سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام اشرف

صفحو :10

 

 

*

آڳانڍو ارواح مون ارواح،

منهنجو آهين تون مون پرئين.

پنهون تنهنجي پير تي شل پورا ٿين پساهه،

جاڪون جيان ڏينهڙو رڙهان تنهنجي راهه.

پهچج پيادي کي آري لڳ الله،

گولي ٻانهين پانهنجي ساڻ نيڻ صلاح،

هيڪلڙي سان حب ۾ هادي ٿي همراهه،

تو ري آهه ”اشرف“ جو ٻيو نه وسيلو واهه

 

*

آءٌ ٿي جاڙ جيان، جيڏيون تن جتن ري.

جيئڙي جانب جت ري، لنجهي ٿي ٿيان.

ٿا ٿين ڪيئن فراق ۾، هي هي تون هينئان.

هن جيئڻ کان جيڏيون، ڀينر زهر پيان.

هيڪر هوت پنهون کي، ڏسي ساهه ڏيان.

اديون لنئون ”اشرف“ چئي، شال نباهي نيان.

 

*

هيڪر هوت هن هيڻي کان، وڃو رات رهي.

ووءِ ووءِ حرص ۾ عمر اجائي وڃائي وهي.

ڪونهي منهنجو ڪر ٻيو تو ري سور سهي.

رويو پڇان ٿي پرين جا پانڌي روز پهي.

”اشرف“ چوي ڪاجا آنهنجي روح ۾ رمز رهي.

 

*ڱمون کي ماريو مون پرين، وريا هوت وڃن.

هي ڏک ڏورائي جا ڏوڙا ڏير ڏين ٿا.

ڪاجا ڪيچين من ۾ پريان پنڌ پڇن ٿا.

نڌر ڇڏيو ننڊ ۾ نال ٻاروچو نين ٿا.

”اشرف“ چوي، ان جا تازا چاڪ چڪن ٿا.

 

*

الله آڻي شال مولو ميڙي، پرڏيهه ويا سي الله آڻي.

جيڏانهن جانب جت ويا، مون تن تيڏانهن تاڻي.

آڌي رات اٿي رميا، پرين ساٿ پلاڻي.

پرور پيادي کي، ان جي راڄ رساڻي.

جيڪي گذري جيء سين، ڄام پنهل ٿو ڄاڻي.

مون کي مديني پار ڏي، آگو شال اُماڻي.

عفو ڪري ”اشرف“ کي، صاحب پاڻ سڃاڻي.

*

يار پيارا سائين مهرئون م مٽ،

تنهنجي گولي آئون آهيان.

هي ڏک منهنجي ڏيل جا، ڪري ڪرم اچي ڪٽ.

اڳڻ آسروند جي، جانڪي تائين جٽ.

تون ڪي ڏسج پاڻ ڏي پيارا آهي، گهڻي مون منجهه گهٽ.

ڏوري ڏينديس ڏونگرين، ساهه تنهنجي سٽ.

”اشرف“ چوي اچ الله لڳ، وري ويچاري مون وٽ.

 

*

جيء جهڄي سک ساريو، واڳون سڄڻ مون تي واريو.

هينئون هيڻون ٿيو هوت اوهان ري ڳڻن آنهجن ڳاريو.

هي جا ڇڏيان يا ڇپر ۾ آهون ڪري اوساريو.

واٽون اچڻ جون نت نهاريان گوندر ڏينهن گذاريو.

”اشرف“ چوي ڏک اوهان جي، ڏونگر ڏيهه ڏيکاريو.

 


 

 

داستان روپ هير رانجهو

هيئين تون شاهنشاهه، وي چاڪ منجهيندا،

اسان تان سهڻا تيڏي چال سڃاتي.

چال  چاڪان دي چلدا توهين تيڏا تخت چناهه.

هٿ ونجهلي تيڏي مونڍي ڀورا سر پر شاهي ڪلاهه.

انا احمد بلاميم اکيوئي آپي آپ گواهه.

