان پازي سندو پڇلڳ،  سُنهائي دل کي ديني دڳ.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ڀلا منهنجو ڀرم رک تون، سدائين شهه شرم رک تون،

نظر مون تي نرم رک تون، دڳ منهنجو گرم رک تون.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

سڻو مون ضعيف جي زاري، ڏيو دل کي شاهه دلداري،

اچي ڪر پير! پوئواري، منهنجي پرتئي سنگت ساري.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

رسي ڪر وير! واهر ور، آهيان سائل اوهان جي در،

ڀلا مون پاند ڀيري ڀر، ٿيان خوشنود ۽ خوشتر.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

تنهنجو پينار آءُ پازي، اُڀو اندر ڪريان آزي،

مڱان توکان سرفرازي، جي تون راضي رب راضي.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

تون دهرا دان ڏي مون کي، شرف لڄ شان ڏي مون کي،

امن ايمان ڏي مون کي، سڀئي سامان ڏي مون کي.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ڏياريو دان مون دُهرا، پنان پُٽ کير جت جوڙا،

ترنگ تازي ڀلا گهوڙا، طلب تو شاهه کان توڙا.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ماکيون مصريون مکڻ مربا، ڏيارين دان مون دهرا،

سدائين گنج تنهنجا ڀريا، گذر سهکو ڪرين داتا.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ڪلي مقصود منهنجا ڪر، مدح مقبول ٿئي تو در،

سڄڻ پرتئي ڀلا بهتر،  ڪيراءِ مردود سڀ ڪنڌ ڀر،

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ڀليو بدنام  بي دنو، رکي دل ۾ تو ڏنه ڪينو،

سڙيو سوئر سندو سينو، تڙيو سو ننڌ نابينو.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

کهي جو مون مريد سان خر، وسيلا! لاهه تنهن جو ور،

بڇو بيشرم جو آهي آر، مٿانهون ڪر تون منهنجو ڪر.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ڏيساندر ڏيهه رهيس ڏوري اَجهو ناهي ڪو ٻيو تو ري،

دسي دشمن وجهو جهوري، ڪپي تنهن کي ڪڍو ڪوري.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ڪرم بيواهه تي ڪر ڪو،  رحم بي راهه تي ڪر ڪو،

نظر مون ڏاهه تي ڪر ڪو، زبر بد خواهه تي ڪر ڪو.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ڌڻيءَ لڳ داد ڪر منهنجو، سينو دلشاد ڪر منهنجو،

خانو آباد ڪر منهنجو، مدعي ڪُل ماد ڪر منهنجو.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

هدايت ڪر مون سان هادي،  ڏسان وحدت سندي وادي،

ميسر ڏي خوشي شادي، وٺي دل غم کان آزادي.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

رکين شيطان جي شر کان، اَماري نفس آذر کان،

جهنم جي ڏاڍي ڏر کان، بچائج تاءُ محشر کان.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

ڪرامت پڌري ڪج پنهنجي، مون تي سڪرات ٿئي سهنجي،

سُڄي ٿي جا اپر آهنجي، پنان سهکائي ٿو تنهنجي.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

قبر ۾ تون اچج ڪاهي، تنهنجو ڏڍ آسرو آهي،

متان ڇڏين دل ڪنان لاهي، منور جاءِ ڏج ٺاهي.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

پلئو ورتم اچي اهنجو، مون کي ڪر پير! تون پنهنجو،

م ٿيان محتاج آءٌ ڪنهنجو، صراطئون لنگهيان سهنجو.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

حساب حشر کان حضرت، بچائيج پير! تان برڪت،

جنت جا عيش ڏي عشرت، پيارج ڪوثر شربت.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

”اشرف“ کي امانت سين، ڪري اهل حق هدايت سين،

گڏي پنهنجيءَ جماعت سين، لڏاءِ ڪلمي شهادت سين.

مدد يا شاهه جيلاني!

سگهو رس غوث صمداني!

 

لا اِلله اِلا الله محمد رسول الله

 

4- مداح

پرور پيارا پاڻون پير، مرشد منهنجا ماهه منير،

اهل قريشي قطب ڪبير، ڀلا ڀلائي بي نظير،

قدرت آنکي ڏني قدير، اعظم اسنجو عز امير،

داور داد ڪرهو دلگير، نام خدا ڏيو فيض فقير،

حضرت غوث بهاءُ الدين حسين، صدر جهان رس رڪن الدين.

عليه رحمت.

