سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1979ع (2)

 

صفحو :17

ڪنهن به ڪهاڻيءَ، ناول، ڊرامي ۽ مضمون وغيره ۾، طرز تحرير يعني لکڻ جو انداز، اسٽائيل، اسلوب ۽ عبارت ان صنف کي اڀاري ٿي. جنهن اسٽائيل سان، مشتاق شوري، ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪئي آهي، ان لاءِ سنڌ جا ڪهاڻيڪار ۽ ٻوليءَ جي علم جا ڄاڻو ويهي فيصلو ڪن ته انهيءَ اسٽائيل ۾ بقول امداد حسينيءَ جي لفظن ۾ ڪهڙو جڙاءُ آهي. سٽن جو ڪهڙو سٽاء آهي. ڇا جڙاء ۽ سٽاء لاءِ به ڪي اصول آهن يا نه؟ منهنجو مطلب فعل سان جملي جي، هن طرح شروعات واري نقطي سان آهي. حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن ڪوبه جملو فعل سان شروع ڪبو آهي، تڏهن يا ته جملو سواليه هوندو آهي يا تعجب ڏيکاريندڙ ۽ يا ان ۾ بيزاري ظاهر ڪرڻ جو اندازو هوندو اهي. هن طرح سان جملي جي شروعات ڪرڻ، ٻوليءَ ۾ نئون تجربو ڪهڙي حساب سان ٿيو؛ جڏهن جملو نه سواليه آهي، نه عجب ۾ وجهندڙ ۽ نه وري بيزاري ڏيکاريندڙ. ڇا هن اسٽائيل کي اندر مان نڪتل لفظن جو جڙاء يا سٽن جو سٽاء چئي سگهبو. مذڪور سڄي افساني ۾ مٿي ڏنل جملا

۽ اڳتي صفحي 20 تي ڏنل هڪ جملو هي آهي:

”ڏسان ٿو بس اسٽاپ ڏانهن“.

انهن جملن کان سواءِ باقي سڄي ڪهاڻي عام سنڌي اسلوب ۽ اسٽائيل يعني فطرت عبارت ۾ لکيل آهي، جنهن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته شورو صاحب پنهنجي سڄيءَ ڪهاڻيءَ ۾ اڳتي غير فطري اسٽائيل وارا جملا ٺاهي هلي نه سگهيو آهي ۽ لکندي لکندي فطري زمان مٿس غالب پئي ويئي آهي.

ابتي ٻوليءَ واري تجربي جي دعوا ڪندڙ ۾ ٻيو نالو محترمه تنوير جوڻيجيءَ جو ورتو وڃي ٿو. هن محترمه جي انهيءَ ”نئين تجربي“ ۾ هڪ ڪهاڻي ’سوجهرو‘ رسالي ۾ ڇپي هئي، ۽ محترمه کي ڪجهه هم خيال ماڻهن وٽان داد به مليو هو. محترمه تنوير جو تازو ڇپيل افسانن جو مجموعو ”امرت منجهه ڪڙاڻ“ مون پڙهيو آهي. محترمه تنوير جي ابتي ٻولي، جنهن کي آئون غير فطري طور گڏ ڪيل لفظن جو ميڙاڪو سڏيندس، جا گهڻا مثال هن ڪتاب ۾ شامل ٻارهن افسانن مان فقط ٻن افسانن ”ٻاهر ٻاڦ نه نڪري“ ۽ ”مون کي آهي اميد الله ۾“ ۾ ملن ٿا. باقي افسانن ۾ عادي يعني روزمره جي ٻوليءَ وارو نثر ۾ فطري يا عام اسٽائيل ڪم آندي اٿس. دراصل عام اسٽائيل ۾ ئي تنوير صاحبه پنهنجي تصورات، مشاهدات ۽ جذبات کي اصلي طرح بيان ڪري سگهي آهي. هيٺ تنوير جي افسانن مان ڪي مثال ڏجن جا، جن کي هوءَ ابتي ٻولي ٿي لکي. محرمه تنوير ”ٻاهر ٻاڦ نه نڪري“ افساني جي شروعات هن طرح ڪئي آهي:

”نهاري رهي آهي انڌي پولار ۾ پسڻ بنا“

ٻيا مثال هي آهن:

”اکين ۾ ريکائون امٽ سوچ جون“

”ڪا پيڙا آهي جا ڪوريس پئي من.“

”ويٺي آهيان تنها تنها“

ٽُڪي رهيو آهي، هيڪلائيءَ جو احساس

سندس وجود کي، اڏوهيءَ جيان“

”پير پير ۾ پائي آئي گهوٽ ڪنوار جي صفي ڏانهن

جهڪي جهاتي پاتائين، در جي چير مان،

ڀاڄائي ڳاڙهن کهنبن لَٽن ۾ ويڙهيل سيڙهيل

ڀريل آهي ڀاء جي مضبوط ڀاڪر ۾....

چميس پيو چاهه منجهان..... ڳل، چپ، ڪنڌ،

سنڌ سنڌ کي..... هٿ ترڪنس پيا ڀريل ڀريل

بت تي......

ڇانئجي ٿا وڃنس مک تي دک ۽ پيڙا جا پاڇا......

اڀري اچيس ٿو نفرت جو احساس من پاتال مان“

اهڙيءَ طرح ”مون کي آهي اميد الله ۾“ افساني مان ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا:

”اٿي ٿي، اچي ٿي، ڪٻٽ ڏانهن، ڪڍي ٿي آلبم

ڏسي ٿي فوٽا.

پاڻهي وڌي رهي آهي سڀ کي پٺ تي ڇڏيندي،

آگ ڏيندي پنهنجي ماڳ ڏانهن....... نهاري ٿي

دريءَ جي ٻاهران“

اهڙي طرح تنوير جي انهن افسانن مان ٻيا ٻه مثال ڏيئي سگهجن ٿا، جن ۾ هنن جملن وانگر نه ته آهي بيهڪ جي نشانين جي پابندي، ۽ نه وري رکيو اٿس معنيٰ ۽ مفهوم جو خيال، ۽ نه وري ڪئي اٿس نحوي اصولن جي پوئواري. ليکڪا جي ابتي ٻوليءَ مان مراد شايد جملن ۾ لفظن کي بنا ڪنهن اصول جي، سواءِ ڪنهن معنيٰ ۽ مفهوم سمجهڻ جي، ڦيرائي ڪڏهن جملي جي منڍ ۾، ڪڏهن وچ ۾ ته ڪڏهن جملي جي آخر ۾ رکڻ آهي.

هاڻ ڏسو هي آهي ته ٻولي ابتي به ٿي سگهي ٿي ڇا؟ سنڌي وياڪرڻ جا اصول، علم نحو جا قانون هن ڏس ۾ ڪهڙي ٿا رهنمائي ڪن؟ جيڪڏهن ٻولي فطري قانون ۽ سائنسي سرشتو آهي ته پوءِ لفظن کي ڪنهن جملي ۾ اڳيان پٺيان ڪرڻ لاءِ انهن ڪهاڻيڪارن وٽ ڪهڙو جواز آهي ۽ ڪهڙو دليل آهي؟ پروفيسر علينواز جتوئي لکي ٿو:

”اسين ٻيا جيڪي به علامتي نظام استعمال ڪريون ٿا سي پاڻ ٺاهيون ٿا، ۽ پاڻ ڊاهي ٺاهي سگهون ٿا يا مرضيءَ موجب ان ۾ مٽا سٽا آڻي سگهون ٿا. ٻوليءَ ۾ اسين ائين ڪري نٿا سگهون. اها خودبخود اٽل قانون موجب ڦرندي رهي ٿي. ڪوبه شخص پنهنجي مرضيءَ مطابق ٻوليءَ جي سٽائن ۾ دخل ڏيئي نٿو سگهي. وڌ ۾ وڌ هو نوان لفظ پيدا ڪري ان ۾ داخل ڪري سگهي ٿو، مگر ان لاءِ به پڪ نه آهي ته اهي هلي سگهندا يا نه([1]).“

(4) ٻوليءَ جي سٽا ۾ علم نحو:

