ó
مون کي ٻوڙي نه تارجان هاڻي،
يعني ٻيهر نه مارجان هاڻي.
منهنجي لڙڪن سان پنهنجي مرڪن سان،
نوجواني گذارجان هاڻي.
جسم جا گل ڇڻي ويئه سارا،
روح جا ڦٽ ٻهارجان هاڻي.
منهنجون راهون رُلي ويون آهن،
پنهنجون راهون نهارجان هاڻي.
ڪو نه تو وٽ وري ’وفا‘ ايندو،
کيس خوابن ۾ سارجان هاڻي.
ó
ó
ڪو چينُ سزا وانگر،
ڪو دردُ دوا وانگر.
مان تنهنجي بقا وانگر،
تون منهنجي فنا وانگر.
ميلاپ کان اڳ وڇڙڻ،
بي جرم سزا وانگر.
مطلب جي محبت آ،
بي فيض دعا وانگر.
چاهت کان سوا رشتو،
بي رنگ حنا وانگر.
تنهائيءَ ۾ سارُوڻي،
ڪاڙهي ۾ هوا وانگر.
هر سوچ منافق جي،
جُوتي ۾ بلا وانگر.
ڪافر ٿو ٿيان شايد،
ڪو شخص خدا وانگر.
برسيو هان سرابن تي،
سانوڻ جي گهٽا وانگر.
گلشن ۾ ’وفا‘ آهي،
صحرا ۾ صدا وانگر.
ó
ó
جا به مون شاعري ڪئي آهي،
حقَ ۽ سچَ جي چئي آهي.
ڪيترا قافلا لنگهيا هوندا،
سينڌ تنهنجي رئي رئي آهي.
دل جڏهن کان شڪست کاڌي آ،
هر تمنا مري وئي آهي.
لُڙڪ ڦَٿڪن پيا چڻن وانگر،
تنهنجو رُخسارُ يا تَئي آهي.
ايترو پيار ٿو ڪيان توسان،
جيتري جهنگ ۾ لئي آهي.
هر ٿَڪل ۽ ٽُٽل اميد ’وفا‘!
دل جي دڳ تي ڊٿي پئي آهي.
ó
ó
مان توکان ايترو مايوس آهيان،
لڳي ڪاراڻ جيان چانڊاڻ پيارا!
اڃا جاڳن پيون گهر گهر جون بتيون،
ڪچهري ڪر، نه چادر تاڻ پيارا!
ڏئي ٿي باغ جي گُل گُل کي جيون،
سندءِ لالاڻ ۽ سرهاڻ پيارا!
ٻَڌي گهنگهرو فرشتن کي ڇڏي ٿي،
رقاصه جي بدن جي ڄاڻ پيارا!
”وفا“! دنيا ته دنيا آههِ، ليڪن،
مون کي ڪنهن جي به ڪانهي ڪاڻ پيارا.
ó
ó
ڪو سنگتي، ڪو يار نه آهي پنهنجو،
ڇا ڪريون سنسار نه آهي پنهنجو.
تنهنجي نفرت ساڻ محبت ڪريون.
ايڏو گهٽِ معيار نه آهي پنهنجو.
لُڙڪ رُلن ٿا رولو ڪتن وانگر،
ڪوئي دعويدار نه آهي پنهنجو.
جنهن ۾ تنهنجي پيار جي خوشبو ناهي،
ڪو اهڙو شهڪار نه آهي پنهنجو
تنهنجي اک ۾ سُرمي وانگر آهيون،
توتي ايڏو بار نه آهي پنهنجو.
هڪ پاسي سنسار ’وفا‘! ٻئي پاسي،
”اڪ جي ماکي“ پيار نه آهي پنهنجو
ó
ó
ڪجهه سوالن جيان، ڪجهه جوابن جيان،
زندگي آهه انگي حسابن جيان.
تنهنجي چشمِ ڪرم کان غضب ٿي ويو،
راحتون ڀي لڳن ٿيون عذابن جيان.
منهنجا جذبا اَلَڙ پيئندڙن وانگيان،
تنهنجا جلوا پراڻن شرابن جيان.
