سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام اشرف

صفحو :13

 

 

*

سردار سرور عالم رس مير مڪيا، رس نور نبيا.

 

ڪئڙم ڪوڙ ڪچايون جي اپر عصيانا.

آهين عاصيڙن جو تون ضامن ضمانا، نافع نجيا.

 

پسئو پنهنجا ڪمڙا آهيان هردم حزينا،

ڪر شفاعت ڪارڻي جي احمد امينا، شافع شفيعا.

 

عاصي عاجز آرسي آئون ڪوجهو ڪمينا،

مون تي موٽج مصطفيٰ ڪر مهر مبينا، ورنه و فيا.

 

گتل گناهن ۾ آهيان غافل غمگينا،

دامن جهليم آهنجي جي حضرت حسينا، سيد سخيا،

 

”اشرف“ امتي اهنجو آهي يڪدل يقينا،

اٿيا  رهيم اُمت سان منجهان مڪي مدينا، صفتن صفيا.

 

 

 

 

 

*

يا رسول الله صلي الله عليه،

يا حبيب الله صلي الله عليه،

 

چيون صلواتون شوقئون شجرن ٿي،

مدحون پڙهيون هيجون حجرن ٿي،

ڪيون تعريفون برن بحرن ٿي.

 

نبي مرسل جمله انبيا،

سي سڀئي آنهنجي پيش پيا،

آهنجن قدمن جا قادر قسم ڪيا.

 

ملڪن مڃيئي فرمانبرداري،

صاحب ڏنڙي توکي سرداري،

تون بخشائيين آئون بدڪرداري.

 

ڪونهي تڪيو تو ري منهنجو،

آءٌڀروسو ٻئو وٺان ڪنهنجو،

مون عاصي کي آسرو آهنجو.

 

”اشرف“ اهنجي در جو سوالي،

داور درسن ڏي فائق في الحالي،

ٿيئي خوشنودي خرمي خوشحالي.

 

 

 

 

مــــداحــــون

 

1- مداح *

 

منجهه شان حضرت محمد مجتبيٰ صلي الله عليه وسلم.

 

ذهب الحبيب و لکن کنت في النوم،

و علي زاد ذهابه ڪثته الالم.

 

لوڪان لالڻ لڏيو، جيڏيون جنهن ويرا،

تنهن هالاڻي جي هُل جي پيم ڪانه ڪرا،

وٽان مون واٽ ٿيا، ساٿي سوارا،

ڏسي نماڻي ننڊ ۾، ڪاهيائون ڪرها،

ڪٿ نه ڪنواٽن ڪڇيو، روڏا تان نه رڙيا،

ڇوري ڇڏي ڇپرين،  وٺي راهه رميا،

موران مون معذور تي، ڪهل نه ڪيائون ڪا،

هاڻي تن هوتن جي، محبت ماريس ماءُ،

ويجهي سور وليون ڪري، اندر مون اڌ ميا،

لاڏاڻي ڪر لالڻ جي، چنڪيءَ چاڪ چڪيا،

مون ولهيءَ جي وجود ۾، گوندر گس ڪيا،

رهيم رفيقن ري، باقي ساهه پساهه،

آءُ ساٿي سپرين جا، ڪر سٽاهيم ڪا:

ويندا ئي وڻڪار ڏي، ڪي گنگا توءِ گڏيا؟

 

*

ڪ مون ڪر پڇيو سڄڻين، ڪين چڱا پاڻ هيا؟

اچڻ جي هن پار ڏي، وائي ڪيائون ڪا؟

ٿوري گهڻي ڏينهڙين، سي وڃن ڪين ورندا؟

پڻ هئي ڪا هوتن کي، هن پورهيت جي پڇا؟

ڪه ڪميني قريب سي، وساري ويٺا،

آء سئلڪ اخباره يا سا کن جواره،

آء راء يت من ڪان في هذه الحرم؟

ڀلي ڪري آئين ڀاء تون، ادا، اوٺيئڙا!

سپريان جي ساٿ جا، پڇان ٿي پيرا،

حقيقت هوتن جي، سڌ مون صحيح سڻاءِ،

ويهي ورونهن ولهيءَ سين، ڪر قريباڻي ڪا،

ڪي تو ڏٺا ڪٿهم، سڄڻ سانگيئڙا؟

ساهه جن جو سيڪڙو، راتين روز مراه،

جيءَ ۾ جوش پرين جي، ويجهي ويڌ ڪئا.