هاڻ ڏسڻ گهرجي ته علم نحو جي اصولن موجب جملي ۾ لفظن جي بيهڪ لاءِ ڪهڙا قانون آهن، ۽ ابتي ٻوليءَ جي دعوا ڪندڙ ڪهاڻيڪارن طرفان ڪم آندل ٻوليءَ کي غير فطري ۽ غلط ٻولي ڇو سڏيو ويو آهي؟

ڪهاڻي نثر جي هڪ صنف آهي. نثر ۾ ڪم آندل فقرن ۽ جملن جو مطالعو علم نحو سان واسطو رکي ٿو، جنهن لاءِ هر زبان ۾، ان زبان جي مزاج ۽ ڪارج پٽاندڙ ان جو مطالعو ڪري، ان جا اصول مقرر ڪيا ويا آهن. مٿي علم نحو جي وصف بيان ڪندي ٻڌايو ويو آهي:

”هن علم (علم نحو) جي مطالعي جي مدد سان فقرن ۽ جملن ۾ لفظڻ جي بيهڪ ۽ انهن جي سٽاء جي خبر پوي ٿي.“

مٿي جملي جي وصف بيان ڪندي اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته ”جملو هڪ مڪمل گفتار آهي، جيڪا ڪنهن به هڪ جهيلار يا ڍار (Intonation) تي ختم ٿيندي آهي. ”علم نحو جي مٿي ڏنل وصف جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن به ٻوليءَ ۾ فقرا ۽ جملا، ان ٻوليءَ جي نحوي ۽ تنظيم مطابق ٺهن ٿا، ۽ انهن فقطن ۽ جملن ۾ لفظ، ان ٻوليءَ جي نحوي سرشتي ۽ تنظيم مطابق جايون وٺن ٿا. مثال طور سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاء موجب، عام طور ڳالهايل جملي جا ڪي نمونا هيٺ ڏجن ٿا:

کهوڙو ڊوڙي ٿو.

چڱو گهوڙو ڊوڙي ٿو.

گهوڙو چڱو ڊوڙي ٿو.

منهنجو چڱو گهوڙو ڊوڙي ٿو.

منهنجو گهوڙو چڱو ڊوڙي ٿو.

گهوڙو پاڻي پيئي ٿو.

انهن جملن ۾ هر هڪ جملا جا ٻه حصا آهن. انهن مان هڪ حصو آهي ”گهوڙو“ چڱو گهوڙو، ۽ ٻيو حصو آهي ڊوڙي ٿو يا چڱو ڊوڙي ٿو. انهن حصن مان پهرئين حصي يعني ”گهوڙو“، ”چڱو گهوڙو“ منهنجو گهوڙو يا ”منهنجو چڱو گهوڙو“ کي فاعل يعني ڪم جو ڪندڙ (Subject) چئبو آهي، ۽ ٻئي حصي يعني ”ڊوڙي ٿو“ يا ”چڱو ڊوڙي ٿو“ کي ”فعل“ يا ”ڪم“ (Verb) چئبو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي عام نحوي سٽا موجب ڪنهن جملي ۾ پهرين فاعل پنهنجي جاءِ وٺي بيهندو آهي ۽ ان کان پوءِ مفعول ايندو ۽ آخر ۾ فعل ايندو آهي. اها عام ۽ مروج نحوي سٽا آهي، جنهن کي ويا ڪرڻ جي ماهرن فاعل _ فعل واري سٽاء نالو ڏنو اهي. ڪوبه ماڻهو عام وهنوار ۾ يا عام گفتار ۾ مٿي ڏنل جملا انهيءَ سٽاءَ موجب ڳالهائيندو، ۽ نه هيٺ ڏنل مثالن وانگر ڦيرائيندو جيئن ”ب“ هيٺ ڏنا ويا آهن:

الف:                                           ب:

گهوڙو ڊوڙي ٿو                        ڊوڙي ٿو گهوڙو

چڱو گهوڙو ڊوڙي ٿو                   ڊوڙي ٿو چڱو گهوڙو

گهوڙو چڱو ڊوڙي ٿو                   چڱو ڊوڙي ٿو گهوڙو

 

