سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اوجاڳن جو انت

وفا ناٿن شاهي

صفحو :12

ó

نَرُ هوءِ کڻي مادي،
اِنسان ته آزادي.

 

جيون جو دليل آهي:
 احساسِ غم و شادِي.

 

مان هن جو وطن آهيان،
دل آهه سندس گادِي.

 

وَنُواهه مان اڏري وئي،
اڄ رات هئس شادِي!

 

مان پيار – جو پربت هان،
هوءَ روپ سندي وادي.

 

هر ريل ۾ ملزم آ،
هر جيل ۾ فريادي.

 

پٿر سان وفا! ياري،
آئيني جي بربادي.

 

ó

 

ó

صليبون سجايون پيا،
اکرَ آزمايون پيا.

 

بغاوت جا نعرا هڻي،
ڪسڻ کان ڪَنايون پيا.

 

کڻي لُڙڪ آهيون اسان،
مگر گُل کِلايون پيا.

 

سراپا غزل پيو، اچي،
چڱو، موڪلايون پيا.

 

مُحبت جون چٺيون ٻَڌي،
ڪبوتر اڏايون پيا.

 

ڪٿي هُو، اسان ڪِٿ وفا!
مِڙئي ڌوڙ پايون پيا.

 

ó

 

ó

زر جي ڏس، جادوگِري،
ديو جي ڪڇ ۾ پري!

 

موٽ ڪر جلدي چَري!
ورنه مان ويندس مري.

 

شهر جا ماڻهو نه کارِ،
پاڻ ڀي پوندين کري.

 

هِجر جي لُڙڪن ۾ بُت،
لوڻ وانگر ويو ڳري.

 

ڏي نه چڻنگن کي هَوا،
مچُ ڪو پوندو ٻري!

 

ڪا نه ٻي ترندي ائين،
جئن
وفا! سُهڻي تري.

 

ó

 

ó

وفا ۽ بيوفا!؟ هي ڇا چيو ٿئي،
اڙي اشراف! ڪنهن چرچو ڪيو ٿئي.

 

اُهو ئي گُفتگو جو ماحصل (1) هو،
نِڙيءَ ۾ لفظ جو اٽڪي پيو ٿئي.

 

نَشو خود ٿيڙ کائيندو وتي ٿو،
الئه مئه کي ۽ مون کي ڇا ڪيو ٿئي.

 

اکيون انڌيون، دماغ انڌو ۽ دل ڀي،
سمورو سوجهرو کسجي ويو ٿئي.

 

تڏهن مينهن ۾ هُڙ کُڙ ٿي پئي ٿئي،
جڏهن اڌ کير، اڌ پاڻي مَيو ٿئي.

 

وفا! ڪُڏندو هُئين تون سانوڻن سان،
سُڪيءَ تي پير ڪيئن تِرڪي پيو ٿئي؟

 

ó

 

ó

زمينن، آسمانن ۾،
ڏِٺم سڀني جهانن ۾.

 

گهُري جِن جِن به آزادي،
مري ويا قيدخانن ۾.

 

ڪئي طوفان پَلجن پيا،
بتيلن، بادبانن ۾.

 

مان مُفلس، تون وڏو ماڻهو،
نه گڏ نوحا، ترانن ۾.

 

خدا ڌرتيءَ کي ويجهو آ،
نه ڳوليو آسمانن ۾.

 

فقط تنهنجي تلاش آهي،
زمانن ۽ مڪانن ۾.

 

سڀئي قانون جا دشمن،
اٿئي قانوندانن ۾.

 

عجب آدم جو افسانو،
سدائين اِمتحانن ۾.

 

ڏسان پڃري ۾ هر بُلبل،
۽ ڪانئر
(1) گلستانن ۾.

 

وفا، ماڻهن ۾ رهندو آ،
حقيقت جان فسانن ۾.

 

ó

 

ó

هَنيهءِ اهڙي ڪَڇي قُربن جي ڪاني،
ڪري فانيءَ کي ڇڏيئه غير فانِي.

 

زميني جسم، چولو آسماني،
قضا جو سڏ: قيامت جي نشاني.

 

لڳي ٿي تنهنجي چاهت جي نشي ۾،
مون کي هڪ مئڪدو تنهنجي جواني.

 

خدا کان پوءِ هُوءِ معبود آهي،
سندس تعريف عاشق جي زباني.

 

فقط بڪواس جو آهي زمانو،
بڻي دشمن اسان جي بي زباني.

 

اُهو، جنهن آبشارن کي ڏٺو آ،
ڏِسي سو منهنجي لڙڪن جي رواني!

 

وفا! ڪُتن، ٻِلن جي عيد آهي،
نه ماڻهوءَ کي مِلي ٿي دال ماني.

