سيد شاهه محمد شاهه
علامه ”تارڪ“ جي فارسي عشقيه شاعري
علامه محمد هدايت علي قريشي علوي المعروف
تُنيه، المتخلص ”تارڪ“ جي فارسي شاعري درحقيقت
پهلودار شاعري آهي، جنهن ۾ هڪ طرف سندس فلسفيانه و
صوفيانه خيالات و تصورات ترجماني ڪيل آهي ته ٻئي
طرف وري سندس عشقيه جذبات ۽ قلبي واردات جو بيان
باالصراحت نظر اچي ٿو. سندس شاعري، انهيءَ پهلودار
تراشيده هيري مثل آهي، جنهن جي آب و تاب کي
هرزوايهء نگاهه سان ڏسي لطف اندوز ٿي سگهجي ٿو. هڪ
مغربي مصنف لين گاذلان
(Leon Gozlon) جو قول آهي ته ”دنيا ۾ عشق ئي سڀ ڪجهه آهي، حتاڪه اهو خدا
آهي.“ اهوئي سبب آهي، جو عشق ۽ عشقيه جذبات، انسان
جي زندگيءَ تي هميشه مسلط رهن ٿا ۽ انهيءَ بنيادي
انساني جذبي جي ترجماني، دنيا جي مختلف ادبي
تخليقات ۾ موجود آهي. بي شمار اديب، شاعر ۽ فنڪار
انهيءَ خاص موضوع تي طبع آزمائي ڪندا رهيا آهن، ۽
فارسي شاعريءَ جو بيشتر حصو انهيءَ جذبهء عشق جي
ترجمانيءَ تي مشتمل آهي. دراصل فارسي شاعري، عشقيه
تصورات جي هڪ مستند تاريخ آهي، جنهن ۾ ڪٿي گل و
بلبل جي پيرابي ۾، مشرقي عشق جي تصور کي بيان ڪيو
ويو آهي، ته ڪٿي قيس و فرهاد ۽ ليليٰ ۽ شيرين جي
پردي ۾، جذبهء عشق جي شدت جو تذڪرو ڪيو ويو آهي.
ڪٿي عشق جي افلاطوني نظريي جي ترجماني ٿيل آهي، ته
ڪٿي وري تصوف جي طريقي، عشقِ حقيقي جو داستان بيان
ڪيو ويو آهي. الغرض، فارسي شاعري، انهن ئي مختلف
نظريات، تصورات ۽ خيالات جو رنگارنگي گلدستو آهي.
”تارڪ“ جي فارسي شاعري پڻ، انهن تمام صفتن مان
متصف آهي. سندس هر هڪ بيت، بي بها موتي ۽ سندس هر
هڪ شعر، دُر، بي بدل آهي، جنهن کي صرف صرافِ سخن
ئي پروڙي سگهن ٿا.
تارک اگر سخن دان بيني، سخن بخواني؛
صَراف گر نباشد، نه نُما دُرِ يگانه.
عام طرح حُسن و جمال جي معنيٰ رنگ روپ، چمڪ دمڪ، متناسب اعضاء،
جسماني اعدال، شوخي، نازڪ اندامي ۽ ناز ادائي کي
سمجهيو وڃي ٿو. ”تارڪ“ به پنهنجي صنمِ شوخ مزاج ۾
گردن عاج جي حُسن و جمال جو تذڪرو، نهايت ئي حَسين
۽ دلنشين پيرايه ۾ پيش ڪري ٿو:
دارم صنمي شوخ مزاج
ساعد سيمين، گرن عاج،
شهرهء، حُسنش چون بشنيد،
يوسف مصري، داد خراج.
برسر شاهي گر آيد،
گيرد، از همہ خوبان باج.
بسکه ز فوجِ غمرهء او،
گشت ديارِ دل تاراج.
تير مره اش را گشته،
سينئه مشتاقان آماج.
تارک يک بيچاره چيست؟
جمله شهان چون من محتاج.
تارڪ، پنهنجي معشوق کي ڪڏهن سيمتن، گلفام، گلرخ ۽ غنچه دهن سڏي
ٿو، ته ڪڏهن وري کيس لعل لب، سروقد ۽رشڪِ ماهتاب و
آفتاب جي لقب سان ياد ڪري ٿو. هو ان نرگسي اکين ۽
پُرپيچ زلفن جو ثنا خوان ٿي، سندس حسن دلاويز تي
پنهنجو صبر وڃائي ويهي ٿو ۽ کيس هن طرح مخاطب ٿئي
ٿو:
الا، اي سيمتن، گلفام، شيرين!
