سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اوجاڳن جو انت

وفا ناٿن شاهي

صفحو :17

ó

ايڏو هيڻو نه حال ڪر منهنجو،
ڪو ته پورو سوال ڪر منهنجو.

 

يا مون کي ٻانگ جو شعور نه ڏي،
يا ترنم بلال ڪر منهنجو.

 

منهنجو ”ماضي“ ٿو شرمسار ٿئي،
منهنجي سامهون نه ”حال“ ڪر منهنجو.

 

ٺاهه توسان تڏهن ڪبو غاصب!
اڳ ۾ هر حق بحال ڪر منهنجو.

 

مون کي خوشين جو اعتماد ڏئي،
ختم رنج و ملال ڪر منهنجو.

 

مون چيو: چنڊ ڪيئن ٿيندو آ،
هن وراڻيو: جمال ڪر منهنجو.

 

مان ’وفا‘! تنهنجي آسري آهيان،
ٿيءُ ڏاهو، خيال ڪر منهنجو.
ó

 

ó

گُهٽ ٻوساٽ مان پتو ٿو پوي،
ڪو اچڻ وارو انقلاب آهي.

 

ڪهڙي منزل تي زندگي پهتي،
گس ۾ دريا نه ڪو سراب آهي.

 

جيئن ”اڌ چنڊ“ جي مٿان ڪڪري،
”اڌ چهري“ تي تيئن نقاب آهي.

 

تجربو تجربو گواهي آ،
تنهنجو نعم البدل شراب آهي.

 

گلَ محتاج موسمِ گل جا،
تنهنجو چهرو سدا گلاب آهي.

 

وقت جي مشڪلن سان خود نبري،
منهنجو هر شخص کي خطاب آهي.

 

جي پڙهڻ جي ’وفا‘! تميز هجي،
هر حسين شخص هڪ ڪتاب آهي.
ó

 

ó

تنهنجي نفرت ۽ پيار ۾ ناهيان،
يعني ڪنهن ڀي شمار ۾ ناهيان.

 

منهنجي هستي نچي ٿي مستيءَ ۾،
ڪنهن نشي، ڪنهن خمار ۾ ناهيان.

 

پنهنجي چهري جي چاندنيءَ ۾ تلاش،
تنهنجي زلفن جي ڄار ۾ ناهيان.

 

عشق جي ڀي گرفت ۾ ناهيان،
حسن جي ڀي حصار ۾ ناهيان.

 

تون جڏهن کان ڇڏي ويو آهين،
ڪنهن خزان، ڪنهن بهار ۾ ناهيان.

 

صِحن گرداب ۾ ڦِران پيو ’وفا‘!
بحر جي آر پار ۾ ناهيان.
ó

 

ó

دل ڏئي، دل وٺي نه پيار ڪبو،
ڪو به تاجر – صفت نه يار ڪبو.

 

ڪوئي دشمن، نه ڪوئي يار ڪبو،
تجربن کي نه شرمسار ڪبو.

 

”پال“ کان ”وڻ پڪل“ چڱو آهي،
سال کن تنهنجو انتظار ڪبو.

 

توکان وڇڙڻ کان پوءِ رستي ۾،
جو به گڏبو انهيءَ سان پيار ڪبو.

 

ڏي خبر سنگدل ۽ هرجائي!
هاڻ ڇا رنگ اختيار ڪبو.

 

ڪيئن ڀلا دل جا ٽوڙبا رشتا،
پاڻ تي پاڻ ڪيئن وار ڪبو.

رات جان وار، ڏينهن جان چهرو،
’حسنِ دو آتشه‘ سان پيار ڪبو.

 

زندگيءَ جي سلامتيءَ خاطر،
ڪوئي دشمن، نه ڪوئي يار ڪبو.

 

قاتلن، مقتلن پئي ڳالهه ڪئي،
مُجرمن ۾ ’وفا‘ شمار ڪبو.
ó

 

ó

پيار ڪنهن سان ڪرين، وفا ڪنهن سان،
ڪو نه تنهنجي مِلي ادا ڪنهن سان.

 

عُمر جو ساٿ، سَنگ ٿي پياسين،
ڇا مِلي آب ۽ هوا ڪنهن سان.

 

پيار منهنجو حضورشرم هيو،
ڪيئن ڪيان ها ڀلا جفا ڪنهن سان.

 

فِطرتن ئي هَوس پَرست آهين،
پيار، پيارا! ڪرين به ڇا ڪنهن سان.

 

ڪو اڪيلو نه آهه دنيا ۾،
ڪنهن سان شيطان آ، خدا ڪنهن سان.

 

هِڪ مُعمو لڳو پيو آ ’وفا‘!
ڪَنهن سان نهڪر ڪري نه ها ڪنهن سان.
ó

 

ó

اهو حال آهي سوا تنهنجي هاڻي،
نه بُت روح کي، روح بُت کي سڃاڻي.

 

نڪو سامري ۽ نه ڪيلاش آهيان،
پري ڪا پرستان مان ڪير آڻي.

 

ته ڀي اجنبيت جي ديوار آڏو،
مان هن کي ٿو ڄاڻان، هو مون کي ٿو ڄاڻي.

 

اهو حال آهي دماغن جو اڄڪلهه،
سڀاڻي جي اڄ ۽ اڄوڪي سڀاڻي.

 

رڳو انتظارن سان ڪيسين هلان مان،
ڪو قاصد مُنجي، ڪو نياپو اُماڻي.