”اشرف“ آک نه سگهدا تينون تون شاهه بي پرواهه.

 

*

ميهين تا چر لايا، ڪرين آوڻ دا سعيا.

منجهيان تيڏيان ٻهون البيليان ماهي ملڪ پرايا.

منجهيان تيڏيان آونديان اويليان اسانون هي تتيان تايا.

منجهيان تيڏيان چرن چهيڪان ٻيلا ٻيٽ سوايا.

منجهيان تيڏيان آڻ اوري ري رکيت اسان ڏي رايا.

”اشرف“ آکي نال منجهيندي ماهي آيا ڀاڻ وسايا.

 

*

هي هي ساميئڙن جي، واهه واهه جا صحبت.

سو سر ڏيئي سٽ ۾ وٺ قطرو قربت.

سير ثبوتي جو ڪري ڪيائون نفي کان نفرت.

وير ڪهين نه وسري تن  نانگن جي نسبت.

ڪو دم ڪاپڙين سان ڪج ”اشرف“ تون الفت.

 

*

جوڳي ويا جا مير، سامي وڄائي سڱيون.

هو جي ويا هنگلاج ڏي هينئڙو تن سان نيئي هير.

پرچ پيان پنٿ لنگهيا سر تنين جي سير.

آيل آديسين ري ڪر لهندم ڪير.

”اشرف“ وڃج اڏوهين دم م ڪج تون دير.

 

*

اسان نال ڪيا لڳي، کيڙي ڀئڙي دا.

کيڙا ڀئڙا  اويڙا، تل شالا نا تڳي.

روز ازل ڪنون ڪيتيان ڪملي، عشق رانجهن دي اڳي.

کيڙي خاطر مايو مئنون، ڪرڪي ٺاهه ڪيون ٺڳي.

آکي يار ماهي ڪنون، اسان ڏي سري نه ڀڳي.

 

*

تاب نينان دي، بيتاب ڪيتيان.

لايموت فيها ولا يحيٰ حسن هباب ڪيتيان.

ڪل شيءِ في ڪل شيءِ ڪل ڪباب ڪيتيان.

من له الموليٰ فله الڪل نينهن نواب ڪيتيان.

”اشرف“ آکي رانجهن تيڏي برهه بي خواب ڪيتيان.

 

 

*

لڳڙي ساڏي نال، ڪيهي ڪل لوڪان نون.

وچ سياليان دي صبر نه آوي ويسان ضروري مين جهوڪان.

مين رانجهن دي رانجهن ميڏا لوڪ ڪري ڪيون ٽوڪان.

لون لون دي وچ لڳ جو رهيان نينهن واليان نوڪان.

”اشرف“ آکي رانجهن مليا سبز ٿيان ڪل سوڪان.

 

*

روزا ازل ڪنون آهي، مين تو رانجهن دي.

محبت جنهن ڪون هوئي مدامي اس دا منصب شاهي.

الست بربکم قالو بليٰ دي روح ڏتي آ گواهي.

دين ڪفر ڪون ڪيا ڪريسان ميڏا مقصد  ماهي.

”اشرف“ آکي اصل ڪنون اسان ڪون شوق الاهي.

 

*

ميان رانجها ڪجهه الاوين، نال اسا ڏي.

هوين هميشه ڪولهه ڪنيزڪ پري تون پير نه پاوين.

مين رانجهن دي رانجهن ميڏا کيڙا سو گهول گهماين.

رانجهو ڏيون، دوزخ نيون کوءِ جنت ديان جائين.

جهنڊڙا کول مک ويکائين ماهي تون منهن نه لڪائين.

”اشرف“ آکي نال نماڻي وي رانجها تون رمز رلاوين.

 

 

*

واحد واءِ وصال جو وار، روح اداسي پار پرين جي.

لاهه فراق فيما بيني و بينڪ جامع جڏڙو جيءَ جيار.

جتي  جالين جانب جيءَ جا، ڏاتر سو مون ڏيهه ڏيکار.

