سندس ڀاءُ حاجي تاج محمد پڻ پنهنجي حياتيءَ ۾ ديني توڙي ادبي
اشاعت جي باري ۾ ڪافي بهرو ورتو هو. اهڙيءَ طرح هن
خاندان جو هاڻوڪو نامور بزرگ پير حاجي عبدالله
قريشي جنهن گهڻي عرصي کان مديني ۾ اقامت اختيار
ڪئي آهي، عالم، عابد ۽ گهڻين خوبين جو مالڪ آهي.
مولانا وفائي مرحوم جي روايت موجب پير حاجي خان محمد پيري مريدي
کان پري رهي، پنهنجي بازن جي پورهئي تي قناعت ڪري
سنڌ جي پيرن لاءِ هڪ قابل عمل مثال قائم ڪيو هو.
تنهن ڪري هاڻ هن خانقاه جو اڳيون دستور نه رهيو
اهي، تڏهن به هر سال 14 ربيع الاول تي هتي عرس جون
رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون ۽ مريدن جو ميڙ ٿئي ٿو،
جنهن مان پراڻي رونق جو رنگ تازو ٿي پوندو آهي.
ڪاماري شريف جو تاريخي ڳوٺ هڪ وسيع قلعي جي چوديواري ۾ آباد ٿيل
آهي، جتي پيرن جي حويلي ۽ خانقاه کان سواءِ فقيرن
۽ خادمن جا گهر به موجود آهن.
خانقاه جي حد ۾ داخل ٿيڻ سان مسجد جو نظارو اڳيان اچي ٿو، جنهن
جي ڇت ۽ ديوارن تي ڪاشي ۽ ٻي نقاشي جا بهترين
نمونا نظر نواز ٿين ٿا. اها مسجد لاڳيتن ٻن حصن ۾
آهي. پهريون حصو پير محمد اشرف عليه الرحمة 1263هه
ڌاري پاڻ تعمير ڪرايو هو، اڳتي هلي ان کي وسيع ڪرڻ
جي خيال کان پير حاجي جان محمد 1364هه ۾ ٻي حصي
جي اڏاوت ڪرائي، جيئن ان ۾ ڪافي ماڻهن جي گنجائش
ٿي سگهي.
مسجد جي ڀرسان پيرن جو خانداني قبرستان آهي، جنهن سان بلڪل لڳ
پير محمد اشرف جو مقبرو جلوه گر نظر اچي ٿو. ان جي
پاسي ۾ حجرن جي قطار آهي.
آءٌ خانقاه جي خاص مريد ميان دين محمد سان گڏجي ٽاڪ منجهند جو
جيئن مقبري جي دالان ۾ آيس ته مون کي ائين محسوس
ٿيو، ڄڻ ڪنهن بهشت جي ٽڪري ۾ اچي ويو آهيان. ٻاهر
ايڏي گرمي جو ڪانءُ جي اک پئي نڪري اندر وري اهو
ٿڌڪار جو روح کي راحت پئي ملي. واقعي پراڻي
زمانيجي تعمير جي فن جو اهو جيئرو جاڳندو ڪمال هو.
سڄي مقبري تي اندر ٻاهر ڪاشي ۽ نقاشي جو جيڪو بهترين ڪم ٿيل
آهي، تنهن جو مثال ڪنهن ٻي هنڌ مشڪل سان ملندو.
خاص ڪري ڪاشيءَ جي چٽسالي ته تمام لاجواب آهي، پر
افسوس جو ڪرڙن، ڪانڊيرن جي وچان ڦٽڻ جي ڪري اها
ڪاريگري ڏينهون ڏينهن زبون ٿيندي وڃي ٿي. ميان دين
محمد ٻڌايو ته حيلا گهڻي ئي ڪيا وڃن ٿا، پرانهن
بي پير وڻن جي پاڙن کان بچاءُ ڏکيو ٿي پيو آهي.
