سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اوجاڳن جو انت

وفا ناٿن شاهي

صفحو :1

اوجاڳن جو انت

وفا ناٿن شاهي

 

ڇپائيندڙ پاران

 

        ’اوجاڳن جو انت‘ غزل جي بادشاهه ’وفا‘ ناٿن شاهي جو شعري مجموعو آهي. وفا ناٿن شاهي سنڌي غزل جو خوبصورت شاعر آهي، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي. غزل ۾ سندس اظهار بيان، موضوع جي چونڊ ۽ تخيل جي پرواز ڏاڍي اُتاهين پد تي پهتل آهي. سندس شاعراڻي جذبن جي شهزادي ڏاڍي چنچل ۽ شوخ آهي. ”وفا“ جي شاعري جي وڌيڪ متاثر ڪندڙ خوبين مان اهم خوبي اها به آهي، ته وفا جي شاعري پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي هڪدم سمجهه ۾ اچي ويندي. وفا جي شاعري ايتري ته دلپذير آهي جو اها پڙهندڙ کي هڪدم پنهنجي سحر ۾ قابو ڪري ڇڏي ٿي.

هن شعري مجموعي تي نامياري شاعر امداد حسينيءَ جو مهاڳ لکيل آهي. ان کان علاوه راشد مورائي، وفا پلي، مير محمد پيرزادي ۽ وسيم سومري، جا خوبصورت نوٽس لکيل آهن، جيڪي ”وفا“ جي شاعري ۽ فن تي عالمانه روشني وجهن ٿا. اسان کي دلي طرح خوشي ٿي آهي، جو ”وفا“ جهڙي غزل جي بادشاهه شاعر جو هيءُ شعري مجموعو بورڊ جي پريس وٽان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي اميد ٿي ڪجي، ته ”وفا“ جي غزلن سان پيار ڪندڙن کي هيءُ شعري مجموعو ضرور پسند ايندو.

 

ڄام شورو، سنڌ                              اعجازاحمد منگي

سومر 25- شوال المڪرم 1427هه            سيڪريٽري

بمطابق 18- نومبر 2006ع                  سنڌي ادبي بورڊ

 

 

اَمُهَاڳُ

سنڌ-عرب، ايران، افغان (جڏهن تڏهن سنڌڙي، توکي قنڌاران جوکو!) ۽ دهليءَ جي تسلط هيٺ رهي آهي، انهن جي ڏَنَ- ڀَرُو رهي آهي. فارسي ٻولي ڳچ عرصي تائين، سنڌ جي سرڪاري ٻولي رهي آهي. ان ڪري فارسي ٻوليءَ جو اثر به سنڌي ٻوليءَ تي  رهيو آهي. ”فارسي – گهوڙي چاڙهسي“ جو محاورو به تڏهن کان سنڌي ۾ رائج ٿيو. ائين نه رڳو فارسي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا، پر فارسي بحر وزن، صنفون، ترڪيبون، تشبيهون، اهڃاڻ، ڪردار، وڻ ٽڻ، موسمون، پکي پکڻ ۽ الائي ڇاڇا سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿيا، لطيف پهريون شاعر آهي، جنهن انهيءَ ڌارئين تسلط کان کُلي کُلائي بغاوت ڪئي:

جي تو سکيو فارسي گولو توءِ غلام،
جو ٻڌو ٻن ڳالهئين، ڪيئن چوائي ڄام،
اڃيو تان آب گهري، بکيو تان طعام
اي عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪين ٿئي.

 

