سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام اشرف

صفحو :3

 

 

ڪافيون

 

داستان روپ سارنگ

ڏاڍيون بي پرواهيون، يار تنهنجيون مارن.

هي جڳ هو جڳ، هئڻ تنهنجو،

اسين آهيون ڇا جي ناهيون.

راتيان ڏينهان، رمزان تنهنجيون،

سوين ڀتين ساراهيون.

شمس، منصور،سرمد، بلو، عنايت

ڪئين ويا ڪنڌ ڪپايون.

شاه امام حسين سر تيغون حسن جون،

تو چوڏسيون چمڪايون.

ڏسڻ تنهنجو مطلب مڙيوئي،

ڪاڏي سوءِ ڪعبي ڪاهيون.

”اشرف“ چوي تو در عاشق،

اچن سر سنڀاهيون.

*

ڪيون ڏريندا، ڪيون ڏريندا،

ڏي ڪر دڙڪي دوزخ والي.

آپي خلقت، آپي خالق،   آپي آپ مريندا وي.

آپي ڪشتي آپي قلزم،  تردا آپ تريندا وي.

ظاهر والا زيب ڪرڪي،     سانول سير ڪريندا وي.

آپي ملان قاضي مفتي،     هر هڪ نام ڌريندا وي.

آپي زير عمر دا وت آپي،   جند آپ هريندا وي.

”شرف“ آکي وهو محڪم، اها باس ڀريندا وي.

 

 

*

محبت موجون لايون وي، مينهن هوڪون لايون وي،

بادل برسي ڪيو بهاريون.

صورت جو سينگار ڪري سو، رمزون يار رلايون وي،

زلف خم و خم مشڪ معطر، چشم سيه چمڪايون وي،

جاني چاتيون جنهن ڏس جهاتيون.

باغ بهار هزار  هزارين، صفتون سهس سمايون وي،

سرخ سفيد سڀئي رنگ سهڻا، زرد سونهن سبزايون وي،

چمن کليا گل ذات به ذاتيون.

ڪن فيڪون ڪهيو رب قادر، واڳون عشق اُٺايون وي،

بي رنگي مان رنگ ٿيا ظاهر، دونهيون درد دکايون وي،

برهه بڇيون باهيون ڀانتو ڀانتيون.

”اشرف“ روز الست اول کان، باتيون پرينءَ پڙهايون وي.

جن ڪن جو حق هادي هئڙو، هت هت ان جون جايون وي،

جيئڻ سدا ٿيون دورحمايتون.

 

 

 

داستان روپ مارئي

سنگهارن جا سک وسريا ڪين وسرن،

سي ڳڻ ڳالهيون ڳايو نت نيساسا نڪرن.

 

ڏيهه ڏاڏاڻو جڏهين ڪل ولهار وسي،

سبزايون سونهن راحت روح رسي،

ڏسي لهي اُڃ ۽ بک، جھ ڏينهن نوان ڏٿ نسرن.

 

ساهڙيرن ۽ سرتيون سانڀي دل ساري،

سرهو سنگت سڳر وير نه وساري،

اوء موچارا مک، هينئڙي منجهه هرن.

 

واجهه وجهان ۽ ونجهلان روز هنجون هاريان،

پائر ڏيهه جو پانڌي نئين سج نهاريان،

روح ترسي ان رک، مان ويڙهيچا ورن.

 

قيد الماءِ ڪيس پنهوارن کان پري،

راحم راضي ٿيئي واء وصال وري،

ڏورائي جا ڏک، ڪاري  من ۾ ڪرن.

 

”اشرف“ کي آسرو آهي الله سندو،

ميڙو مارن سان قادر شال ڪندو،

دور ڪري رب ڏک، جال سراهيون سرن.

*

منهنجي مارو ميان تو سان رهجي اچي، شال رهجي اچي.

