سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اوجاڳن جو انت

وفا ناٿن شاهي

صفحو :2

نيازمند- صليب تي

وفا جي طرفان وفا کي حڪم ٿيو آهي ته سندس شعري مجموعي تي پنهنجي راءِ لکي ڏيان.

هڪ طرف ”غزل“ جو مقام آهي، ٻئي طرف وفا جو وفا سان دوستيءَ جو عهد و پيمان آهي، شل دوستيءَ جو به ڀرم رهي ۽ غزل جو به.

پهرين سوچيم ته غزل جي ”عربي“ ۽ ”فارسي“ پنڌن پيچرن کان وٺي ”اردو“ ۽ بعد ۾ سنڌي طرف پيش قدميءَ تي تفصيلي بحث ڪجي. صاحبِ فن شعراء ڪرام جا سخن پيش ڪجن ۽ غزل جي ”زمين“ ۾ ٿيل محنت جو مڪمل جائزو پيش ڪجي. غزل جي فن ۾ فن سان ٿيل ”نباهه“، ”لغت“ ۽ ”عروض“ جي حق ادائگين جو خاڪو پيش ڪجي. غزل ۾ ٿيل تجربن ۽ نواڻ کي داد ڏجي. سنڌي غزل جي مڙني روايتن جو ذڪر اذڪار هلي ۽ ٿورو ٿورو ”غزل“ سان ٿيل بيدادين جو احوال آڻجي. غزل جي طرفان وجهي غزل سان ڏاڍايون ڪندڙن کي ميارون ڏجن، پر پوءِ خيال آيو ته ڳالهه ڪبي سٺي غزل جي، وفا ائين ئي ڪندا آهن.

ڪنهن دوست جو پراڻو لکيل جملو ياد ٿو اچيم ته وفا ناٿن شاهي جنهن به زبان ۾ پيدا ٿئي ها ”وفا“ ئي هجي ها. ”غزل“ جنهن به زبان ۾ لکيو ويندو غزل ئي هوندو.

غزل کي اڪثر”غزال“ جي ٽپن مان لکيو ويوآهي. غزل جي معنيٰ ”سا دانهن جا غزال دمِ واپسين جانِ بلب ڪنهن ظالم جي تير بي پير جي پيوسته رگِ جان تي ڪندو آهي“

ذات ۽ فڪر جي اظهار لاءِ ڪا به زبان يا جاگرافيءَ جي حد مقرر نٿي ڪري سگهجي. گذريل دور ۾ جتي مير عبدالحسين سانگيءَ جو نالو کنيو ويندو، اتي مفتون همايوني جو غزل:

”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“

به ڪر کنيو بيٺو آهي. حالانڪه ”زمين“ ٻنهي جي جدا آهي. ٻئي منهنجي نظر ۾ بنيادي طرح ڪافيءَ جا شاعر آهن.

پارٽيشن کان پوءِ به غزل مسلسل لکيو ويو آهي ۽ سٺو لکيو ويو آهي. آئون پنهنجي ڪهنه مشق سخنورن جو ۽ ايندڙ نسل جو احترام ڪندي اهو چوندس ته، خالص غزل جي حوالي سان ڪي چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر دوست آهن. وفا صاحب پنهنجي دور ۾ غزل جي حوالي سان منفرد ۽ سگهاري آهنگ جو شاعر آهي ۽ محض غزل جي حوالي سان سنڌي شاعريءَ ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.

شاعري ”ڏات“ آهي، پر جي ڏانءُ نه آهي ته ”ڏات“ ڇا ڪندي!؟ وفا وٽ ڏات سان گڏ ڏانءُ به آهي. سندس لفظن جو تسلسل ۽ جڙاءِ منڊيءَ تي ٽڪ جي مثال آهي. وٽس سوز و گداز به آهي ته ذات جو ڪرب به آهي:

ڀيليو ڇو ٿا، گاهه ته ناهيان،
نرم سهي بي ساهه ته ناهيان.

 

--

نيٺ خطا ٿي ويندي مون کان،
آدم هان الله ته ناهيان.

 

”وفا“ جو هر شعر دل ۾ وڍ وجهندڙ ۽ ننڊ اکوڙي نيڻن کي سجاڳ ڪندڙ آهي. هو شاعرِ محبت هجڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ماحول جي چرپر ۽ پنهنجن پراين جي روين تي نظر رکندڙ به آهي:

سگهيس ڇڏائي نه ڪنڊن کان پنهنجي دامن کي،
گلن جا رنگ مون کي ڪاٿي نا پسند هئا.

 

--

سڄي جهان جا جهنڊا کڻي بلند هئا،
مگر صليب تي تنهنجا نيازمند هئا.

 

ولي محمد وفاپلي

K.S عطا محمد پلي، عمرڪوٽ

 

 

غزل جو ارتقائي سفر ۽ ان ۾ وفا ناٿن شاهيءَ جو حصو

انسان پيدائش کان ئي پنهنجي دل تي گذرندڙ گهڙين ۽ انهن جي رد عمل طور پيدا ٿيندڙ ڪيفيتن جو اظهار پئي چاهيو آهي، پوء ڪڏهن مک – ورَنن رستي ته ڪڏهن پيشانيءَ تي پوندڙ پيرن ۽ پاڇن جي ڀاوَنن پرکڻ رستي پئي پراپت ٿيو آهي، ته ڪڏهن اهو اشارن رستي اظهاريو ويندو هو، ٻولين وجود ورتو ته اهي ماضيءَ جي مڙني اظهار جي ذريعن کان وڌيڪ اظهار جي نباهه وارو ذريعو بڻيون. جڏهن کين صورتخطي ملي ته انهيءَ رستي ان اظهار جو دستاويز به رکڻ ممڪن ٿي پيو ۽اهو انهيءَ اظهار جي تاريخ جو هڪ اهم ۽ واحد ماخذ بڻجي پيو.

