سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اوجاڳن جو انت

وفا ناٿن شاهي

صفحو :18

ó

عشق جي آرزو ٿيڻ چاهي،
ڇو ٿو برباد هُو ٿيڻ چاهي.

 

ڪو نياپو نه ڪوئي پيغمبر،
پاڻ ٿو روبرو ٿيڻ چاهي.

 

دربدر مون کي مئڪدي کان ڪري،
منهنجو جام ۽ سُبو ٿيڻ چاهي.

 

هَمخياليءَ جو دَم ڀَرڻ خاطر،
مُنهنجي خصلت ۽ خو ٿيڻ چاهي.

 

عشق جون اشڪبار اُميدون،
ڪو نئين جستجو ٿيڻ چاهي.

 

خُوبروئن جي حافظي ۾ رهي،
ٿو ’وفا‘ خوبرو ٿيڻ چاهي.
ó

 

ó

ڪا به شيءِ ناهي جا فنا آهي،
ڇو ته مادي کي پي بقا آهي.

 

ڪربلا ۾ ته ڪنهن به ڪو نه ڏٺو،
ڪيئن مڃون هر جڳهه خدا آهي.

 

تنهنجو صحرا – بدن ڪٿي ٻڌندو،
منهنجي لڙڪن ڀري صدا آهي.

 

جيڪڏهن پيار جي نظر سان ڏسون،
حُسن هر درد جي دوا آهي.

 

ٿي ويو دنگ هر حَسين ڏسي،
ڇا سندس ناز ۽ ادا آهي.

 

ظلم، مسندنشين هر پاسي،
عدل، انصاف بي نوا آهي.

 

آهه تخليق هڪ ئي خالق جي،
شاهه آهي، کڻي گدا آهي.

 

هونءَ ته چڳ ريشمي ڪَڪَر آهي،
پر جي بگڙي ته ڄڻ بلا آهي.

 

سچ هن دور ناشناسيءَ ۾،
جيئن خدا آهي، تيئن ’وفا‘ آهي.
ó

 

ó

ڪو جفا تي نه وفا تي ڏک آ،
تنهنجي متضاد ادا تي ڏک آ.

 

توکي گلشن جي هوا تي ڏک آ،
مون کي صحرا جي فضا تي ڏک آ.

 

پيار اظهار جو محتاج آهي،
بي سبب شرم و حيا تي ڏک آ.

 

پيار پابندِ مراسم ناهي،
تنهنجي موڙن ۽ حنا تي ڏک آ.

 

شاهه ساڳيو، نه گداگر ساڳيو،
وقت کي شاهه و گدا تي ڏک آ.

 

صِرف مظلوم ٿا سختيون ڪاٽن،
مون کي بي جرم سزا تي ڏک آ.

 

ساري مخلوق فنا آهه کڻي،
پوءِ به ماڻهوءَ جي فنا تي ڏک آ.

 

پنهنجا افعال رلائن ٿا ’وفا‘!
هِن زماني، نه خدا تي ڏک آ.
ó

 

ó

ايڏو بي ربط ٺاهه ڪيئن ٿيندو،
تنهنجو منهنجو نباهه ڪيئن ٿيندو.

 

جسم کي روح کان سواءِ چاهيان،
مون کان اهڙو گناهه ڪيئن ٿيندو.

 

جيستائين نه دل تي هٿ رکندين،
منهنجو پرواز ساهه ڪيئن ٿيندو.

 

جيڪو پل ڀي نٿو وڻي، اُن سان،
زندگيءَ جو نباهه ڪيئن ٿيندو.

 

سُک ۾ پاليل، وڏيرڪي ڇوري!
توکان ڍورن جو گاهه ڪيئن ٿيندو.

 

جيسين ڪڪرن سان پيار ڪو نه ڪبو،
مهربان مهر و ماه ڪيئن ٿيندو.

 

تنهنجي فطرت ۾ پيار ئي ڪونهي،
توسان عاشق جو چاهه ڪيئن ٿيندو.

 

گُل سڃاڻي ٿو گُل شناس ’وفا‘،
ايترو ڪج نگاهه ڪيئن ٿيندو.
ó

 

ó

رنگ اڇلائيندي هوليءَ ۾ ڪِري پيو آهي،
اوچتو عشق جي کوليءَ ۾ ڪري پيو آهي.

 

جو نچيو منهنجي مُحبت ۾ هو چَرين وانگر،
ڪالهه زردار جي ڏوليءَ ۾ ڪري پيو آهي.

 

سام ڪشتيءَ جي ڪري ڪُن جي حوالي ۽ پو،
ناخدا پاڻ به ڇوليءَ ۾ ڪري پيو آهي.