 

ڀيڄ ڀنسي ڀر ڀٽن ڀوڻن جا ڀڻڪا،

وٺي ولهارن ۾ کرڪن جا کڙڪا،

سڻي آءُ سرهي ٿيان، مارن مال مچي،

 

منهنجو مارو توسان پرتئون پيچ پيو،

لوئي کي مَ لڳي لائق لقب ٻيو،

تو ري دم دم جيان، توسان روح رچي.

 

ماروئڙي جو بند ۾ ڪنهن ڀت ڀرم رهي،

ڏوٺ ڏمر ڏک عمر جو لحظي ۾ لهي،

جانڪا مدد ڪيان، تان بيگانن کان بچي

 

هل هاگامان عمر مون تي زور ڪري،

شال  پهنوارن سان منهنجي پرت پري،

نينهن نڀائي نيان، ساڻ سيل سچي.

 

قادر ڪرم ڪري ڪڏهين قيد لهن،

”اشرف“ چوي آئون وڃي ويڙهيچن،

کليو کيرون ڏيان، پائر پٽ پچي.

 

*

ماروئڙن جي مون  من، ڪاجا رمز رهي،

قسمت قيد الماءِ آئون هت آندي،

نات ويڙهيچن ري وهان ڪيئن واندي،

ڏوهه ڏيان کي ڪن، ويڙو قلم وهي.

 

اطلس ململ پٽ نه آئون لنڱ لائيان،

کٿي کنهنبن کان زور ڀلي ڀانئيان،

ڪيئن لاهيان تان لڱن جا مون ڍٽ ڍهي.

 

ماڙيچن جو عمر مامرو ماري،

ههڙا حال ٿيا سانگيڙا ساري،

پيهڙا منجهه پٽن، ويڙا سور سهي.

 

ڳانڱيون گولون گوڙاليون ڳم پيرون پڪا،

مرٽ ڀرٽ، مکراليون، مڪ، ڪودير، ڪڪا،

ساريان پس پهن، ٻاٻاڻي جا ٻرهي.

 

کهه، مانڌاڻو، منگها، مکڻي، مرٽ مڃر،

سائون، ساهيڙين ڪڙو ثمر سنڱر،

اهڙي چيز چکن، پين سوڪ مهي.

 

”اشرف“ چوي آئيا ويڙهيچا اڄ وري،

خير سلامت سان پائر پٽ چري،

ڏسي ڏيهاين، غم گوندر ويا لهي.

 

*

عمر مون نه وسري، سنگهارن جي سنگت.

وٺڙا مينهن مولا ويڙهيچا مان ورن،

ساريو تن جي صحبت هينئڙي ڳچ ڳرن،

جيءَ جهڄي ٿو جن ري، اکيون روئن رت.

 

ويڙهيچن ڏي وڃي پاڻي پلر پيان،

کهه مانڌاڻو مکڻي اهڙو کاڄ کيان،

نئون سائون ٿو نسري، پنهوارن جو پهت.

 

سرها تيل عطر سي ڪيئن سر پائيان،

خاصا طعام تنهن جا مور نه منهن لائيان،

تان نه وڻي مون تن ري، شهد شڪر شربت.

 

ڳجهيون ڳالهيون سڻايم ڳوٺيڙي،

ڄام عمر آندو اڄ پڻ اوٺيڙي،

سندو قرب قطري، کاهڙ پاران خط.

 

”اشرف“ چوي ان جو اوڇڻ کرڙ کٿا،

واري وڇاڻ سندن ڌٻڙ ڌڙڪ مٿا،

ڪين پسند ڪن ان ري، پيرم پٽ ڀرت.

 

*

آئون ايرادي ڪهڙي عمر هت آندي،

رنڱ رتول ڏسي، ٿي دل در ماندي.

 

قيد ڪوٽن جا جيڪس منهنجي ڪرم لکيا،

ڄارن هيٺ ڄنڊا ور وٽ مون ٿي وکيا،

هيس حال ههڙي، هن سان هيڪاندي.

 

ڄام عمر هو توکي عالم ائين چوندو،

عادل حاڪم ههڙو هو نڪو هوندو،

اڄ توبه تو اهڙي، بيڪس ڪيئي  باندي.