صنم بلبل بگلذار تو ديرين.
لبت لاله، بساعد رشکِ سيمين،
رخِ تو گل، دهن تو غنچه رنگين.
قدِ توسرو گلذار جمالت،
بود زندان تو، چو سلکِ پروين.
ز پيچا پيچ زلفت هيچ سنبل،
خجل شد نرگس از چشمِ نگارين.
ز حُسنت مهرو و مہ بيتاب مانده،
نه تلوين مهر را، مد رانه تمکين.
اڪثر ڪري فارسي شعراء، معشوقق کي پَري تمثال ۽ حُور مثل سڏيندا
آهن، مگر تارڪ وٽ اها تشبيه، قطعا غير پسنديده
آهي. هو پنهنجي يار کي جمال کي، حور مثل چوڻ لآءِ
بلڪل تيار ناهي، ڇاڪاڻ ته نورَ جي وجودي سايي جي
نمود جي، ڪابه مشابهت ڪانه ٿي سگهي ٿي.
جمالِ يار کجاؤ مثال حُور کجا؛
نمودِ سايهء کجاؤ وجودِ نور کجا!
عاشق لاءِ معشوق جو وصال، دولت لازوال آهي. سندس رخ روشن جي
تابندگي سبب عاشق جو صحن خانه، منور ٿي وڃي ٿو ۽
رات جي تاريڪي باقي نٿي رهي. تارڪ انهيءَ واردات
کي، هن طرح بيان ڪيو آهي؛
رسيده دولتِ ديدارم آمشب،
که آمد در بغل، دلدارم آمشب.
فروغِ روئي او روشن نموده،
همه بام و در و ديوار امشب.
شاعرن، معشوق جي ابرو کي، اڪثر ڪري ڪمان سان تشبيه ڏني آهي،
جنهن جي وسيلي تيرمره کي، عاشقن جي دل ۽ جگر ۾
پيوست ڪيو ويندو آهي. ابرو کي محراب سان پڻ ڀيٽ
ڏني ويندي آهي، جتي عاشق حضرات، نمازِ عشق ادا
ڪندا آهن. مگر تارڪ، انهن روايتي تمثيلن کان بي
نياز رهي، معشوق جي هر دوابرو کي، هڪ دل آويز بيت
سان مشاهبت ڏني آهي. نه فقط ايترو، مگر هو معشوق
جي ڪتابي چهري کي، مجموعه اشعار يعني ”ديوان“ جي
نالي سان سڏي ٿو، جنهن مان هو، سندس ابرو جو بيت
انتخاب طور کڻي، حرزِ جان بڻائي ٿو:
تارک از ديوانِ حُسن آن صنم،
کردم ام، يک بيت ابرو، انتخاب.
”دل به يار، دست به ڪار“ جو مثال ضرب المثال آهي، مگر انهيءَ کي
جنهن نموني تارڪ پنهنجي شعر ۾ نباهيو آهي، سو محض
تارڪ جو ئي حصو آهي. چوي ٿو ته: دنيا جو ڪاروبار،
يار دلدار جي ياد کان ڪڏهن به مانع ڪين ٿو ٿئي.
تنهن ڪري، هٿن سان ڪاروبارِ جهان، ۽ دل سان يادِ
يارِ مهربان ڪندو رهجي ۽ بس.
يادِ يار ار بکني، کارِ جهان مانع نيست،
دل به يارَت بُود و دست بکاري درياب.
معشوق جي سراپا کي مختلف مضمونن ذريعي بيان ڪيو ويو آهي ۽
انهيءَ ۾، صدها قسم جا استعاره ۽ تشبيهون استعمال
ڪيون وينديون آهن، مگر تارڪ، مختصر الفاظ ۾،
انهيءَ مفصل مضمون کي جنهن نموني بيان ڪيو آهي، سو
واقعي قابلِ داد آهي.
سراپي او جمله خوب است خوب!
صبيح و مليح و لطيف و صحيح!