مقبري ۾ شيخ محمد غوث پير محمد اشرف ۽ سندس فرزند جون مزارون
آهن. پير محمد اشرف جي وفات جو قطع تاريخ اڳ ۾ پيش
ڪيو ويو آهي، باقي ٻين جا قطع تاريخ هن ريت آهن:
قطع تاريخ شيخ محمدغوث عليه الرحمة (اختصار سان).
سن وصلش سروش غيب حقم،
چه نکو گفت: قطب اعظم حق.
1230هه.
سال وصلش هاتف حق خوش بمن،
گفت، بيشک: غوث هادي بوده او.
1550ع.
پير محمد اشرف جي فرزند جي شهادت تي لکيل قطعه تاريخ:
او غلام غوث، آل حضرت غوث زمان
ابن صالح پير اشرف (شاه) اَن قطب جهان.
بود آن نو باده- بستان معني دلکشا،
پس پذير آور قلوب خلق چون در جسم جان
رشک لي بردند بروي، دشمنان اهل قريش،
از حسد و از بغض طينت، بود کاليشان را نهان.
در جوار شهر برآن دوست حق باران تيغ،
در رسيده از قضاي نا گهاني آسمان.
چون امام پاک حضرت سيد الشهداء حسين،
کشته شد آن بيگنه از دست ظلم، ظالمان.
نبي کرم البش که چون بر قتل اعراء دست يافت،
عضو کرد از بهر حق، خون ذبيح بي کمان
جستم از دل ماهيت سال شهادت وعه که چون است،
گفت هاتف: کاي شهيد کربلا مقتول دان.
1254هه
هن خانقاه جي شاهي عمارت جي معمار فقير غلام محمد جي مزار
خانقاه جي ٻاهرين پاسي پيرن جي پيراندي کان موجود
آهي. مزار جي ڪتبي موجب فقير غلام محمد جي وفات 12
ربيع الاول 1289هه ڌاري ٿي هئي.
هن کان پوءِ پير محمد اشرف جي شاعري بابت ايندڙ صفحن ۾ سير حاصل
بحث پيش ڪيو ويندو، جنهن مان پير صاحب جي شاعرانه
جلال ۽ پراڻي دور جي سنڌي زبان جي جمال جي پروڙ
پئجي سگهندي.
شاعري
جزوي ايست از پيغمبري
اصلي شاعري ڇاڪاڻ ته حقيقت سان گهرو لاڳاپو رکي ٿي، انڪري اها
ماحول جي انهن مٿاڇرين ڦيرين گهيرين کان بلڪل بي
نياز هوندي آهي، جنهن کي عام ماڻهو مستقل حقيقت
تصورڪندا آهن. شاعريءَ ۾ هڪ معنائتي رمز ٿئي ٿي،
جنهن جو رخ اڪثر مستقبل طرف هوندو آهي ۽ شاعريءَ
جو صحيح انحصار انهن ڳالهين تي رهي ٿو، جيڪي غيب
مان اڀري شهود جي پردي تي نروار ٿين ٿيون. انهيءَ
خوصيت سبب اصلي شاعري بنيادي طرح پيغمبري جو جزو
ليکي ويندي آهي.
شاعري وجداني بصيرت مان پيدا ٿئي ٿي ۽ شاعر بصيرت جو صاحب يا
پيغمبر صفت انسان ٿئي ٿو، ان ڪري جو هو زمان مڪان
جي انهيءَ مرڪب مان جنهن کي دنيا يا تاريخ ڪوٺيو
وڃي ٿو، پنهنجي باطني ديد يعني اندر جي سوجهري سان
نت نوان نقش ڏسي سگهي ٿو. انهيءَ مناسبت سان شاعر
جو تخيل پيغمبراڻو هوندو آهي. اهو انڪري ته هو
نيون شيون تخليق ڪندو رهي ٿو.
(1)
تخيل هڪ روحاني حمسيت آهي، جا انسان جي ساري شخصيت تي حاوي رهي
ٿي. اها هڪ ئي وقت روحاني، جذباتي عقلي ۽ جسماني
هوندي آهي. ان جون اهي مختلف حيثيتون پاڻ ۾ اهڙيءَ
طرح رل مل هونديون آهن، جو انهن کي هڪ ٻي کان جدا
ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. انهيءَ آڌار تي فيصل ٿيل
آهي ته انسان لاءِ تخيل حقيقت جي عرفان ۽ اظهار،
درحق بهترين وسيلو ٿئي ٿو.