 

تول وهاڻا تڪيا تون ڪر پلنگ پري،

سرتين ساڻ سمهان واري وڇاڻو ڪري،

جهڙي حال تهڙي، ڏيئي سڻ سيراندي.

 

”اشرف“ چوي ان ري دوزخ مثل ماڙيون،

ساريم سانگيڙن جون ويڙيون ۽ واڙيون،

جت ڏوٿين سان ڏينهڙي، وتيس ٿي واندي.

*

سانگيڙا ساري، ههڙا حال ٿين،

گذريا سال سوين، ڏٺي ڏوٿيڙن.

 

آءٌ هت بندياڻي سومرا سائين،

سرتيون ساڻيهه ۾ سرهيون سدائين،

کير کٿيريون خوش ٿيو، پکي پاند پين.

 

ڄام عمر آئون ڄٽ ڄارن ۾ ڄائي،

سڪ لاهيان هوند ڏٿ کاٽونڀا کائي،

ساري ساڏوهيون، جهڙ جيئن نيڻ جهمن.

 

پائر پرين سان چونڊم ٿي پيرون،

هيم هتي جن سان هينئڙي جون هيرون،

موڪل ڏي ته ملان، وڃي ويڙهيچن.

 

”اشرف“ چوي آئون ماروئڙن ملان،

قيد ڪوٽن جا ڇڏي کاهڙ اُن سان کلان،

اکيون اباڻن لاءِ، ويرو تار وسن.

*

ويڙهيچا ۽ ويڙيون،  ساريو ويٺي ساريان.

وٺڙا مينهن وسون ٿيون کيٽ تليون تن کيڙيون،

کهه مانڌاڻا مکڻيون مرٽ مارو آڻن ميڙيون.

 

مون سرتيون ملير ۾ ڀٽن پاسي ڀيڙيون،

ڌڙڪيون درس ڌڻاريين، پکن منجهه پکيڙيون.

لاهه الله لڳه عمر نير، ٻانهڙين مان ٻيڙيون،

 

ڏيهه وڻ ڏوٿي وڃي ڏسان ساڻيهه ۽ ساهيڙيون.

اُن جي اُڪنڊ ”اشرف“ کي ڇانگڙيون جن ڇيڙيون،

تسياريون تڙن تي گهنڊ ٻڌا تن گهيريون.

*

ساري ساهه ساڻيهي، مون کي ونجهل ويڙهيچن جي،

ڄام عمر توڪل ڪيهي، مون من ونجهل ويڙهيچن لاءِ.

 

عمر اباڻا منهنجا، ننگ ڀريا هئا نيهي،

تنهنجي خوف کڻي ويا، پائر ڏيهه ۾ پيهي.

 

ڏک گذاريم ڏينهڙا، وطن ري هت ويهي،

ساريو ويٺي ساريان، ڏوٿيئڙا ڏيهي.

 

ساڻيهه سندو سومرا، سوڌو گڏيم سيهي،

ڪاجا ڪيئين مونسان ڳالهڙي، تنهن راز ڳجهي دل ريهي.

 

”اشرف“ چئي، ان پار جي آئي ڪتابت ايهي،

خبر سڀا تنهن ۾ خير جي، جيهي ڀانيم تيهي.

*

پنهوارن پوئواري، مارن منهنجي ڪانه ڪئ،

ڳاراڻي آءٌ ان ڳاري، جيئن ور ويڙهيچن ڪوه نه ڪئي.

 

جيڪس آهيان جيڏيون، وڙ ڀري ور وساري،

ڪان مڪائون ڪڏهين، دلبري دلداري.

 

وٺڙا مينهن وسون ٿيون، سرتين آءٌ نه سنڀاري،

ڪنهن ڏينهن مون کي ڪوٽ ۾، ماريندي مونجهاري.

 

سانگين ڏيهه سوائيو، جهر جهنگ ٿي جنساري،

موڪل ڏيم سومرا هن سان منهنجي هينئاري.

