سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اوجاڳن جو انت

وفا ناٿن شاهي

صفحو :14

ó

سچُ مٿاهون ڪرڻو پوندو،
ڪنڌ اڏيءَ تي ڌرڻو پوندو.

 

جيئڻو پوندو، مرڻو پوندو،
اچ وڃ ساگر ترڻو پوندو.

 

تيل جي بدلي رت ٿا هاريون،
هر مشعل کي ٻرڻو پوندو.

 

جيون ٺهڻ، ڊهڻ جو نالو،
ٺهڻو پوندو، کرڻو پوندو.

 

جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي،
ڪرڻو پوندو،  ڀرڻو پوندو.

 

حد جو ليڪو اورانگهيندڙ!
توکي پُٺتي ورڻو پوندو.
ó

 

ó

منهنجو مرڻ لکيل ئي نه آ ڪنهن ڪتاب ۾،
ساقي! ملائي زهر ڏنو ٿئي شراب ۾.

 

هُن ۾ حجاب هو، يا اُهو هو حجاب ۾،
ڳالهيون ڪري هزار ويو جو نقاب ۾.

 

عالم جي ڄاڻ، عالمي احساس جي ڪري،
دنيا جو هر ڪتاب هو منهنجي نصاب ۾.

 

ٿو پنهنجو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو وتان،
ڪا ڀي اُميد ڪا نه رکيم ڪنهن جناب ۾،

 

اهڙو به منهنجي شهر ۾ هڪ شخص ٿو رهي،
ثاني رکي نه پنهنجو ڪو حسن ۽ شباب ۾.

 

ايئن هُن جي دل ۾ آهي پريشان منهنجو پيار،
تِشنه لبيءَ ۾ جيئن هرڻ ڪو سراب ۾.

 

جنهن جي ڪرڻ سان ڪنهن جو ڀلو ٿي پوي ’وفا‘!
اهڙو گناهه ڀي ٿو مان سمجهان ثواب ۾.
ó

 

ó

دل اهڙي ڀري آهي،
جنهن تنهن کان ڳري آهي.

 

مشعل جان ٻري آهي،
ڇا جلوه گري آهي!

 

اهڙي ته کري آهي،
سوچيان ٿو چري آهي.

 

ڪا وِير نه ٻوڙيندس،
هر تار تري آهي.

 

ڪا مُند وري ڪانهي،
ڪا مُند وري آهي.

 

ڪو ڪيئن کڻي ان کي،
ڀاڪر نه ڀري آهي.

 

انسانُ نه ٿي ڏسجي،
ڪا حور، پري آهي!

 

هيءُ واهه جو گهر آهي،
در آ نه دري آهي.
ó

 

ó

اُڻ تُڻ ۾ غور آهي،
ڇا تنهنجو طور آهي.

 

ڪا شمع، ڪو پتنگو،
ڪو گل ڪو ڀنؤر
(1) آهي.

 

حورون، پريون به برحق،
هوءَ شيءِ ئي اور آهي.

 

شيشن جو موت آهي،
پٿر جو دور آهي.

 

ڪلهه دور هو ’وفا‘ جو،
اڄ زر جو دور آهي.
ó

 

ó

ڪيريا ڪوٽ اسان،
ڳاڙها گهوٽ اسان.

 

سِنڌڙيءَ سودي جا،
ڦاڙيا نوٽ اسان.

 

ڪاٽي ڏور ويو،
چاڙهي چوٽَ، اسان.

 

ڪنهن کي ڪيئن ڍڪيون؟
بي لانگوٽ اسان!

 

مَلمل گرميءَ ۾،
ٿڌ ۾ ڪوٽ اسان.

 

سوڀ اسان جي تون،
تنهنجا ووٽ اسان.

 

سامهون موت ’وفا‘!
پر، اڻموٽ اسان.
ó

 

ó

مِٽي به شفا تنهنجي،
ڇا آب / هوا تنهنجي.

 

قبرن ۾ جيئڻ وارا!
حيرت ۾ بقا تنهنجي.

 

اڄ عيد جي رات آهي،
هٿ منهنجا، حِنا تنهنجي.

 

ٿيندي نه طبيبن کان،
اي درد! دوا تنهنجي.

 

ڏسِ ڪيئن ٻُڌي شهري،
صحرا ۾ صدا تنهنجي؟

 

گُل گُل ۾ ملي مون کي،
رنگين ادا تنهنجي!

 

پئي ڪوڙَ چيو سچ کي:
سوري آ سزا تنهنجي

 

 


ڇا حسن، جواني ڇا،
هر چيز فنا تنهنجي!

 

دولت جو غلام آهين،
چاهت نه ’وفا‘ تنهنجي.
ó

 

ó

هر وقتُ وساري ڇڏ،
هڪ ”حال“ سڌاري ڇڏ.

 

يا مون کي سنواري ڇڏ،
يا پاڻ به کاري ڇڏ.

 

زنده جي رهڻ چاهين،
هر موت کي ماري ڇڏ.

 

ٻيڙي نه هان، ماڻهو هان،
ڪنهن هڪڙي ڪناري ڇڏ.

 

مان ڄاڻ ملڻ آيس،
ڪُتن کي سمهاري ڇڏ.

 

پڃرن کي ڀڃي، ڀوري،
ساسين کي اڏاري ڇڏي.