 

حسنِ ناياب هو، انمول هو، نادر هو ’وفا‘!
ڏاڍ جي واڪ ۽ ٻوليءَ ۾ ڪري پيو آهي.
ó

 

ó

نه ڪو وصال گوارا، نه انتظار هتي،
ڪيون ته ڪهڙي تمنا تي ڪنهن سان پيار هتي

 

هي ڪهڙو پيار آ، هي ڪهڙي دوستي آهي،
تون بي قرار هُتي ۽ مان بيقرار هِتي.

 

الاءِ ڪاٿي لڪي وئين ڇڏائي هٿ پنهنجو،
ڪوئي لڳو ٿو وتي تنهنجو اشتهار هِتي.

 

اسان جي قوم يتيم آهي، ديس لاوارث،
رهي ٿو صرف لُٽيرن جو اقتدار هتي.

 

نه مُرڪ ڪنهن جي چپن تي، نه ڪنهن جي اک آلي،
رهي ٿي ڪائي ڀي موسم نه سازگار هتي.

 

’وفا‘! کلڻ تي قيامت اچي وڃي شايد،
جڏهن روئڻ به طبيعت تي آهه بار هتي.
ó

 

ó

زنگ آلود هر صليب آهي،
ننڊ ۾ سچ جو نصيب آهي.

 

جُرم آهي کِلڻ، گُناهه روئڻ،
ظلم جو فلسفو عجيب آهي.

 

درد پنهنجا کڻي وڃان ڪاڏي،
ڪوئي حاذق نه ڪو طبيب آهي.

 

جو امير آهي سو امير آهي،
جو غريب آهي سو غريب آهي.

 

شعر آهي نه شاعري آهي،
ڪوئي شاعر نه ڪو اديب آهي.

 

ڇا تي ماڻهن جو ميڙُ گڏ ٿيو آ،
ڪو خطاب ۽ نڪو خطيب آهي.

 

آهه انسان ئي مثال ”وفا“!
مَرگِ اِنسانيت قريب آهي.
ó

 

ó

نرم هو، سخت ٿي چڪوآهي،
هوبهو وقت ٿي چڪو آهي.

 

دل جو ڪائو ڪِريو جو پٿر تي،
بي عدد لخت ٿي چڪو آهي.

 

اچ اجل! زندگي! خدا حافظ،
ڪوئي بي رخت ٿي چڪو آهي.

 

وصل ٿو هجر سان ملڻ چاهي،
پيار خوشبخت ٿي چڪو آهي.

 

”اي وفا“! گودڙيءَ مان لعل ڪِري،
تاج ۽ تخت ٿي چڪو آهي.
ó

 

ó

دلين ۾ کوٽ، نگاهن ۾ رقصِ پيار ڏسو،
دِل و نگاهه جو مُتضاد ڪاروبار ڏسو.

 

ستم جو خير، پڇو ٿا ته من تي ڇا گذري،
اچي سگهو ته اچي منهنجو حالِ زار ڏسو.

 

سڄي جهان جو غم آهه منهنجي سيني ۾،
دِلِ حزين ڏسو، چشمِ اشڪبار ڏسو.

 

حضور! حسن کي منظور ناهه رسوائي،
هوس پرست نظر سان نه بار بار ڏسو.

دڪاندار سڀئي گُل پَٽائي ويا آهن،
”چمن جو رنگ ڏسو، موسمِ بهار ڏسو“.

 

ڪچي وهيءَ ۾ اڄ ڪلهه ٿئي ٿو پيار ’وفا‘!
نه ڪنهن کي ننڍڙو ئي سمجهو نه ڪنهن کي ٻار ڏسو.
ó

 

ó

اکين جي ڀي نه ٿيندو هو، ٿي دلربا ويو،
هڪ شخص پنهنجي سوچ کان ٿي ڇا مان ڇا ويو.

 

ڪُل منظرن جو رنگ لڳي سرخ ٿو مون کي،
اهڙو ڪري سلام ڪو دستِ حنا ويو.

 

پوءِ گڏ هجون يا ڌار، اهو ذاتي مسئلو،
تنهن ۾ ڀلا وصال، وڇوڙي جو ڇا ويو.

 

جيڪو به آيو بنهه اڪيلو لڳو مون کي،
جيڪو ويو اهو به ٿي سڀ کان جدا ويو.

 

ڪو تنهنجي مُرڪ مُرڪ کان ٿي مُستفيد،
ڪو تنهنجي آنسوئن تي ڪري اڪتفا ويو.

 

نفرت جي نشترن سان ويو شخص جو ڪٺو،
هر چئونڪ، موڙ، پيار جي ڏيندوصدا ويو.

 

پنهنجي تلاش کي به نه ڇڏيائين قبر تائين،
تنهنجي تلاش سان به نڀائي ’وفا‘ ويو.
ó

 

پورو ٿيو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org