مٿي ”الف“ ۽ ”ب“ هيٺ ڏنل جملن جي ٻنهي سيٽن جي مطالعي کان پوءِ ٻه سوال پيدا ٿين ٿا. پهريون سوال هي آهي ته سنڌي زبان ۾ نحو جا عام اصول ۽ قانون ڪهڙ اآهن؟ ٻيو سوال هي آهي ته ڇا ٻئي سيٽ يعني ”ب“ هيٺ ڏنل جملا، علم نحو جي قانون موجب غلط آهن

پهرئين سوال جو جواب هي آهي ته مٿي فاعل _ فعل واري سٽاء جا مثال ڏنا ويا آهن. اها سٽاء سنڌي ٻوليءَ جي عام گفتار واري آهي، جيڪا روزمره جي گفتگو ۾ ڳالهائي ويندي آهي. سنڌي نثر جي هر صنف عام طور هن سٽاء موجب لکي ويندي آهي. انهيءَ عام سنڌي نحوي سٽاء (فاعل _ فعل يا فاعل _ مفعول واري سٽاء) جا هيٺيان عام اصول ۽ قانون آهن:

جملي جي منڍ ۾ فاعل جو وڌاء (لڳ) پهريون، ۽ فاعل ان کان پو ايندو.

فعل هميشه جملي جي پڇاڙيءَ ۾ ايندو.

فعل جو وڌاء (لڳ) هميشه فعل کا اڳ ايندو.

فاعل کان پوءِ، ۽ فعل جي وڌاء کان اڳ، پهرين مفعول جو وڌاء ۽ ان کان پوءِ مفعول ايندو.

ظرف هميشه فعل جي وڌاء طور ڪم ايندو.

صفت هميشه موصوف کان اڳ، ۽ ان جي بلڪل ڀر ۾ جاءِ وٺندو.

صفت هميشه موصوف کان اڳ، ۽ ان جي بلڪل ڀر ۾ جاءِ وٺندو.

حرف جر هميشه اسم، ضمير، صفت ۽ ظرف کان پوءِ، ۽ بلڪل انهن جي ڀر ۾ جڳهه وٺندو.

روزمره گفتار واري ٻوليءَ جو هر جملو انهن اصولن ۽ قانونن جو پابند هوندو آهي. انهن اصولن لاءِ جيڪا بنيادي سٽاء آهي تنهن جا چار مقصد آهن. انهن مان پهريون مقصد آهي انتخاب (Selection)، ٻيو مقصد آهي ترتيب (Order) ٽيون مقصد آهي فعل جو لاڳاپو، ۽ چوٿون مقصد آهي جهيلار (Intonation). انهن مان هر هڪ جي سمجهاڻي هيٺ ڏجي ٿي:

(الف) انتخاب _ ڪيترين ئي ٻولين ۾ انتخاب اهم حصو ادا ڪري ٿو([2]). لفظن يا جزن جي ترتيب ۽ سٽاء لاءِ انتخاب وارو اصول انهيءَ  ڪري ضروري آهي جو ڳالهائيندڙ لاءِ لازمي هوندو آهي ته هو جملي جو ڪهڙو جز پهرين ڳالهائي ۽ ڪهڙو جز پوءِ ڳالهائي. سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙ کي اها خبر آهي ته:

ڊوڙي ٿو گهوڙو

ٿو پاڻي پيئي ڇوڪر

مثالن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ سٽاء کي فاعل _ فعل يا فاعل _ مفعول واري سٽاء چئي نٿو سگهجي. يعني ته جملي اندر جزن ۽ لفظن کي پنهنجي مرضيءَ موجب ڦيرائي يا بدلائي نٿو سگهجي. اهڙيءَ طرح هيٺ ڏنل مثالن کي به سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاء موجب فاعل _ فعل  يا فاعل _ مفعول _ فعل واري سٽاء چئي نٿو سگهجي:

آهي ڪاتب جو قلم هي.

ڏيکار اسان کي واٽ سنئين .

پر سنڌي نحو جي اصولن مطابق انهن جي موزن ۽ فاعل _ فعل واري صحيح سٽاء هن ريت ٿيندي:

هي ڪاتب جو قلم آهي.

اسان کي سنئين واٽ ڏيکار.