 

ڪامل وارث وير ولي، بحر هدايت سمنڊ سخي،

ڪنز ڪرامت قوت قوي، اهل صفي جا صفت صفي،

واصل حق سين وير وفي، ذاڪر ذڪر جلي خفي،

رافع شر شيطان شقي، اچي رسو کي هن عاصي،

حضرت غوث.

هادي مرشد مرد حقاني، ڌئا ڌڻي جا در معافي،

روشن آن ڪيو نور نهاني،لائق آهيو آئين لاثاني،

حاصل آنکي راز رباني، سمجهئو آن تان سر سبحاني،

پير پسايو پاڪ پيشاني، مون تان لاهيو گرهه گراني،

حضرت غوث.

 

اشرف اوهان جا اعليٰ شان، ڪين اچن منجهه بات بيان،

ظاهر ڪندي ڇا زبان، آگي آن سين ڪيا احسان،

سر ولين آئين سلطان، جيڪي موجودات مڪان،

آن سڀ آندا منجهه امڪان، صحي سڃاتان کي سبحان،

حضرت غوث.

 

حضرت محمد شب معراج ويو، تان عرش عظيم رسول رسيو،

هئي هيڪ ڪلهه پهران پيو، ٿي تنهن ۾ ذاتي ذڪر ٿيو،

ات پاڪ پيغمبر پير پڇيو، اي ناگهه رب نداء ڪيو،

جي امتي آنهنجو ولين او،زود لقب زڪريا پئو،

حضرت غوث.

 

پشتو پشت آئين جڳ پير، بخشيا آنکي بخش بشير،

قادر ڪيڙا ڪرم ڪثير، جيڪي آنهنجا دامن گير،

توڻي هونئن پر تقصير، ڪوڙين ڪبير صغير،

ڪوجها ڪوڙا حال حقير، ڪين ڇڏهو آئين سختي سير،

حضرت غوث.

 

چوڏس آنهنجو نوري نعرو، سپت اوهانجو سرس ستارو،

پير سندان آهي پري پسارو، نوبت عرش مٿي نغارو،

وڄي سدائين طبل تارو، ڏهو مريدن قرب قرارو،

وارث وارهو منهنجو وارو، ڪرهو ناقص ڏانهن نظارو،

حضرت غوث.

جابر آنکي ڪيو جبار، ملڪ ملڪ هر ديس ديار،

پير اوهان جي سپت پچار، دوست خدا جا آئين دهدار،

آنکي ڏيج ڏنا ڏاتار، وهلي مون تي ڪرهو وهار،

نرمل آهيو ننگ اجار، آهکئي اچي ڏهو آڌار،

حضرت غوث.

 

قطب قريشي ڪرهو ڪرم، نظر رکو دل ٿئي نرم،

وڃي ملامت سڀ مرم، شاهه اوهان جي ڳل شرم،

بخشيو مون کي ڀيم ڀرم، ڪامل کوڙيو اچي قدم،

ٿين منهنجا بدخواهه ڀسم، لاهيو دل تان غم وهم،

حضرت غوث.

 

آنهنجي اڌر انهنجي آس، انهنجي دل کي پير پياس،

انهنجي آهيون اپر اداس، سڻو الله لڳ اي ارداس،

چرئي چور جي ڪريو چڪاس، پلڪ رسو جيئن پون پاس،

لاهيو مون تان ويرو ماس، ميٽئو وهم سڀئي وسواس،

حضرت غوث.

 

درسن پنهنجو دوس دکايو، سائل هي تان ڪيم سڪايو،

اچي مريد کي ائين مرڪايو، پنهنجي پازي کي پهرايو،

شان شرف لڄ وير وڌايو، اجهو ضعيفن آڌر آهيو،

دشمن دهشت ساڻ دٻايو، هم غم دل جا وهم وڃايو،

حضرت غوث.

 

فائق پير سڻو فرياد، دانهن سڻي آئين ڪرهو داد،

هي غمناڪ ٿيئي دلشاد، ٻنهين جهانن ۾ آزاد،

جو ٿو فاسد ڪري فساد، نند مسند مري ناشاد،

دشمن مادح جو ٿئي ماد، مون تي ڪرهو اي امداد،

حضرت غوث.

 

جيڪي انهنجي پيش پون، گوندر تن جا غم وڃن،

مور نه سي محتاج ٿين، جي نه وسيلا ٻيا وٺن،

سي ٿا مريد مر مرڪن، شال م ڏهلا ڏينهن ڏسن،

تن سان جيڪي کر کسن، برڪت انهنجي وچان وڃن،

حضرت غوث.

