”ٺيڪ آهي.“ پروفيسر بولٽن جو آواز بند ٿي ويو
”ٽام، تون تمام عظيم آهين، ٽام.“ مسٽر فيلڊ ٻيو ڀيرو سامهون
رکيل مشين ڏانهن ڌيان ڏيندي چيو، ”تون، وقت ۽
پولار مشين کان بلند آهين. تون نهايت ئي عظيم
آهين. انهن سڀني کان بلند، هر شيءِ کان بي نياز.
تنهنجي قوت ارادي رُڪ وانگر آهي ٽام، تون ثابت ڪري
ڏيکار _ ثابت ڪري ڏيکار.“
مشين مان آواز آيو ۽ رڳو هڪڙو لفظ ان جي پردي تي اُڀري آيو.
مسٽر فيلڊ قابل يقين انداز ۾ مشين کي ڏٺو.
”ٽام تون اڃان تائين موجود آهين. تون اڃان تائين موجود آهين.
تون اڃان تائين لکي سگهين ٿو. لِکُ، لکندو رهه.
جيستائين لکي سگهين ٿو. بس نه ڪر، لک، اڃان به
وڌيڪ لک، ٽام، ٽام.
مشين وري هلي ۽ وري به هڪڙو ان جي پردي تي اڀري آيو.
”اڃان به، ٽام، اڃان به، اڃان به لک.“
مشين وري هلي ۽ اسڪرين تي ٻه لفظ اڀريا. اهي رڪجي رڪجي هلندي
رهي، ڄڻ ته پنهنجي زندگيءَ لاءِ جدوجهد ڪندي هجي.
۽ پوءِ تمام گهڻي دير کان پوءِ هڪڙو پئراگراف مڪمل
ٿي ويو.
”ٽام، تون اڃان تائين زندهه آهين؟“
انهيءَ جو جواب مشين لڳاتار ڏهه ڪلاڪ هلي ڏنو، جنهن ۾ ڪتاب جا
ڇهه نوان باب تحرير ٿيا هئا.
”اڄ ڇهه هفتا پورا ٿي ويا آهن. بولٽن.“
”مان ڪجهه به سمجهي نٿو سگهان مسٽر فيلڊ، آخر اهو ڪيئن
ٿيو!منهنجي مشين جي طاقت ختم ٿي وئي هئي ۽ ان کي
چارج ڪرڻ ۾ ٽي ڏينهن لڳا ته جيئن هوءَ وقت جي هڪ
مخصوص چينل تي پنهنجي گرفت قائم رکي سگهي. ليڪن
انهن ٽن ڏينهن جي عرصي ۾ وولف موجود رهيو. منهنجي
سمجهه ۾ ته ڪجهه به نٿو اچي. منهنجو خيال آهي ته
انهيءَ ۾ وولف جي قوت ارادي جو دخل آهي. وولف هتي
موجود آهي. هن صديءَ ۾ هن زماني ۾، ۽ وقت ان کي
پوئتي وٺي وڃي نه سگهيو، جيئن اسان جو انداز هو.
انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته وقت جي متعلق اسان جو
نظريو غلط هو. وقت ربڙ وانگر نه آهي، جنهن کي ڇڪي
سگهجي ۽ گرفت ڪمزور ٿيڻ تي هو پنهنجي اصلي وهڪري
سان وڃي ملي، بلڪه هو پاڻيءَ وانگر آهي جنهن کي
ماضيءَ مان ڪڍي مستقبل ۾ جذب ڪري سگهجي ٿو، پر
اسان کي وولف کي واپس موڪلڻو پوندو. ان کي واپس
وڃڻو پوندو. هو شايد پنهنجي قوت ارادي ۽ پنهنجي
زبردست خواهش سبب ترسيل اهي. پنهنجو نئون ڪتاب
مڪمل ڪرڻ جي خواهش.“
اٺ هفتا پورا ٿيڻ کان پوءِ ٿامس وولف هڪ ڀيرو وري به مسٽر فيلڊ
جي لئبرري ۾ بيٺو هو. هو مريخ تان واپس اچي چڪو
هو.