 

کوءِ پلنگ پٽ ڪين وڻن، واهه وطن جي واري،

پيهي پنهوارن جي ماڙي کان موچاري.

 

عمر ساريان ”اشرف“ چئي گولون گل گلزاري،

کيريون ٻيڙيون ٻائريون ڦوڳن جي ڦلڪاري.

 

 

*

ماروئڙا هن ماڳون، هلي ڏوراڻي ڏيهه ويا.

 

پهري پٽ پائر ڏي ويا، ڪاهي ڌڻ ڪو راڳون،

آءٌ آسائتي آهيان، واري اچن مان واڳون.

 

مون جيڏيون ته ملير ۾، لوين کي ڏين لاڳون،

منجهان مڃر رتيون پنهوارن جون پاڳون.

 

آيس عمرڪوٽ ۾، ڀينر ڪهڙي ڀاڳون،

مئي موچاري آهيان،د ور ٿين جي داڳون.

 

وهسن سرتيون ورن سين، ساڻيهه سرهيون سهاڳون،

آسون اداسون ”اشرف“ کي، آهن اندر منجهه اجهاڳون.

 

*

موٽي ميڙو منجهه ملير ٿئي، منهنجو ماروئڙن سين.

 

آڻي عمرڪوٽ ۾، پاتا زور زنجير،

وينديس ويڙهيچن ڏي، ڀڃي قيدن سندا ڪير.

 

سرتيون سک ساڻيهه ۾، آئون عمر ڪيس اسير،

وڃي ويڙ وطن ۾، شال پينديس پوڄ پنير.

 

لکئي آڻي لائيا، وسندا هٿ همير

ونهين ويڙهيچن جي، اٿم اُڃ اڪير.

 

سا ڪيئن لوئي لاهيان، سندي ماروءَ مير،

”اشرف“ چوي، ان ري کوءِ عطربن عنبير.

 

*

موليٰ ٿئي مهربان، ته آءٌ ويڙهيجن وڃان،

لهن عمرجا مامرا.

محل ماڙيون بنگلا، ڄاڻي رب رحمان،

سرتين ڌاران ڀايان سي سُڃا،

هوءِ ملير آءٌ ماڙيين اهو اٿم ارمان،

ڳوٺين جا ٿر ڳڃا.

ڏٿ ڏاڏاڻي ڏيهه جو، سرتين ڪيو سامان،

ايهي ويٺي ڀاڃ ڀڃا.

”اشرف“ چوي ان سان گڏ ٿيندم گذران،

ايها اٿم آس اڃا.

*

ڏوٿــــي ويـــــا جــــي ڏور،

الله سيئي آڻ ته آءٌ حال ڳرهيان ان سان.

ساريو سانڀيڙن کي، وڃي هنيون وهلور،

ڪي جي مون سان ڳڻ ڪيائون.

پهري پائر ڏي ويا، ڏاڍي ڪنهن ضرور،

لڏون نيئي ڏور لاٿائون.

ان اباڻن آجڪو، سرسي کان سالور،

ڏوئيرا ڏاج ڏنائون.

سجهن ساٽيڪن تي، ”اشرف“ چوي اسور،

سوارا ڀون ڀيريائون.

*

آءٌ هت لکيو ٿي لوڙيان، نه ته نير ڪيئن چوڙيان،

تن مارن ري ميان عمر، آئون هت لکيو ٿي لوڙيان.

 

امر لکئي مون سان هت ڪيڏو ڪم ڪيو،

جو نه رچي روح کي سو مون پانڌ پيو،

ساريو سانڀيڙا رويو ٻن ٿي ٻوڙيان.

 

قيد ڪوٽن جا ڏاڍا آئون هت ڪيئن ڪندي،

اٿم اميد ان ۾ آهيان جن سندي

اکيون آس ڀريون کاهڙ ڏس ڏي کوڙيان.