اهڙي اظهار ۾ ڪم ايندڙ لفظن جي شدت ۽ موزنيت ئي ان اظهار جي اهميت، قدر ۽ معيار جو سبب بنبي هئي. ان ڳالهه تي اڃا به اختلاف هلندڙ آهي ته پهريان نثر لکيو ويو يا شعر، پر شعر جيئن ته وڌيل شعور، فن، سٽاءُ ۽ ڏانءُ گهري ٿو، ان ڪري ئي ٿي سگهي ٿو ته شروع ۾ ڪي فطري نثري ٻول ئي هجن، جيڪي لکيت ۾ آيا هجن، جنهن کان پوءِ تهذيبي ۽ تمدني طور ترقي يافته سماجن ۾ اهڙا فني ماڻ ۽ ماپا ٺاهيا ويا هجن، جن ۾ ڳالهه ڪرڻ سان شعر جڙي بيهندو هجي.

هن وقت تائين جنهن سنڌي شعر جو قديم ترين نمونو ملي ٿو، سو آهي ”گِنانُ“، جيڪي آغا خاني اسماعيلي مرشد جي ثنا ۽ ساراهه ۾ جوڙيندا هئا، جيڪو اڄ جي ڪافي، وائي ۽ گيت جو بگڙيل نمونو لڳي ٿو، پر ڪن جو چوڻ آهي ته ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ هڪ نظم نما نثر لکيو ويندو هو، جيڪو گهڻو ڪري قرآن شريف جي آيتن جو سنڌي زبان ۾ ترجمو هوندو هو يا ڪِن فقهي مسئلن جو اپٽار هوندو هو، جنهن کي ”الف اشباع“ وارو سنڌي شعر چيو ويندو هو، جنهن ۾ ڪنهن حد تائين ردم به هو ته جملي جي آخري لفظ سان ”الف“ ڳنڍي، اڳئين جملي جي آخري لفظ سان هم قافيه بڻايو ويندو هو، ان حوالي سان اگر ان نثر کي نظم ڪري وٺجي ته پوءِ اهو سنڌي نظم جو اوائلي نمونو چئجي سگهبو.

ان اظهار جي ذريعي اسان وٽ سهرن، لاڏن، نوحن، مولودن ۽ مداحن عوامي طرح انيڪ روپ ورتا، پر پوءِ به دوهي ۽ سورٺي جي پنهنجي جاءِ تي قدامت ڳاٽي ۽ اهميت واري آهي، جيڪا هندي، سنسڪرت، پالي ۽ پوربي وغيره ٻولين جي لهه وچڙ سببان مضبوط قدم ڄمائيندي وئي، جن کي وري ساموئيءَ جي بيتن، قاضي قاضن، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي بيتن، مخدوم نوح رح جي بيتن وغيره ٿورو گهڻو ڦير ڦار ڪري، بيت جي صورت ۾ آندو، جنهن کي لطف الله قادريءَ، شاهه عنات نصرپوريءَ ۽ جلال فقير کٽي، ٻن سٽن مان وڌائي اَٺن اَٺن، ڏَهن ڏَهن سٽن تائين به آندو، پر انهن کي باقاعدي، پوري ضابطي ۽ سٽاءَ سان هڪ صنف طور جيڪا شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سڃاڻپ ڏني، سا اڳي ڪا نه هئي ۽ جيڪا بلاشڪ تحسين جوڳي آهي.

ان وقت ڪافي، لاڏي، سهري، مولود، مداح وغيره به پنهنجي چڱي خاصي صورت اختيار ڪري ورتي ۽ اهي صنفون ڀڳتين، ڏڻ وارن، ريتن رسمن وقت  ڀَٽَنِ ۽ ڀانَنَ خوب ڳايون ۽ وڄايون، جن جو سٽاءُ، لب – لهجو، مواد ۽ ٻولي توڙي تشبيهون ۽ محاورا نج عوامي هئڻ ڪري انهن عوام ۾ جڙون پڪڙي ورتيون ۽ سالن جا سال پنهنجو ڌاڪو ڄمايو، جنهن کان پوءِ گيت سرجيو ويو پر ان ۾ به وائي ۽ ڪافيءَ جيان وراڻيءَ جو دهراءُ ۽ دوهي جيان ٻن سٽن جو بند وغيره هئڻ واريءَ هڪجهڙائيءَ ڪري هن صنف کي به عوامي مقبوليت ماڻڻ ۾ ڪا خاص دقت درپيش ڪانه آئي.

جڏهن هتي سنڌ ۾ مٿي بيان ڪيل صنفون شاعريءَ جي اظهار تي حڪمراني هلائيندي، ان وقت ٻين ترقي يافته (ادبي لحاظ کان) قومن ۾ ايراني، عرب ۽ يورپي قومون پيش پيش هيون، انهن مان ايراني ۽ عربي ٻوليءَ ۾ وڏا وڏا قصيدا، مثنوي، غزل، رباعي، قطعا، مسدس، مخمس، وغيره هلندڙ هئا. انگلينڊ ۾ سانيٽ ۽ فرانس ۾ ترئيل جو دور هو. اڳتي مغلن ۽ عربن جي دور ۾ سنڌ ۾ غزل لاءِ ماحول هموار ٿيو ۽ غزل جي شاعري ڪندڙن کي وڏا لقب القاب، مانَ ۽ مرتبا مليا، اهڙي طرح هن صنف به سنڌ اندر پنهنجو وجود مڃاڻڻ جا جتن ڪيا. سنڌ تي انگريزن جي حڪمرانيءَ دوران سنڌ ۾ سانيٽ، ترائيل ۽ نظم لاءِ راهون هموار ٿينديون رهيون، جن صنفن پڻ پنهنجو وجود مڃائڻ لاءِ سنڌي ادبي کيتر ۾ پنهنجون پنهنجون ڪوششون ۽ محنتون جاري رکيون.

جيستائين غزل جو سوال آهي ته ان تي مغلن ۽ عربن جي دورِ حڪومت تائين ته مواد، سٽاءَ ۽ ماحول جي لحاظ کان ايراني ۽ عربي رنگ ئي قائم رهيو، جنهن ڪري اها صنف عام بجاءِ خاص لاءِ وڃي رهي، جنهن کي چند ماڻهو پڙهي يا ٻڌي يا ڳايل صورت ۾ سمجهي پئي سگهيا. باقي عام ماڻهن لاءِ اها صنف پوءِ به ڳجهارت بني رهي، پر جڏهن ايراني ۽ عربي حڪمرانن سنڌ ڇڏي، تڏهن به سندن باقيات واري نفسيات ان ساڳئي لب لهجي ۽ ٻوليءَ توڙي محاورن واري غزل کي هڪ مقدس امانت سمجهي چهٽي رهي.