(1)
شاعر هڪ اهڙو انسان آهي، جنهن کي عام انسانن کان وڌيڪ حمسيت
وديعت ٿيل هوندي آهي. هو ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾
زندگيءَ جي انهيءَ روح کان، جيڪو انسان جي هر جنس
۾ موجود آهي، وڌيڪ لطف اندوز ۽ اثر پذير ٿئي ٿو ۽
هر غائب شيءِ هن لاءِ حاضر جي حيثيت رکي ٿي.ساڳي
وقت شاعر جي بيان جي استعداد پڻ نهايت اهم ۽ نرالي
هوندي آهي (2).
افلاطون، شاعريءَ کي اجتماعي مفاد يعني اخلاقي معيار کان
پرکيندي اهو فيصلو ڏنو آهي ته، شاعري جي قدرن کي
هر حالت ۾ زندگيءَ جي قدرن سان همڪنار هئڻ کپي. هو
شاعريءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو: هڪ اها شاعري،
جنهن ۾ محض فطري شين جي نقالي ٿيل هوندي آهي يا ان
جي ذريعي انساني جذبن کي اصلي صورت ۾ اظهار جي شڪل
ڏني وئي هجي. ان قسم جي شاعري جي اها نقالي حقيقت
کان ٽي ڀاڱا پراهين ۽ معمولي نموني جي ڪاريگري تي
مبني هوندي آهي ۽ انهيءَ طريقي سان جذبن جو سنئون
سڌو اظهار اخلاق لاءِ نقصانڪار ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته
انهيءَ مان گهٽ درجي جون خواهشون پيدا ٿيڻ لڳن
ٿيون ۽ اهڙي قسم جي شاعريءَ جي افلاطون جي مثالي
جمهوريت ۾ ڪابه جاءِ ڪانه آهي.
شاعريءَ جو ٻيو قسم اهو آهي، جنهن ۾ شاعر الاهي صفتن بدولت
حقيقتن جو انڪشاف ڪري ٿو، انهيءَ قسم جي شاعري
افلاطون وٽ فلسفي شاعري جو درجو رکي ٿي، ان ڪري جو
اها شاعري صرف انفرادي شين ۽ واقعن سان نه، بلڪ
ڪُلي صداقتن سان تعلق رکي ٿي. يعني ان جو واسطو
انهن بنيادي اصولن سان هوندو آهي، جيڪي دنيا جي
متفرق ۽ مختلف مظهرن ۾ معنيٰ سان گڏ ڳانڍاپو ۽
لاڳاپو پيدا ڪن ٿا.
فلسفيانه شاعريءَ ۾ شاعر جي تخليقي قوت پهريان پنهنجي مواد جي
چونڊ ڪري ان کي منظم طريقي موجب استعارن ۽ تشبيهن
يا علامتن سان ترتيب ڏئي، عوامي زبان ۾ پيش ڪندي
آهي.
مغربي مفڪرن کان علاوه مشرق جي عالمن پڻ شاعريءَ جي باري ۾
هيٺينءَ ريت پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو آهي:
بهترين قسم جي شاعريءَ ۾ گهڻيون ڳالهيون اچي وڃن ٿيون،ا ن ۾ وزن
کانسواءِ محاڪات جو هئڻ به ضروري آهي يعني ڪنهن
به شيءِ يا ڪنهن به حالت جي تصور ڪڍڻ، خيال بندي
ڪرڻ، سادا ۽ سهڻا لفظ ڪتب آڻڻ، بندش ۽ جدت جو لحاظ
رکڻ وغيره.