 

جي رب راضي ٿئي ته آئون ويڙ وڃان،

ڏونرا پسي ڏيهه جا ڀٽن پاسي ڀڃان،

ساهيڙين سان سڱر ريءَ پڪل شل روڙيان.

 

سينڌ سنگهارن منهنجي ڳڻن ساڻ ڳتي،

ريت رسم جا سندين سا منهنيج روح رتي،

سيل ڀڃي سومرا ڪيئن مينڍي ور ڇوڙيان.

 

”اشرف“ چوي ان ري ڏينهن گنگهر ٿي گهاريان،

ڏيهاين جي ڏک ۾  جال جهڄيو جر هاريان،

رنگ محل ماڙيون جهوپن ساڻ نه جوڙيان.

*

ڏيهه ڏسان شال وري آئون تن مارن جو،

ڏيهه ڏسان شال وري سکئن سانگيڙن جو.

 

عمر ڪر آزاد مون ڏاتر خوف ڏري،

متان ماروئڙن ري وڃان موت مري.

 

کوڻ کائڙ پار ڏي آئون ڏسي ڏک ڀري،

اتان اوٺي آئيو تنهن ڪئي خبر کري.

 

جيڪر ملان جيڏيين لنگهي اَڏ ٿري،

وري وطن آئيا مارو ماڙ چري.

 

”اشرف“ چوي اُن ري ساعت مون نه سري،

ماڙن منجهه منجهان آئون پکي پانڌ پري.

*

هي تان ڏيهه ٻيو، تون پنهنجو ڏيهه سنڀار،

اڏر پکي پرڏيهي.

قالو بليٰ جو قول قلب سان، ويهي تون ويچار،

ڳالهه ڪئي هت ڪيهي.

قسمت آڻي قيد ڪيون هت، چوڻي ڪارڻ ڏينهن چار،

وطن وسار مَ ويهي.

ٻڌي ٻيل ٻگن سان، وڌئي جي جنجار،

ڪون ڪري تو جيهي.

ڇڏ حيلا هن هنڌ جا، اٿي اڏر ان پار،

جتي سند ئي ساڻيهي.

پيهي وڃ تون پاڻ ۾، ”اشرف“ عشق اجار،

راز جنهن جي دل ريهي.

*

نت ڪوٽن ۾ ڪيئن قيد گذاريان،

امر لکئي مون سان ائين ڪيو.

جيڪي لکيائون لوح ۾ ميان، سوئي پاريو ويٺي پاريان،

قلم وهي هي هيئن ويو.

ڪرم لکيا هئم قيد عمر جا ميان، ڏينهن گنگهر ٿي گهاريان،

نينهن سمهڻ سک جيئن نيو.

سارئو سانڀيڙن کي روئان، جهڄان جر هاريان،

پلڪ پري کان پريئن پيو.

رکئو آس اميدون الله ۾، ويٺي پرت پچاريان،

لقب لائيان هت ڪيئن ٻيو.

”اشرف“ ماروئڙا مون مليئا، کليو تن کيڪاريان،

جيئن گهريو دل تيئن ٿيو.

 

داستان روپ بلاول

ڏٺو سي هيڪ دن دلبر ڪيتوسي لاک شڪراني،

پيتوسي پرڪر پيالا ٿيوسي مست ميخاني.

 

سهڻي سينگار سڄڻ ڪيتا صورت دا پوش پهر آيا،

صاحب رک سير دا رايا آيا وچ يار انساني.

 

شمع رخ ڪر سجن منور ظاهريا به هر مظهر،

شعلا مشعل اعليٰ اظهر پچن پلپل چون پرواني.

 

منصوري مرن مرڪن پڇي ول پير نا پاون،

جان تان ڀي اوڏي جاون سنو عاشقان دي افساني.

 

گلا غيبت طعني تهمت ايها ڄاتوني امدادي،

سولي شائقان ڪون هي شادي ٿيون مدهوش مستاني.

 

آکي ”اشرف“ ڪرم ڪرڪي ساڏي ويڙهي يار آيا وڙڪي،

خوشي نال برسر ڪرڪي چاتوسي يار بهتاني.