هالا جي هڪ غزل گو شاعر گل محمد ”گل“ هالائيءَ غزل ۾ ديسي ماحول، ٻولي ۽ مواد آڻڻ جي زبردست ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ قافيو تمام نرم ۽ نازڪ ڪم آندائين. ٻولي سنڌي جاگيرداري سماج جي کيتي باڙيءَ واري ۽ مواد تصوف جو ڏنائين، پر تصوف تي ٻڌل مواد ۽ بندن جي باهمي تسلسل جي ڪري سندس غزل، غزل گهٽ، نظم وڌيڪ ليکجڻ ۾ آيو، جنهن سبب ان جي غزل واري حيثيت نمايان نه ٿي سگهي.

ان جي جاءِ تي مصري شاهه ۽ صوفي خير محمد هيسباڻيءَ جون ڪي ڪافيون ڏسبيون ته اهي علم عروض تي، مطلع مقطع سان ڏسڻ ۾ اينديون ۽ منهنجن غزل وانگر باقاعده قافيو ۽ رديف ڪم آيل نظر ايندو.

 

 

جيئن:

وسري ويا ٻئي جڳ جڏهن دِلِ جان سان دلبر ڏٺم.
مهتاب مُنهن محبوب جو محراب ۽ منبر ڏٺم!

 

(مصري شاهه)

اهڙي طرح اهو فارسي رنگ ڍنگ وارو غزل ئي، غزل جي صحيح صنف بڻجي لکبو رهيو، جنهن کي ڪنهن حد تائين سولي ٻوليءَ وسيلي مجازي عشق ۽ محبوب جي سونهن ۽ ماڻن جي چاشني مير عبدالحسين خان سانگيءَ ڏني، پر پوءِ به ان مان سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي بوءِ ۽ ماحول جي مهڪ بدران ايراني ۽ عربي ٻوليءَ جي دقيق لفظن جي ڀرمار، زيِر اضافت جو آزادانه استعمال ۽ ساغرو مينا ۽ گل و بلبل جو غل، هوءَ هُلاچو هُل ضرور ڏسڻ ۾ پئي آيو، جنهن جا پوءِ نمائنده شاعر بڻيا: غلام محمد گدا، مرزا قليچ بيگ، ابراهيم خليل، احسن چنا، عبدالله حيدرآبادوي، فيض بخشاپوري، شيخ عبدالحليم جوش، اياز قادري، شيخ عبدالرزاق راز. شيخ اياز جا ڪجهه غزل جيڪي سندس ڪتاب ”ڀونئر ڀري آڪاس“ ۾ ڇپيا ۽ غلام محمد گرامي صاحب جا غزل پڻ ان رجحان ۽ لاڙي جي عڪاسي ڪن ٿا.

ان طريقي سان هندوستان جي ورهاڱي تائين غزل پنهنجون منزلون طئي ڪندو آيو، جنهن کي ڪنهن حد تائين سهل ۽ سليس ذوالفقار راشديءَ، ايم. ڪمل، عبدالحڪيم ارشد، ارجن حاسد ۽ تنوير عباسي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي،گڏوگڏ غزليت به قائم رهي. ان ۾ عوامي ٻوليءَ جو استعمال ۽ روز مره جي واقعن جو ذڪر وري استاد بخاريءَ ڪمال ڏاهپ سان آندو جو غزل جي اصليت بحيثيت غزل جي بحال رهندي آئي. پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان شعوري طور تي ڪجهه اديبن طرفان انفرادي طرح اها مهم شروع ٿي ته ٻولي نج ۽ نبار استعمال ٿيڻ گهرجي. شيخ اياز جو ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ نياز همايونيءَ جو ”ڌرتيءَ جا گيت“، تنوير عباسي جو ”رڳون ٿيون رباب“، شمشير الحيدريءَ جو ”لاٽ“ ان جا اهم مثال آهن. ان ڪري هڪ اهڙو ماحول اڀري آيو جو ان ادبي لهر جي سرواڻ لاءِ واجهائڻ لڳو ته ان کي ڪير ٿو عملي طور سان کڻي ۽ نئين ٽهيءَ کي اڳتي وٺي هلي. اها ذميواري امداد حسينيءَ پنهنجي ڪلهي تي کنئي، جنهن جون مکيه ڳالهيون هيون ته، ”ادب ۾ تڪلف ۽ حجاب وارو پهلو ڇڏي ۽ ڳالهه صاف سٿري ڪجي. ان ۾ ٻولي ڪردار جي سطح واري ڪم آڻجي، سلاست ان جي جانِ هجي. ٻين ٻولين جي لفظن جو استعمال نه هجي، جتي اهي ادبي شيون پروپئگنڊا ۽ هلڪڙائيءَ جو شڪار ٿيڻ نه گهرجن، اتي ان ۾ پابندين جو زنجير مضبوط ڪري ۽ خيال جي اظهار کي ضرب نه پهچائي وڃي.“

اهڙي طرح منظرنامي تي اهڙا غزل اچڻ لڳا، جن ۾ تسلسل به اچڻ لڳو. هڪ سٽ کان پوءِ ٻيءَ سٽ وارو تجسس، جيڪو غزل جي جان سمجهيو ويندو آهي، اهو غائب ٿيڻ لڳو. ان دوران جن چڱا غزل لکيا، اهي هئا: محسن ڪڪڙائي، نشتر ناٿن شاهي، احمد خان مدهوش، راشد مورائي، اسحاق راهي، راز ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي، خاڪي جويو، مير محمد پيرزادو، وفا ناٿن شاهي، تاج جويو،اياز گل، ادل سومرو، منير ٻٻر وغيره. هندستان مان ايم ڪمل جو غزل ۽ جديد غزل بابت سندس ويچار جڏهن سامهون آيا ته هتي جي غزل لکندڙ شاعرن کي هڪ دفعو پنهنجي غزلن تي سوچڻو پيو. مون ماضي قريب جي مٿين شاعرن جي غزلن جو نئين سر جائزو ورتو ته انهن مان ڪهڙن شاعرن غزلن جي اصليت، غزليت ۽ شڪل صورت بحال رکندي منجهس تجربا ڪيا آهن ته مون کي راشد مورائي ۽ سرڪش سنڌيءَ سان گڏ جيڪي ٻه اهم نالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، سي آهن:

وفا ناٿن شاهي ۽ اياز گل، جن عزل ۾ نواڻ، جدت، سلاست ۽ عام فهمي آڻيندي به ان جي اصليت ۽ تغزل بحال رکڻ جو عمل سرانجام ڏنو.