 

ó

 

ó

هونءَ ته هر لب تي تنهنجو نالو هو،
صرف منهنجي چَپن تي تالو هو.

 

جنهن سان تنهنجو ضمير روشن ٿيو،
منهنجي احساس جو اُجالو هو.

 

ڍُڪ ڀرڻ سان ئي ٿي ويو محسوس،
زندگي زهر جو پيالو هو.

 

جنهن کي سج، چنڊ پئي چيو ماڻهن،
تنهنجو بُولو هو، تنهنجو والو هو.

 

پيار پڌرو ڪري سگهيو نه وفا!
ڪير سيد هو، ڪير ٻالو هو.

 

ó

 

ó

فقط ميلاپ جو مظهر هي دسترخوان آ پيارا!
نه ڪوئي ميزبان آهي، نه ڪو مهمان آ پيارا.

 

ائين ناهي ته دولتمند ڪو انسان ئي ڪونهي،
مگر انسانيت جو اُن ۾ ڪجهه فقدان آ پيارا!

 

نه ڪافر کي بُرو سمجهي، نه مومن کي مَٺو ڀانئين،
خدا وٽ قابلِ عزت فقط انسان آ پيارا!

 

ڏسي ٿو هر ڪوئي پنهنجي نگاهن ساڻ دنيا کي،
نه ڪوئي عقلمند آهي، نه ڪو نادان آ پيارا!

 

سندس وعده خلافي تي، سندس ايڏي تغافل تي،
مون کي افسوس آ پيارا! مون کي ارمان آ پيارا!

 

جو جنت مان ڀڄي آيو، اهو دوزخ ۾ ڪيئن رهندو،
وفا! آدم اِنهي حيرت ۾ خود حيران آ پيارا!

 

ó

 

ó

اسان خود کي ته ماريندا رهياسين،
مگر هُن کي جياريندا رهياسين.

 

انهيءَ لغزش وڌو ٻوڙي اسان کي،
ٻڌڻ وارن کي تاريندا رهياسين.

 

اگر شِيرين نه ٿي حاصل اسان کي،
مگر ڏونگر ته ڏاريندا رهياسين.

 

چِٻن، چَمڙن ڏنيون اِن لئه سزائون،
ڏِيئا اوندهه ۾ ٻاريندا رهياسين.

 

لنگهيو رستي مان اهڙو ديده ور جو،
گهڻي تائين نهاريندا رهياسين.

 

نڀايوسين حسينن سان سدائين،
کڻي ڏکيا گذاريندا رهياسين.

 

نه بيٺا اُٺ، نه بيٺا اُٺ نه بيٺا،
وفا چندن به چاريندا رهياسين.

 

ó

 

ó

کڙڪيون ئي کڙڪيون ديوار ۾،
گهر ۾ هوندي پئي لڳو بازار ۾.

 

ٽائرن هيٺان چچرجي ويا حواس،
حسن پيدل، عشق آهي ڪار ۾.

 

تنهن ڪري هٿيار اُڇلي ٿو ڇڏيان،
جيت منهنجي آهه منهنجيءَ هار ۾.

 

دل جي اکين تان جڏهن کوپا لٿا،
ڪجهه جو ڪجهه آيو نظر بازار ۾.

 

ڪيئن کُڙڪايان عدالت جا ڪڙا؟
عدل جي اميد ۽ سرڪار ۾!

 

ڪيترو تون ڪَم عقل آهين وفا!
يارُ پيو ڳولين چِتا جي ڇار ۾.

 

ó

 

ó

جِسم گندو آ، روح گندو آ،
حالُ انسانيت جو مندو
(1) آ.

 

شيخ صاحب جي ڪارِ ۽ بنگلو،
من – گهڙت مسجدن جو چندو آ.

 

جنهن جي مُرڪن سان منهنجو عشق آهي،
منهنجي لڙڪن سان پيار ڪندو آ.

 

فڪرِ جنت جدا جدا آهي،
هر ڪو پنهنجي خدا جو بندو آ.

 

اڻ – گهڙيا ڪاٺ ڀي ويا گهڙجي،
زور ۽ زر عجيب رندو آ.

 

ساهه گهُٽجڻ کان پوءِ ٿيو محسوس،
زُلف بِگڙي پَوَن ته ڦندو آ.

 

جنهن کي دنيا چيو وڃي ٿو وفا!
ڊوهه ۽ دوڌَ جو پلندو آ.