ليڪن عام طرح صرف موزون ڪلام کي شعر چيو وڃي ٿو، جا ڳالهه
هروڀرو ايتري اهم نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به شعر ۾
جيستائين مڙئي خوبيون موجود نه آهن يا ڪا اهڙي هڪ
ئي خوبي منجهس موجود ڏٺي وڃي، جيڪا هن جي ٻين
خوبين کان وڌيڪ معياري هجي ته پوءِ ان لاءِ ڪا
صحيح راءِ قائم ڪرڻ مشڪل نه آهي.
شاعريءَ ۾ وزن لاءِ تجربي جي ضرورت ٿئي ٿي ۽ ڪنهن حدتائين
موسيقيءَ جي مدد سان به ان جي پورائي ڪري ٿي
سگهجي، پر محاڪات جي لاءِ مشاهدي ۽ رياض جي حاجت
رهي ٿي، خاص ڪري ڪنهن به واردات کي فني نقطه نگاهه
کان اظهار ۾ آڻڻ اهڙيءَ طرح جيئن پڙهندڙ يا ٻڌندڙ
ان کان متاثر ٿي وڃي، گهري مشاهدي ۽ احساس جي
ضرورت آهي.
شاعري ۽ تصوف جي تعلق بابت هي دليل ڏنو وڃي ٿو ته اهل ظاهر جي
ڄاڻ ڪائنات کي تجرباتي فلسفي جي آڌار تي مختلف
قسمن ۾ تقسيم ڪري ٿي ۽ صوفي پنهنجي ترڪيبي فلسفي
جي انحصار تي انهن مختلف قسمن ۾ باطني ڳانڍاپي جو
ڳولائو هوندو آهي. هو مختلف قسمن جي ظاهري اختلاف
جي باوجود انهن جي روح ۾ حقيقت جو عڪس ڏسندو رهي
ٿو، انهيءَ باطني ڳانڍاپي جي احساس کان صوفي
پنهنجي ذات کي ڪائنات ۽ ٻين انسانن سان همڪنار
تصور ڪندو آهي، انهيءَ ڪري ئي صوفي گهڻي ڀاڱين
شاعر ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو به شاعر جيان مختلف شين
جي باطني ڳانڍاپن جي ڳولا ۾ هوندو آهي ۽ ٻنهي جوا
حساس معروفي هئڻ بدران داخلي ٿيندو آهي.
سنڌ ۾ صوفيانه شاعري اهي سڀئي خوبيون ۽ خصوصيتون پاڻ ۾ رکي ٿي،
جيڪي مٿي ڄاڻايون ويون آهن. هيءَ شاعري اخلاقي ۽
روحاني قدرن جي تبيلغ وسيلي انسان ذات کي امن،
محبت ۽ صداقت جو پيغام پهچائيندي رهي آهي. هن ۾
انتقامي جذبي بدران اصلاحي عنصر جو عمل دخل ٿئي
ٿو. انهيءَ شاعريءَ، زندگيءَ جي هر مسئلي کي
پنهنجو موضوع بڻائي هر ڪمي پوري ڪري ڇڏي آهي،ايتري
قدر جو هاڻ ان ۾ جيڪا طبع آزمائي ڪئي وڃي ٿي، تنهن
۾ تخريبي جنون کانسواءِ ڪا جدت نظر نٿي اچي.
پير محمد اشرف جي شاعري، ٻولي توڙي انداز بيان جي لحاظ کان
نرالي نظر اچي ٿي ۽ شاعري ۾ جيڪي خوبيون هئڻ کپن،
اهي هن ۾ موجود ملن ٿيون. هن شاعري جي مطالعي مان
اسان کي چڱيءَ طرح معلوم ٿئي ٿو ته هڪ صدي اڳ سنڌي
زبان، جيڪا باقاعدي ڪنهن مڪتب ۾ نه پڙهائي ويندي
هئي، اُن جي بدران فارسي زبان هتان جي مدرسن ۾
رائج رهندي پئي آئي،تنهن کي سنڌ جي صوفين، عالمن ۽
شاعرن ڪهڙي ريت اجنبي گردشن کان حفاظت ۾ رکندي
پنهنجي قادرالڪلاميءَ بدولت عام و خاص ماڻهن جي
ذهنن تائين پئي پهچايو. اها ته اڃا پوءِ جي ڳالهه
آهي، ان کان گهڻو عرصو اڳ شاه لطيف ۽ ٻين بزرگن به
اهڙيون ڪامياب ڪوششون ڪيون هيون، جن جي وسيلي سنڌي
زبان زنده رهندي اچي ٿي ۽ انهيءَ تي ئي سنڌي قوم
جي بقا جو دارومدار آهي.