 

ٽي حرف ’وفا‘ جا ٿئي،
دل ساڻ اچاري ڇڏ.
ó

 

ó

پُورَ جاڳي پيا،
سُورَ جاڳي پيا.

 

ڄاڻ ميوا لٿا،
ٻُورَ جاڳي پيا.

 

نيڻ روشن ٿيا،
نُورَ جاڳي پيا.

 

ننڊ جوڌن مٿان،
جُهورَ جاڳي پيا!

 

مُند بالغ ’وفا‘!
تُورَ
(1) جاڳي پيا.
ó

 

ó

صرف شادي نباهه سمجهيو ويو،
عشق ليڪن گناهه سمجهيو ويو.

 

سچ کي افلاسَ جو ڏئي نالو،
ڪوڙ سڻڀو گراهه سمجهيو ويو.

 

حسن وارن کي ڪوٽَ ۾ واڙي،
حُسن کي مهر و ماه سمجهيو ويو.

 

بُتڪدي مان ڦِرِي ٿيو ڪعبو،
ڊاههَ هڪڙيءَ کي ٺاهه سمجهيو ويو!

 

زر جو هر جانور ويو ڀيلي،
دل کي ٻيلن جو گاهه سمجهيو ويو.

 

ويو وفا کي به سنگسار ڪيو،
پيار کي ڀي گناهه سمجهيو ويو.

 

اي ’وفا‘! خود به بي پناهه رهيو،
جنهن کي عالمِ پناهه سمجهيو ويو.
ó

 

ó

توهان جو من ٽهي ويو،
اسان جو ڪم لهي ويو.

 

بليڊ جان لهي ويو،
۽ رت جان وهي ويو.

 

جو در هُيو ڀڄي پيو،
جو گهر هُيو ڊهي ويو.

 

ڪو سج جان طلوع ٿيو،
ڪو چنڊ جان لهي ويو.

 

هزار ٺوڪرون لڳس،
ڊهي ڊهي، ٺهي ويو.

 

مٿان ڪئي جبل ڪِريا،
مگر ’وفا‘ سهي ويو.
ó

 

ó

چاهت جو اعلان نه ٿيءُ،
دانا ٿي، نادان نه ٿيءُ!

 

هر رشتو معيار رکي،
رشتن تي بهتان نه ٿيءُ!

 

ڪاتي هيٺان ڪنڌ چڱو،
ظالم جو فرمان نه ٿيءُ!

 

فِرقن ۾ قرآن نه ونڊ،
ماڻهو ٿي، حيوان نه ٿيءُ!

پاڙي ۾ ئي ايندو ڪر،
ڀل منهنجو مهمان نه ٿيءُ!

 

من! ماڻهو انمول اٿئي،
دولت تي قربان نه ٿيءُ!

 

مطلب جو سنسار ’وفا‘!
اڻ – گهريو احسان نه ٿيءُ!

ó

 

ó

هُن رلائي ڇڏيو،
مون ڀلائي ڇڏيو.

 

جنهن بنايو هئو،
تنهن ڦِٽائي ڇڏيو.

 

ديپ طوفان ۾،
مون جلائي ڇڏيو.

 

ڪنهن رئاري ڇڏيو،
ڪنهن کِلائي ڇڏيو.

 

حُسن کي عشق سان،
مون مڃائي ڇڏيو.

 

ڦٽ وانگر مون کي،
ڪنهن ڏکائي ڇڏيو.

 

هُو وکر هو ’وفا‘!
مون کائي ڇڏيو.
ó

 

ó

محروم لڳو پيو آن،
مرحوم لڳو پيو آن!

 

خاموش محبت جو،
مغموم لڳو پيو آن!

 

رخسار يا سيپارو؟
معصوم لڳو پيو آن!

 

افسوس بهارن ۾،
مغموم لڳو پيو آن!

شاعر جي امانت آن،
منظوم لڳو پيو آن!

 

هر ظلم ’وفا‘! توسان،
مظلوم لڳو پيو آن!
ó

 

ó

گل ٿي، خار نه ٿِي،
عورت! ٻار نه ٿِي.

 

زر جو يار نه ٿِي،
دنيادار نه ٿِي.

 

مُلهه جو پيار نه ٿِيِ،
ڪاروبار نه ٿِي.

 

جندڙي گهوري ڇڏ،
رسمي پيار نه ٿِي.

 

ڪُهه نه غريبن کي،
بد ڪردار نه ٿِي.

 

هر بيگار ڀلي،
پر، بيڪار نه ٿِي.

 

مَڃُ احسان ’وفا‘!
مُحسن – مار نه ٿِي!!
ó

 

ó

آيو ڪو ”سِر – گهور“ وفا!
مقتل مقتول شورُ وفا!

 

تنهائيءَ ۾ ياد سندس،
بک ۽ مانيءَ ڀورُ، وفا!

 

بعضي بعضي بُک وِگهي،
ساڌ ٿئي ٿو چورُ، وفا!

 

ميڪ اپ، آئينو ۽ پاڻَ،
جيئن نچي ٿو مورُ، وفا!

 

ڪنهن جي وڇڙڻ کان پو مان،
ڍَڪَ ۾ پُوريل ڍور، وفا!

 

ماڻهوءَ جيڏو نانگ کڻي،
نور تڏهن ڀي زور ’وفا‘!
ó


 

(1)  ڀئور - ڀنئور

(1)  تُور: نسل، ڄم

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org