۽ لطيف اهو پهريون جينيئس شاعر آهي، جنهن ڊاڪٽر سورلي چوراڻيءَ هڪ مڪاني محاوري واري ٻوليءَ کي ايڏي اوچي پڌ تي پهچايو. لطيف کان پوءِ جي آيل شاعرن به اهائي پر پاري ۽ سنڌي شاعريءَ جون نج صنفون ئي رائج رکيون. جهڙوڪ: وائي، بيت ۽ ڪافي. توڙي جو سچل وٽ اسان کي عروض جو واهپو به ملي ٿو،پر هُن انهيءَ کي سنڌي مزاج وٽان ورتايو. بيدل وٽ به ائين آهي، پر ميرن جي دور ۾ عروضي شاعريءَ وري زور ورتو. انگريزن جي دور ۾ جڏهن شاعري ڇاپي هيٺ آئي، تڏهن عروضي شاعري زور شور سان اڀرڻ لڳي ۽ بحر وزن، گهاڙيٽا، صنفون، رويا، سڀاءَ..... سڀ ڪجهه ٻاهران درآمد ڪيا ويا ۽ قليچ جهڙي شخص به بيت ۽ وائيءَ جي شاعريءَ کي ناموزون ۽ جهنگلي شاعري سڏيو! اهو ٻاهريون اثر سنڌي شاعريءَ تي ايتري قدر ته حاوي ٿي ويو، جو سنڌي ٻوليءَ جو اصل روپ سروپ ئي الوپ ٿي ويو ۽ خاص ڪري ”غزل“ ۾ ته اهڙو رواج وڌي بدعت جي حد تائين وڃي پهتو، ۽ فارسيت زدگي، وڻ ويڙهيءَ جيان سنڌي شاعريءَ جي سدا سائي وڻ کي ويڙهي وڪوڙي، ان جو رت ست چوسي ورتو ۽ اهڙي انڌي تقليد تي فخر پڻ ڪيو ويو. رهي کُهي ڪسر اردو غزل ڪڍي ورتي ۽اهڙي انڌي تقليد تي فخر پڻ ڪيو ويو. جيئن منهنجي ڳوٺائيءَ حافظ عبدالله ”بسمل“ ٽکڙائي ”ڪليات عزيز“ جي مقدمي ۾ لکيو آهي ته:

”ڪلام جي مطالعي مان واضح ٿيندو، ته فارسيءَ جو استاد يا اردوءَ جو مستند شاعر سنڌي لباس زيب تن ڪري رهيو آهي.“ ص1

موجوده دور ۾ اياز پهريون شاعر آهي، جنهن انهيءَ ڌارئي تسلط کان بغات ڪئي ۽ انهيءَ سڄي ٺڳيءَ جي ٺاهه، هٿ ناٽ ۽ ٽڪساٽ کي ڊاهي ڍير کڻي ڪيو ۽ پوري دور جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي. ائين اياز موجوده دور جو پهريون جينيئس شاعر آهي، جنهن بيت، وائي ۽ گيت سان گڏوگڏ غزل ۾ به ڪامياب تجربا ڪيا:

سنڌڙي کي سيباءِ اياز،
تنهنجو گيڙو ويس غزل.

 

۽ ائين هن غزل کي سنڌي شاعريءَ جي مانائتي ۽ اهم صنف بڻائڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. اياز جي ”گيڙو ويس غزل“ تي اڳتي هلي ذڪر ڪندس، هتي غزل بابت اياز ”چنڊ ڳليون“ ۾ جيڪي ڪجهه چيو آهي، اهو ڏيڻ ٿو چاهيان:

”ڇا توهان اهو به چئي سگهندا، ته غزل فارسيءَ جي صنف آهي ۽ غلاميءَ جي نشاني آهي؟ غزل جو فارم ته فارسي غزل وارو آهي پر ڇا اسان ان جو مزاج بدلائي نه وڌو آهي؟ هن وقت اهو نج سنڌي شاعري آهي.“

اياز جي انهن ئي سٽن کي سونهون بڻائي ”وفا“ جي غزل جي پرک ڪنداسين، ته پهرين ڳالهه جيڪا معلوم ٿيندي، سا اها ته ”وفا“ بنيادي طور تي غزل جو ئي شاعر آهي ۽ هن غزل کي اوڄ ضرور ڏني آهي:

تنهنجي اک ۾ سرمي وانگر آهيون،
توتي ايڏو بار نه آهي پنهنجو.

 

”وفا“ غزل ۾ فارم توڙي موضوع جي لحاظ کان تجربا پڻ ڪيا آهن. انهن ۾ هو ڪيتريقدر ڪامياب آهي، اهو ٻڌائڻ تنقيد جو ڪم آهي، پر ايترو سو چئي سگهجي ٿو ته ”وفا“ تجربي جو ساهس ضرور ڪيو آهي.

شاعر اهم آهي يا شاعري؟ يا ٻئي اهم آهن؟ اهڙو تعين به تنقيد ئي ڪري سگهي ٿي، جيڪا في الحال اسان وٽ ناهي! ۽ تنقيد جي نالي ۾ جيڪا شيءِ آهي، ان ۾ ميرٽ، ٽئلينٽ ۽ معيار بدران ياري باشي آهي. ”من ترا حاجي بگو“ وارو وهنوار آهي. هڪ ڏيتي ليتي آهي. نانيءَ ڪنڙو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ”وفا“ کي مڃتا نه ملڻ اَسڀاويڪ به ناهي ۽ ”وفا“ کي، هڪ شاعر کي اهڙي ڪاڻ به ڪينهي:

”وفا“ دنيا ته دنيا آهه ليڪن،

مون کي ڪنهن جي به ڪانهي ڪاڻ پيارا!

اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ناقدريءَ جو احساس ”وفا“ کي به آهي، ته هن کي اها اهميت نه ملي آهي، جنهن جو هو حقدار آهي.

شاعر شاعر رهندو آ،
گيت، غزل ۽ وائيءَ ۾.

 

جيئن ته اهو هڪ غزل جو شعر آهي، ۽ نه رڳو ”وفا“ پاڻ کي، پر ”بيوفا“ به هن کي غزل جو ئي شاعر سمجهن ٿا، ان ڪري مٿين شعر ۾ غزل جو شاعر گيت ۽ وائيءَ لاءِ به ساڳي ڳالهه ڪري ٿو، يقينن هڪ شاعر کي سدائين شاعر ئي رهڻ گهرجي، عام زندگي ۾ به – جڏهن هو تخليق نه ڪري رهيو هوندو آهي تڏهن به- ڇو ته عام زندگيءَ ۾ هُن جي مشاهداتي حِس وڌيڪ تيز ٿي ويندي آهي، پر تخليقي سطح تي هر صنف نياءُ لهڻي، ڌيان گيان لهڻي ۽ مڪمل Involvement جيڪا شعوري طور تي قطعي اڻ – ٿيڻي آهي. جيستائين انهن صنفن جي هڪ جهڙائيءَ جو سوال آهي ته اها رڳو ايترڙي آهي ته اهي شاعري آهن ۽ بس! ۽ انهن سان شاعر جي هڪجهڙو رهڻ جو مطلب به اهوئي آهي ته هو پنهنجي سموري شاعريءَ سان هڪجهڙو رهي ۽ ظاهر آهي ته جڏهن هو هر سطح تي ٿيندڙ ناانصافين خلاف وڏي واڪ احتجاج ٿو ڪري، تڏهن هو پاڻ انهن صنفن سان ناانصافي ڪيئن ٿو ڪري سگهي، جيڪي هن جي اهڙي احتجاج جو اڪيلو وسيلو آهن - ۽ هو اهڙي دعوا پڻ ڪري ٿو:

جا به مون شاعري ڪئي آهي،
حق ۽ سچ جي چئي آهي!

 

جڏهن ته اها به حقيت آهي ته اهي صنفون هڪ ٻئي کان مختلف آهن. گيت سنڌي شاعريءَ جي آڳاٽي ۾ آڳاٽي صنف آهي، جنهن جو آڌار سُر تي آهي. وائي ڪلاسيڪي دور جي انتهائي اهم صنف آهي، ان جو آڌار ماترڪ ڇنڊ تي آهي، جيڪو سُر جو بحر آهي. ان جي ڀيٽ ۾ غزل ٻاهرين صنف آهي، جنهن جو آڌار رڪنن تي آهي. توڙي جو اياز عروضي وايون به لکيون آهن ۽ جن جو تتبع به ڪيو ويو، توڙي جو تنوير عروضي بيت به لکيا، پر پوءِ تنوير پاڻ ان تجربي کي رد ڪري چڪو آهي. گيت ۽ وائي لکڻ بدران، چوڻ جي شاعري آهي. سريلي (Lyrical) شاعري آهي. جڏهن ته غزل لکڻ واري شاعري آهي. (هاڻي ته گيت ۽ وائي به لکڻ واري شاعري بڻجي رهجي وئي آهي)! غزل به گيت، بيت، وائي(۽ ڪافيءَ) وانگر پابند صنف آهي، پر اها چئي نه بلڪه لکي ويندي آهي، ان ڪري ئي ڪتابي شاعري آهي. توڙي جو خليفي گل، حافظ حامد ۽ سانگيءَ غزل جي ٻاهرئين ٻوٽي کي پنهنجي مٽيءَ ۾ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي:

جي سهڻو پاڻ سڏائي ويا، البيليون اکيون اٽڪائي ويا،
چپ چاشنيدار چکائي ويا، ستي سورن کي ته جڳائي ويا.