اڃ ڏسڻ جي آهه اکين کي پسڻ پنهنجو پوڄ پيار.

”اشرف“ اڱڻ الله سيئي آڻيين جن ڏسي ٿيئي قلب قرار.

 

*

مون کي پريم پاڻ پساءِ، آئون سوالي تنهنجي درسن جو.

محبت جن مينهن سان منهنجي ويران دلڙي وساءِ.

قادر رب ڪرم سان پنهنجي گسان ڪيم گساءِ.

بلڪل جنهن جو ڪونه ڀروسو تنهن کي م ترساءِ.

ناهه مجال منهنجي پهچڻ جي رحم ساڻ رساءِ.

”اشرف“ چوي يا الاهي سڪان وصل جي ساءِ.

 

داستان روپ جوڳ

جي پرين پاتا پير،

آئون قربان وڃان تن قدمن تان.

اڳڻ آسروند جي هلي آيم هير.

اڱڻ آيم سپرين سونهن لڳا سير.

پرين پاڻ ڀلائيو نت هي ڪميڻي ڪير.

عيدون اکڙين کي وهسن سڀڪنهن وير.

”اشرف“ عجيبن سان اورج وير ڪوير.

 

*

تون ڀلين آئين منهنجي جيء جا جاني، تون جيءُ آئين.

پاڻ ڀلايئي ٿورو لايئي پرين پسايئي پاڪ پيشاني.

اوڳڻ ڳڻيئي ڪينڪي مون سان نڀايئي يار ياراني.

جي تو پاتا پير پرت جا قدم قدم تان آءٌ قرباني.

”اشرف“ چوي مرشد منهنجا مهر ڀريا ڪيئي مهرباني.

 

*

ڪر نه  ماهي بي نيازي، ننگ ڀريا نماڻي سان.

تون تان نڀائج نينهڙو ناتو آئون ڪا ڄاڻا عشقبازي.

ٻنهي جهانن ۾ آهي اسان کي سڪڻ تنهنجو سرفرازي.

اڄ ملڻ جو  وارج  وارو ڪين سهان قبل ماضي.

اڱڻ اسان جي آءُ الله لڳ رحم ڪري ٿي راضي.

”اشرف“ چوي ڏج ڏکي کي مسروري ۽ ممتازي.

 

*

ڪيهيون يار سڄڻ جون چاليون، آءُ اوٺي اچي ڪر ڳالهيون.

پييون مون پيرن ۾ سنديون درد دو واليون.

اکيون اسان جون سپرين برهه ڪيون بيحاليون.

ساٿي سنيها ڏيج تون سڄڻن کي سنڀاليون.

اڳيان اکين ”اشرف“ چوي دوست م ڏي ديواليون.

 

*

منهن ماهي دا ويکڻ ڀلا، ڪنون حج اڪبر دي.

مالڪ شافع حنبل حنفي خم ابرو مسجد اقصيٰ.

سري خفي انفسي آفاقي جلوو نوري جلوه اعليٰ.

اول آخر ظاهر باطن هر جا هي مظهر موليٰ.

”اشرف“ ڄاڻي جي نه ڄاڻي ايهو هيئي عرش اعليٰ.

 

*

درسن تيري ڪيتيان ديواني، جاني مين مستاني وو دلجاني.

درسن تيري تير چلايا، بي بها بي نيشاني.

درسن اوپر دام زلف دي ڳل ميڏي وچ  ڳاني.

درسن تيري سانون ڏتڙي، دائم سرگرداني.

درسن ٻاجهون ”اشرف“ آکي راز هوئي زندگاني.

 

 

*

تنهنجون چڱا چڱيون مجليسون، تنهنجون مٺل مٺيون مجليسون.

سي رهاڻيون ڪيئن ڪنديون جيڪي هوئن حريصون.

روز الستون قالو  بليٰ چئي ڀلين باس ڀري سون.

محبت وارن سان ڪندا ڪيئن ريزالا ريسون.

تون اسان سان اسين توسان اتي دل ڌري سون.