حُسن وارن جا رنگين، ڪومل بدن،
عشقيه شاعريءَ جي ڪتابن جيان.
لُڙڪ بڻجي اُڃايل اُميدون وريون،
دل جا چشما لڳا جو سرابن جيان.
منهنجا ڳوڙها عوامي سماعت ’وفا‘!
هُن جون مُرڪون سياسي خطابن جيان.
ó
ó
زُلف ۽ رخسار ۾ دل لڳي ٿي ٿئي،
تِيرگي ٿي ٿئي، روشني ٿي ٿئي.
نيڻ پيرن مٿان، پيرَ نيڻن مٿان،
حسن ۽ عشق ۾ دوستي ٿي ٿئي.
ڪيڏو مجبور آهيان مان حالات کان،
توکان وڇڙڻ تي مون کي خوشي ٿي ٿئي.
دل جهُڪڻ کان سواءِ ڪيئن ٿا سَجدا لڳن،
صِرف نِوڙت ڪٿي بندگي ٿي ٿئي.
زهر قاتل پيون، پوءِ ڀي ٿا جِيُون،
حوصلن جي عجب زندگي ٿي ٿئي.
لُڙڪ کي مُرڪ سيکارڻي ٿي پوي،
اهڙي دنيا ’وفا‘ پيار جي ٿي ٿئي.
ó
ó
جسمَ شامي ڪبابن جيان،
رُوح ديسي شرابن جيان.
منهنجون اکيون سوالن جيان،
تنهنجا جلوا جوابن جيان.
مُرڪ مُند جي ٻُڌائي ڇڏي،
ڦَٽ کِڙي پيا گلابن جيان.
الفتن تي وسن نفرتون،
آسماني عذابن جيان.
نيڻ، چَپ، زُلف ۽ انگ انگ،
موسمي انقلابن جيان.
پيار جو ڀي ’وفا‘! درس آ،
آسماني ڪتابن جيان.
ó
ó
پاڻ روئي، مون کي کِلائي پِي،
پنهنجو احساس آزمائي پِي.
نانگ ناهي شراب گُل آهي،
زُلف رُخسار تان هَٽائي پِي.
مئڪدو مَسخرن جو گهر ناهي،
مئه ۾ سنجيدگي ملائي پِي.
مئڪشي ڪو گُناهه، جرم نه آ،
شهر، واهڻ پڙهو گهمائي پِي.
جي اسان سان مقابلو چاهين،
پنهنجي جيون کان موڪلائي پِي.
اجنبي هٿ، تعارفي ساغر،
پنهنجي باري ۾ ڪجهه ٻُڌائي پِي.
قتل کان وڌ پيئڻ آ جُرم هتي،
پاڻ کان ڀي ’وفا‘! لِڪائي پِي.
ó
ó
توکان وڇڙڻ محال آ پيارا،
زندگيءَ جو سوال آ پيارا!
هر تمنا کڻي وئي دِيرو،
نوجواني پلال آ پيارا!
تون ٻئي جو خيال، مان تنهنجو،
پنهنجو پنهنجو خيال آ پيارا!
حسن فاني ۽ عشق لافاني،
نظريو لازوال آ پيارا!
آهه هر سوچ تشنهءِ تڪميل،
هي دماغن جو حال آ پيارا!
اڏرندو ٿو وتي پرن کان سواءِ،
هي ’وفا‘ جو ڪمال آ پيارا!
ó
ó
ڪنهن جي نفرت جان، نه ڪنهن جي پيار جان،
زندگي آهي حرامي ٻار جان.
دل کي دنيا جي نگاهن سان نه ڏس،
پيار بي حسِ ناهه هِن سنسار جان.
تون ته سهڻي ٿي ترڻ چاهين ٿي، پر –
مان نه ٿو ڄاڻان ٻڏڻ ميهار جان.
موت جي بستر تي هر آشا سُتل،
زندگي گذري ٿي هڪ بيمار جان.
ائن ڪڍي محفل منجهان اڇلي ڇڏيئه،
ڄڻ هيس مان ڪو مکڻ ۾ وار جان.
رنگ ۽ خوشبو سان هِي رانديون ’وفا‘!
روز و شب گذرن پيا گلزار جان.