 

(سانگي)

سانگي ته پوءِ ڪافيءَ ڏانهن به لڙيو ۽ سنڌي ۽ سرائيڪي ڪافيون چيائين. ائين اڳتي هلي، خاص ڪري ڪافي گو شاعرن وٽ اسان کي غزل نما ڪافي يا ڪافي نما غزل ملي ٿو. اها روايت سچل کان شروع ٿئي ٿي:

عاشق ڏسڻ ۾ آيو، محبوب گل سناسي
عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ عباسي.

 

مان نٿو ڄاڻان ته سانگي يا سندس ساٿيارين جي غزل کي ڪلاسيڪل سنڌي غزل چئي سگهجي ٿو يا نه؟ يا اياز قادريءَ پنهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز ”سنڌي غزل جي ارتقا“ ۾ ان تي روشني وڌي به آهي يا نه؟ يا موجوده دور جي شاعرن ۽ خاص ڪري غزل گو شاعرن، ڪلاسيڪل سنڌي غزل جو اڀياس به ڪيو آهي يا نه! ان سان گڏوگڏ روايتي غزل جو به اڀياس ڪيو ويو آهي يا نه! بهرحال، ان کان پوءِ نئين غزل جي روايت آهي، جيڪا اياز جي ”گيڙو ويس غزل“ سان شروع ٿئي ٿي:

اڄ جي ڪائي بوند پئي،
جيون ٿي ويو سُر سارنگ.

 

اياز غزل جي صنف کي به بيت ۽ وائيءَ وانگر سنڌي شاعريءَ ۾ نئين سر رائج ڪيو ۽ ائين هو تڏهن ئي ڪري سگهيو، جڏهن هن پنهنجي دور ۽ لوڪ ڪلاسيڪل اتهاس جو گهرائيءَ سان اڀياس ڪيو ۽ هڪ نئين اتهاس کي پنر – جنم ڏئي سگهيو. ستارا“ جهڙي اهم نظم جي خالق سڳن آهوجا ”روشن ڇانورو“ ۾ شيام ۽ اياز جي حوالي سان، انهيءَ دور کي ”نئون ڪلاسيڪل يُگ“ سڏيو آهي. ان دور ۾ نئين غزل جي تخليقڪارن ۾ اياز، شيام، شمشير، ايم ڪمل، ذوالفقار راشدي، تنوير عباسي، بشير مورياڻي.... جا نالا اهم آهن ۽ ان ڏس ۾ هڪ نالو ”وفا“ ناٿن شاهيءَ جو به آهي ۽ ”وفا“ کي شڪايت آهي، ڏک آهي، شڪ آهي يا پڪ آهي ته هن کي اها اهميت نه ملي آهي، جنهن جو هو حقدار آهي:

دوڏا نه ڦاڙ غاصب،
حق آ، سوال ڪونهي!
 

اڄ جڏهن ”وفا“ 4000 غزل لکي چڪو آهي – تڏهن هُن کي اوچتو اهو احساس ڪيئن ٿيو ته هن کان پوءِ آيل شاعر اهميت ماڻي ويا آهن! هُو ان ڏسڻ هڪ، اڌ – منو نالو به کڻي ٿو، پر هُو اهو مُور نه ٿو لکائي ته اهميت ماڻڻ مان هن جي مراد ”شهرتون ميڙڻ“ آهي - ۽ هو به شهرتن جو بکيو آهي! نه بلڪل نه! اڄ جڏهن هو پنهنجا ڦڦڙ سگريٽ جي دونهين ۾ ڦوڪي چڪو آهي ۽ اڄ جڏهن شعر لکندڙ هٿ ۾ پين بدران ڦڦڙن جو ايڪسري اٿس، تڏهن هو ڪهڙيون شهرتون ميڙيندو؟ هو ميڙيندو به ته لفظ ئي ميڙيندو ۽ انهن مان شعر ئي جوڙيندو:

موت جي بستر تي هر آشا سُتل،
زندگي گذري ٿي ڪنهن بيمار جان.
 