هونءَ به هر اها ڳالهه، جيڪا پنهنجي زبان ۾ بيان ڪئي وڃي ٿي، سا
بلڪل سچ محسوس ٿئي ٿي، ان جي ڀيٽ ۾ ڌاري زبان،
جيڪا ڪيڏي به وسعت واري هجي اسان وٽ ايڏو سچ پاڻ ۾
سمائي نٿي سگهي. اسان جڏهن به پراڻي زماني جي ڪنهن
ڌاري زبان ۾ چيل سنڌي شاعرن جو ڪلام پڙهون ٿا ته
ائين ٿو سجهي ڄڻ ڪي سطحي ڳالهيون بيان ڪيون ويون
آهن. مثال طور محسن ٺٽوي جو فارسي شعر؛
صبا بگو زره عاجزي و زاري ما
بگوش آن گل بي خار عرض خاري ما.
اهو ساڳيو مقصد پير محمد اشرف سنڌي شعر ۾ هن ريت بيان ڪري ٿو:
نينهن نياپو نيئي پرينءَ کي،
پــــــانــــــڌي ادا پــــــــهـــــچاءِ....!
هن ۾ ڏٺو ويندو ته فارسي شعر نهايت پرتڪلف پيو لڳي، جنهن ۾ بيان
ڪيل عاجزي ۽ زاري، پڙهندڙ جي دل تي ڪو خاص اثرنٿي
ڇڏي، ليڪن سنڌي شعر ۾ آندل ”نينهن نياپو“ پهرين سٽ
۾ ئي پڙهندڙ جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ٿو.
يا، مائل ٺٽوي جو هي فارسي شعر:
دلبرا سخت پر جفا شدهء،
اين قدم سخت از ڪجا شدهء.
اهائي ڳالهه محبوب کي خطاب ڪندي، پير محمد اشرف سنڌيءَ ۾ هن
نموني ٿو آڻي:
هيڏيون بي پرواهيون،
ناهن مناسب نال نماڻن.
هتي به ساڳيو فرق صاف طرح ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو مٿين شعرن جي ڀيٽ
ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
پنهنجي ضمير جي آواز کي پنهنجي ٻوليءَ جي انداز ۾ پيش ڪرڻ سان
ئي ڪا اثرائتي ڳالهه پيدا ٿي سگهي ٿي، انهيءَ جي
ڪري ئي اسان جي بزرگن سنڌي زبان ۾ جيڪا شاعري ڪئي
آهي، سا اڄ سوڌي اثرائتي لڳي ٿي. ٻي پاسي ڪنهن به
ڌاري زبان جي شاعري، اها پورائي نٿي ڪري سگهي.
پير محمد اشرف پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي به موضوع آندا آهن، تن مان
هر هڪ بي نظير پيو ڀانئجي. حب الوطني، زندگيءَ جو
درد، انسان ذات جي محبت، عشق حقيقي، هجر ۽ فراق جا
قصا يا راز نياز جا داستان وغيره سڀ پنهنجي پنهنجي
جاءِ تي اهم ڏسڻ ۾ پيا اچن. ساڳي وقت سندس ڪلام
جي هر صنف نهايت معياري آهي، جنهن جي پڙهڻ سان
ازخود موسيقيءَ جو احساس جاڳي ٿو.
1. عشق حقيقيِ:
دل رهي نه ڪو دين، جيڏيون ڙي ائين ڪين ڄاڻو ٿيون،
ڪفر حقيقي هل مچايو، ٿيان ٿيان ڪري ناچ نچايو،
ٿيڙو عشق امين، دل رهي نه ڪو دين.