”اشرف“ چوي ڏج ڏکئن کي ٻاجهه ڀريا ٻاٻيسون.

 

*

واهه واهه جي ڏينهن محبت جا.

ڌاران محبت کوءِ پيا ڏينهڙا، ڄاڻج خوف خيانت جا.

جن اندر ۾ سڪ  سدائين، سيئي صاحب امانت جا.

ڪو دم ڪاٽڻ ورهه وارن سان، اهڃ ايمان سلامت جا.

سڪڻ وارن کنيا سر تي، بيحد بار ملامت جا.

”اشرف“ سکجئين عشق وارن کان نقطا نينهن نزاڪت جا.

 

*

تنهنجي تون جيين، ڳالهه نه سمجهڻ جهڙي.

ٻنهي تاري تنهنجي اکن ۽ هيين.

اچيو پير پرت جا ڏينهاڻي ڏيين.

ناتو نماڻي سان نباهيو نيين.،

جانب منهنجي جيءَ جو آڳانڍو آهيين.

اکين منجهه ”اشرف“ چوي اوطاقي ٿيين.

 

*

اڳون عجيبان دي حال، آکين ميان پانڌي.

خواب خيال نه ساڪون سجهدا برهه تيڏا برحال.

دل ميڏي ڪنون مول نه وسري تيڏا جوت جمال.

راتين ڏينهان نال رانجهن دي ڪرين ڪائي قيل مقال.

”اسرف“ آکي سانول مريندا تيڏا حسن ڪمال.

 

*

نهين ڪائي چلدي بات بنان زاري دي.

گهت دلاسي درد واليان دي سيني وچ ستاري دي.

نانءُ الله دي انهين عاجز ڪون ڏکالين چشم خماري دي.

نت نت کڙڪي مريندين اسانون ڀالي بي شماري دي.

”اشرف“ آکي ڳل اساڏي پاوي پيچ پياري دي.

 

*

جيڏيون منهنجي جيء جي، ري دوست ناهي ٻي دوا.

سڪ سڄڻ جي سرتيون آهي ساهه منهنجي کي سوا.

ڪانهي دوا دل تي جي آئي حسن جي جنهن کي هوا.

سجدو صفت موصوف ڏي آهي رمز وارن کي روا.

پيئي موج جن مستي جي سي تان برهه ڪيڙا بي نوا.

 

*

رمزين لاوڻ والا، اوهو هي يار اساڏا

ڪڏهان ٿيندا هي شيخ مشائخ ڪڏهان ٿيندا متوالا.

فاذ کروني اذکرکم ايهو انهيندا چالا.

عين و غين هڪا هڪ صورت چاڪر نقطا نرالا.

”اشرف“ آکي مين مستاني پيتا مست پيالا.

 

*

ڪنهن سکلائي  تينون ماهي بي پرواهي.

جيوين ڪيوين مين تان تيڏا گاهي توڻي گناهي.

روز ازل ڪنون باندي تيڏي مين تان اصل دي آهي.

”اشرف“ آکي در تساڏي بي شڪ سگ هان سپاهي.

 

*

نال نه نيائون ڪهل نه ڪيائون، ڪين سڏيائون مون ويچاري کي.،

جيلانه نه هيس آئون جوڙ جتي جي تيلانه ڇپر ڇڏيائون.

ور وٺي ويا تل نه ترسيا گوندر جيءُ گڏيائون.

ڪرها ڪيچين جا  نه ڪڻڪيا ستي لوڪ لڏيائون.

”اشرف“ چوي اکڙين ۾ واري آسڻ اڏيائون.

 


 

 

داستان روپ جهنگلو

سڌ سڄڻ اٿيئي ساري، چوي هي ڇا ويچاري.

پنهل ڪارڻ پورهت پٻ ۾ نڌر آهه نهاري.

حجت توسان ڪير ڪريندي زوراور توسان زاري.

پاڻ ڀلائي هن ڪنيزڪ کي دوست ڏهو دلداري.

”اشرف“  چوي اچ الله لڳ پايان ڳچي ڳل ڳاري.

