مـــــنـــاقـــبــا
1- منافقبو نبي صلعم جو سندن ساراهه وارو
”فڪيف الدنيا بالضرورت اخرجت الدنيا“ آدم سان،
ڪين نه ضرورت سڄڻين، ڌڪيو ڏونهه دنيا؟
تنگي لاءِ تن جي ڪڍي پاڻ پريا،
جڏهن دنيادار ۾، هڏ نه هوت هئا،
خلقت جا خليل جي، خلقي هئي نه خدا،
نڪا جوڙ جهان ۾، اصلئون عزما،
نه سُهائو سج جو، نه چنڊ ڪتيون تارا،
نه ظاهر زمين هئي، نه عالم عجيبا،
نه ڪيو جن آنس هو، نڪا مخلوقا،
پئدائش ڪارڻ پرينءَ جي، پرور ڪيو پيدا،
آهل اي عرش جو، نبي نور هديٰ،
نالي پنهنجي پاڪ سان، حامي ڪيو همراهه،
صنم ذاتيءَ ۾ ٿيو، اکر نام ناميءَ سان،
”محمد رسول الله“ سان اکر پڌرو آهه،
هو پٽ حضرت آدم جو شيث سونهارو نانءُ،
تنهن پڇپيو پنهجي پيءُ کان، ادب سان اڳيا:
ڪير ٿيندو آخر زماني ۾ نبي جو پيدا؟
تنهان تنهن جو وترو شرف شان شعاع.
چيو حضرت آدم پٽ کي هن پر جو ابا:
ته ماهيت مراتب جي، مون کي سڏ سڀڪا،
هنئين لائي هاڻ تون، پارک سڻ پٽڙا!
ويتر تنهن وريام کي، ٿي عزت اڪراما،
مرتبي محبوب جي، ڪنهين جوڙ نه ڪا،
سڀني مرسلن ۾، سندس نانءُ ضياءُ،
خاص ڇهن خصلتن، آڌار عالم آهه،
پهرئين خصلت تن مان، خاصي خاص اِها،
آگو ڏيندو ان کي، جا بيبي منجهه نڪاحا،
نالو تنهن نيڪ جو ”خديجته الڪُبريٰ“،
ڪندي دعوا دين ۾، ٻَهون ٻهارا،
هوندي همراهيءَ ۾ حضرت سان هرجاءِ،
ٻي خصلت خوب ٿي، تان ڀي تن منجها،
ٿيندو امر اٿڻ جو، عالم کي اڳيا،
چوندا ملائڪ ميت کي، وٺيو نانءُ نيندا،
اُٿي فلاڻا شخص تون، پٽ فلاڻيءَ جا،
ڦيري مٿو پانهنجو، ڪڍندو قبر ڪنا،
هوندو حضرت هاشمي مٺو محمدا،
ٽي خصلت خوب ٿي، چوٿين چاهه منجها،
ٿيندو ڏينهن قيامت جو، ماڻهو جِت مڙندا،
اولياءَ ۽ انبياءَ، پنهنجيءَ ۾ پوندا،
”يا رب نفسانفسي“ چٽو ائين چوندا،
پُٽ نه ويجهو پيءُ کي، ٿيندي ڌيءُ نه ماءُ،
پنجين خصلت پرينءَ جي، ٿي توڙئون تڪريما،
هلي ايندو عرفات تي، مرڪي محمدا،
اچي ڇڏائيندو ڇوهه مان، سڀ ڏوهاري ڏٻرا،
توڻي نيڪ، توڻي بد، توڻي ڏڏ ڏوها،
توڻي عاصي اڀرا، توڻي متقيا،
منتظر هوندا ماڳ انهيءَ پسڻ لاءِ پريان،
جاسين نه ويندو جنت ۾، مير محمد شاهه،
تاسين وڃڻ ٻين کي، هوندو حراما،
درس داخل ٿيندو اچي، سڄي اُمت سان،