”وفا“ جيترو رُليو پنيو آهي، جيترو هُن سَٺو ۽ ڀوڳيو آهي، جيڪو زهر هن پيتو آهي، اهو ئي ۽ اوترو بلڪه ڪجهه سوايو ئي هن پنهنجي شعرن ۾ اوتيو آهي، پر جيترو هُن لکيو آهي، اوترو هو ڇپيو ناهي. سوال آهي ته ڇا جيڪي ڪجهه به لکجي، اهو ڇپجي به؟ يا چونڊ ڪجي؟ اهڙي چونڊ لکڻ مهل به ڪري سگهجي ٿي - ۽ ظاهر آهي ته اهڙي چونڊ شاعر پاڻ ئي ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو پاڻ ئي پنهنجي شاعريءَ جو پهريون نقاد آهي. لطيف، ته چون ٿا پنهنجو رسالو ڪراڙ ڍنڍ ۾ اڇلائي ڇڏيو هو.سچل به پنهنجا بياض، جيڪي هن جي طالبن لکيا هئا، ساڙائي ڇڏيا هئا! سو چونڊ جو اهڙو اختيار صرف شاعر کي ئي آهي. لکڻ کان اڳ، توڙي لکڻ مهل ۽ پوءِ ڇپائڻ مهل به اهڙي چونڊ ڪرڻ کپي، ڇو ته:

مُٺِ ڀيڙيا ئي ڀلي، جي اُپٽي ته واءُ،

پر ائين به ٿي سگهي ٿو ته هڪ شاعر اهڙيءَ چونڊ ۾ انصاف نه به ڪري سگهي!

غزل ۾ هڪ ٻي به کانجاڻ آهي ۽ اُها آهي ”قافئي بازي!“ مثال طور:

نر هوءَ کڻي مادي،
انسان ته آزادي!
 

جڏهن شعر جو آڌار ڇڙو قافئي تي ئي هجي ته پوءِ زوريءَ ۽ شعوري ڪوشش سان ئي ان جو پورائو ڪيو وڃي ٿو:

ڍڪيل چيز مهانگي ٿئي،
ننگو جوڀن – ٿال نه ڪر.
 

ٻٽا ۽ مرڪب لفظ سنڌي ٻوليءَ جو گُڻ آهن ۽ اختصار شاعريءَ جي خصوصيت، پر ان جو مطلب ”اڌ – اکري“ پَٽي ڪينهي!  شاعر ٻٽا يا مرڪب لفظ گهڙي سگهي ٿو، تنهنڪري ضروري ناهي ته اڳواٽ رواج ۾ آيل ٻٽا ۽ مرڪب لفظ ئي واهپي ۾ آڻجن، بلڪه جيئن ته هڪ شاعر واهپي هيٺ آيل لفظ به نئين سنئين ڪتب آڻي ٿو ۽ تخليقي سطح تي انهن کي معنيٰ عطا ڪري ٿو، ان ڪري ٻٽا ۽ مرڪب لفظ به سنڌي ٻوليءَ جي مزاج وٽان گهڙي سگهجن ٿا ان ريت  ٻوليءَ ۾ وسعت آڻڻ جي ذميواريءَ کان شاعر کي هر دم آگاهه ۽ سچيت رهڻ جڳائي. ان ڏس ۾ لوڪ ڪلاسيڪل توڙِ نئين اتهاس جو گهرو اڀياس لازمي آهي. اها ڳالهه تنوير، اياز گل جي شعري مجموعي ”دک جي نه پڄاڻي آ“ جي اڀياس ۾ به ڪئي آهي. ”جوڀن – ٿال “ مان ”جوڀن جو ٿال“ مطلب ورتو ويو آهي، پر اتي ”جو“ Understood ناهي. قليچ ”وڏو سنڌي ويا ڪرڻ“ ۾ ٻٽن ۽ مرڪب لفظن تي پورو هڪ باب لکيو آهي. اهو استادن، شاگردن، ليکڪن ۽ خاص طورتي شاعرن کي ضرور پڙهڻ گهرجي، ڇو ته هڪ شاعر ساڳئي وقت استاد به هوندو آهي، ته شاگرد به، سکندڙ به هوندو آهي، ته سيکاريندڙ به، پر اِتي خاص طور تي هڪ شاعر جي حوالي سان ”سکڻ – سيکارڻ“ ڪڏهن به عام معنيٰ ۾ نه ورتو وڃي:

لفظن اهڙو شعور مچايو،
چُپ ٿي وئي ويچاري معنيٰ.
 

ان شعر ۾ ”لفظن جي شور ۾ معنيٰ جي چپ ٿي وڃڻ“ کي به هڪ معنيٰ آهي. لفظ جامد، ساڪن ۽ بي معنيٰ هوندا آهن ۽ هڪ شاعر جو بنيادي فرض آهي ته سٽ – سريءَ ۾ پوئي انهن کي زنده، متحرڪ ۽ بامعنيٰ بڻائي. قافيو به هڪ لفظ آهي ۽ اهو قطعي ضروري ناهي ته هر قافئي تي شعر به لکجي. غزل جي سڀني شعرن ۾ توازن هئڻ گهرجي ۽ فن

صرف ڪم ناهي هٿوڙين جو صراف!
فن به گهرجي زيورن جي گهاڙ ۾.