ó
ó
آدمي آدميءَ جو پاس آهي،
عشق انسانيت شنانس آهي.
ڏينهن گذرن نه ٿا، گذاريون ٿا،
زندگي ناهي، وقت پاس آهي.
مُند مهڪي ٿي نوجوانيءَ جي،
هر طرف جي هوا ۾ واس آهي.
تنهنجي وڇڙڻ جي دئونس جو سوڳنڌ،
اڄ سڄو مئڪدو گلاس آهي.
عقلَ تنهنجي تي آ پيل پَردو،
تنهنجي هر سوچ بي لباس آهي.
جسم جي ڪال – ڪوٺڙيءَ ۾ ’وفا‘!
روح قيديءَ جيان اُداس آهي.
ó
ó
موت جي ڊپ کان عبادت ٿو ڪيان،
زندگي! تنهنجي وضاحت ٿو ڪيان.
پنهنجي هُوندي، تنهنجي چاهت ۾ چريو،
ڄڻ امانت ۾ خيانت ٿو ڪيان.
جڳ الئه ڇو مون کان نفرت ٿو ڪري؟
مان ته سڀ ڪنهن سان محبت ٿو ڪيان.
مختلف چهرن تي اڇلائي اکيون.
تُنهنجي چهري جي شڪايت ٿو ڪيان.
پيارُ پهچي ويو ’وفا‘! معراج تي،
هر طرف ساڳي زيارت ٿو ڪيان.
ó
ó
ٽهڪي ٿو خون، باهه ٻري ٿي فرات ۾،
آهي اڃا حُسين ڪوئي مُشڪلات ۾.
سوڀُن کي سِر ڏيڻ جي ضرورت نه ٿي رهي،
اهڙي ته جيت آهي محبت جي مات ۾.
اِنسانيت جو ڪير اُتي مُنهن مَٿي ڪندو،
وَنڊجِي وڃي ٿو پيا جتي ذات پات ۾.
اوُنداهين جي انڌ مان محسوس ٿو ٿئي،
شايد ڪڏهن ملي نه سگهون ”چنڊ – رات“ ۾.
هر روح جي رهاڻ آ پٿر جي مُورتي،
مشۡل رهي يقين خدا! تنهنجي ذات ۾.
ڪجهه وقت لئه ٿي گردشِ دوران بيهي رهي،
ڪيڏو سڪون آهه ’وفا‘! آپگهات ۾.
ó
ó
هر دل ۾ روشن پيار، مگر ڪو ڄاڻي،
آ ماڻهو ماڻهو يار، مگر ڪو ڄاڻي!
ڳُجهه – ڳوههُ چئو ٿا جنهن کي، سو هر دل جو،
آ اکين مان اظهار، مگر ڪو ڄاڻي.
هُن پارِ الئه ڇا لاءِ وڃن ٿا ماڻهو؟
هِن پار وسي ٿو يار، مگر ڪو ڄاڻي.
هر ڪنهن کي سمجهڻ هڪجهڙو ناداني،
ڪو گهوڙو ڪو هسوارُ، مگر ڪو ڄاڻي.
ڪو گُل، ڪو پَنُ، ڪو ٻُور ’وفا‘! ڪو ڪَنڊو،
تون سِر تا پا گلزار، مگر ڪو ڄاڻي!
ó
ó
ڪڏهن تنهنجون، ڪڏهن پنهنجون ٻڌائي،
ڇڏيم هر رنگ جي محل مچائي.
مون کي تنهنجي بدن تي رحم آيو،
ڏٺم جنهن وقت تنهنجو ويس پائي.
بچائيندي زماني جي نظر کان،
وِيس وسري ڪٿي توکي لڪائي.
مان تنهنجي منزلِ مقصود آهيان،
ڏکيو ٿيندين مون کان دامن ڇڏائي.
وٺڻ لئه اِمتحان هر جوهريءَ جو،
ڇڏيمِ هِيرن کي پٿرن سان گڏائي.
رڳو مارڻ ’وفا‘! وحشانيت، پر،
جڏهن ڪنهن کي ڪوئي ماري مڃائي.
(وڌيڪ پڙهو) |