وفا کي سنڌي غزل سان گڏ اردو جي قديم ۽ جديد غزل گو شاعرن جي مطالعي جو اهم فائدو ضرور ٿيو ته سندس هٿن مان غزل ڪڏهن به کسڪي ”نظم“ يا ”فرد“ جي خاني ۾ نه هليو ويو. پاڻ وفا غزل ۾ جديد سماجي وارتائن۽ روين کي ايم ڪمل جيان جوڳي جڳهه پڻ ڏني ۽ ان جوخيال، معيار، ٽيڪنڪ ۽ تجسس بحال رکڻ ۾ به ڪامياب رهيو، سندس غزلن جا ڪجهه اهم بند آهن:

 

خالي گلاس آهين،

ڪيڏو اداس آهين.

--

روز لٽجن ٿيون نيون اميدون،

دل، وڏيري جي حويلي آهي.

--

اسان جو عشق ته چريو هو، ٿي ويو برباد،

اوهان جي حسن جا جلوا ته هوشمند هئا.

--

هر پاسي اعلان ڦري ويو،

هر ڪوئي ڳالهائي دل ۾،

وفا ڪٺن ڏينهن به ڏٺا هوندا، ماڻهن جو تترن جيان شڪار، چاڪيءَ جي ڏاند جيان ڪوڙن جو وسڪارو، جيلن ۽ رڍن ۽ ٻڪرين جيان واڙجڻ، پيار تي پهرن، حقن جي لتاڙ ۽ ٻيون انيڪ اهڙيون اذيتون اکئين ڏٺيون هونديون، جيڪي ان نظام جي وصفن ۾ شامل آهن، ته سندس اندر جي حساس فنڪار ضرور انهن جو ڪو رد عمل اظهاريو هوندو، جيڪو سندس شاعريءَ ۾ ڏسبو ته بلڪل واضح ۽ چٽو پٽو نظر ايندو:

کُٽي پيا تنهنجا استبداد لکندي،
مسون، ڪاڳر، قلم افسوس آهي،
کِلڻ تهمت، روئڻ الزام وانگر،
ڏسي ڪاتب جا ڪم، افسوس آهي.
 

-


مان بي زبان آهيان،
تون بي قياس آهين.
 

-

رڃ سان ڪاٿي اڃ لهي ٿي، خشڪ چپن جي پيارا!
توسان ڪهڙا درد ونڊيندا پاڇا پاڇا ماڻهو!
 

-

منهنجي دل آهه ڪبوتر ڪارو،
تنهنجي اک ڄڻ ته گليلي آهي.
 

-

ڀيليو ڇو ٿا گاهه ته ناهيان
نرم سهي، بي ساهه ته ناهيان،
 

-

ڪيسين چپ ڀڪوڙي ويهون،
دل جو درد دٻائي دل ۾.

 

محبوب جي حسن جي ساراهه، پنهنجي وفائن جو ذڪر ۽ ان جي عيوض هڙ پلئه پوندڙ ناڪامين جي انبارن جون شڪايتون، جيڪي غزل جي جان ۽ ان جي تاڃي پيٽي جون تندون هونديون آهن، سي وفا جي غزل ۾ نمايان نظر اچن ٿيون:

(الف) حس ن جي واکاڻ جو ذڪر:

منهنجي ڳوڙهن جو ڀلا وس ڪهڙو؟
تنهنجي ڇاتي ئي ٿريلي آهي.
 

-

سندس بي هوش رخسارن تي روئي،
ستل جذبن کي جاڳائي ڇڏيوسين.
 

-

منهنجا ڳوڙها ته سِر کان تتل ها،
تنهنجا رخسار ڇا لاءِ ٺري ويا.
 

(ب) پنهنجي وفائن ۽ قربانين جو ذڪر:

آءٌ حالات جي منهن ۾ آهيان،
شينهن جي وات ۾ ڇيلي آهي،
 

-

هڻي ويو هو نڙيءَ ۾ ڪو چڪ ننڊ پئي،
اکيون کليون ته ڏٺم دوستيءَ جا ڏند هئا.
 

-

پهڻ سڏڪن سان پگهرائي ڇڏيوسين،
رٺل محبوب پرچائي ڇڏيوسين،
وساڻل مشعلن تي رَتُ روئي،
ڦِٽل ٿاڪن کي چمڪائي ڇڏيوسين!

 

(ت) وفائن ۽ قربانين عيوض ملندڙ دئونسن، ناڪامين ۽ ناڪاميابين جو ذڪر:

ڪچيءَ ڀت کي ٽيڪ لڳائي روئندڙ ڦوهه جواني،
توکي ڪيڏا سور ڏئي ويا تنهنجا پنهنجا ماڻهو!
 

-

سٺي جهان جا جهنڊا کڻي بلند هئا،
مگر صليب تي تنهنجا نيازمند هئا.
 

-

تو ۾ پاڻ لڪائڻ وارو،
توکي ڪيئن لڪائي دل ۾.
 

-

وري پيتوسي قاتل زهر مرڪي،
وري رندن کي شرمائي ڇڏيوسين

 

نازڪ جذبن جو شاعر وفا ناٿن شاهي مسلسل غزل لکي رهيو آهي، پر سندس فقيراڻو ڪشڪول خالي ئي رهيو آهي. نه ڪا شام، نه ڪا تنقيدي نشست، نه ڪوئي مجموعو وغيره، آخر اسان جي اها بي حسي ڪيستائين رهندي. ان سوال اڳيان جوابن لاءِ سنسان رستا ئي ڇڏجن ٿا:

جڏهن اسان خاڪ ٿي وياسي، تڏهن اُٺي ماڪ مئڪدن تي،
رُنو صراحيءَ، ڏٺو نه ساغر، پياڪ پنهنجي خمار ۾ ها.