 

ó

 

ó

ڪُوڙن تي ڪَرمُ ڇا لئه!
سچن تي ستم ڇا لئه؟

 

هر نقش جڏهن فاني،
هي ناز، نعمُ
(1) ڇا لئه؟

 

تدبيرَ جو ساڻي آ،
تقدير جو غم ڇا لئه؟

 

هٿ، نيڻ کَسڻ وارا!
ڪاغذ ۽ قلم ڇا لئه؟

 

اي ڪاش! اهو سمجهون،
وَٺجي ٿو جنم ڇا لئه؟

 

جي امن عزيز آهي،
بارود ۽ بم ڇا لئه؟

 

دل ڪعبو، وفا! ان ۾،
پَٿر جو صنم ڇا لئه!

 

ó

 

ó

قهر جو ماڻهو هيو،
شهر جو ماڻهو هيو!

 

جو مليو سالن کان پوءِ،
پهر جو ماڻهو هيو.

 

دهر (1) ۾ گم ٿي ويو،
دهر
(2) جو ماڻهو هيو.

 

هر ادا قاتل هُيس،
قهر جو ماڻهو هيو!

 

رتُ جون الٽيون وفا!
زهر جو ماڻهو هيو.

 

ó

 

ó

گرم ڌنڌو آ، سرد ٿاڻو آ،
وقت جو ماءُ پيءُ ناڻو آ.

 

ڪو به ماڻهو سڄو نٿو ڏسجي،
ڪوئي انڌو آ، ڪوئي ڪاڻو آ.

 

سچَ جو شهر ئي جدا آهي،
ڪاٿي مقتل آ، ڪاٿي گهاڻو آ.

 

جئن نه ماڻهو: اٽي جو ڇاڻ هجي،
کارڪن تي ائين وِڪاڻو آ.

 

زندگي: هَرُ، ضرورتون: ڌرتي،
هارين جان وجود ساڻو آ.

 

وقت جي اهميت کي ذهن ۾ رک،
اڄُ جي خودڪُشي، سڀاڻو آ.

 

قتل منهنجو ته هڪ ڪَڙي آهي،
ظلم جو سلسلو پُراڻو آ.

 

تنهنجي کُٽڪن ۾، وَهم جو ڏيئو،
هَرَ ٻَريو آهه، هَرَ وساڻو آ.

 

منهنجو سڀ ڪجهه غريب آهه مگر،
هُن جو ماحول وڏ – گهراڻو آ.

 

شاعرن کي چوي سدا پاڳل،
ڄڻ زمانو
وفا! سياڻو آ.

 

ó

 

ó

چادر، چوديواري معنيٰ؟
پَردي جي بازاري معنيٰ.

 

لفظن اهڙو شور مَچايو،
چَپ ٿي وئي ويچاري معنيٰ.

 

روزي جي معنيٰ جي فاقو،
سحري ۽ افطاري معنيٰ!؟

 

مون اڄ ڏينهن تائين ڪانه پڙهي آ،
دنيا جي موچاري معنيٰ.

 

چوندو آن: هرجائي ناهيان،
هي ميڙو چوڌاري معنيٰ؟

 

درٻارن جي چمچي – بازي،
شاعرجي سرڪاري معنيٰ.

 

ڪهڙو ناهي پيار جو قائل!؟
سنڌڙي!
ڪارو ڪاري معنيٰ؟

 

جيون جي معنى جي محنت،
پوءِ محنت کان عاري معنيٰ؟

 

هر عورت جي فطرت ساڳي،
پو هي ڀوري، ڪاري معنيٰ؟

 

ڪُوڙا خوشحاليءَ جا نعرا،
هي بک ۽ بيماري معنيٰ!

 

کير ۾ ڳارن کنڊ وفا! جئن،
مون لفظن ۾ ڳاري معنيٰ.

 

ó

 

ó

ڦٽيل ڦاڙهو، ڦاڙهي آهي،
اوکي لاهي، چاڙهي آهي.

 

ڪنهن هيءَ جَنتا پاڙهي آهي،
جهنڊي جهنڊي ڳاڙهي آهي.

 

ڌن – دولت سان ڪوڏي ڪوڏي،
غربت:
ڀيچي – هاڙهي آهي.

 

کوڙ ڪِريا ۽ چڙهيا ٿورا،
چاهت اوکي چاڙهي آهي.

 

هر ڪو ڍڪ نه لاهي سگهندو،
مون جا ڪُني چاڙهي آهي.

 

صرف تڪلف آهي سجدو،
صرف نُمائش ڏاڙهي آهي.

 

نسخي جهڙي نارِ وفا! مون –
جوشاندي جان ڪاڙهي آهي.

 

ó

 

ó

زاهد جنت واري (1) آهي،
مون کي ڌرتي پياري آهي.

 

جنت کان اِنڪاري آهي،
آدم جي خودداري آهي.

 

دنيا کي سمجهائڻ وارا!
دنيا سمجهڻ واري آهي؟

 

گهر جو چرخو مشڪل هلندو،
محبوبا گهرواري آهي!