مفتي، زاهد ۽ پارسا کي، حورن بهشتي جو دلداده سڏيو ويندو آهي،
مگر تارڪ جي دل تي حورانِ بهشت جي دلربائيءَ جو
ڪوبه سَحر، ڪارگر نظر نٿو اچي. کيس جيڪڏهن حورانِ
بهشت جي دلفريبي ۽ دلربائي جو قائل قطعاً ڪين آهي.
چوي ٿو:
دل ربائيها نمي دارند حورانِ بهشت،
زان دلم ديوانهء، جُز صورتِ انسان نشد.
تارڪ جو تمام تر شعر، پُر درد آهي ۽ هو پاڻ پوري زندگي، مجسمهء
درد ٿي رهيو. دراصل عاشقن ڏانهن درد و الم، رنج و
غم، معشوق طرفان مهماني طور موڪليا ويندا آهن.
تارڪ به انهيءَ نعمت کان، تَهي دامن ڪونه هو. وٽس
درد و غم، رنج ۽ الم جي ايتريقدر ته فراواني هئي،
جو هن پاڻ کي انهيءَ درست سان تشبيه ڏني آهي، جنهن
جو برگ و بار ۽ گل و شاخ، محض درد هجي ۽ جنهن جي
آبياري پڻ درد سان ٿيندي هجي:
بر درد، برگ درد، گل و شاخ درد شد،
من آن نهالِ درد، که بالم به آبِ درد.
تارڪ کي پنهنجي عشقه نغمات تي ناز آهي. هو پنهنجي حسنت الفاظ ۾
تخيل جي پرواز سبب، مختلف بحر ۽ شگفته قافيي ۽
رديفَ ۾ طبع آزمائي ڪندو رهيو. مجموعي طور سندس
شعر، فارسي زبان جي ممتاز شعراء جي هم پلئه آهي.
تارڪ کي پنهنجي شگفته بياني ۽ معنيٰ آفريني تي
ايتريقدر ته ناز هو، جو سر زمين شيراز جي ممتاز
شعراء حافظ، سعدي ۽ خواجه علمِ تصور ۾ پنهنجي شعر
جو مداح سمجهي چوي ٿو ته:
نغمهء عشق من اگر شنود،
جنبد آز جائي شاعرِ شيراز.
شاعرن کي، زماني جي مروجه بيقراري کان هميشه شڪايت پئي رهي آهي.
سخن سنجي ته نهايت ئي مشڪل فن آهي، مگر سخن فهمي ۽
سخنداني پڻ عنقا صفت آهن. قديم دور جي شاعرن کي
پڻ، انهيءَ بيقدريءَ جو احساس رهيو، جنهن ڪري
”صائب“ جهڙي قادر الڪلام شاعر کي به سخندان ۽ سخن
فهم اشخاص جي تلاش ۾ سرگردان رهڻو پيو ۽ بي اختيار
ئي، کيس پڪارڻو پيو.
وائي برجانِ سخن، گر به سخندان نه رسد!
تارڪ ۾ به زماني جي بيقدريءَ جو احساس غايت درجي جو موجود هو.
کيس هميشه قدردانن جي تلاش رهي. جڏهن ۽ جنهن وقت،
کيس ڪو سخن فهم ۽ سخندان قدردان ملي ويو، تڏهن
سندس شگفته بياني ۽ نڪته آفريني، معراجِ ڪمال تي
پهچي ويئي. مگر جنهن وقت بيقدري ۽ نافردانيءَ جو
عام طاري ٿيو ۽ سخندادن عنقا صفت ٿي ويا، تڏهن کيس
شاعري جهڙي عظيم فن کان ڪنارڪش ٿي، شعر گوئي کان
بس ڪرڻي پئي. سندس هيءُ شعر، زماني جي خير مزاجي ۽
ناقدرشناسيءَ جي صحيح عڪاسي ڪري ٿو:
قدرداني گر بود، تارڪ، سخن گفتن خوش ست،
ورنه بايد کرد، از تصنيفِ اين اشعار بس:
الغرض تارڪ جي فارسي عشقه ڪلام ۾ غير معمولي معنويت مضمر آهي ۽
ان جي اشعار تابدار ۾، معنيٰ آفريني جي صنعت
نمايان طور نظر اچي ٿي. انهيءَ لحاظ کان تارڪ، هڪ
عظيم صناع، هڪ ذهين فنڪار ۽ حُسن آفرين شاعر ٿي
گذريو آهي، ۽ جيئن جيئن سندس ڪلام، طباعت جون
منزلون طئه ڪندو ويندو، تيئن تيئن سندس پهلودار
شاعري، پنهنجي نفاست ۽ لطافت، حسن ۽ جدت، تراش و
خراش جي ندرت، سوز و ساز ۽ تاثير ۽ تاثر جي صوري ۽
معنوي خوبين سان مزين ٿي، اهلِ ذوق کان خراج تحسين
و آفرين حاصل ڪندي رهندي.