 

*

گلا غيبت چاوڻ سر تي ايهو عاشقان دا قوت.

طالبان دي دل ڪو نه ڀاوي ايهو نفسي ناسوت.

قدم اٺاوڻ نال عشق دي ملڪ ڇوڙن ملوڪوت.

لامڪان دي لاري لنگهندي جوشون لنگهن جبروت.

چشم ڪشا ڪر عارف ڏيکن لطيفي لاهوت.

”اشرف“ تي تون لامڪاني سندرو ٻڌ ثابوت.

 

*

گهورڻ گهورڻ وارڻ واريان، تون دل دا دلبر جانيان.

مين جيهان لک لک ڪروڙيان قدمان تان قربانيان.

دو جهانان ڪو ڪريسان درسن دي ديوانيان.

ڪولهون وسدا نهين ڏسندا ڳالهه اهين ارمانيان.

راتين ڏينهان ڏيکڻ ڪيتي محبت وچ مستانيان.

”اشرف“ آکي مک ويکڻ نون، هر دم نت جبرانيان.

 

*

بيحد آهي اديون ڙي، سانگيئڙن سان منهنجو نيهڙو.

اکين مشتاقون مون جهڙيون پنهل وٽ پرنديون ڙي.

اولڙڪ ايندم سپرين جي مان کان پيون منديون ڙي.

ماري تن سڄڻن کي نيڻين وهن ننديون ڙي.

اکيون ”اشرف“ سنديون شال پرين پسنديون ڙي.

 

داستان روپ بروو

جاني آهين ڳچي جو ڳهه.

ڏکيءَ جي ڏونگر ۾ ڪامل ڪا ڪر لهه.

اڱڻ آسروند جي ڪا ساعت سهه.

اسان ڏانهن اچڻ جو پاڻهين پونئي پهه.

اکين منجهه ”اشرف“ چئي روز مرا اچي رهه.

 

*

تون سعيو ڪري ڪڍ پاڻ، پاڻ سڃاڻج پاڻ ۾.

پاڻا پاسي جي ٿيين ته پنهنجو سڃاڻي پاڻ.

جاسين پنهنجو پاڻ پسين ٿو تاسين وهم وڌاڻ.

نحن اقرب يار اوڏوئي سمجهه ته توهين ساڻ.

وفي انفسکم توهين تو ۾ ڄاڻ ايهوئي ڄاڻ.

وهو معکم ”اشرف“ سڻ تون ساڳي يار سڃاڻ.

 

*

تون تان ننگ ڀريا ننگ پاڻ نباهه، منهنجو ننگ سمورو توتي.

مون جيهي معذور تان لائق ڦيرو م لاهه.

اوڳڻ سڀ اولي ڪري ٺاهه ملڻ جو ٺاهه.

پاڻ ڀلائي منهنجو پاڻ سان رحم ڀريا رس راهه.

”اشرف“ کي تنهنجو آسرو توسين آسا ٻنڌ آهه.

 

*

تون پرين ڀلائج پاڻ‘ عيبن ڀري آهيان.

هن منهنجي حال جو ڄام توهين کي ڄاڻ.

ننگ ڀريا ننگ  پانهنجو نج نباهي ساڻ.

جي هٿان مون پيئون پنهنجو تون پاڻ سڃاڻ.

”اشرف“ عيبن ساڻ تنهنجو تو سان جي ٻڌاڻ.

 

*

مون سڄڻ جو سينگار، هار سينگار ٻيا ڇا ڪندا.

هناڪ جسمي والفواد لديکم پرين ساڻ پيار.

در دروني دردمندن کي وحدت جو واپار.

ٻهران ٻي ٻين سان دل ۾ آهي دلدار.

دل ۾ ديرو دوست جو ياد سدائين يار.

”اشرف“ يار اندر ۾ جيڪر نه جيء جو جنسار.

 

*

آهي سر جي سٽ، منهنجي يار سڄڻ توسان.