دين ڪفر وچ فرق نه ڪوئي، سوئي مڃين نه مڃيندڙ سوئي،
سوئي خودي خودبين، دل رهي نه ڪو دين.
اسم نه جسم نه ڪا نيشاني، هوش نه گوش نه سا حيراني،
غم نه ڪو غمگين، دل رهي نه ڪو دين.
صوفي عشق صفا ڪيو صفاتي، نفيءَ ۾ اچي ٿيو اثباتي،
اناحق، حق اليقين، دل رهي نه ڪو دين.
”اشرف“ يار سڃاڻن سڀ ۾، سوئي زمين ۾ سوئي اُڀ ۾،
هادي حسن حسين،د ل رهي نه ڪو دين.
2. راز نياز:
دل جون دلبر ساڻ، آهن ٻه ٽي ڳالهڙيون،
اکيون اداسيون طرف اوهان جي، رويو رت واهين،
کوءِ هي راتڙيون.
ڪوڙين درد ونديون در دلبر جي،
دل ڦريون دانهين، پايو جهاتڙيون،
کوءِ هي راتڙيون.
پاڻ ڀلائي، پرين پورهيت جا،
لحظي ڏک لاهين، ڏيئي ڏاتڙيون،
کوءِ هي راتڙيون.
”اشرف“ چوي ڏير ڏکيءَ سان،
مان ڪو رس راهين، ڪن ڪي باتڙيون،
کوءِ هي راتڙيون.
3. هجر ۽ فراق:
جهڄن ۽ جهڻڪن، آڌيءَ اوطاقن ۾،
جن کي سور سرير ۾، ڀنيءَ سي ڀڻڪن،
آڌيءَ اوطاقن ۾.
تازا ڦٽ فراق جا، چڪن ٿا چڻڪن،
آڌيءَ اوطاقن ۾.
ڪنهن جنهن ورهه وڍئا، روئن ۽ رڻڪن،
آڌيءَ اوطاقن ۾.
ڏاڍا نينهن نهوڙيا، گهوما ٿيا گهڻڪن،
آڌيءَ اوطاقن ۾.
آديسي ”اشرف“ چوي، ڪوهن تي ڪڻڪن،
آڌيءَ اوطاقن ۾.
4. زندگيءَ جو درد:
عشق تنهنجڙي آري، وڌي ڇپر منجهه ڇولي،
چيٺيان چڱو نه ٿئي، ڪان هنييءِ جو ڪاري،
ٻيهر ٻاروچل ٻولي،
وڌي ڇپر منجهه ڇوولي.
ڇلي پيس ڇپرين، آءٌ جا محبت ماري،
ڇوري ڇڏيئه ڇو رولي،
وڌي ڇپر منجهه ڇولي.
جت چڙهي ويا سر جمل جي، پوءِ ڇڏي هي پاري،
سا ٿي جبل ڳليون ڳولي،
وڌي ڇپر منجهه ڇولي.
”اشرف“ چوي آري الله لڳ، نج تون نال نڪاري،
ڇڏ م ٽڪرڏکي ٽولي،
وڌي ڇپر منجهه ڇولي.
5. حب الوطني:
ساري ساه ساڻيهي، مون کي ونجهل ويڙهيچن جي،
ڄام عمر تو ڪل ڪيهي، مون من ونجهل ويڙهيچن لاءِ.
عمر اباڻا منهنجا، ننگ ڀريا هيا نيهي،
تنهنجي خوف کڻي ويا، پائر ڏيهه ۾ پيهي،
ساري ساهه ساڻيهي.
ڏک گذاريم ڏينهڙا، وطن ري هت ويهي،
ساريو ويٺي ساريان، ڏوٿيئڙا ڏيهي،
ساري ساهه ساڻيهي.
ساڻيهه سندو سومرا، سوڌو گڏيم سيهي،
ڪاجا ڪيائين مون سان ڳالهڙي، تنهن راز ڳجهي دل ريهي،
ساري ساهه ساڻيهي.
