بيت
بيت
مند ٿي منڊل وڄئا، وري ٿئڙي وس،
اتران ٿي اڀريو تنهن ڪڪر لاٿم ڪس،
وڄون وسڻ آئيون ڪري هل هنبس،
کهه مانڌاڻا مکڻيون لنب لڙڪيئو لس،
تنين اوهه اپائيا جي مال مڙيا ٿي مس،
پرين، پرين گڏيا ڪن روز رهاڻيون رس،
سانوڻ ٿيا سرس، لٿي اُڃ ”اشرف“ چوي.
*
مند ٿي منڊل ٿي وسڻ جي وائي،
صاحب جڳ سکي ڪيو ٿي سڀت سڻائي،
وٺا مينهن وڏاندرا ڪي پٽن پاڪائي،
وسيو سنڌ ولات تي ڪي سارنگ سگهائي،
وڌي گاهه وڏو ٿيو سڀ ڪو سامائي،
سدا سائي گاهه ۾ ٿي چري چوپائي،
منجهان پلر پر ٿي جا هئي ابر اڃائي،
مچي ڌڻ متارو ٿيو کوماڻو کائي،
خوشيون خير خلق ۾ ٿي وڻ ٽڻ وڌائي،
مولي مڙهين ملڪ جي ويله وڃائي،
ان ارزان کير مکڻ جال ٿيو جائي،
گهر گهر گهڻو گيهه ٿيو پسي ٿي پائي،
گهاٽي جهڻ گهڻي ٿي ماهي ۽ ڳائي،
لٿو ڪنڊو قرض جو ٿي عالم آجائي،
پرين، پرين گڏيا لٿي جدائي،
پرت وٽيائون پاڻ ۾ ڳجهو ڳالهائي،
روز رهاڻيون رس ٿيا ڀائي ڙي ڀائي،
لٿا ڪس قلوب تان ٿي اندر اڇائي،
ڪي ڀلي ڀلائي، ”اشرف“ آسون پنيون.
*
مند ٿي منڊل وڄئا، ٿيو وسڻ جو وارو،
هندي سنڌي سک ٿيا وٺو کائڙ ۽ کارو،
وڄون وسڻ آئيون ڪري ڍٽ مٿان ڍارو،
قادر ڪامارو، والي شال وسائيين.
*
مند ٿي منڊل وڄئا، ڪارا ٿيا ڪڪر،
تاڙن تنوارون ڪيون جهرڪن ڪيا جهامر،
ڪرڪر وڏي قرب مان ڏوڙي ڪن ڏيڏر،
آرون آب اُڪنڊيون ڪوئل ڪي ڪوڪر،
چٻون چڪور مور پپيها چيچا چيها ڪونجن کنياڪر،
سپون سپ سرجهڻا تن کي سڪ سڌر،
کوئن روجهه راڱا رڇ، آهو واڪا ڪن واتر،
گڍ گينڊا، گهٽور، گورخر، زراع گينئر،
شير شغال، سيه گوش، سرهه، سها سانڀر،
مرون گهرن مينهن کي ميگهٽ منجهه بحر،
ڍٽ پٽ سرو سنڌ عرب عجم ساوا ٿيا سڀ سر،
سڻجن سنگهارن جا سڃن ۾ سانڀر،
پرور ڪي پٽن ۾ پهر لڳ پهر،
ڳويون مينهيون ٻڪريون انجي اوهن ڪيا اوسر،
رڍون ريلن ۾ چري اُٺيون ڪن اوجر،
هاري سنگهار سرها ٿيا پر ٿيا پينر،
سڀ ڪوئي سکي ٿيو لٿا ڏول ڏڪر،
”اشرف“ سين احسان ڪيا ڏيهه ڌڻي ڏاتر،
غم لٿا گوندر، جاني آيو جوءِ ۾.
*
مند ٿي منڊل وڄئا، ٿا ڏيڏر ڪر ڪر ڪن،
تاڙا تنوارن سين ٿا پنهنجي پر پر ڪن،
ٻاٻيهن سين ٻاجهه ٿي هئي ٻر ٻر ٻولي جن،
ناريون وڏي ناز مان ور ور ٿيون وهسن،
وهون ورن گڏيون گهر گهر ٿيون گهڏن،
وٺان مينهن ملڪ ۾ ٿا در در مال مڙن،
اکيون ”اشرف“ سنديون مر جهر جهر ڪيو جهمن،
مر سي پوڄ پين، پسڻ منجهان پرينءَ جي.