ڇهين خصلت ڇيهه ٿي، سندي محمد شاهه،
هاصي هن ”اشرف“ کي، آهي اميدا،
جنهن بيحد بدين جا، ڀريا آهن ڀانڊا،
ڪندو وڙ ولهن تي، مٺو محمدا،
چئو صلواتون سيد اُتي، دائم سلاما،
ويندا سي ايمان سين ڪلمون جي پڙهندا،
لا اِلله اِلا الله محمد رسول الله
2- مناقبو نبي صلعم جو پکيءَ وارو
ساراهيان سچو ڌڻي، جو آگو عالمن،
ڪم قدرت ڪريم جاڳڻ ڇا ڳڻجن،
سڻو مومنو معجزو، جو لکيو ڪتابن،
ڪنهن ڏينهن سير ٿي ڪيو، هليو حبيبن،
ته دانهون ٻڌائون اوچتو وهلو منجهه وڻن،
وڃي نهاريو وڻن ۾ وارث ولهن،
ڏٺائون مرغ هيڪڙو، اکين عجيبن،
دانهون ڪري درخت تي، آڻي آب اکين،
پاڻ پُڇيو پکيءَ کان حقيقت حالن،
ڇو ٿو روئين پکيئڙا، آڻي آب اکين،
ڏنو جواب پکيئڙي، مهندان محبوبن،
ته قوت ڪارڻ پنهنجي، ويٺس هن وڻن،
چهنبون ڀريو چاڳلا! منجهانئي ڪکن،
وڏو ٺاهيم تنهن ۾، آکيرو لئي ٻچن،
آنا لاهي ان ۾، ويٺس مٿان تن،
روز وهان ان تي، آنا جيئن ڦٽن،
ٻچا نڪتا اُن مان، پر اڏري تان نه سگهن،
تان وڻ ورتو اهو، قيمت ڏيئي ڪن،
سي ٿا وڍين وڻ کي، ڪامل! لئي ڪاٺين،
مون انهن کي منٿون ڪيون پر منهنجي
ڪانه سڻن،
پهڻ کنيو پٿرڙا، حضرت مون هڻن،
هلي ڪريو تن کي، ڪا نصيحت نيڪن،
حال ڇڏي هن وڻ کي، وڃن ڏانهن گهرن،
جيسين ٻچا مون سندا، اڏري سي اُٿن،
پوءِ وڍي وڻ کي ڀلي، آڻين منجهه ڪمن،
پوءِ حضرت هلي آئيو، مهندان تن ماڻهن،
ميان! ڪا منٿ مڃو، پسي حال هيڻن،
اڳيان مالڪ وڻ جا، ٿا ههڙي بات ڪهن:
اسين عيالي آهيون منجهان مسڪينن،
پهريان مالڪ وڻ جا، ٿا چار دينار گهرن،
تڏهن لاٿا لٽا پنهنجا، ڪامل تان ڪلهن،
وٺو ڪپڙا قيمتي، وڃو ڏانهن گهرن،
هلي اچي عربيءَ کان، سي پڇيون ٿا پڇن،
ڪير آهين ڪامل تون؟ ڪرين مهر پکين،
تڏهن فرمايو فضل سين، مشفق محبوبن،
آهيان قريشي ڪارڻي، منجهان مڪين،
سڀئي عربيءَ جي اچي، ڪريا ۾ قدمن،
اسان کان وڏو ڏوهه ٿيو، بخش بدڪارن،
عاصي ”اشرف“ کي ڪر، منجهان عابدن،
ڇئو صلواتون نبي ڪريم تي، لک لک درودن،
وينداسي ايمان سان، جي ڪلمون پاڪ پڙهن.
3- مناقبو حسنين جو اکرن پچائڻ وارو
هيءُ مناقبو حسنين جو، پڻ سڻيجاه:
ويٺا هئا مڪتب ۾، ٻئي شهزادا،
ڦرهيون لکي تيار ڪيئون، ڪنهن جا اکر موچارا.