 

دولت سان ڪو گڏ نه کائي،
ٽي بيءَ جي بيماري آهي.

 

آدم – حوا جي نسبت سان،
سڀ سان پنهنجي ياري آهي.

 

ó

 

ó

ڪاڻن جي هٿ ڏَنڊي آهي،
اَنڌن دولت وَنڊي آهي.

 

جيسين ساوا کيت نه ٿيندا،
بک جي ڳاڙهي جَهنڊي آهي.

 

ڪُتن جي ميراث رهي ٿي،
ڍَڪَ لٿل جا هَنڊي آهي.

 

دولتمندن خاطر دنيا،
انسانن جي مَنڊي آهي.

 

ó

 

ó

نه آفاق اک ۾، نه فطرت عقابي،
ڪندين آسمانن جي ڪيئن بي نقابي؟

 

خدا کان سوا ڪنهن جي آڏو نه نِوڙان،
سَڏي تنهن ڪري ٿو زمانو وهابي.

 

ڏسي انقلابن کي سوريءَ تي ٽنگيل،
نه ٿو ڪوئي اڳتي وڌي انقلابي.

 

هي طبقن جي تقسيم، ماڻهن ۾ ويڇا،
رڳي آهه فڪر ۽ نظر جي خرابي.

 

چون ٿا وطن - واس مزدور هاري،
کپي ڪا نه جاگيرداري / نوابي.

 

نه جيئرو رهيو لاڙ جو ماڻهو ٿر ۾،
مري ويو سڪيءَ تي پرندو هو آبي.

 

لهن خواهشون ٿيون خيالن ۾ لائون،
گلابي لباس، عالمِ نيم خوابي.

 

ó

 

ó

غربت: انگ اگهاڙي آهي،
دولت چادر ڦاڙي آهي.

 

ٻڪريءَ جيان: قاروني شينهن،
غربت چيري، ڦاڙي آهي.

 

جهوپن سان انصاف نه آهي،
ماڙيءَ تي ڏِس ماڙي آهي.

 

چورن وانگر وار ڪري ٿو،
مڙس نه آهي، ڀاڙي آهي.

 

افعالن جو عڪس پوي ٿو،
جي سنسار پڇاڙي آهي.

 

وات سڃاڻي، پيٽ نه ڄاڻي،
سڳداسي يا لاڙي آهي.

 

آهه وفا! دنيا دوشيزه،
تُنهنجي سوچ ڪُراڙي آهي.

 

ó

 

ó

ساٿي! منهنجو ساٿ نه ڇڏجان،
دنيا سان هٿ – جوڙي آهي.

 

ڌَن جي ڪشتي تارڻ وارن،
دل جي ٻيڙي ٻوڙي آهي.

 

دولت کي ڪمزور ڪرڻ جي،
نينهن روايت ٽوڙي آهي.

 

پِيري! منهنجا پير نه کڻ، مون –
مينهن نه ڪنهن جي ڇوڙي آهي.

 

ڏُڌ – مکڻ لئه مون هي جندڙي،
ڌئونري جيئن وِلوڙي آهي.

 

ó

 

ó

شاهد سُوريون، گهاڻا آهن
توسان پيچ پراڻا آهن.

 

انڌا آهن، ڪاڻا آهن،
عاشق پوءِ به راڻا آهن.

 

فطرت مان معلوم ٿئي ٿو،
ماڻهو وڏ – گهراڻا آهن.

 

سياڻا ڏاڍا چريا آهن،
چريا ڏاڍا سياڻا آهن.

 

تاج محل ڇا، ڪاڪ محل ڇا،
سڀ محبوبي ماڻا آهن.

 

دولت نيچ وفا! انسان کان،
پر انسان وڪاڻا آهن.

 

ó

 

ó

نظرن سان پامال نه ڪر،
دل جو استحصال نه ڪر.

 

تو ڏي ڏسبو ڪو نه وري،
منهن آڏو رومال نه ڪر.

 

سڀ ڪو پنهنجا سُور پِٽي،
ڪنهن سان دل جو حال نه ڪر.

 

گل گل ويندو مفت مري،
بت جو گل گل لال نه ڪر.

 

ڍڪيل شيءِ جو مُلهه ٻيو،
ننگو جوڀن – ٿال نه ڪر.

 

يار! وفا  ڪر، دنيا جان –
مون کي استعمال نه ڪر.

 

ó


 

(1)  ماحصل: تَتُ

(1)  ڪانئرو: پاڻيءَ جو پکي

(1)  مندو: خراب

(1)  نعم : نعمتون

(1)  دهر: دنيا، زمانو.

(2)  دهر جو ماڻهو: زماني ساز ماڻهو

(1)  واري: والاري

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org