 

جي ساڻي هجن حسن جون جلوه گاهون،
’وفا‘! عشق در در جي مٽي نه ڇاڻي.
ó

 

ó

هار امر آ، جيت امر آ،
تنهنجي منهنجي پريت امر آ.

 

فاني صرف شراب لڳي ٿو،
جام امر آ، ڳيت امر آ.

 

لُڙڪ به فاني، مرڪ به فاني،
تنهنجي ريت، ڪريت امر آ.

 

سِنڌڙي! تنهنجي راڄ کان مِليل،
پيار امر آ، پريت امر آ.

 

پايل جي ڇم ڇم تان صدقي،
سانوڻ جو سنگيت امر آ.

 

مقتل مقتل لاش ’وفا‘ جا،
سچ جي باغي ريت امر آ.
ó

 

ó

جي تنهنجي پيار کان آجا رهون ها،
زماني ۾ نه ايڏا غم سهون ها!

 

صنم! سُوري به ٺُڪرائي ڇڏي ها،
جي تنهنجي پيار جي ضد تان لهون ها.

 

شِڪست ۽ فتح ڪوئي حل نه آهي،
وِڙهون ها جيسين ڀي جيئرا رهون ها.

 

توهان قاتل، اسان مقتل جي عزت،
توهان کان ڇو ڊڄون ها، ڇو ڊهون ها.

 

پئين غيرن جي ڀٽڪائڻ سان ڀٽڪي،
سدائين گڏ هلون ها، گڏ رهون ها.

 

توهان جي سينڌ ۾ سندور وانگر،
تمنا هئي سدا روشن رهون ها.

 

سندس ماڙيءَ ۾ هئي، ڏاڪڻ ۾ ڏاڪڻ،
’وفا‘! ڪيسين چڙهون، ڪيسين لهون ها.
ó

 

ó

اکين مان انتظار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان،
دل مان اڳوڻو پيار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان.

 

دل مان سڄو غبار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان،
اکين مان آبشار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان.

 

هيءُ لڙڪ لڙڪ گرم ۽ هيءُ ساهه ساهه سرد،
فرقت جو اشتهار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان.

 

شڪ ۽ گمان ناهيان، وفا جو يقين هان،
خدشا سڀئي او يار! ڪڍي ڇڏ ته مان اچان.

 

تون مان فقط گذاريون حياتيءَ جا ڏينهن گڏ،
ٻيو شوق ۽ شڪار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان.

 

مان صرف ٿوگُلن سان محبت ڪري سگهان،
گلشن مان خار خار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان.

 

ڪر ’حال‘ ساڻ پيار ۽ ’آئيندي‘ سان ’وفا‘،
ماضيءَ جي هر مزار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان.
ó

 

ó

تنهنجو پيار جي مون لئه دريا ٿئي ها،
منهنجي قسمت ۾ ڇو صحرا ٿئي ها.

 

پوءِ ڪري ها پيار، وڻي ها جنهن سان،
اڳ ۾ ساري جڳ کان تنها ٿئي ها.

 

عزت جو اهڃاڻ محبت ڪانهي،
چوڏهن ئي طبقن ۾ رسوا ٿئي ها.

 

چاهت جو کليو اعلان ڪرين ها،
پنهنجن ۽ غيرن کان وهوا ٿئي ها.

 

منهنجو پيار هجي ها جي بازاري،
منهنجي توکان ڪا ته تقاضا ٿئي ها.

 

موٽي آئين ماڳ چڱو ٿيو پيارا!
ورنه منهنجو حال الئه ڇا ٿئي ها.
ó

 

 

 

ó

پاتڻي! يار!! تنهنجو سهارو کپي،
ڪُن ۾ آهي ٻيڙي، ڪنارو کپي.

 

رهبرو، رهزنو، دوستو، دشمنو!
ڪوئي رستو کپي، ڪوئي چارو کپي.

 

چنڊ چهرو سندس، چيلهه تائين سڳيون،
اهڙو سهڻو ڪوئي مون کي يارو! کپي.

 

صرف ماڻهو هجڻ ئي ضروري نه آ،
پريت جهڙو هجي، پيار وارو کپي.

 

تنهنجي پيرن ۾ سنسار اڇلي ڇڏيان،
صرف تنهنجي نظر جو اشارو کپي.

 

جيڪو اڳ ۾ هجي مون ڏٺو ڪو نه ڪو،
شعبده باز! اهڙو نظارو کپي.

 

پنهنجو پنهنجو نصيب ۽ ضرورت ’وفا‘!!
ڪنهن کي گهرجي اٽو، ڪنهن کي ڏارو کپي.
ó

 

ó

احساس توکي پيار جو اهڙو ڏياريو،
توکان سڄو پراڻو زمانو وساريو.

 

هر هڪ حسين خود تي نظرثانيون ڪري،
تنهنجي بدن ۽ روح کي اهڙو نکاريو.

 

ٿي ويو آ منهنجو پيارسندس وار وار سان،
هاڻي نه ڪا بلا ۽ نه ڪو نانگ ماريو.

 

آسان وقت ۾ به ملاقات کان جواب!؟
مشڪل جي وقت ۾ به نه توکي پڪاريو.

 

بازي کڻي لڳائي ڇڏيان جسم و جان جي،
توکي ۽ تنهنجي پيار کي هرگز نه هاربو.

 

بي آبرو لباس به، منهن تي نقاب ڀي،
ٻهروپئي جي روپ کي ڪهڙو شماربو.

 

سو زندگيءَ جو هوندو’وفا‘! ڏينهن آخري،
جنهن ڏينهن تنهنجي پيار کي دل تان وساربو.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org