”اشرف“ چئي ان پار جي، آئي ڪتابت ايهي،
خبر سڀ تنهن ۾، خير جي جيهي ڀانيم تيهي،
ساري ساهه ساڻيهي.
6. انسان ذات جي محبت:
بادل وسي ڪر وس ته عالم آسودو ٿئي،
ڍٽ پٽ سري سنڌ ۾، وڄن جال جرس،
آگا اوسر لاهيئن ڪا چڱو ڪر چرس،
ڪاماري تي ڪرم ڪر،سانوڻ ٿين سرس،
ڪل ولائت وسي گهڻو هر هنڌ هئن هنبس،
ماڻهو مڙيو پاڻ ۾ ڪن راز رهاڻيون رس
الاهي ”اشرف“ کي، توڏانهن تن ترس.
ان کان علاوه ٻولي توڙي انداز بيان جي خيال کان به پير محمد
اشرف جو ڪلام گهڻن کان گوءِ کڻي ويو آهي، جن جا
مثال هي آهن.
1. ٻولي:
پنهوارن پوئواري، مارن منهنجي ڪانه ڪئي،
ڳاراڻي آءٌ ان ڳاري، جيئن ور ويڙهيچن ڪوهه نه ڪئي.
جيڪس آهيان جيڏيون، وڙ ڀري ور وساري،
ڪانه مڪائو ڪڏهين، دلبري دلداري.
وٺڙا مينهن وسون ٿيون، سرتين آءٌ نه سنڀاري،
ڪنهن ڏينهن مون کي ڪوٽ ۾، ماريندي مونجهاري.
سانگين ڏيهه سوائيو، جهر جهنگ ٿي جنساري،
موڪل ڏينم سومرا، هن سان منهنجي هنياري.
کوءِ پلنگ پٽ ڪين وڻي، واهه وطن جي واري،
پيهي پنهوارن جي، ماڙين کان موچاري.
عمر ساريان ”اشرف“ چئي، گولون گل گلزاري،
کيريون ٻيريون ٻائريون، ڦوڳن جي ڦلڪاري.
2. انداز بيان
هيڪلڙي مون هت، سڄڻ چڙهيا اچي چت،
سي ڪينءَ وهان هوت وساري.
اَٿم آڳانجهي گهڻي، پرين ساڻ پرت،
جيئڙو جن ري گنگهر گذاري.
ڪينءَ ڪريان ڪاڏي وڃان، سور وڃايم سُرت،
ٻاروچو ويو مچ ٻاري.
پون پير لڪائيا، نيڻين نه پوءِ نرت،
ڪيچي ويا ڪرهه قطاري.
ويٺي رئان رت ڦڙا، جيجان ساريو جڳت،
مادر موت وڇوڙو ماري.
آءٌ پڻ وينديس اوڏهين، جانب منهنجا جت،
ڏاتر سوشل ڏيهه ڏيکاري.
ساريان آءُ ”اشرف“ چئي، ٻيو نه ڀروسو ڀت،
سرتيون ڌاران پنهل پاڳاري.
اهڙي طرح پير محمد اشرف جي ڪلام جي هر صنف نهايت نرالي آهيِ:
1. ساٿين ساهه نيو، وهڻ وهه ٿيو،
ڏونگر ڏورينديس، وندر ووڙينديس،
ڏکيءَ جو ڏونگر ۾، سرتيون سانگ پيو،
وڃان ٿي وندر ڏي، ٻيو سڀ ٻن ڏيو.
دائم سڪ سرتيون، ٻيلي ناه ٻيو،
جيڪر جاڳي جيڏيون، ورهوند ڪين ويو.
ستسي آءٌ ”اشرف“ چوي،
ڪاڪيون مون ڪوهه ڪيو.