 

*

کيڏ کيڏارا تون عشق دي بازي،

ڪيهي پڇديئن ملين قاضي.

 

اول ڪولهه ڪلال ٻهين تون،

اِهين سودي دا انت لهين تون،

صاف سرڪي ڪيتي سهم سهين تون،

ڪربي نهايت تون نيازي.

 

ڏوجهي رسم عاشقان دي ايهي،

سولي تي سر چاڙهن نيئي،

ڳالهه تنهان دي ڪيجي ڪيهي،

اپني بدن ڪنون ٿيئي بي راضي.

 

جي مي پيوين ته ڪر تون ايوين،

ڏيد چا سر ته سخي سڏيوين،

موتو ٿي ته جڳ جڳ جيوين،

ريت اِهين بنون هين تون روازي.

 

”اشرف“ عشق دا ملهه هي مهانگا

ڪجهه نه ڪرين ڪوئي سر دا سانگا،

عشق ڪماوڻ ٻهون هي اڙانگا،

صوفيان دي وچ ڏيک صف سازي.

*

تنهنجي نهوڙيس ناز، سڄڻ سائين تنهنجي.

ڇورڙي ڇڏيئي يار ڇپر ۾، وتي هئي بيڪارڻ بر ۾،

کڻيو سورن جا ساز.

 

بيحد بي پرواهه ٿيين ٿو، نيڻ جا ڪريو ناز نيين ٿو،

بڇي برهه جا باز.

 

منهن ڏسڻ محبوب جو، سجدو ڪرڻ قلوب جو،

آهي نيڻن کي نماز.

 

”اشرف“ ڏي تون گوش اوڏاهين، ٻيوم ڏس تون ڪين ڪيڏاهين.

سڻ الستي آواز.

*

اوهين اتي ڏسو عاشق، اڄ آيو اڱڻ اهنجي.

الانسان سري وانا سره سچو صادق سخن چون،

سڄڻ ۾ سڌڪي سون اهو اهڃاڻ ڪارڻ ڪنهنجي.

 

وسي هرجا صاحب سائين، سپت آهي جتي پائين،

تسليٰ ڪر ته تو تائين، آيو پرچي وڙ اپنهنجي.

 

فاذ ڪروني اذڪر ڪم ساري جيڪو تنهن کي ساري،

پنهنجو جو پاڻ منجهه ماري اڱڻ ايندو تڏهين تنهنجي.

 

”اشرف“ يار سڃاڻج تون مثل نڪو آهي بي چون،

صحي ڪر پاڻ وهو محڪم آيو سهڻو سانگي سهنجي.

*

هر جا هي روپ نرالا، مک ماهي دا متولا.

 

رک سير ڪرڻ دا رايا اهين ديس وطن وچ آيا،

هر ڪس ڪو ايوين سهايا جيوين صاف پليندا پيالا.

 

سهڻا شوخ نگاه ڀليندا آ دهشتناڪ اليندا،

مک ول ٻي طرف وليندا ايهو يار سڄڻ دا چالا.

 

ايها چشمان دي ڏيک چالي ٿيا آهو مست موالي،

ايها ڏيک لبان دي لالي ول داغ پيا گل لالا.

 

آيا يار ڳئي گمراهي جنهن ماري نوبت شاهي

بدبخت رقيب ٿيا راهي هويا راضي رب تعاليٰ.

 

ڳيا هوش آئي مدهوشي مين عاشق جوش خروشي،

خوش وقت ڪرڻ خاموشي ايهو ”اشرف“ ڪيف ڪلالا.

 

 

*

م ڪر ماڻا محبوب، محب مٺا محجوب.

الله لڳ کڻ اکيون اوري، ڪين تڳان ٿي پرينم توري،

مشتاقن مطلوب.

 

پرچ پرين تون پي پيارا، جاني جانب جيءَ جيارا،

موهيس تنهنجي منصوب.