 

 

پار ٿيو ائين پشت پناهه، آنکي آهي اي آگاهه،

ٻيو نه وسيلو ساريان واهه، هادي ٿيو ائين همراهه،

سر بدخواهن ڪريو ڪاهه ، پاڙان ڪڍو تنين جا لاهه،

عرض سڻو ائين لڳ الله، مونڏي ڪرهو نيڪ نگاهه،

حضرت غوث.

 

پير ٿئو آئين منهنجو پار، ڪرهو پازي ڏانهن پيار،

کر جو کسي ٿئي خوار، ملحد موذي مئو منهنڪار،

غيرت انهنجي ڪئڙو غار، واو وچائين، نند نڪار،

ڪري مريد جو ستر ستار، سيد راضي ٿيو سردار،

حضرت غوث.

 

نام خدا جي نوري نر، وير ڪرهو ڪا ور واهر،

آهون سڻو سنديون احقر، لاهيو مون تان خوف خطر،

مڱان اوهان کان پير پکر، خارج خنس رکن جي کر،

ڀڃو قريشي تن جا ڪر، حامي ٿيو منجهه حشر،

حضرت غوث.

 

ڪوجها مون تان ڪرت ڪمايا، حرص هوس ۾ ڏينهن لنگهايا،

آهين مون ۾ عيب اجايا، سي سڀ ميٽي ڪرهو سجايا،

ڪئين گمراهه اوهان گس لايا، ڪوڙن آنڏي ڪنڌ نمايا،

قرب حقيقي قلب جا ڳايا،صاحب انهنجا شان وڌايا.

حضرت غوث.

 

بخشايو ته بچي بدڪار،  آجو ٿئي هي عيبدار،

لاهيو مون  تان باري بار، کڻو مريد جو سڀ مدار،

غور ڪرهو ٿيان گل گلزار، انهن جي نظر سان باغ بهار،

عاجز آهيان اميدوار ڏوهه عفو ڪندو ڏاتار،

حضرت غوث.

 

پاڻ ڀلائي پير پڇوم، ڊولا ڍيلي ڪيم ڇڏهوم،

ڪامل شامل حال ٿيوم، گوهر پنهنجي ساڻ گڏيوم،

مربي مرشد متان مٽيوم، ڪرم ڪري اچي ڪر لهوم،

دانهين آهيان داد ڪرهوم، ڏان وڏا ڪي ڏيج ڏهوم.

حضرت غوث.

 

پير جهليو مون انهنجو پايو، دامن ۾ اچي پاڻ لڪايو،

رکو مريد ڏي پنهنجو رايو، هونئان سدا جيئن سرس سوايو،

آس ڪري آئون آن در آيو ،ٻيو هڏ مون تان ڪين ڪمايو،

سو ڪي وچان پلئي پايو، پنڌڙو جنهن سان ٿئي سجايو.

حضرت غوث.

 

در تي آيو هي ڀٽ ڀان، دان گهري ٿو دين ايمان،

شاهه شرم شرف لڄ شان، دنيا دولت سڀ سامان،

عطا ڪرهو آئين امن امان، مشڪل نين سڀئي آسان،

رکو مرشد منهنجو مان، ڏهو مداحي کي اي ڏان،

حضرت غوث.

 

شاهه شغل ڏهو دل شعاءُ، شوق الاهي ذوق زڪاءَ،

ٿئي اندر ۾ عشق اهاءُ، روشن جنهن سان نور نماءَ،

ذڪر خفي جو هل هڳاء، دل ۾ صاحب جو ثناءِ،

حق جو حاصل ٿييم لقاء، محبت ماڻيان باغ بقاء

حضرت غوث.

 

”اشرف“ آيو آس ڪري، پير اوهان در پير ڀري،

سختي تنهن تان سڀ ٽري، سڀڪي تنهن کي شال سري،

دل جا مقصد  ڪري وري، دشمن تنهنجو موت مري،

پلڪ ٿيو ائين ڪيم پري، حال پڇو اچي ذري ذري.

حضرت غوث.

 

پايو پلئو پنان تو پير، دوست ملي مون دلپزير،

نيڪ ولد ٻي صحت سرير، ڏهو ڏهاري کي دلڌير،

وقت مرڻ جي ساهه سنڌير، قبر حشر ۾ واهر وير،

بخشئو جنت جا جاگير، ڪلمو مٿي محمد مير،

 

لا اِلله اِلا الله محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org