يعني سنڌي ٻوليءَ جي نحوي قانونن موجب فاعل پهرين اچڻ گهرجي ۽ پوءِ فعل.

انتخاب جو ٻيو اصول هي آهي ته جملي ۾ جيڪڏهن فاعل مذڪر واحد آهي ته فعل جو گردان به مذڪر واحد ۾ ڦرڻ گهرجي، پر جيڪڏهن مذڪر ۾ جمع آهي يا مونث واحد يا مونث جمع ۾ آهي ته پوءِ فعل به فاعل مطابق ڦري، مثال طور:

حالت فاعلي جنس مذڪر عدد واحد   ڇوڪرو ڊوڙي ٿو.

حالت فاعلي جنس مذڪر عدد جمع   ڇوڪرا ڊوڙن ٿا.

حالت فاعلي جنس مونث عدد واحد   ڇوڪري ڊوڙي ٿو.

حالت فاعلي جنس مونث عدد جمع   ڇوڪريون ڊوڙن ٿيون.

‎حالت مفعولي جنس مذڪر عدد واحد ڇوڪر پاڻي پيئي ٿو.

‎حالت مفعولي جنس مذڪر عدد جمع ڇوڪرا پاڻي پيئن ٿا.

‎حالت مفعولي جنس مونث عدد واحد  ڇوڪري پاڻي پيئي ٿي.

‎حالت مفعولي جنس مونث عدد جمع  ڇوڪريون پاڻي پيئن  ٿيون.

(ب) ترتيب:

سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاء موجب فاعل _ فعل واري بيهڪ لاءِ ٻيو مکيه اصول: جملي ۾ لفظن جي ترتيب، بيهڪ ۽ انهن جي سٽاء آهي. هي ئي اصول آهي، جنهن جي ڪهاڻيڪارن طرفان پرواهه نه ڪرڻ سبب يا کين ان جي چڱيءَ طرح ڄاڻ نه هجڻ سبب، عام ترتيب ۾ ڦير ڦار آڻي، ان کي ابتي ٻولي سڏيائون.

مٿي چيو ويو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ فاعل _ فعل واري سٽاء موجب فاعل، فعل کان هميشه اڳ ايندو آهي؛ مثال طور:

ڇوڪري ڊوڙي ٿو.

ڇوڪرو پاڻي پيئي ٿو.

انهيءَ ڪري فاعل _ فعل يا فاعل _ مفعول فعل واري سٽاء ۾ لفظن جي بيهڪ کي ”ترتيب“ (Order) چئبو آهي. پر عام گفتگو يا گفتار ۾ ترتيبواري قانون لاءِ هڪ شرط اصول لازمي ۽ اهم هوندو آهي. اهو شرط يا اصول آهي ”جهيلار“. هر ٻوليءَ جو هر جملو يا گفتار ڪنهن جهيلار تي ئي ختم ٿئي ٿو، جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي. جهيلار سان ئي ڪا گفتار مڪمل چئي سگهبي آهي. ترتيبواري قانون موجب جيڪڏهن جملي ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ جاءِ ۾ تبديل آڻڻي آهي، يا جملي ۾ هڪڙي لفظ کي پنهنجي جاءِ تان ڦيرائي ٻيءَ جاءِ تي آڻڻو هوندو آهي ته ائين ڪرڻ لاءِ يعني ترتيب ۽ سٽاء ۾ ڦير ڦار آڻڻ لاءِ جملي جي اصلي جهيلار ۾ به تبديل يا ڦير ڦار آڻڻي پوندي. جڏهن جهيلار ۾ تبديل آڻي لفظن کي پنهنجي جاءِ تان ڦيرائي بيءَ جاءِ تي آندو ويو ته نه فقط جهيلار ۾ تبديلي ايندي، پر جهيلار ۾ تبديلي اچڻ سان جملي جي معنيٰ ۾ به فرق ايندو، ۽ پنهنجي جاءِ تان ڦيرايل لفظ جي وياڪرڻي حيثيت به بدلجي ويندي. بحث جو هي هڪ وڏو نڪتو آهي. مثال طور سنڌي وياڪرڻي موجب ”چڱو“ لفظ صفت آهي، پر هيٺ ڏنل جملن ۾ جڏهن ”چڱو“ لفظ کي هڪڙي جاءِ تان هٽائين، ٻيءَ جاءِ تي آڻيون ٿا، تڏهن نه فقط ”چڱو“ لفظ صفت بدران ظرف جو مفهوم ڏيکاري ٿو، پر ساڳئي وقت جملي جي اصلوڪي جهيلار ۾ پڻ تبديلي اچي ٿي؛ مثال طور هي جملا ڳالهائي پوءِ محسوس ڪريو:

چڱو گهوڙو ڊوڙي ٿو.

گهوڙو چڱو ڊوڙي ٿو.

اهڙيءَ طرح هيٺ ٻيا به مثال ڏجن ٿا جن ۾ جملي جي فاعلن _ فعل واري سٽاء ۾ تبديلي آندي ويئي آهي؛ پر ان تبديل سان گڏوگڏ نه فقط جهيلار ۾ تبديل اچي ٿي، پر جملي جي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ به وڏو فرق محسوس ڪجي ٿو، مثال طور:

عام جهيلار موجب ترتيب    جهيلار ۾ تبديل، ترتيب ۾

تبديل ۽ معنيءِ ۾ تبديل

ڇوڪر انب کاڌو               انب ڇوڪر کاڌو

                                انب کاڌو ڇوڪر؟

                                کاڌو ڇوڪر انب؟

ڇوڪر مٺو انب کاڌو           مٺو انب ڇوڪر کاڌو.

ڇوڪر انب مٺو کاڌو.

ڇوڪر کاڌو مٺو انب؟

کاڌو مٺو انب ڇوڪر؟

ڇوڪر انب کاڌو ڇا؟           ڇا، ڇوڪر انب کاڌو؟

                                ڇوڪر ڇا انب کاڌو.

ڇوڪر انب ڇا کاڌو.

انب ڇا ڇوڪر کاڌو؟

انب ڇوڪر ڇا کاڌو؟

کاڌو ڇا انب ڇوڪر؟

کاڌو ڇا ڇوڪر انب؟

انب ڇوڪر کاڌو ڇا؟

ڇا انب ڇوڪر کاڌو؟

 

        اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي مثال ملي سگهن ٿا جن جي مدد سان اهو ثابت ڪري سگهجي ٿو ته سنڌي نحو جي عام ترتيب ۾ لفظن جي بيهڪ ۾ تبديل تڏهن آڻي سگهبي. جڏهن گفتار واري جهيلار ۾ به تبديل آڻبي. اهڙيءَ حالت ۾ ڳالهايل جملي کي غير فطري جملو، يا اهڙي ٻوليءَ کي ابتي ٻولي يا غير فطري ٻولي هر گز چئي نه ٿو سگهجي. مٿي مشتاق شوري ۽ محترمه تنوير جي ڪهاڻين مان جيڪي مثال ڏنا ويا آهن اهي پڙهندڙ پاڻ ڳالهائي ڏسن. انهن کي غير فطري يا غلط جملا انهيءَ ڪري سڏيو ويو آهي جو انهن جي لکڻ مهل يا انهن جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۾ تبديل ڪرڻ وقت جهيلار جو اصل خيال ئي نه رکيو ويو آهي، بلڪه ڪهاڻيڪارن کي اهو وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڪنهن گفتار ۾ جهيلار جو هجڻ اشد ضروري آهي، پر جيڪڏهن پاڻ جهيلار جو خيال رکيو اٿن ته پوءِ انهن جملن کي پاڻ ابتي ٻولي ڇو ٿا سڏاين؟ انهن جملن کي نئون تجربو يا انهيءَ اسٽائيل کي نئين اسٽائيل ڇو سڏيو ويو آهي؟ اها اسٽائيل جنهن جا مون مٿي مثال ڏنا آهن سا ته سنڌي ٻوليءَ سان گڏو گڏ پيئي هلي، پوءِ اها نئين ايجاد ڪيئن ٿي؟ اهو نئون تجربو ڪيئن ٿيو؟ هر ڳالهه کي هروڀرو هندستان مان امپورٽ ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ جيڪڏهن گني سامتاڻيءَ ان کي ابتي ٻولي سڏيو ته اسين به ائين ڪريون ڇا؟ هن ڏس ۾ اسان جا نقاد ۽ ابتي ٻوليءَ وارا اديب سڏيو ته اسين به ائين ڪريو ڇا؟ هن ڏس ۾ اسان جا نقاد ۽ ابتي ٻوليءَ وارا اديب ڪنهن انگريزي يا فرانسيسي ڪهاڻيڪار جا مثال يا ڪو مثال دليل طور ڏيئي سگهندا، جن ۾ ٻوليءَ جي اصولن کي ڦيرايو ويو هجي. بهتر ٿيندو ته هن سلسلي ۾ Daniel Jones يا ٻين لسانيت جي ماهرن جا دليل پڙهيا وڃن. دراصل هر ٻوليءَ ۾ جهيلار ئي ته اهي جنهن جي مدد سان خبر پوندي آهي ته ڳالهائيندڙ جي گفتگو جو انداز ڪهڙو آهي. آيا هو سواليه انداز ۾ ٿو ڳالهائي، يا هو ڪا ڳالهه بيانيه انداز ۾ ٿو ڪري، يا تعجب واري انداز ۾ ڪا ڳالهه ٿو ڪري وڃي؟ انهيءَ ڪري هر تحرير ۽ تقرير ۾ جملي جي ترتيب، عبارت ۽ اسلوب جو انداز، جهيلار ۾ تبديل ۽ ڦير ڦار آڻڻ سان، ڦيرائي سگهبو آهي. جهيلار ۾ تبديل آڻڻ سان جملي ۾ لفظن جي ترتيب ۾ به تبديل ايندي ته اصل معنيٰ ۾ به فرق ايندو. اهي ئي ٻوليءَ جا عام اصول ۽ قانون آهن. هن ڏس ۾ امداد حسينيءَ لطيف جي هيٺين مصرع ڏيئي، پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي:

ويڙهيچن ڏي ويندي عمر آء

        امداد صاحب هاڻ جهيلار اصول کي سامهون رکي هن مصرع جو مطالعو ڪري. شاعريءَ ۽ لفظن جي ڦير گهير لاءِ وڏو جواز جهيلار ئي هوندو آهي. هن مصرع ۾ آءُ لفظ کي اڳيان آڻي پوءِ ڏسو ته اهو زوردار مقصد ڊ مفهوم نڪري ٿو، جيڪو لطيف واري مصرع ۾ آهي؟ شاعريءَ تي هن سلسلي ۾ مون کي هڪ ڌار مقالو لکڻو آهي. في الحال هيئن چئبو ته ابتي ٻوليءَ واري دعوا لسانيات جي عام اصولن ۽ وياڪرڻي قانونن کان اڻ ڄاڻ هجڻ، ۽ وقت جي زبان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي، ۽ اها فقط خوش فهمي آهي. هن دعوا مان سنڌي ٻوليءَ کي ڪوبه فائدو ڪونه پهچندو. هن قسم جي جملن لکڻ مان نئين نسل کي گمراهه ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. پڙهندڙ پاڻ سوچين ته:

”اٿيو آهيان ننڊ مان. اُٿي هاڻي هلان پيو رستي تي.“

        جملي ۾ جهيلار واري اهم نقطي کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي يا نه؟ ڪابه ٻولي جهيلار واري اصول کان سواءِ ڳالهائيندڙ ۽ لکندڙ جو مفهوم ظاهر ڪري نه سگهندي، تنهن ڪري جهيلار جي مفهوم کان سواءِ هر جملو غير فطري ۽ هر سٽاء فقط ڪن لفظن جو اهڙو ميڙ سمجهبو جيڪو بي معنيٰ ۽ بي مقصد هوندو، يعني اهي جملا، جن ۾ ڪوبه مفهوم ۽ ڪوبه مقصد نه هجي.


([1]) علينواز جتوئي پروفيسر: ”علم السان ۽ سنڌي ٻولي“، ص 15_16.

 

)[2]( Blomfild: L. Language p. 890.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com