جيءَ ڏني جي تون جڙين ڪنڌ ڪلهن کان ڪٽ.

دل ٻهاري درست ڪيڙئي چشم کڻي چٽ پٽ.

تون نباهج نينهڙو ناته گهڻي مون منجهه گهٽ.

”اشرف“ اُنهنجي آسري تنهن کي مور م مٽ.

 

 

 

*

صورت آهه اها تو، سڃاڻي جي نه سڃاڻي.

ذات صفت صورت مورت ۾ پيچ اچي ڏس پاتو.

جانب صورت ۾ ڏي جلوا، ناتو لائي ڏس ناتو.

الانسان سري وانا سره جن ڄاتو تن ڄاتو.

و نفخت فيه من روحي ”اشرف“ ايئن ڄاتو.

 

*

ويٺي واٽون نهاريان گس، جاني تنهنجي اچڻ جيون.

ويٺڙي واٿرين تي لڙڪ لوڙيان لس.

ساريو آءُ ٿي ساريان روز رهاڻيون رس.

پڇان پانڌيئڙن کي دونگرين جا ڏس.

روئڻ راهن ۾ رندن تي چشمن آئي چس.

”اشرف“ چوي ڪاڻ عجيبن وڏا ڪريان وس.

 

*

منهنجي جيءَ جا جاني مون وٽ آءُ.

محبوب آنجي ملڻ جو، واحد مان ورائي واءُ.

پوئواري پورهيت جي ڪج، اچي تون ڪامل ڪا.

ٻولي ٻاروچل تنهنجي، ساهه اندر سيبائيم سا.

مان ميڙائو مون ٿئي، سڪي ساري ساهه سدا.

”اشرف“ اوءِ نه وسري، جڙ هئي جانب جوڙي جا.

 

*

شال مون پنهنجڙي ڪن، ههڙن عيبن سان ميان.

پرين ڏسن پاڻ ڏي، ڏوهن ڏي نه ڏسن.،

اڱڻ آسروند جي، وري اچي مان وسن.

پاڻ ڀلائين پاهنجو، ٻاجهه پوي پرين.

”اشرف“ چوي تيئن نه ڄاتم، جيئن پرين پرچن.

 

*

اهي ڳالهيون نت نت نيون.

مون کي مرشد  چيون، سي ته ساهه سُيون.

وڃڻ وچن رس، راز رهاڻيون.

مون کي روح اندر رهجي رهيون.

ڳايو ڳايان، سي ڳڻ ڳالهيون.

مون سين ڪالهه قريبن جي ڪيون.

پاران پرين جي، طعنا تهمتون.

سي تان کلي مٿي تي مون کنيون.

”اشرف“ چوي ٿو عشق اُداسيون.

مون کي آهن اندر ۾ اڻ ميون.

 

 

 

 

 

*

گولي نهاري ٿي گس، آرياڻيءَ جي اچڻ جا.

پاران پرين جي اڄ جو آيو، تنهن ڪانگي لاٿم ڪس.

جڏهن تڏهن جيڏيون، جانب ايندم، ڏوٿين ڏنڙم ڏس.

گڏ جيس ويندم وسري گوندر غم، سرندم سک سرس.

”اشرف“ چوي ساڻ عجيبن، وڏا ڪنديس وس.

 

*

جاني اچڻ جو ڪو پهه پوئي.

ڪن ستن کي پاڻ پسائين، ڪي رهيا رت روئي.

پنهنجي افعالين پوءِ رهيايس، ترس پوي ڪو توئي.

شال ٿئي ڪو طرف ٿڪيءَ جي، سڃڻ سانگ سندوئي

ڏانءَ ملڻ جو ڪو ڏس ڏکيءَ کي، وار سڀاڳ سڀوئي.

لاتقنطو جو ڏنيءِ دلاسو، ”اشرف“ ياد اهوئي.

 

*

مون ٿي ڀانيو ته مون وٽ هوندون.

رهي رات ڀنڀور ۾، ڳالهه چريءَ کي چوندون.