*
ڌم ڌو ڌم ڌمال، ڪري ڪڪر آئيا،
آگي اوهيرن ۾ جر مڪو رب جال،
هندي سنڌي سک ٿيا صاحب ڪيئي سنڀال،
وري وطن آئيا مارو ڪاهي مال،
سڄڻ ايندم شال، ويٺي واٽ نهاريان.
*
ڌو ڌو ڌمڪار، ڪري ڪڪر آئيا،
بجلين بدلن ۾ چوڏس ڪيا چمڪار،
پلٽي پٽ پلٽائيا ابر اوت اپار،
سارنگ سنبهي آئيو سهسين ڪري سينگار،
وڄڙيون ۽ ولهار، ٿا ٻاٻوهين پاڻ ۾.
*
جمعي جي ڏينهن جوڙڪي مانڊاڻا مينهن جا،
قادر ڪاماري جا اچي ٻنان ٻوڙ،
صاحب سنڌ وسائين ڇڏ گسر ڪر گوڙ،
اوهيرا آب جا مٿي ڇنن ڇوڙ،
پکا پراڻ ڪنڌيين آئي کٿيرن جا کوڙ،
ٽڳا تن جا ٽوڙ جن سانڍيو ان ”اشرف“ چئي.
*
حڪم ڪر حڪيم، ڏي موڪل مينهن کي،
ساوا ڪريين سچا ڌڻي جي ٿيا سر سقيم،
وڃي ڏول ڏڪار جو ڪرم ڪر ڪريم،
ڪڍ مرض ملڪ منجهان قادر رب قديم،
”اشرف“ سين احسان ڪيا راحم رب رحيم،
عرض سڻ عليم ته عالم آسودو ٿيي.
*
آئي مند ملار جي ٿيو وسڻ جو وائو،
پڌري واهه پلٽائيا مور نه ڪن ڪائو،
وٺي ولات سڀڪا ٿيو سٿر سنئين سائو،
سڀڪو ڌڻ سکي ٿيو ڊامڻ پئي ڍائو،
چوڌياري چاء مان ڪل چري چوپائيو،
مال مڙهين ملڪ ۾ ماهيو ۽ ڳائو،
ان ارزان کير مکڻ کائو ۽ کائو،
پرين، پرين گڏيا ڦٽو ڦوڙائو،
ٿيو موٽي ميڙائو، ”اشرف“ آسون پنيون.
*
کنوڻن خوب خبر آندي ميگهه ملار جي،
ڪنڍرون ڪري اڀريا ڪر قبا ڪوٽ قصر،
ڍٽ پٽ سري سنڌ تي ڪيا مانڊاڻا مطر،
آگي پاڻ اپائيا باري سهس بذر،
روز رهاڻيون رس ٿيا ياريمين يسر،
”اشرف“ سين احسان ڪيا پاڻ ڌڻي پرور،
لٿا خوف خطر، عالم آسودو ٿيئو.
*
وس تون وسڻ جيئن، تو وٺي وس ٿيي،
جيئن ٿا گهرون جيءَ ۾ تون تان وسج تيئن،
ڪريم تنهنجي ڪرم ري ڪمتر ڪندا ڪيئن
تو ۾ آس اميدون ڪيو خير مڱون ٿا کينئن،
عام رحمتون عالم تي آگا ڪر تون ائين،
صاحب سوال وسارهون هڏ نه گهرجي هينئن
وعدي دل وندري پرينئن جي ارينئن،
اُڄهين آس پڄائيين سهون نه سڀان سينئن،
اُڄهين آس پٺائيين سهون نه سڀان سينئن،
ميڙ الاهي ”اشرف“ کي پرور ساڻ پرئين،
چريا آهيون جيئن، ملڻ ڌاران مون ڌڻي.
*
ڪندو خالق خلق جو جيئن وهي ايندو واهه،
گهلو سدائين گهور ڪندو راضي ٿيو الله،
پڌري پلر پاڻ ۾ ٺهي ڪئڙو ٺاهه،
ريجڻلي ريلون ڪيون واڌو ٿيو ويساهه،
مٿان مينهاڻي پيو پوٺن جهليو پاهه،
ڏاتر سڀڪنهن ڏيهه ۾ ڪئو گوڏئان ٻيڻو گاهه،
خوشيون سپت خير ٿيو پرتو پاتشاهه،
باري ڪلي بخش تون گولن جا گناهه،
سڀڪوئي سکي ٿيئو سرهو ٿيڙن ساهه،
پرين، پرين گڏيا اندر ٺريو ارواح،
وڇوڙيا وري گڏيا ڏور ٿيو ڏک ڏاهه،
دوست ملئو دل خواهه، ”اشرف“ آسون پنيون.