”ڇا تون پنهنجو مسودو پڙهن چاهين ٿو، ٽام؟“ مسٽر فيلڊ پڇيو.
”نه، جيڪڏهن اهو مون هڪڙو ڀيرو پڙهيو، ته پوءِ ان مان ان کي پاڻ
سان کڻي وڃڻ چاهيندس. جنهن جي اجازت مون کي شايد
نه ملي. ڇا توهان مون کي اهو پاڻ سان کڻي وڃڻ جي
اجازت ڏيندو، مسٽر فيلڊ؟“
”نه ٽام، هر گز نه. ڇو ته هن سال تو ڪابه ٻي تحرير نه لکي هئي.
جيڪي ڪجهه هتي لکيو ويو آهي؛ اهو هتي ئي رهڻ گهرجي
۽ جيڪي ڪجهه اتي لکيو ويو آهي، اهو اتي ئي رهڻ
گهرجي. انهيءَ ۾ ڪابه تبديلي ٿي نه ٿي سگهي.“
ٿامس وولف هڪڙو ڊگهو سال کڻي ويهي رهيو. ”اڄ ڪهڙو ڏينهن آهي؟“
هن پڇيو.
”اڄ تنهنجو آخري ڏينهن آهي.“
”هاڻي مون کي قبرستان وڃڻو آهي. 1938ع ۾ واپس مان اهو نٿو
چاهيان. ڪاش، توهان مون کي اهو نه ٻڌايو ها، ڪاش!
سندس آواز جهيڻو ٿي گم ٿي ويو. هن پنهنجو منهن
ٻنهي هٿن ۾ لڪائي ڇڏيو.
دروازو کليو ۽ پروفيسر بولٽن اندر داخل ٿيو. سندس هٿ ۾ هڪڙي
سرنج هئي. ”هي ڇا آهي؟“ مسٽر فيلڊ پڇيو.
”هن ۾ نمونيا جا جراثيم آهن. پراڻي زماني ۾ هڪڙي بيماري ٿيندي
هئي، جنهن جو هو انهيءَ زماني ۾ ڪامياب علاج
دريافت ڪري نه سگهيا هئا. گهٽ ۾ گهٽ مسٽر وولف جي
زماني تائين. جڏهن مان ان کي هتي وٺي آيس ته هو
انهيءَ بيماريءَ ۾ مبتلا هو. مون پهريون ان کي
تندرست ڪيو، ته جيئن هو هتي ڪم ڪري سگهي، پر مون
سندس جيوڙا محفوظ رکيا هئا. هاڻي جيئن ته هو واپس
وڃي رهيو آهي، انهيءَ ڪري مون کي وري سندس جسم ۾
انهن جيوڙن کي داخل ڪرڻو پوندو.“ پروفيسر بولٽن
جواب ڏنو.
”ڇا اهو ضروري آهي؟“
”ها، ورنه مسٽر وولف 1938ع ۾ هن بيماريءَ مان صحتمند ٿي ويندو ۽
پوءِ...........“ پروفيسر پنهنجو جملو اڌ ۾ ڇڏي
ڏنو.
”انهيءَ جو مطلب آهي ته پروفيسر، مان تندرست ٿي ويندس ۽ سيپٽمبر
جي پندرهين تاريخ تي ڪونه مرندس ۽ واپس وڃي پنهنجو
ڪم ٻيهر شروع ڪري سگهندس؟ وولف چيو.
”ها، انهيءَ جو اهو ئي مطلب آهي.“ ٿامس وولف غور سان سرنج کي
ڏٺو.
”جيڪڏهن مان انهيءَ سرنج کي ختم ڪري ڇڏيان، جيڪڏهن مان اها سرنج
هڻائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيان؟“
”تون ائين ڪري نٿو سگهين.“ پروفيسر مضبوط لهجي ۾ چيو.