گڏجي هن گوليءَ سان، رود رواڙي ڪي روندون.

درد فراق جون دل تي، برهه وسايون بوندون.

شال پنهنجي پورهيت سان، پلڪ پراهون نه پوندون.

”اشرف“ روئي رت سان، داغ فراق جا ڌونڌون.

 

*

ڇا چئي توکي ڇا  چوان، توکي پاڻهن آهي سڀ ڄاڻ!

پاڻ ڀلائي، ٿورو لائي، اچي مون وٽ ٿي مهمان.

اوڳڻ مون منجهه عيب اپارين، تون تان سڄڻ پاڻ سڃاڻ.

اسان ڏانهن انجام اچڻ جو، ڪر پريم پهه پاڻ.

صدقي گهور گهمايان توتان، پلپل پنهنجو پاڻ.

”اشرف“ تي آهي عين فرض اهو، تنهنجيون ڳالهيون ڳڻ ڳاڻ.

 

*

اهي ڳالهيون سڃ جو ثمر، مون کي آهي عجيبن واريون.

ڳالهيون ڳڻ سڄڻ جا سرتيون، مون تان وير نه ڪنهن وساريون.

ڪنهن دم دل تان ڪين لهن ٿيون، دوست ڏنم جي دلداريون.

مٺڙا ٻول، مٺيون مجلسون، مونکي پيئيون ڳچيءَ ڳل ڳاريون.

”اشرف“ تن ساعتن تان صدقي، جي مون گولي ٿي گڏ گهاريون.

 

*

گهوريو هي سر، گهور گهمايان،

جاني جي آئين اچو!

اچ الهه لڳ اڱڻ اسان جي،

تو لاءِ ڪوڙين ٿي ڪانگ اڏايان.

 

پرچ پرين پنهنجي پورهيت سان،

پيرين پٿر وار وڇايان.

 

سڪ تنهجيءَ ۾ سهڻا سائين،

رويو رقيب ريسايان.

 

”اشرف“ چوي ڪاڻ اوهان جي،

جايون اکين ۾ اڏايان.

 

*

زير زبر چپ راست پرينءَ ساڻ، مظهر موعي ماهيون!

سهڻو سهڻو، صورت ۾ مون کي، بيٺو بڇائي باهيون!

عاشق عشق، معشوق اهوئي، ڇا تي ٺاهه ٻيا لک ٺاهيون!

هوئڻ هميشه ان جو آهي، اسين آهيون ڪڏهن ناهيون!

فاينما تولو فثم، ڏس تون، وجهه الله اهي ئي گواهيون!

”اشرف“ اکيون سڀن سڪن ٿيون، جهليون رهن نه توڙي راهيون.

 

داستان روپ کنڀات

شال پرين پرچندا ڙي.

جيڏيون مون سين پرين پاڻ پرچندا.

پرين ڏسندا پاڻ ڏي، ڏوهن ڏي نه ڏسندا.

سوڙا آهن سپرين سي تان، ڪوڙن سان وڙڪندا.

اصل عادت ان جي جيئن، منهن تي ڏين نه مندا.

”اشرف“ چوي عجيب اسان سان، توهه ڪندا ترمندا.

 

*

منهنجي جيءَ جا جاني، تون ڀلين ڀلين آئين.

ٿورو لائي سدا وٽ گولي گذراني.

ڏسندي ٿيڙم ڏک ڌورانهان، پرين تنهنجي پيشاني.

سو سر ڪريان يار سڄڻ تان، ڪوڙين لک قرباني.

تنهنجي ڏسڻ لاءِ هي هميشه، ماندي دل مستاني.

”اشرف“ چئي مون سان ڪيڙييءِ، مهر ڀريا مهرباني.

 

*

جهڄن ۽ جهٽڪن، آڌيءَ اوطاقن ۾.

جن کي سور سرير ۾، ڀنيءَ ۾ ڀٽڪن،

تازا ڦٽ فراق جا چڪن ٿا چڻڪن.

ڪنهن جنهن ورهه وڍيا،م جئن روئن ۽ رڻڪن.