*
سارنگ سنبهي آئيو ڪري ڌوڌو ڌم ڌڙيون،
سڀڪوئي سرهو ٿئو سڻي رعد رڙيون،
تکو سرتار ٿيو ساريون سندس سڙيون،
پڌري پلر پاڻ ۾ چوڏس ڪيون چڙهيون،
ڪڙيو ڪلهوڙي جو ڌٻي ٿيو دڙيون،
کڻايائين ٿي خوشي سان سي ڪسيون ٿيس ڪڙيون،
تحقيق تکو سر ۾ ڪندو خدو ڪين کڙيون،
وري ويندو وطن ڏي گهاريندو نه گهڙيون،
وڃي سکي ٿيندو ساڻيهه ۾ ڇڏي تگو سر تڙيون،
جن سين اٿم جيءُ جڙيون، سي مولي محبت لائيا.
*
چڱي جيڪي چيو سو قادر قبول ڪر،
پلئو پائي ڀنيائين سو باري ڀيري ڀر،
پلر پڌرو پاتشاهه ٻئي ڪڍ ٻاهر،
ته لوڪ سڄوئي سک ٿئي لائق ڪر لهر،
آهي سڀڪو آس ڀريو داتا تنهنجي در،
ڪل ولايت وسائين واحد ڪر ڪا ور،
سکي ڪريين سنڌڙي صاحب سرور،
ڏکن الهندي اڀرندي اوتو ڪر اتر،
ڪڙمي سڀئي قرب مان آجا ڪر اپر،
لاهيين پنهنجي لطف سان اڊو سندو اوڌر،
سپت ان سهنگو ڪري کوڙ پليون در در،
سائين سائي گاهه سڀو پٽ پکر،
ڌڻي ڌڻار واريين ڪر برن ۾ بازر،
ٿريا ڍيين ٿرن ۾ ڏونگر ڏونگر،
ڏهرن ۾ ڏيکاريين ٻهون ٻاجهر،
شهر بر شاديون ٿيون بهاريون بر ٿر،
خاطر ٿي خوشتر ”اشرف“ آسون پنيون.
*
وعد سڳورا رس اچي اوسر لاهه اوس،
حڪم ساڻ حڪيم جي ڪر هر جا هل هنبس،
پلر جي پالوٽ ڪري پوٺن کي تون پس،
سڀت سائي گاهه جو شل ڏاتر ڏيندين ڏس،
ڪر کڻي ڪاماري تي ڪر وسڻ سان وس،
جي ڏو گاهي ڏٻريون ڪيون تن جو ڪر ترس،
چئني ڏسن چاءِ مان ور ڏيو ٿيو وس،
کڻيو اکيون خوشي مان هر هر اچيو هس،
الاهي ”اشرف“ ڏيئين ٻنهين جهانن جس،
واريين واءِ وصال جو ته لهي قلوبئون ڪس،
گوندر لائي گس، وڃن وجودان نڪري.
*
جيئن ٿو وڃي واءِ، تيئن واحد مينهن وسايئين،
سارنگ سري سنڌ تي چوري رکي چاءِ،
وسن ڪل ولائتون ڪيو خير خداءِ،
موليٰ ڳائي مکڻ جو پئسي لايين پاءِ،
سڀڪوئي سکي ٿيي سڀت هو سواءِ،
ڏٻرين جو ڏيهه ڌڻي باري ڪر بچاءِ،
ڪريم تون ڪرم ڪر ته ڏور ٿين ڏولاءِ،
راحم رب رحيم ڌڻي ڏي سڀو سڌ سماءَ،
محبن سان ميڙاء، ڪر الاهي ”اشرف“ جو.
*
بادل وسي ڪر وس، ته عالم آسودو ٿيي،
ڍٽ پٽ سري سنڌ ۾ وڄن جال جرس،
آگا اوسر لاهيين ڪا چڱي ڪر چرس،
ڪاماري تي ڪرم ڪر سانوڻ ٿين سرس،
ڪل ولائت وسي گهڻو هر هنڌ هئن هنبس
ماڻهو مڙيو پاڻ ۾ ڪن راز رهاڻيون رس،
هرڻ گينڊا گورخر سها سرهه سهس،
ڳويون مينهون ٻڪريون چرن لسو لس،
پرور پرين ميڙين ته لهن قلوبئون ڪس،
الاهي ”اشرف“ کي تو ڏانهن تن ترس،
ڪر پوري هنيين هوس، ته ڏسي لاهيان ڏکڙا.