 

(اياز)

مير محمد پيرزادو

 

دل جو خيال

غزل، سنڌي شاعريءَ ۾ اڄ ڪلهه مقبول عام صنف آهي. سنڌي شاعرن مان اهڙو ڪو ورلي ملندو، جنهن غزل تي طبع آزمائي نه ڪئي هجي. اها ڳالهه ٻي آهي ته تمام ٿورا شاعر اهڙا آهن، جن غزل کي پنهنجي اصليت تي قائم رکيو آهي، نه ته اڪثر غزل جو هُليو بگاڙيو ويو آهي ۽ موهن ڪلپنا چواڻي. ”اسان جي شاعرن غزل سان اهڙي ڪار ڪئي آهي جيئن گلاب جي نازڪ پنکڙيءَ تي بم رکي ڇڏجي.“

آخوند گل محمد هالائيءَ کان نماڻي سنڌيءَ تائين جن به صاحبِ ذوق سنڌي شاعرن غزل لکيا آهن، تن مان گهڻائي اهڙن غزل گو شاعرن جي آهي، جن غزل ۾ به نواڻ پيدا ڪري شوق ۾، ان ۾ نوان تجربا ڪيا آهن. محترم رام پنجواڻي غزل بابت راءِ ڏيندي لکيو آهي ته، ”مون کي افسوس آهي ته غزل جي نالي ۾ ويچاري غزل سان جيڪي زيادتيون ڪيون ٿيون وڃن، سي فن ۽ ادب جي بي حرمتي ۽ ارهه زورائيءَ جي برابر آهن“.

هتي هڪ اهڙي شاعر جي غزلن جو جائزو وٺجي ٿو، جنهن غزل کي اصلي معنيٰ ۾ غزل رهڻ به ڏنو آهي ته مواد جي لحاظ کان اها دلڪشي به پيدا ڪئي آهي، جيڪا غزل جي جان هوندي آهي.

”وفا“ ناٿن شاهي سنڌي غزل گو شاعرن جي صفِ اول ۾ شمار ٿيندڙ شاعر آهي، جنهن غزل جي سڀني پهلوئن سان خوب نباهيو آهي.

اچو ته وفا جي غزل ۾ تشبيهون ڏسون:

ڪو چين سزا وانگر
ڪو درد دوا وانگر

 

--

ڪافر ٿو ٿيان شايد،
ڪو شخص خدا وانگر

 

--

برسيو هان سرابن تي،
سانوڻ جي گهٽا وانگر

 

--

تنهائيءَ ۾ ساروڻي
ڪاڙهي ۾ هوا وانگر

 

--

گلشن ۾ وفا آهي
صحرا ۾ صدا وانگر

 

هن غزل ۾ ڏسبو ته ٻن جدا جدا لفظن يا شين جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪري تشيبهه يا تمثيل جا مثال ڏنا ويا آهن. هڪ ٻئي غزل جا چند بند به پيش ڪجن ٿا، جن ۾ مشبهه، مسبهه بهه ۽ حرف تشيبهه جي سمجهاڻي آهي:

 

 

ڪجهه سوالن جيان، ڪجهه جوابن جيان،
زندگي آهه انگي حسابن جيان.
 

--

منهنجا جذبا نون مئڪشن جان صنم!
تنهنجا جلوا پراڻن شرابن جيان.
 

--

حسن وارن جا رنگين ڪومل بدن،
عشقيه شاعريءَ جي ڪتابن جيان.
 

--

منهنجا ڳوڙها عوامي سماعت وفا،
هن جون مرڪون سياسي خطابن جيان.
 

وفا جي جي شعر ۾ ”ڪنايه“ جو استعمال:

وئين جڏهن کان پير پائي باغ ۾،
باغ ٿو پاسا ورائي باغ ۾.
 

--

رنگ ۽ خوشبوءِ جي پويان رُلي،
پاڻ کي ويٺس وڃائي باغ ۾.
 

--

بند اکيون موسمِ گل جون وفا،
ڪير ٿو ڪپڙا مٽائي باغ ۾.
 

يا

روز لٽجن ٿيون نيون اميدون،
دل وڏيري جي حويلي آهي.

 

مٿين بندن ۾ ”باغ ٿو پاسا ورائي باغ ۾“، ”پاڻ کي ويٺس وڃائي باغ ۾“، ”ڪير ٿو ڪپڙا مٽائي باغ ۾“ يا ”دل ڄڻ ته وڏيري جي حويلي آهي“ ڪنايه جا عمدا مثال آهن. اهي رمزون ۽ اشارا، ڪنايه طور ڪتب آڻي، غزل کي سونهن بخشي سگهارو بڻايو ويو آهي.

هيٺ وفا جي غزل ۾ ”مجاز مرسل“ جو نمونو پيش ڪجي ٿو:

ناخدائن کان بچي ويو هين وفا!
تنهنجي قسمت ۾ ڪنارا هوندا.
 

--

تنهنجي نيڻن جي افق مان جي ٽٽا،
منهنجي قسمت جا ستارا هوندا.
 

مجاز مرسل جو مطلب آهي ڪنهن لفظ جي سچي معنيٰ کي ڇڏي، نئين مجازي معنيٰ ڪڍڻ، مٿئين غزل ۾ ناخدا جو ٻوڙڻ وارو تصور ۽ ستارن جي ٽٽڻ جي مجازي معنيٰ وٺڻي پوندي، جيڪو مجاز مرسل جو هڪ نمونو آهي.

وفا جي غزل ۾ صنعت سوال جواب جو مثال:

هن صنعت ۾، شاعر سوال به پاڻ ڪندو آهي ۽ جواب به پاڻ ڏيندو آهي. وفا جو ان بابت شعر ڏسو.

ڇو ٿا مون کي ڦاهيءَ چاڙهيو؟
ايڏو حق آگاهه ته ناهيان.
 

--

ايڏو ڇا ٿا ڇرڪو مون کان؟
دوزخ جو آڙاهه ته ناهيان.
 