آهي عجيبن جي، سڪ سڻائي ساهه،

لونءَ لونءَ منجهان نه لهي، محبت سندين داء!

ڀوٽيو ماڳ نهاريان، لڇيو لالڻ لاءِ،

پڇان پاڙيوارين، خبرون خليلا:

ته ڪاڏي ويا قريب سي، هتي جي هيا؟

ڦوڙائو فقير کي  ڏئي ڏبر وهيا،

هي هي حبيبن ري، جيرو جم نه جاءِ.

پچي پور پرينءَ جي، آئيو اندوها،

ساعت سک نه جندڙي، ڀينر هوت بنا!

ڪهي ڪنهن پر شال ٿيان، پاڙيچي پريان،

اري اليوم مساڪنڌ، خال بدو نه،

اين الحبيب الذي، شان الذي سقم؟

ڪين پسان اڄ ڪيچ ڌڻي، سرتيون! منجهه سراءِ،

خالي خليلن ري، اڱڻ اوتارا،

مور نه مڪانن ۾، محب موچارا،

ڪانهي قريبن جي، ڪاتتي تنوارا،

جيڪس ويڙا جيڏيون، ڪهي ڪوهيارا،

ڪاهي ڪيچ سڌاريا، سڄڻ سونهارا،

ماڳ نهاري موئيون، اکيون اُن ڌارا،

رهه ۾ رتو رون سي، ڇليو ڇلڪارا،

ڪٺيون ڪن ڪيچين ليءِ، وايون ۾ وڻراهه،

پڇن پتا پرينءَ جا، آڻيو اُڪيرا:

ته لالڻ ڪنهن پر لڏيو، ڀينر ڀنڀورا؟

سچ، ڪ ساٿ سگهي وهيا، ساٿي سوارا؟

جلن اڄ جتن ليءِ، جگر ۽ جونرا،

پري وهيا پرڏيهه ڏي، اوءِ ڪري مون ڪورا.

ڪينءَ ڪرينديس تن ري، اديون هن ويرا،

صبر ڌاران سپرين، مور نه ملن ماء!

جتن مون نه جتائيو، هلڻ وير هئان:

ڦوڙائي فقير سين، لڏي لوءِ ويا،

جهڙا سوريءَ تي سرتيون، پسو سانگ پيا.

ڪيم سنگت ساجن سين، سڪي سکن لاءِ،

تان ڏيئي ڏک ڏيل ۾، پاڻا گهيري ويڙم گهاءَ،

دوسن ليءِ دل ۾، دکيءَ داغ دکيا.

مران محبت مامري، محبوبائي جاءِ!

نه آهي طبيب تن جو، ڪو سپرينءَ سواءِ.

ڪاٿي هوت حڪمتي، هتي جي هئا؟

مون مئيءَ جي مرض جي، جي دلبر ڪن دوا.

بو اطلعت عليٰ ان الوصال يُفرقني،

خلم اخارق ۾ لحماً ولم اء لم،

جي مان هئي جيڏيون اڳهم ڪراها،

ته وڇوڙو وصال لاءِ، پوندم سين پريان،

ويندا وٽان مون نڪري، لالڻ لاکيڻا،

ته هوند نه ڇڏيم هڏهم، ههڙا هوت هٿان،

سانڍيو سانڍيم سپرين، سڄڻ سوئيري جئان،

لڳي دامن دوس جي، پو ٿيس جاءِ بجاءِ،

ڪو تر نه ڪيم ڪڏهن، دوري دوستن کان.