2. زور آور سان نينهن، نڌر ڇوري لاتئي ڇو ٿي؟
توسان ڪيڙو ڪيچين، ڏاڍو قيامت ڏينهن،
ان سان جيءُ اڙايئي ڇو ٿي؟
ويٺي سر تي وساءِ تون،سندو محبت مينهن،
ايڏو پور پرايئي ڇو ٿي؟
هيڏي شهر ڀنڀور ۾، ڪنهن نه چيئه سچ سرينهن،
هينئڙو ننڊ هيرايئي ڇو ٿي؟
”اشرف“ چوي عشق جو، شور متوڪر شينهن،
پوءِ ٿي پاڻ بچايئي ڇو ٿي؟
3. لائي نينهن نه مون ڄاتو، آيل آريچن سان ...
اٺن ۽ اوٺين سان، نيئي پيچ مٺيءَ پاتو ...
ڏاگهن ۽ ڏيرن جي، آهي ڏونگر ڪل ڪاتو ...
ڪرها ۽ ڪيچي ويا، ڏيئي اکين اوراتو ...
”اشرف“ چوي آهي، اهکو، نباهڻ ناتو ...
4. مون کي ماريو مون پرين، وريا هوت وڃن ٿا ...
هي ڏک ڏورائي جا ڏوڙا ڏير ڏين ٿا ...
ڪا جا ڪيچن من ۾، پريان پنڌ پڇن ٿا ...
نڌر ڇڏيو ننڊ ۾، نال ٻاروچو نين ٿا ...
”اشرف“ چوي ان جا، تازا چاڪ چڪن ٿا ...
پير محمد اشرف جي ڪافين توڙي واين ۾ جيڪي ٻوليءَ جون خوبيون ۽
فن جون خصوصيتون ڏسجن ٿيون، ان مان سندس انفراديت
بکي ٿي، باقي هن بزرگ شاعر جو ڪلام جيڪو مولودن،
مداحن، مناقبن ۽ مناجاتن تي مشمل آهي، تنهن ۾ اڳين
توڙي سندس همعصر شاعرن جي ڪلام جون مشابهتون ملن
ٿيون. اهو فرق نجي ۽ روايتي شاعري ۾ لازمي طرح
هوندو آهي.
پير محمد اشرف کان پوءِ پوئين دور ۾ مصري شاه جون ڪافيون ۽
وايون پڻ انهيءَ انفرادي رنگ ۾ رنڱيل آهن. ليڪن
انهيءَ وچ ۾ ڪوبه اهڙو ڪلام موجود نٿو ڏسجي جنهن ۾
ايڏي ڪماليت محسوس ۽ معلوم ٿي سگهي.
سنڌ جي بزرگن فارسي جي اوج هوندي به پنهنجي سنڌي زبان کي جا
فوقيت ۽ ڪماليت بخشي آهي، تنهن تي هن زماني ۾ به
بجا طور فخر ڪري سگهجي ٿو. سچ ته جيڪڏهن اهي
محنتون انهن ڀلارن هٿان نه ٿين ها ته اڄ اسان جي
ٻوليءَ جي الاجي ڪهڙي حالت هجي ها.
هن قديم شاعري جي ڀيٽ ۾ نئين دور جي جديد شاعري جيڪا نج لفظن ۽
خالص احساس بدران ڌارين لفظن ۽ اڌارن احساسن جي
مهتاج آهي،تنهن مان ڪنهن حاصلات جي اميد رکڻ اجائي
آهي.
علامه آءِ آءِ قاضي چواڻي:
اسان جي شعر گوئن ۾ ته معني! جو خيال ئي ڪونهي نه وري دل منجهان
آلاپ ٿو نڪرين، تتبع تي صنعتگري ڪرڻ انهيءَ کي شعر
چيو وڃي ٿو ۽ حقيقت ڇا آهي ته جيستائين قلب جي خون
منجهان اکر ڳاڙها ٿي نه نڪرن ۽ خودبخود بنا ڪوشش
جي زبان تائين نه پهچن ۽ ان جو آلاپڻ اهڙو بي خبري
جو هجي جهڙو قمري يا بلبل جو سرود! تيستائين ان کي
شعر چئي نٿو سگهجي. ڏک ته اهو آهي ته اسان وٽ اهي
مست رهيائي ڪونه!
|