يا

ناخدائن کان بچي ويو آهين وفا!
تنهنجي قسمت ۾ ڪنارا هوندا.

 

هتي صنعت مراعات النظير جو به مثال پيش ڪجي ٿو. هن صنعت موجب شاعر جڏهن ڪا ڳالهه بيان ڪري ٿو ته ان سان واسطورکندڙ ٻين شين جو به ذڪر ڪري وڃي ٿو. ڏسو ته وفا، باغ جي ڳالهه ڪندي گلن، مالهي، آس جي چادر باغ ۾ وڇائڻ وغيره جو ذڪر پنهنجي غزل ۾ پيش ڪري صنعت مراعات النظير جو ڪهڙو نه نمونو ڏيکاريو آهي!

شهر تنهنجي ۾ ائين منهنجو وجود،
جيئن ڪو مالهي پرائي باغ ۾.
 

--

تنهنجي وعدن سان ڪچهريون ٿو ڪيان،
آس جي چادر وڇائي باغ ۾.
 

--

تون به وئين، گل ڀي ويا هاڻي مٺا،
ڪير ويٺو ڌوڙ پائي باغ ۾.

 

صنعت اسماءِ: هن صنعت موجب شاعر پنهنجي شعر ۾ ماڻهن، پکين، جاين، جانورن يا ٻين شين جا نالا ڪتب آڻيندو آهي. هيٺ ڏسو ته وفا، ماڻهن جا نالا، پنهنجي شعر ۾ ڪم آڻي صنعت اسماءِ جو مثال ڏنو آهي:

جاڳو ٻيلي مڙس ٿيو،
مانجهي، پانڌي گاهي ڙي.

 

صنعت ضرب المثل: هن صنعت ۾ شاعر، شعر ۾ ڪو پهاڪو، چوڻي يا قرآن شريف جي ڪا آيت ڪم آڻيندو آهي. اچو ته ڏسون ته هن صنعت سان وفا ڪيترو نباهيو آهي:

پنهنجي هوندي تنهنجي چاهت ۾ چريو،
ڄڻ ”امانت ۾ خيانت“ ٿو ڪيان.
 

--

هي گهُر ٻار وفا جو آهي،
دنيا ڌوڙ نه پائي دل ۾.
 

--


”مطلب جي محبت“ آ،
بي فيض دعا وانگر.
 

--

هر سوچ منافق جي،
”جوتي ۾ بلا“ وانگر.

 

هاڻي اچو ته ڏسون ته وفا صاحب سينيئر شاعر آهي، هن بحر وزن سان ڪيترو نباهيو آهي.

بحر متدارڪ مثمن سالم جو مثال:

 

ڪجهه سوالن جيان ڪجهه جوابن جيان،
زندگي آهه انگي حسابن جيان.
 

فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن
ڪجهه سوالن جيان ڪجهه جوابن جيان
زندگي آهه ان گي حسا بن جيان
 

بحر متدارڪ مثمن مخبون مسڪن محذوف جي مثال:

سنڌڙي سور الاهي ڙي
ڏيندا ڏيهه گواهي ڙي

فعلن فعلن فعلن فع
سنڌڙي سورا لاهي ڙي
ڏيندا ڏيهه واهي ڙي

 

بحر متدارڪ مثمن مجذوف جو مثال:

ڀيليو ڇو ٿا گاهه ته ناهيان
نرم سهي بي ساهه ته ناهيان
 

فعلن فعلن فعلن فعلن
ڀيليو ڇوٿا گاهه ته ناهيان
نرم س هي بي ساهه ته ناهيان

 

بحر رمل مسدس مخذوف جو مثال:


موت جي ڊپ کان عبادت ٿو ڪيان،
زنگي تنهنجي وضاحت ٿو ڪيان،
فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن،
موت جي ڊپ کان عبادت ٿو ڪيا،
زندگي تهه جي وضاحت ٿو ڪيا.
 

ائين به ناهي ته وفا صاحب عام مروج بحرن تي شاعري ڪئي آهي پر هن نوان تجربا پڻ ڪيا آهن، جيئن:

سڄي جهان جا جهنڊا کڻي بلند هئا
مگر صليب تي تنهنجا نيازمند هئا
 

يا وري هي شعر:

ڪو چين سزا وانگر،
ڪو درد دوا وانگر.
 

مٿيان چند شعر، نموني طور پيش ڪيا ويا آهن. غور سان ڏسبو ته وفا جي سڄي شاعري، اها ڇپيل هجي يا اڻ ڇپيل هر طرح جي خوبين سان مالا مال نظر ايندي. سندس شعر ملائم ۽ آسان آهي، جيڪو سولائيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ آهي، پر پوءِ به منجهس فڪري مواد موجود آهي. آخر ۾ وفا جي ئي شعر سان پڄاڻي ڪجي ٿي:

توکي آيو آ تڏهن دل جو خيال،
غم جڏهن موڙ ڪٽي ويو آهي.

 

 

راشد مورائي

 