*
وايو جهلي وار وڄون سنڌ ولات تي،
ڪرڪي ڪڪر مينهن جا اٻون کڻي اڏار،
ڪنڍرون ڪنڍرن پٺ ۾ ڪرهن جيئن قطار،
موليٰ مينهن وسائيين ونگي ۽ ولهار،
واحد مينهن وڏ ڦڙو ڪو ڍالو مٿان ڍار،
ڪامارو ڪنهيرو ڪوٽرو ڪاٽونڀو ڪر قرار،
مسڻ پلهه پلٽائيين شاهو ڇن سنڀار،
کاراهي تي خير جا ڪي اوهيرا اڀيار،
کڏو کسار سورنگي لڙي ۽ لاکيار،
جڳو جاکري ڏيار جي ڪر ترائي تار،
نعرو ڪري نمري تي حسن ڏي هاڪار،
مونمل کارڙي واڳوري بلغار بهار،
بولي ڀٽارو ڀري ڪاهو سين ڪر ڪار،
دٻي دريڙو کڏري ٽمڪو مورم ٽار،
ڪر ڪا موج مٺڙئي تي واريا سوم وسار،
ميل ماکوڙو ٻاڙو گراڻو م گذار،
رمي رس روپاهه کي ڇٽياڻي ڇاٽار،
ڪري گوڙ گر گل تي چٽوڙيون چيٽار،
ساکو ڏنگ پاٽويون ڪنهڙ کانڻي کي کينڪار،
ڪڪر پنهنجي ڪرم جو هنڱورني هار،
هيڪر هاليپوٽن کي نيئي ڏهروڙو ڏيکار،
کوڙج کڏ رائن جون پاڙون منجهه پاتار،
کنوج کيرائي سامهون ڪاٺڙيءَ ڪو راڙ،
ڍير وهراڻيون جهڙٻي وس دائري جي دوار،
ڍرج تون ڊيگاڻ تي ڇنهري ڇالار،
لهج سار سنهڙي جي مڃرائي م مار،
ڪري ڇر ڇاهي تي سانداڻي کي سار،
بڻيو پنهنجي ٻاجهه سين وس پراڻيان يار،
ڇنون ڇلائي تار ڪريين ڏورڻ کي ڏيار،
اپر اڃايا جي آب لئي تن پلر پوڄ پيار،
وسون ڪيون وطن ۾ پرور سڀ ڪنهن پار،
فائق پنهنجي فضل سين مئا ڄڻ جيار،
عاصي هن ”اشرف“ ڏي ڪي نبي لڳ نهار،
آگا مڃيج آر، ڪر ڪلام قبول مون.
چندان ويئي چڱون چوي خاوند خير ڪيو،
قدرت ساڻ ڪريم جي سڀڪو ٿوڪ ٿيو،
قرض مرض ملڪ تان وڃڻ جيئن ويو،
رحمان ڌڻي رزق جو سوٺو سڀ کنيو،
جڏهن وري تڏهن وس ڪري ڏيندڙ ڪون ٻيو،
واحد رب وڏ وڏو ويچاري نه ڏيو،
پاڻهين مارو پاڻ کي شال م وجهن ڇيو،
جيڪي ”اشرف“ هٿان پيو، سو آگا عفو ڪر تون.
*
مند ٿي منڊل وڄئا، ڪار ڪئي ڪڪرن،
کنوڻن وڏا خيز ڪيا ٿيون چوڌاري چمڪن،
اوهيرا آب جا اتران ٿيو اچن،
سائينم تون سائو ڪريين ته گهوڙا گاهه چرن،
چرن مرچلر ۾ مينهون ميهارن،
مچي متاريون ٿيون ڳويون ڳنوارن،
پهرايون پوٺن تي اٺيون اوٺارن،
چيهو چري چاڪون ٿيون رڍون ريڍارن،
ڇانگون ڪري ڇيڙيون پهون پهنوارن،
پڌرو پاڻي پلٽيو پوکون سڀ پچن،
وسي ڪل ولات تي موڪون ڪيون مينهن،
خوشيون سپت خير ٿيو ٿا عالم عيدون ڪن،
آگاهه ”اشرف“ ميڙيين موليٰ محبوبن،
اڱڻ پرين اچن، ته ڏسي لاهيون ڏکڙا.
بيت هندي
اء تن سارا، اکين هووي تينون،
اڄان ويک نه رڄان.
لون لون دي وچ لک چشمان،
هڪ کولان ٻي ڪڄان.
اتنيان اکيان وارڻ آون،
پياڪس ول ڦولڻ ڀڄان.
”اشرف“ هڪ ديدار ماهي دا،
سانون لک ڪروڙان حڄان. |