ڏاڍا نينهن نهوڙيا، گهوماٽيا گهڻڪن.

آديسي ”اشرف“ چوي، ڪوهن تي ڪڻڪن.

 

*

مون جئن ڏيندڙي ڪير، ڪير ڏوائون ۾ ڏونگرين.

ڏوٿي هليا ڏٿ کي، سائون ڪرڻ سوير.

ڏٿ ڏهاڙي اڳرو، دهه دڪن دلير.

جئائين جهانگي جهڻڪيا، سي نه سڃاڻا سير.

پير ته پسان ڪينڪي، الٿو ٿي اوير.

تو نه ڏوريو ڏٿ کي، سائون ڪر سوير، ڀون سڃاڻي ڀير.

”اشرف“ جيڪر ٿو جئين، ڏورج دير ڪ وير.

 

*

ويئي رات وهامي، جاڳينءَ ڪين جتن لاءِ.

ساٿ سنجهيئي ويو، تون اڃا آرامي.

چانگن سر چڙهي ويا، آڌيءَ اوءِ اڏامي.

ڪارون ڪيئي ڪينڪي محبن در مدامي.

ڪوهه نه هئين هوتن جي، سنجهي صبح سلامي.

اٿي ڏور ”اشرف“ چوي، ويهج ڪيم وسامي.

  

 

*

ترس نه ڪن تر جيترو، ڏاڍي ذات جتن جي.

ڪاڪيون ڄاتم ڪينڪي، هوتاڻي کان هيترو.

ڪندا ڏاڍ ڏکيءَ سان اديون نه ڀانيم ايترو.

پوي ٻاجهه ٻروچ کي، ڪاف ڏورينديس ڪيترو.

جيڏو لائق جن جو، توهه ڪندا مونسان تيترو.

الاهي ”اشرف“ کي، پير سونهائين پيچرو.

 

*

ڏي ويچاريءَ واهون، وندر جن وڻن ۾.

سنهجيئي ساٿ لنگهي ويو، پٻ پراهون.

سانگو سرواڻ جو الله ڪر اوراهون.

چڙهي چوٽن تي، ڪري درد فراق جون دانهون.

سسئي سڳر ٿيئين، رند نهاري راهون.

ڪري ڪيچئڙن لاءِ، ڪافن ۾ منڌ ڪاهون

”اشرف“ چوي ان لاءِ، ٻانڀڻ اڇلي ٻانهون.

*

ڪيچين ڪاڻ ڪندي، ڪاهون منڌ ڪافن ۾.

ڪندي ڪيچيئڙن لاءِ، دانهون دردوندي.

پاڙي پنهل ڄام جي، پورهيت ٿي پرندي.

پيرين رکي هٿڙا، ڪلئي ڏک ڪهندي.

ڏونگر تنهنجا ڏاکڙا، سڄڻ کي ملندي.

”اشرف“ ڳالهيون ڳجهه جون، چيتاري چوندي.

 

*

هلو جيڏيون حال، پسو پهڻ پٻ جا.

روئي ڪنديس رت سان، لڪ مڙيئي لال.

پير سڃاتم پرينءَ جو، وڃي پٻ پهال.

ڀينر هن ڀنڀور جا، کوءِ مڏيون ٻن مال.

آري ڄام ”اشرف“ چوي، ڇپر ملندم شال.

 

*

سڄڻ ياد پيام، ڪين جئان ٿي جيڏيون.

پنهونءَ ڌاران پٻ ۾، ڏهلا ڏينهن ٿيام.

هوتن ڇڏيس هيڪلي، ڪي، جي ڏوهه ڪيام،

جت پنهنجي جوءِ تي، ويساهي ويام.

جدائي جا جان ۾، لوري لس لڳام.

وينديس پير پنهونءَ جي، ڪوهه پلين ٿي مام.

ڪي ڳڻ ٻاروچن جا، ستي سنڀريام.

”اشرف“ چوي ان ري، اندر نا آرام.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org