وفا: درد، ديس ۽ دل جي ايمان جو شاعر

وفا ناٿن شاهي، سنڌي غزل جو خوبصورت ۽ امر آواز آهي، جنهن جي اظهار ۾  جنم جنم جون ڳولائون آهن، جن جي سڃاڻپ صرف اهي اکيون ئي ڪري سگهن ٿيون، جن اکين جي ازل ابد جي پيچرن سان دوستي هوندي آهي. وفا غزل جي رنگين سفر جو اهو پانڌي آهي، جنهن زندگي جي ڪيترن ئي ذائقن کي چکي ڏٺو آهي، جنهن کي خبر آهي ته ثواب جيان گناهه به زندگيءَ جو لافاني سواد آهي ۽ جنهن جي چکڻ کان پوءِ ئي ماڻهو زندگيءَ کي سمجهڻ جي اهل ٿي سگهندو ۽ وفا ان کي سمجهي، پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي احساس اوتيا آهن، تن هن جي شاعريءَ کي زندگيءَ جي هڪ اجري آرسي بڻائي ڇڏيو آهي. وفا ناٿن شاهيءَ جي ڊول ۽ بيهڪ کي ڏسي، واقعي به پڪ ٿي وڃي ٿي ته هي امرتسر جي ڀرسان واقع هڪ ڳوٺ ڪڪڙان والا بنديالا ۾ ئي ڄائو آهي. رنگ جو پڪو ڪار سرو، اڻ ويٺل مٿو، هٿ پير آزاد، لڳي ٿو ماءُ هن کي تنجڻن ۾ ٻڌو ئي ڪو نه! شايد ننڍپڻ کان ئي هن ٻنڌڻن کي قبول نه ڪيوآهي، اهو ئي سبب آهي جو هو پنهنجيءَ دل جي رياست جو اهو آزاد شهزادو بڻجي ويوآهي، جنهن وٽ سرحدن جو تصور بي معنيٰ هوندو آهي. جيڪڏهن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو نه ٿئي ها ته هي امرتا پريتم جو هم وطن ۽ همز زبان/ امرتسر جي هوائن جو شهزادو هيئن  دربدر به نه ٿئي ها. هو صرف چئن سالن جو هو ته اوچتو ورهاڱي جي وٺ وٺان ۾ سندن ڳوٺ وارن کي خبر ملي ته هي ڳوٺ هندوستان جي ورهاست ۾ آيو آهي، ان ڪري کين هي ڳوٺ خالي ڪرڻو پوندو. هن جو پيءُ خيرات علي، جيڪو مڻهيارو هو، جنهن امرتسر جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ بولا، بينسريون، چوڙيون، ڪجل، مساڳ وڪڻي پئي سماجي رشتن ڳنڍڻ جوجيون گهاريو، جنهن کي گرمکيءَ ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ ايندو هو، جنهن کان ئي وفا ناٿن شاهيءَ هير وارث شاهه ٻڌي هئي، ان کي اوچتو جڏهن ڄاڻ پئي ته کين پنهنجو ڳوٺ خالي ڪرڻو پوندو ته هو پڪ سان ٻارن وانگر روئي پيو هوندو. ان سمئه هن جي اها پيتي، جنهن ۾ ڪيترائي رشتا، جيڪي ڇلن، منڊين، چوڙين ۽ نڪ جي ڪوڪن جي شڪل ۾ موجود هوندا، اهي به هن کي سڏڪندي محسوس ٿيا هوندا ۽ هن تصور ۾ اهي ڀڄي ڀري رهيا هوندا. نيٺ پنهنجي پيءُ خيرات علي ۽ ٻين ڀاتين سان چئن سالن جو مشتاق علي يعني اڄوڪو لاڏلو شاعر وفا، نئين وجود ۾ آيل پاڪستان ۾ اچي ويو. پهرين يونين ڪائونسل گوزي ۽ پوءِ خيرپور ناٿن شاهه ۾ اچي رهيا، جتي هنن جي پنهنجي اباڻي ديس سان گڏ اباڻي ٻولي کي به ذري گهٽ وساري سنڌي ڳالهائڻ شروع ڪيو۔

وفا ننڍپڻ کان فطرت پسند ماڻهو هو، ان ڪري سنڌ جي فطري سونهن هن کي پنهنجي درد سميت پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻي ڇڏيو. هي پنهنجي مٺي آواز سان جهونگاريندو، وطن جي وڻن ٽڻن جو اڀياس ڪرڻ لڳو. ميلا ملاکڙا هن کي تمام گهڻا موهيندا هئا، ان ڪري هوآوازن کي وڌيڪ ويجهو ٿيندو ويو. ميلن ملاکڙن جي موقعي تي جيڪي ڳائڻا ۽ ڳائڻيون اينديون هيون، هي انهن جي صحبت ۾ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندو هو ۽ خاص طرح ڳائڻين کي هي پنهنجي دور جا هٽ فلمي گانا ياد ڪرائيندو هو. ڇو ته هن کي پنهنجي دور جا سڀ هٽ فلمي گانا ياد هوندا هئا. دراصل وفا پنهنجي نوجوانيءَ واري زماني ۾ ئي هڪ خيالن جي دنيا جوڙي ورتي هئي، جنهن جي تعمير هن جي آوازن ڪئي هئي. فلمون ڏسڻ به ان تعمير جو هڪ پاسو آهي. هو جڏهن خواب ڏسندو هو ته انهن ۾ اڪثر هن کي فلمي اداڪارائون ملنديون هيون، پر حقيقت هيءَ آهي ته هو پنهنجيءَ زندگيءَ جو هيرو بڻجي نه سگهيو. هن جنهن کي، ڪڏهن فردوس ڪڏهن مسرت نذير جي صورت ۾ ڏٺو، افسوس ان کي ماڻي نه سگهيو ۽ هن جا نصيب وڃي هڪ اهڙي عورت تي نيهن ۾ اٽڪيا، جنهن سان هن جوانيءَ جي بي پرواهيءَ وارا لاڳاپا جوڙيا هئا. هن اهو جهنم خريد ڪري ورتو، جنهن ۾ هو اڄ به جلي رهيو آهي. هو ڪيئن جلي رهيوآهي، اهو صرف هن جي شاعري ٻڌائي ٿي، ۽ سندس اهي ساٿي ئي ٻڌائي سگهن ٿا، جيڪي بي خبر ۽ بيباڪ ٽهڪن تائين هن جي سفر ۾ گڏ رهيا آهن. هن جا ٽهڪ سکڻا نه هوندا آهن. هو جڏهن ٽهڪ ڏيندو آهي ته انهن ۾ سندس جگر به شامل هوندو آهي. هن جي اندر جي سموري خوبصورتيءَ کي سندس شاعريءَ ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جا هن جي سموري ناڪام زندگيءَ جو ناز آهي، جنهن کي هن ڪيترن نه ڏکين ۽ ڪرب وارين حالتن ۾ تعمير ڪيو آهي، ان جي سونهن ۽ سلوڻائپ جي ڳولا ۾ هو شعور سان گڏ لاشعور جا رستا به ڀٽڪندو رهيو آهي ۽ هن پنهنجي شعور کان لاشعور ڏانهن سفر هميشه کيپن ۽ خمارن ۾ ڪيو آهي، هن جا سمورا کيپ ۽ خمار هن جي ذات جي درد جو حصو آهن. سچ پچ ته هن جي درد وٽ اهي اکيون آهن، جيڪي اونداهين ۾ سوجهرو ڳولي وينديون آهن. مان هن کي سقراط جهڙو ٿو سمجهان، جيتوڻيڪ مقدار جي اعتبار کان زندگيءَ جو زهرجيڪو وفا پيتو آهي، اهو سقراط پئي ها ته جسم مان شعلو بنجي وڃي ها، پر پوءِ به وفا سقراط نه آهي، ڇو ته هو وفا آهي. حقيقت هيءَ آهي ته وفا پنهنجي سڃاڻپ پاڻ آهي، سادڙو ۽ سٻاجهو. مون جڏهن هن کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو ته، مون کي هن جي بي ڊولائي تي کل اچي وئي هئي، پر پوءِ آهستي آهستي مون هن جي اندر ۾ ان حسين انسان کي ڳولي ورتو هو، جنهن جي آڏو ظاهري سونهن ۽ سينگار ڪا اهميت نه رکندا آهن. وفا ناٿن شاهيءَ جو عروج، منهنجي شاعريءَ جي وکن کڻڻ وارو زمانو آهي، پر ٻنهي ۾ هڪ عجيب مماثلت آهي ته اسان ٻنهي نائين درجي کان شاعري شروع ڪئي ۽ ٻنهي جي شادي ڪچيءَ وهيءَ ۾ ئي ٿي گذري. ٻنهي گهڻي ۾ گهڻيون فلمون ڏٺيون، ٻنهي کي گهڻي ۾ گهڻا فلمي گانا ياد رهيا. بهرحال منهنجو هن سان جيڪو شاعراڻو رشتو جڙيو آهي، هن، سڀ کان مٿانهون آهي، جنهن رشتي ئي مون کي هن جي ويجهو آندو آهي. هو جنهن خيرپور ناٿن شاهه کان جاتيءَ تائين زندگيءَ کي رلندي گذاري ڇڏيو، پر هن کي ڪٿي جي به هوا گهڻو ترسائي نه سگهي. جڏهن به آءٌ سندس شاعري پڙهندو آهيان ته منهنجو درد، ديس ۽ دل تي ايمان وڌيڪ پختو ٿي ويندو آهي. اصل ۾ وفا درد، ديس ۽ دل جي راهن جو ئي شاعر آهي، هن جي شاعري لفظن جو ورجاءُ نه آهي، بلڪ اها زندگيءَ جي مشاهدن جو نتيجو آهي. هن جي شاعري جو ٻرڻ، دراصل هن جي پنهنجي اندر جو ٻرڻ آهي، جنهن جا شعلا ڪنهن جي اکين کي پنهنجي حصار جي والار هيٺ آڻيندي دير نٿا ڪن.