”فرض ڪريو ته جيڪڏهن ائين ٿي پوي ته؟“
”ته هر شيءِ تباهه ٿي ويندي.“
”ڪهڙيون شيون؟“
”تاريخ، زندگي، علم، حقيقتون، هر شيءِ بدلجي ويندي. خبر نه آهي
ته پوءِ مستقبل ڪهڙي شڪل ۾ ظاهر ٿئي. ۽ اسان سڀ،
جي هن زماني ۾ ويٺا آهيون، اسان جي ڪهڙي صورتحال
ٿئي. خبر نه آهي ته هي زمانو اچي يا نه اچي،
جيڪڏهن اچي ته اسان موجود هجون الائي نه هجون يا
وري ٻي ڪا مخلوق هجي يا مان پروفيسر نه هجان بلڪه
مزور هجان يا وري مسٽر فيلڊ دولتمند نه هجي، پينو
يا گداگر هجي. مطلب ته بيشمار ڳالهيون ٿي سگهن
ٿيون. انهيءَ ڪري مسٽر وولف توکي مرڻو پوندو. ۽
انهيءَ جي سڄي ذميداري منهنجي ڪلهن تي آهي.“
”جيڪڏهن مان ڀڄي وڃان ۽ توهان کي هٿ اچي نه سگهان ۽ هن زماني ۾
۽ هن ئي صديءَ ۾ زندهه رهان؟“
”مون انهيءَ ڳالهه جو سڄو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، مسٽر وولف. مون
کي انديشو هو، انهيءَ ڪري مان پوري تياريءَ کان
پوءِ آيو آهيان. تون هن جڳهه کان ٻاهر نڪري نٿو
سگهين، ڇو ته هن کي هڪ مشين جي ذريعي ڪنٽرول ڪيو
ويندو آهي. انهيءَ کان سواءِ مون سان ڪيترائي
مضبوط ۽ طاقتور ماڻهو آهن، جي توکي بيوس ڪري
وجهندا ۽ مان تنهنجي جسم ۾ هيءُ جيوڙا داخل ڪري
ڇڏيندس. تنهن جي لاءِ بهتر اهو ئي آهي ته منهنجي
هدايتن تي عمل ڪر.“
ٿامس وولف ڪمري ۾ موجود ماڻهن تي نظر وڌي، ۽ پوءِ ٿوري دير غور
ڪرڻ کان پوءِ چوڻ لڳو:
”ٺيڪ آهي، پروفيسر مان تيار آهيان.“ هن پنهنجي قميص جون ٻانهون
مٿي ڪيون. ”تون انجيڪشن هڻي سگهين ٿو.“
۽ جڏهن پروفيسر جهڪي سندس ٻانهن ۾ سئي هڻي رهيو هو ته هن ٻئي هٿ
سان پينسل جي ذريعي انهيءَ ضخيم مسودي تي لکيو:
”مان هن ڪتاب کي مسٽر هينري فيلڊ جي نالي سان منسوب ڪيان ٿو،
پريت ۽ ٿورائتي سان.“ پوءِ هن پنهنجي صحيح ڪئي.
پروفيسر پنهنجو ڪم ختم ڪري چڪو هو. ٿامس وولف
انهيءَ مسودي کي مضبوطيءَ سان کڻي پڪڙيو.
”هي منهنجو آخري ڪتاب آهي، ڪاش! مان هن کي پاڻ سان کڻي وڃي
سگهان ها. مون کي ائين محسوس ٿي رهيو آهي، جيئن
مون کي پنهنجي اولاد کان جدا ڪيو ويندو هجي.“ پوءِ
هن مسودي کي چمي ڏئي، ان کي ميز تي کڻي رکيو. مسٽر
فيلڊ سان گرمجوشيءَ سان هٿ مليائين ۽ ان کان پوءِ
هو پروفيسر بولٽن سان گڏجي ڪمري کان ٻاهر نڪري
ويو.
”خدا حافظ، مسٽر فيلڊ، هميشه لاءِ خدا حافظ!“
”خدا حافظ، منهنجا ٻچا.“ مسٽر فيلڊ ڳوڙهن ڀريل اکين سان ان کي
ڏٺو ۽ پوءِ منهن ڦيري ڇڏيائين.