پر تيئن مون کي ننڊ نهوڙيو، ساٿي جيئن سنبريا،

ووءِ ووءِ ڳهر ورائيون، اکيون ان ويرا،

پييم پرڏيهين جي، ڪهندي ڪان ڪرا،

ستي ساٿ پلاڻيو، مون ويچاريءَ وٽان،

پلڪ پاڙيواريون! جتن ڪئي نه جٽاءَ،

سڄڻ ڪنهن سانگ ويا، وڍي مون وچان،

ابڪي واتجسه، يوما دليلته،

فلا في الجبال و لا في داره القظم،

راهه ۾ رفيقن ري، رئان رت ڦڙا،

جهڄان جهران جوش ۾، ساريو سانگيئڙا،

پلٽيو پون پرينءَ ري، ڳلن سر ڳوڙها،

اوتو اوتين اکيون، جاني ٿيا جدا،

ورت ويچارين کي، تن سيڻن جي  سدا،

کامن سي  خمار ۾، پرين جي پورا،

ناهي ماٺ مٺين کي، محب ريءَ مورا،

ڪو جو قريبن سين، اوءِ آيون لوءُ لڳاءِ،

تن لحظو لطيفن ري، ڪن سي جهل نه ڪا،

ڏوريو ڏوهاڙي ڏوريان، لڪيون لالڻ لاءِ

پوئم پرو پرين جو، ڪو اديون مان اٿان،

تان نڪي جت جبل ۾، نڪي منجهه وڻراه،

صحيح ٻاروچي ساٿ جي، ڪل نه پئيم ڪا،

ته ڪيچي ڪرهه قطاريو، ڪهڙيءَ واٽ ويا،

ڦري وڃ فراق تون، اوڏو مون نه آءُ،

اڳهم عجيبن جا، گهٽ ۾ گهڙيم گهاءُ،

سڄي ئي سرير کي، ويڙهي وڍ ويا،

رهي ڪانه غمن ريءَ، جسي اندر جاءِ،

سي جي سور سهجا ڪريو، وري منجهه وڌيا،

تنهنجو ماڳ مس ٿئي اتي ڪو ادا!

لعل ربي يجمعفي برحمته،

مع الحبيب شفيع الوريٰ ذي الڪرم!

آهيم اميد ايهي، من ۾ مداما،

ته ميڙي مون محبوب سين، راهم رحمتا،

ڏيکاريم ڏيهه ڌڻي، مير محمد شاه،

هر دم جنهن حبيب کي، سڪي منهنجو ساهه،

واجهائي  واٽن تي، پلپل پسڻ لاءِ،

تنهن سٻاجهي شفيع سين، مولا مون ملاءِ،

ته ‎حاضر هئان حضور ۾، باقي ساهه پساهه،

ڏسان  ڏيهاڻي ڏيهه سو، جتي جانب جاءِ،

چمان چائٺ رسول جي، چليو منجهان چاهه،

ڪريان زيارت ذوق سين، سندي سپريان،

پسان محل ماڙيون، نيلون منارا،

حُجري ڏانهن حبيب جي، هلي هيج منجهان،

اڀي عرض ڪريان، پڃري پاڪ اڳيان.

ته مون کي رس رسول تون، سرور سٻاجها!

آيو عاجز آهيان، ٻهڳڻ ڪي ٻاجاءِ،

ناهي مون نماڻيءَ جي، توريءَ ڪنڌي ڪاءِ،

لهرين هنيون لوڏيو، سڻي ڪَن ڪڙڪا،

اڳيان تکو تار وهي، جنبان ڪيئن جر کان؟

گجيو ڪري گوڙيون،سائر سير منجهان،

مان کي لڙ لنگهاءِ سو، ڀلا ڪج بچاء،

ماندن کي يا مصطفيٰ، آس آن ڏي آهه،

ڀلو لڳن پار ڪرين، تارين تکي کان،

جنين تنهنجو ترهو، ٻجهن بي نه ڪا،

اسونهن اڳواٽ ۾، رسين رسول خدا،

ويا محصل الرجاءِ حصل، رجاء اشرف،

بحرمته النبي و آله، اولي الغم،

خاتو سڀ کان خلق جا، اي عالمن الله،

جو تون ڏڏن ڏان ڏئين، احد لاتفني،

ڪل شيءِ يفوت و ڪل جي يموت باقي توءِ بقا.

پني اشرف پنڻو طالب ٿيو توکان،

ته حاصل مون حقير حي، يا رب ڪر رجا!

منهنجو محمد مير کي، ساريو سڪي ساه،

پاڙي تنهن پرينءَ کان رزاق ڪيم راهه،

ساڻ مڙني مائيٽن، هوئان هوت اڳيان،

روضي وٽ رسول جي، آخر ڏيان ارواح.

والي وقت وڃائيا، مون ڄائي ڄمارا،

ڪيم ڪم  نه نيڪ ڪي، عمل دوچارا،

هٿان مون حيف ٿيا، هردم هزارا،

ويم وساري نڪري، ونهيان وڻجارا.

هي هي سٽ نه ساريان، ملڪ مال متاع،

هميشيان سودو ڪري، موڙي جنهن منجهان!،

سو مون وڻج وهائيو، جنهن ۾ پئيم ڇيا،

پاڻان وڃايم وکري، کَٽيا هڏ کُٽيا،

هاڻ پسيو  حال هي، روئان رت ڦڙا،

ته ڪينءَ ڪرينديس ڪوهه ۾، توشي ريءَ توڙا؟

سڄي سفر سخت گهڻو، گهوڙا ڙي گهوڙا،

مون سين زاد نه راحلو، نڪا سمر سٽا.