 

غزل ۾ هر شعر هڪ ٻئي کان وڌ نه سهي، پر گهٽ به نه هجي. اپيلنگ  هجي ۽ الڳ هوندي به سنگهر جي ڪڙيءَ وانگر هجي.

جيستائين موضوع جي ڳالهه آهي ته ڪنهن به موضوع کي ڪنهن هڪڙيءَ صنف لاءِ مخصوص نٿو ڪري سگهجي، ته اهو نثر جو موضوع آهي يا نظم (شاعريءَ) جو، بيت جو آهي يا وائيءَ جو، يا غزل جو ڪو به تخيل جڏهن لفظن ۾ پلٽجي ٿو، تڏهن هيئت به پاڻ سان گڏ آڻي ٿو:

سَچُ سوچڻ ڪفر ۽ الحاد ڙي!
هاءِ گهوڙا ڙي! اڙي بغداد ڙي!
 

غزل جي هڪ مخصوص فضا آهي، جنهن کي تعزل چيو وڃي ٿو. اشارو، ڪنايو، استعارو، رمزيت، رومال ۾ ويڙهي ڳالهه چوڻ، لڪ لڪاءُ، نزاڪت، نفاست، مک چک، ترڪيبن، تشبيهن.... سان ئي غزل جي اها روايتي مخصوص فضا جُڙي ٿي:

اگر شيرين نه ٿي حاصل اسان کي،
مگر ڏونگر ته ڏاريندڙ رهياسين.
 

جتي ”وفا“ وٽ اهو روايتي رنگ آهي، اتي هن ان کان بغاوت به ڪئي آهي:

پاڻي ۾ نمڪ وانگي،
دک درد ڇڏن ڳاريو
 

-

درٻارن جي چمچي بازي،
شاعر جي سرڪاري معنيٰ
 

--

چٺ ۾ ٻوڙ پلاءُ، مگر،
فاقن ۾ انسان رهيو
 

--

ٻن چپڙن جي کٽمٺڙن لئه،
رڙندو رهندس ٻارن وانگر.
 

انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ”وفا“ جي غزل جو پنهنجو رنگ – ڍنگ آهي، ان ڪري هو پنهنجي ساٿارين کان مختلف ۽ منفرد ٿي بيٺو آهي. هن غزل جي صنف ۾ ٻوليءَ، موضوع، توڙي گهاڙيتي جا تجربا ڪيا آهن:

وات کي لغام آ،
وقت کي سلام آ.
 

--

سنگسار پيار ٿيو،
شهر جو نياءَ هو.
--

سِج بيٺي انهن کي ڪُٺو ويو،
جن انڌيرن ۾ مشعل جلائي.
 

--

شيش محل ۾،
پٿر سازي.
 

”وفا“ روايتي تغزل جي ڀڃڪڙي به ڪري ٿو ۽ رمزيت ۽ اشاريت بدران سڌي سنئين ڳالهه ڪري ٿو:

سڀئي قانون جا دشمن،
اٿئي قانون دانن ۾.
 

”وفا“ غزل کي سچي پچي زندگيءَ جي ويجهو آندو آهي:

بس اهو وقت ئي زندگي هو،
جيڪو توسان گذاري ڇڏيو مون
 

”وفا“ غزل ۾ جيڪي تجربا ڪيا آهن، اهي ڪيتريقدر ڪامياب آهن، اهو ته تنقيد ئي ٻڌائي سگهي ٿي، جيڪا في الحال اسان وٽ ناهي!.

مون کي منهنجي مرڻ کان پوءِ پڙهجان،
مان پنهنجي دور جي تحرير ناهيان.
 

پر ”وفا”“ هن دور ۾ ئي ڇپجڻ گهرجي ۽ پڙهيو به هن دور ۾ ئي وڃڻ گهرجي. ”ضمير“ جيڪو شاعر جو ”سَتُ“ آهي، ”وفا“ انَ کي قائم رکي سگهيو آهي، سو به هن دور ۾، ته اها پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏي ڳالهه آهي:

توڙي اسير آهيان، پر بي ضمير ناهيان.
حملا نه ڪر وفا تي. جلاد قاتلانه.
 