ڪري مناظرو پاڻ ۾، هليا ٻيئي ڀلارا،
اچي پڇيئون پيءَ ڪنان، جو علي حيدر شاهه،
ته بابا! ڪو بيان ڏي، ڪنهن جا اکر موچارا؟
ڏيئي تعظيمون تن کي، چيو مانجهيءَ مرتضيٰ،
وڃي پڇو پنهنجي ماءُ کان، جا بيبيءَ بتولا:
اچي پڇيئون پنهنجي ماءُ بيبيءَ فاطمه کان،
ڏيئي تعظيمون تن کي، چيو بيبيءَ مهر منجهان،
ته، وڃي پڇيو ناني نبيءَ کان، جو عالم اماما.
اچي پڇيئون حبيب کان، ته ڪنهن جا اکر موچارا؟
ڏيئي تعظيمون تن کي ٿيو منتطر ڏهون موليٰ،
ته ڪريو ساعت صبر هيڪڙي، نينگرا اوهين ننڍڙا،
هاڻي وڃان ٿو حضور ۾، داور جي درگاها.
تسان الاهي آواز آيو، ههڙي طريقا،
ڇني وٺو هن صوف کي، جو ميوو ملوڪا،
ٻيئي ڦريون گڏ ڪري، اڇليو کي صوفا،
جنهن ڦرهيءَ تي ڪرندو، هيءُ صوفا،
اکر هوندا تنهن جا، موتين موچارا.
تڏهن ٻئي ڦرهيون گڏ ڪري اڇلايائون صوفا،
سو اذن ساڻ الله جي، ڇڄي ٿيو ٻه ٽڪرا.
ايڏيون تعظيمون تن کي ڏنيون ڏاتارا!
جڏهن ٻارو تن ۾ هئا، ٻئي طرح طريقا،
تڏهن عرش کان آئيو، جبرئيل کڻي ٻه وڳا،
هڪڙو سائو سبز گهڻو، ٻيو ڳاڙهو ڳاڙهايا!
تڏهن پڇپيائون جبرئيل کان، ڏي حقيقت جالا؟
تان جبرئيل جواب ڪيو، اُڀي منجهه ادبا!
ته هڪ شهيد ٿيندو شمشير سان، ٻيو زهر جي سببا.
سڻي انهيءَ ڳالهه کي، عجب منجهه پيا،
وري پڇيائون جبرئيل کان، قيل و مقالا.
ته قضيو امامن جو ٿيندو، جيئري ڪين اسان پڄاڻا؟
جان شاهه شجاع هوندو حياتيءَ، مانجهي مرتضيٰ؟
ڪي هوندي بيبي بتولا جيئري، مادر سندن ماءُ،
ڪير رئندو امامن لاءِ اسان پڄاڻا؟
چيو جبرئيل جلد مان، محمد کي اڳيا،
ڪربلا ۾ ڪوس ٿئي، ٿيندا شير شهيدا
اُڀن ۾ اوسارينديون، حورون ۽ ملڪا،
جن، ديوَ، پکي پکڻ، ڪندا ماڻهو ماتاما،
حسن مير حسين لئي، پئي عرشن ۾ اوڇنگارا.
پڻ آهي ڪتابن ۾ اهڙي پچارا،
ته جاڳيو وارث دين جو، امام زين العابدا،
وٺي هليو لشڪر کي، وٽ روضي رسولا،
روضي مهندان رسول جي ڪيائين فريادا،
اي نانا نبي ڌڻيءَ جا، عالم اماما!
ڏي ڪا مدد يتيمن کي، اجهي تو آيا،
ناهي ڪو ٻيو هنن جو، ڌڻيءَ ريءَ آڌارا،
جن کي سَوَ سَڪَرن ڏنا، سچي سڪ منجها،
”اشرف“ امامن کي، ٿو ساري سڪ مان،
چو صلواتون نبيءَ ڪريم تي هر دم هميشه،
ويندا سڀ ايمان سان، ڪلمون جي چوندا.
لا اِلله اِلا الله محمد رسول الله
|