ناقص نالائق کي، اُت ڪاريين آگا،

حرمت حبيب پاهنجي، جو نور نبي نور هديٰ،

پاڻ ڪيءِ جنهن پرينءَ ليءِ پڌرو ۽ پيدا،

جو حمايت هيڻن جي، شفيع خير وريٰ،

دڙيندو ديوان ۾، بيڪارن بدرا.

۽ برڪت آل ان جي، جي ڏيا دين سندا،

پلو لڳي جن جي، لکين لک ڇٽندا.

مولا مرهين مهر سين، امت احمدا،

ڪلمو جن ڪريم تي، ڪهيو ڪوڏ منجهان.

لا اِلله اِلا الله محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم

 

2- مداح

نام خدا يا پير تون،  حرمت محمد مير تون،

دلدار ڏي دلڌير تون،  واهر سنديم ڪر وير تون،

يا غوث ملتاني مدد!

 

يا غوث منهنجو غور ڪر،  مطلوب ڪل في الفور ڪر،

تسلي سنديم هر طور ڪر ظالم عدو تي زور ڪر،

يا غوث ملتاني مدد!

 

ڪامل قريشي ڪر ڪرم، شه صدر الدين! تو ڳل شرم،

تون رک ڀلا منهنجو ڀرم، بد خواهه تي ڪر دل گرم،

يا غوث ملتاني مدد!

 

شه رڪن عالم تون رسين، وارث! سدا دل ۾ وسين،

هي حال ٿو پاڻهي پسين، جو کر کسي تنهن سان کسين،

يا غوث ملتاني مدد!

 

مسند سندئي ملتان ۾، تنهنجو دڳو دوران ۾،

عرب و عجم ايران ۾، هر ديس هندوستان ۾،

يا غوث ملتاني مدد!

 

 

جن ڀوت دءُ ماڻهو ملڪ حورون پريون خادم خلق،

فرمان ۾ تنهنجي فلڪ،   عرش و زمين چوڏهن طبق،

يا غوث ملتاني مدد!

 

سرجهڻ پکڻ پيرين پون،  بحري بري بندگيون چون،

حيوان دل ۾ حب رکن،  نعرو بهاءُ الحق ڪهن.

يا غوث ملتاني مدد!

 

نعرو تنهنجو نروار ٿئو،  ارض و سما اظهار ٿئو،

هر طرف تي تڪرار ٿئو،  ظاهر عجب اسرار ٿئو،

يا غوث ملتاني مدد!

 

ڏونگر جلالت جي ڏسن،   آسمان جنبش ۾ اچن،

بر ٿر بحر بيوس ٿين،  جذبئون وري مرده جين.

يا غوث ملتاني مدد!

 

سلطان تون شيخن سندو،   تنهنجو آءٌ بردو بندو،

تو در مٿي ڪرنش ڪندو،  عيبن ۾  منهن ميرو مندو،

يا غوث ملتاني مدد!

 

هادي وسين اندر هنئين،   وهلو اچي واهر  ٿئين،

دشمن سندو نالو نئين،  جيڪي مڱا سو مون ڏئين،

يا غوث ملتاني مدد!

 

در تي اُڀو آهون ڪريان،   عاجز اندو راهون ڪريان،

دامن لڳو دانهون ڪريان  هرگز نه پڳ پانهون ڪريان،

يا غوث ملتاني مدد!

 

سڻ شاهه تون ڏک جا شرح،   ميٽين ڪُلي جگري جرح،

فائق ڏئين دل کي فرح،  پرتو آهيان سڀڪنهن طرح،

يا غوث ملتاني مدد!

 

لائق اچي آءُ لڙهه لڳو،   سگ کي ڳچي انهنجو سڳو،

دائم اچان در تي ڀڳو،  تون پير پهرائين وڳو،

يا غوث ملتاني مدد!

 

تنهنجو تڪيو آهم تڪيو،  هادي! رسين حاضر هڪيو،

ڏوهن ڏسي آهيان ڏڪيو،  ڏيئي پانڌ ڍولا مون ڍڪيو،

يا غوث ملتاني مدد!

 

ٿي پير منهنجو پار تون،  ياور يتيمن يار تون،

دلگير جو دلدار تون،  ڪر غور ٿي غمخوار تون

يا غوث ملتاني مدد!