”وفا“ پنهنجي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ سڄي سنڌ رُليو آهي، پر هُن جي شاعري ۾ منظر نگاري نه آهي. ان جو ڪارڻ اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته هو پاڻ تائين محدود رهيو آهي يا هن کي ئي Main Object ڪري کنيو آهي:

اکيون منهنجون ۽ تنهنجا چارا هئا،
سفر ۾ اِهي ئي نظارا هئا.
 

”وفا“ مون کي مهاڳ لکڻ لاءِ چيو هو، پر مون هُن جي ڪلام تي مهاڳ بدران ”اَمهاڳ“ لکيو آهي ۽ ان جو ڪارڻ غلام محمد ”غازيءَ“ جي ڪلام تي لکيل ”اَمهاڳ“ ۾ لکي چڪو آهيان، ته مان مهاڳن لکڻ کان بر ٿي چڪو آهيان ۽ بقول ڪنهن جي ته ”اَمهاڳ“ به سنڌي ادب ۾ هڪ ”نئين جدت“ آهي. ان ڏس ۾ وستار سان غلام محمد ”غازيءَ“ جي ڪلام تي لکيل ”اَمهاڳ“ ۾ لکيو اٿم. ”وفا“ وٽ ان ڳالهه تي بحث ڪرڻ جي ڪا به گنجائش نه آهي:

بحثڻ فضول آهي،
شاعر رسول آهي.

 

پر ڇا هر شاعر رسول آهي” بهتر ته ائين ئي آهي ته شاعر کي صرف شاعر ئي رهڻ ڏنو وڃي.

”وفا“ هن ڌرتيءَ جي گولي تي هڪ عجيب جيوَ وانگر جيو آهي. مست ملنگ رهيو آهي. پنهنجي زندگيءَ ۾ به ته پنهنجي شاعري ۾ به! رسالن ۾ هو نٿو ڇپجي، ڇو ته هو ٽپالي قسم جو شاعر نه آهي ۽ ڪنهن شاعر کان ڪلام گهرڻ جي روايت پرنٽ ميڊيا وٽ اڃا تائين جُڙي ئي ناهي! ٽي – وي ۽ ريڊيو هن لاءِ جهڙوڪ ممنوع علائقا آهن. نصاب هن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارا ”پٿرن جو ڍير آهن قبر جيان“ ۽ انهن تي فائيلن جا ڪاغذي پَڙ چاڙهيل آهن. ظاهر آهي ته اتي به ”وفا“ نه ٿو ڇپجي سگهي! ادبي لڏي سان به هن جي ايتري اٿ ويهه ناهي، ان ڪري هُن جي ”لابي“ به ناهي. پنهنجو ڪلام هو پاڻ ڇپائي نٿو سگهي – ته پوءِ هن جي ڪلام ڇپائڻ جي ذميواري ڪنهن جي آهي؟ يقينن اِن ڏس ۾ غير سرڪاري ۽ خانگي ادارن کي ئي اڳيان اچڻ گهرجي، ڇو ته ”وفا“ پنهنجي ذميواري پوري ڪري چڪو آهي:

ڪو نه ڇڏيندو سنڌ ”وفا“
ڪاڙهيو ڀلي ڪڙاهي ڙي!

 

”سنڌ کي نه ڇڏڻ“ جي ڳالهه به ”وفا“ جهڙوڪو مٿي ڦريل ئي ڪري سگهي ٿو، ۽ هُو اها ڳالهه ڪنهن ذاتي مفاد وٽان نه پيو ڪري، نه ئي ڪجهه اڳاڙڻ لاءِ پيو ڪري. ”وفا“ اهڙين سڀني آلودگين کان پاڻ کي بچائي رکيو آهي، جيڪي روح  لاءِ ڪوڙهه وانگر آهن:

پيٽ کان ظرف ٿو عزيز رکان،

”قافيو به هڪ لفظ ئي ته آهي، چوڻ سان قافئي جي اهميت گهٽجي نه ٿي، پاڻ وڌي ٿي. قافيو هڪ لفظ ته آهي، هڪ مُک لفظ آهي ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ قافئي کي ڏاڍي سهج سڀاءُ سان ورتايو ويو آهي ۽ سنڌي شاعريءَ مان منهنجي مراد سنڌي شاعري ئي آهي:

جان وڃان بازار ۾، لڌم ڳاڙهو ٻيرُ،
ٻيرُ ته کاڌم پيٽ ۾، تنهن جو شاهد ڪير.