وفا ناٿن شاهي مسلسل ۽ مڪمل شاعر آهي، هن جي اظهار جي پُورنت مون کي ڪٿي به نٿي کٽڪي، اها هن جي فن جي عظمت ئي آهي جو هو عام واقعن ۽ حادثن کي جڏهن پنهنجي شاعراڻي حسن سان ڇهي ٿو ته اهي واقعا ۽ حادثا عظيم بڻجي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ لکايو ته ائين ويو آهي ته هي اسان جو لاڏلو شاعر وفا ناٿن شاهي غزل جو ئي شاعر آهي، پر حقيقت رڳو ائين به نه آهي. هن غزل کان وٺي هائيڪي تائين شاعريءَ جو جيڪو ڊگهو ۽ بامقصد سفر ڪيو آهي، ان سڄي سفر کي هڪجهڙي معنيٰ آهي. وفا ناٿن شاهيءَ جو نالو خيرپور ناٿن شاهه جي نالي سان منسوب آهي. ائين ڪجهه ٻيا نالا: نشتر ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي ۽ آثم ناٿن شاهيءَ جا به مشهور آهن، پر هي ڪو شاعريءَ جو مخصوص مڪتبئه فڪر به ناهي، بلڪه هيءَ ته ڌرتيءَ سان لاڳاپي جي هڪ نسبت آهي، جا خوشبو ٿي هر هنڌ ڦهلجي وڃي ٿي.

وفا جي شاعريءَ جو اسلوب اوپرو نه آهي، بلڪه اهو ڄاتل سڃاتل آهي، هن جو سنڌي شاعريءَ جو تسلسل سان جڙاءُ آهي، جنهن ڪري وفا جون تشبيهون، ترڪيبون ۽ اهڃاڻ يا علامتون مقامي آهن، ان ڪري ئي انهن ۾ مٽيءَ جو هڳاءُ آهي. وفا جي مادري زبان ته پنجابي آهي پر ڇا ته وٽس سنڌي ٻوليءَ جونجپڻو آهي، جيڪو شهرن ۾ وسندڙ سنڌي شاعرن وٽ به نه آهي، جيڪي واحد ۽ جمع جي صيغن جون به ٽنگون ڀڃند آهن، پر وفا جي نج سنڌي ٻوليءَ جي ترڪيبن ۽ محاورن يا انهن جي ڀرپور استعمال تي هروڀرو حيرت به نه کائڻ گهرجي، ڇو ته وفا جي پالنا سنڌ جي هوائن ۾ ٿي آهي، هُن يا عمر سنڌي ماڻهن جي ڳوٺاڻي ماحول ۾ گهاريو آهي. ان ڪري هن سنڌي سريلي ٻوليءَ کي ميڙي پنهنجي شاعري کي سورنهن سينگار ڪرايا آهن. اچو ته ڪجهه سندس شاعريءَ جو نظارو ڪريون:

ڀيليو ڇو ٿا گاهه ته ناهيان
نرم سهي بي ساهه ته ناهيان.
 

-

مان ٻڏي ويس ته پرواهه ناهي،
تنهنجو ٻيڙو ته تاري ڇڏيو مون!
 

هي سڀ شعر بنهه ٿورا مثال آهن آهن، پر انهن ۾ نج سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماحول جي خوشبوءِ آهي، جنهن کي محسوس ڪري وفا جي سنڌيت واري شعور تي فخر اڃان به وڌي وڃي ٿو.

وسيم سومرو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org