 

جيڪو مريد سين دز دنگي  وهلو وجهو تنهن کي ونگي

مرجان لوئر لنگهڻو لنگهي  هن هڻ ته ٻيو سڀڪو سنگهي،

يا غوث ملتاني مدد!

 

ڪر پير منهجنجي پاس تون،  همراهه ٿي چپ راس تون

خواهش سندم ڪر خاص تون،  ڪر آس دل جي راس تون،

يا غوث ملتاني مدد!

 

مرشد منهنجو مقصود ڪر،  جيڪي مڱان موجود ڪر،

دشمن منهنجو مردود ڪر،  نابين عدو نابود ڪر،

يا غوث ملتاني مدد!

 

تنهنجي اٿم آڌر آجها،  ڏک ڏور ڪر ڏوکا ڏجها،

پرجوش ٿيا توکان جهجها،  ڏک ڏور ڪر ڏوکا ڏجها،

يا غوث ملتاني مدد!

 

ناشاد کي دلشاد ڪر،   صالح ولد امداد ڪر،

خانو سندم آباد ڪر،  دشمن منهنجا ڪل ماد ڪر،

يا غوث ملتاني مدد!

 

هادي! هدايت مون ٿئي،  دلڙي مُئي جنهن سان جيئي،

ڏي پُر پيالو تان پيي،  ڪامل پدم ڪوڙيون ڪيئي،

يا غوث ملتاني مدد!

 

خاص ڪمن ياري ڏئين،  بدظن کان بيزاري ڏئين،

توفيق تڪراري ڏئين،  هر وقت هوشياري ڏئين،

يا غوث ملتاني مدد!

 

توفيق تهدل تو مڱا،  ٿين هٿان مون ڪم چڱا،

تو در اچن لاوان لڱا،  ڀؤن ڀڱ لٿن ٿيا بي ڀڱا،

يا غوث ملتاني مدد!

 

صاحب سخا سُڻ تون صدا،  گولي تنهنجي در جي گدا،

سندئي مدح ڪئڙم ادا،  فرياد سڻ نام خدا،

يا غوث ملتاني مدد!

 

منهنجي مدح مقبول ڪر،  بي شغل کي مشغول ڪر،

هن سوال جو ڪر شول ڪر،  دشمن منهنجو مقتول ڪر،

يا غوث ملتاني مدد!

 

رک شاهه مون کي شرم سين،  وارث ڀلا رک ڀرم سين،

مقصود ڪر ڪل ڪرم سين، پڇ حال مون دل نرم سين،

يا غوث ملتاني مدد!

 

داتا ڏياريو دان مون،  علم و امن ايمان مون،

شرم و شرف لڄ شان مون،  مشڪل ٿئي آسان مون،

يا غوث ملتاني مدد!

 

ڪامل اچي ڪونين ۾،  دلبر مون کي دارين ۾،

رس وير طرفته عين ۾،  ثابت رکو تلقلين ۾،

يا غوث ملتاني مدد!

 

جيئري لوڙيان رب جو لقا،  فاني فالله باقي بقا،

رويت ربي حقا حقا،  تحقيق ٿئي حاصل تقا،

يا غوث ملتاني مدد!

 

اهڙي ڪرامت ڪرم ڪر،   سڪرات ڪر مثل شڪر،

ڪاهي اچج اندر قبر،  حامي ٿيو روز حشر،

يا غوث ملتاني مدد!

 

”اشرف“ ڪري آن کي عرض،  پورا ڪرهول دل جا غرض،

ميٽيو ڪلي تنهن جا مرض،  قربِمئو بچايو کان قرض،

يا غوث ملتاني مدد!

صاحب رکين سڪرات کان،  رک گور جي ظلمات کان،

سهکو لنگهائين صراط کان،  ڪلمون چوان دل وات کان،

يا غوث ملتاني مدد!

 

لا اِلله اِلا الله محمد رسول الله


* سماهي مهراڻ، نمبر 1-2-1957ع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد جنهن کي هن مداح جون پهريون 21 سٽون ”مجموعه مدحيات“ ڇپيل 1938ع بمبئي تان هٿ آيون، باقي مواد انهيءَ اداري کي ”ٺٽي“ مان دستياب ٿيو.

پير محمد اشرف جي هيءَ مداح اڄ تائين سنڌ ۾ مشهور ۽ مقبول آهي ۽ ناميارا مولودي ان کي مجلسن ۾ پيش ڪندا رهن ٿا. (مرتب)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org