 

هر دم هينئڙي منجهه هرن ٿا، نت نت نينهن جا ڪان ڪرن ٿا،

ڪاري منجهه قلوب.

 

اکيون دل ترسن ٿيون آن ڏي، ”اشرف“ چوي موڪل مان ڏي،

محبت جا مڪتوب.

*

ڪيا ڪجهه ڪهون جو تجهڪو تيري بات هي نياري،

تيري عشق ڪي اگن سون بيزور هي بچاري.

 

ميري سيني بيچ سٽڪي تيري زلف ڪي ڪٽاري،

تيري زلف زلف ظلم ڪيا هم سون سنوري پياري.

 

دن رين هي جو مجهڪو تيرا برهه بي قراري،

شب روز دل مين رهتي اکيون ڪي انتظاري.

 

درسن دکهائو اپنا ڪر غور غمگساري،

اتري يه بار دل ڪا اکيون ڪي اشڪباري.

 

”اشرف“ ڪهي جو تجهڪي مين ديد ڪا بکياري،

بن ديکن تيري دلبر عاشق هي آزري.

*

غلبه عشق الاهي ڪا، اس ڪو ڪون هٽاويگا.

حضرت عشق بنائي بازي،مل ڪر آئي ملان قاضي،

ويکڻ وچ منصور مجازي،مار زغا بادشاهي ڪا،

انا احد ناد بجاويگا.

موسيٰ جب رب ارني ٻولي،لن تراني پاتس جهولي،

ڏني اسڪو درد زنڌوليپرتو بي پرواهي ڪا،

تجليٰ طور جلاويگا،

احد ڪو احمد عشق ڪرايا،      انا احمد بلا ميم ڪهايا،

مرسل ڪو معراج سڏايا،          پهريس پوش پناهيڪا،

محمد نام ڌراويگا.

”اشرف“ عشق جٿا هين، آوي،  تس جا غير مول نه سماوي،

ماسو الله خيال اٺاوي      روشن نور نگاهي ڪا،

هر سو چشم کلاويگا.

 

*

عشق رانجهن دي ڌم مچائي، مست و مست ڌمال کيڏائي.

 

مايو ڪوڙيان ڇوڙو مقالان،

نت نت رانجهن کڙي سنڀالان،

کيڙي ڪولهون ڪيوين جالان،

ماهي مرلي پار وڄائي.

 

نال رانجهن دي قول پليسان،

کيڙي دي منهن ڌوڙ مليسان،

جم جم جاني نال جليسان،

جنهن دي بدي مين سر پر چائي.

 

سهڻي سيج نه مول سهاوي،

سمهڻ ٻهڻ آرام نه آوي،

کيڙا ٻيٺا  ڇائي پاوي،

جهوڪ رانجهن دي ويسان جائي.

 

مست پيالا جو ڪو پيوي،

سرڪش سوئي سدا سڻيوي،

ڳجهڙي محبت ڪيوين ٿيوي،

کيڙي هوڪا ڏي سڻائي.

 

کيڙا ٻهيڙا هٽڪي هوڙي،

هير چڙهي وڃ عشق دي گهوڙي،

پير پڇو تي مول نه موڙي،

تيز قدم تس واڳ اٺائي.

 

”اشرف“ عاشق جو سڏاوي،

بار بديان دا سوچم چاوي،

ڳلي ڳلي وچ هوڪا پاوي،

جنهن سر نوبت نينهن وڄائي.

*

آءِ وي سڄڻ تون چر لاوين نه هڻ.

عشق دا جهيڙا هويا، وچ هويا گفتگويا،

عشق چاتا مين سر چڻ.

ذڪر دي تاڻي فڪر دا پيٽا، درد دڪان وچ رمز دا ريٽا،

وحدت مئي سيتي وڻ،

هٿ هادي تيڏي تيغ تکيري، مار اندر دا منافق ويري.

لا اله الاالله نال لڻ.

”اشرف“ آکي مرشد سائين، در تي سائل مين سدائين.

سوال همارا تون سڻ.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org