هو انهن کي اسپتال ۾ چهل قدمي ڪندي مليو.
”مسٽر وولف!“ ڪنهن رڙ ڪري چيو.
”ڇا آهي؟“
”مسٽر وولف، خدا جو شڪر آهي، جو توهان ملي ويا. اسان سمجهيو پئي
ته توهان اسان جي بي خبريءَ ۾ هليا ويا.“
”هليو ويس؟“
”توهان ڪيڏانهن هليا ويا هئا مسٽر وولف؟“
”ڪاڏي؟ ڪاڏي؟“ هو اسپتال ۾ پنهنجي ڪمري طرف وڃي رهيو هو، جتي
سندس اڇو ۽ نرم بسترو کيس آغوش ۾ وٺڻ لاءِ منتظر
هو.
”مان ڪاڏي ويو هوس، جيڪڏهن اهو مان توهان کي ٻڌايان به کڻي، ته
به توهان اعتبار ڪونه ڪندؤ.“
”هي اٿوَ بسترو، توهان کي هتان وڃڻ نه کپندو هو. طبيعت ڏاڍي
خراب اٿوَ ۽ توهان کي ڪنهن سان ملڻ جلڻ جي منع ڪئي
وئي آهي. هاڻي آرام ڪريو.“
”مريخ، مريخ“! هن بستري تي ليٽندي، آهستگيءَ سان چيو، ”منهنجو
شاهڪار، جنهن کي اڃان لکڻو آهي، جنهن کي اڃان
ڇپجڻو آهي، ٽن صدين کان پوءِ.“
”توهان ڏاڍو ٿڪجي پيا آهيو، ۽ توهان جو بخار به ڏاڍو تيز ٿي ويو
آهي. مسٽر وولف مان هينئر جو هينئر نرس کي موڪليان
ٿو.“
ڇا سچ پچ؟“ ٿامس وولف جي منهنجي هڪ پُراسرار مُرڪ پکڙجي وئي.
چند گهڙين بعد جڏهن نرس ڪمري ۾ داخل ٿي ته ٿامس وولف هميشه لاءِ
سمهي چڪو هو.
ترجمو: غلام نبي ميمڻ
Sindhi Translation of A. Bradbury’s short-story ‘The Return
of Time’.
هن ڪهاڻي ۾ جنهن مکيه ڪردار اديب، وولف
Thomas wolfe
جو ذڪر آيو آهي. اهو آمريڪا جو مشهور ناول نويس
آهي جيڪو 1900ع ۾ پيدا ٿيو، 1938ع ۾ گذاري ويو.
سندس لکيل ناول گهڻا ئي آهن پر پهريون ناول
‘Look homeward Angel’ (1929ع) آهي ۽ سندس آخري ناول
‘You can’t Go Home Again’
(1940ع) آهن، جيڪو سندس موت کان ٻه سال پوءِ شايع
ٿيو. ناولن کان سواءِ هن ڪهاڻيون ۽ ڊراما به لکيا.
سندس اڄ تائين جَٽا ڪندڙ مقبوليت جو راز سندس
لکڻين ۾ ’امريڪيت‘ آهي. هن آمريڪي زندگي، ماڻهو،
ڏيک، وقت، شيون، ڪرت، تان جو بوءِ به اهڙي طرح پيش
ڪئي آهي جو ان مان رڳو امريڪيت بکي ٿي. سندس ناول
۽ ڪهاڻيون ڄڻڪ هڪ ئي وڏي بي ربط ڪهاڻي يا ناول جا
مختلف ٽِڙيل پکڙيل ٽڪرا لڳن ٿيون. پر اهڙي طرح جو
ان وڏي ناول يا وڏي ڪهاڻيءَ جي نه شروعات پَسي
سگهجي نه پڄاڻي.
سندس لکڻيءَ ۾ جا بيپرواهي ۽ گهاڙيٽي کي نظر انداز ڪرڻ جو رخ
آهي، سائي شايد سندس خوبي آهي. سندس موت 38 سالن
جي عمر ۾ نمونيا وگهي ٿيو. |