 

اهو انترو، مصرع يا بند مشهور لوڪل نرت گيت ”جنڊالڙو“ جو آهي:

منهنجو جنڊالڙو، ڏي ته کيڏڻ وڃان

۽ انهيءَ اسٿائي ٿل يا وراڻيءَ کان پوءِ جيڪي ٻه سٽون اچن ٿيون، سي معياري دوهي جي فارم ۾ آهن، ”ٻيرُ، ڪيرُ“ جي ترقافئي سوڌو. سنڌي شاعريءَ ۾ قافئي جي پنهنجي بيوٽي آهي. لوڪ شاعريءَ ۾ به قافيا گيت به ملن ٿا. لطيف به قافئي کي ڪٿي ڪٿي تياڳو آهي، پر ائين سڀاويڪ تڏهن آهي، جڏهن اهميت معنيٰ کي هجي، نه ته سنڌي شاعريءَ ۾ تُزقافئي جي روايت شروع کان موجود آهي. قليچ ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ ۾ قافئي تي هڪ پورو باب لکيو آهي ۽ ان ۾ قافئي جا جيڪي اصول ٻڌايا اٿس، توڙي جو پاڻ به انهن تي عمل نه ڪيو اٿس، پراُهو باب اسان جي شاعرن کي پڙهڻ ضرور گهرجي. غزل جي صنف ۾ به قافيو بي ساخته هئڻ گهرجي، لفظن وانگي. ”وفا“ وٽ به اسان کي اهڙو تُز قافيو ملي ٿو:

بدن مهراڻ آهي، دل ڦليلي،
اڃا سنڌي نه آهيان سوچ ٻيلي!

 

شاعريءَ ۾ جڏهن به ڪو لفظ تخليق ٿئي ٿو، تڏهن پنهنجي معنيٰ سوڌو تخليق ٿئي ٿو ۽ اياز جي چواڻيءَ ته لفظن کي صدين جو پس منظر هوندو آهي:

اڃا سنڌي نه آهيان سوچ ٻيلي!

واري سٽ به معنيٰ سوڌي تخليق ٿي آهي – اهو قطعي ضروري ناهي ته شاعر جي به اسان واري ساڳي معنيٰ هجي، پر جيئن ته اِها سِٽ منهنجي به ترجمان آهي، ان ڪري مان اِن جي معنيٰ اهائي ڪندس جيڪا مون کي آئڙندي!

وفا لاءِ ڪٿي ڪنهن اهو لکيو آهي ته ”وفا“ جي ماءُ ٻولي پنجابي آهي، پر هن سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي! اهو بلڪل ائين ئي آهي، جيئن مان چوان ته توڙي جو الياس عشقي صاحب جي ماءُ ٻولي ته اردو آهي، پر هو لکي سنڌيءَ ۾ ٿو. ائين ته اسان جي ڪيترن ئي لکندڙن جي ماءُ ٻولي سرائيڪي آهي پر اهي سنڌيءَ ۾ لکن ٿا.يقينن ائين جنهن به ليو آهي، تنهن ”وفا“ جي Plus point طور ئي ائين لکيو آهي. هتي انهيءَ بحث جي گنجائش نه آهي ته پنجابي، هندڪو (سنڌڪو!) يا سرائيڪي، سنڌ ٻوليءَ جا ئي لهجا (Dilacts) آهن، يا سنڌي، پنجابي، هندڪو ۽ سرائيڪي ساڳيءَ ماءُ جون جاڙيون ڌيئرون آهن! يا انهن جو Root ساڳيو آهي! هتي ڳالهه اها ڪرڻي هيم ته ”وفا“ انهن ڪيترن شاعرن کان سٺي شاعري ڪئي آهي، جن جي ماءُ ٻولي سنڌي آهي!

وفا“ کي سنڌي هئڻ جي ڪنهن سرٽيفڪيٽ جي کاپي ناهي! ڇو ته هن سنڌ جي مفادن کي ڪٿي به ڇيهو نه رسايو آهي.

روز نعرن جا ٿا ٺڪاوَ ٿين،
ڪاش! عملي طرح اپاوَ ٿين.

 

”وفا“ اهڙن نعرن جي ٺڪاوَن کان پري رهيو آهي ۽ پنهنجو تخليقي ڪم ڪندو رهيوآهي. هو ادبي سياست کان دور رهي، عوام کي ويجهو رهيو آهي:

يار آهن وفا سياستدان،
منهنجو سڀ ڪجهه عوام جهڙو آ.

 

امداد حسيني

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org