هن وقت تائين تارڪ جو بيشتر بلڪ تمام فارسي ڪلام غير مطبوعه
حالت ۾ آهي، حتاڪه زير نظر مضمون پڻ سندس قلمي
ديوان کي پيش نظر رکي قلمبند ڪيو ويو آهي. اميد ته
اهل ذوق ۽ شناسان فنِ سخن، متذڪره صدر چند عشقه
اشعار کي مدنظر رکي تارڪ جي نڪته آفريني ۽ قادر
ڪلاميءَ جو داد ڏيندا.
نکته دان ر هست تارک، مصرعه، ديوال دليل،
ابلهي را، روز و شب، در دست دفتر شد، چه شد!
تارڪ جي عشقه شاعريءَ جو ٻيو پهلو به آهي، جنهن ۾ صوفيانه طرز ۽
طريقي سان عشقِ حقيقي ۽ جمالِ اصلي جو داستان بيان
ڪيو ويو آهي. سندس انهيءَ قسم جي شاعريءَ جو
جيڪڏهن عميق نگاهن سان مطالع ڪيو ويندو، ته هيءَ
حقيقت صاف ۽ واضح طور نظر ايندي، ته سندس منتهاءِ
خيال، حسنِ حقيقي، جمالِ حقيقي ۽ معشوقِ حقيقي
آهي، جو دراصل تصوف جي جان ۽ ان جو دين ايمان
سمجهيو ويندو آهي. ظاهري زيب ۽ زينت ۽ حُسن و
جمال، هر انسان کي مرغوب ۽ پسنديده هوندا آهن ۽
اڪثر ڪري هر هڪ شخص کي ان جو دلداده ڏٺو وڃي ٿو،
مگر حضراتِ صوفيه جي نظريه موجب، حسن پرستيءَ جو
اِهو معيار، سراسر سطحي آهي ۽ انهي احمق وانگر
آهي، جو عارضي ۽ دائمي، نقلي ۽ اصلي شيء ۾ امتياز
ڪري نه سگهي. دراصل هن جهانِ رنگ و بو ۽ عالمِ
محسوسات ۾، جو ڪجهه به نظر اچي ٿو، سو اصل نه آهي،
ڇاڪاڻ ته جا شئي جيتري قدر اصلي، حقيقي ۽ واقعي
هوندي، اوتريقدر اها غير محسوس ۽ غير مشاهده پڻ
هوندي. مگر چونڪ هيءُ بحث فرصت طلب ۽ جداگانه
مضمون جو طالب آهي، تنهن ڪري تارڪ جي صوفيانه
عشقيه شاعري تي، ڪنهن ٻيءَ صحبت ۾ مفصل طور تبصرو
ڪيو ويندو، جنهن ۾ سندس عقيدهء وحدت الوجود ۽ همه
ء اوست ۽ نعرهء انا الحق، من عرف ۽ هو تي سير حصل
بحث ڪيو ويندو. في الحال سندس مندرجه ذيل صوفيانه
شعر تي اڪتفا ڪئي وڃي ٿي:
چون مست دلِ ما شده، از جلوهء آن دوست،
زد نعمره همه اوست، همه اوست، همه اوست!
ايم. ڪي. جيٽلي
سنڌيءَ ۾ فعل _ ٿڙن
(Verb-stems)
جي بناوٽ
سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي بناوٽ جي لحاظ کان ڪجهه اهڙيون خاصيتون
آهن، جيڪي پاڪ _ هند جي ٻين ڪيترين ئي جديد آريه _
ٻوليه ۾ نٿيون ملن. اهڙين ڪجهه خوبين ڏانهن ڌيان
ڇڪائيندي ڪئپٽن جارج سٽئڪ لکي ٿو:
“I am confident the Sindhi will to the
philologist prove a more interesting study than
that of many of the other Indian dialects. The
habit of affixing signs to words in lien of the
pronouns and the prepositions governing them –
the regular from the passive voice, the use of
impersonals, the reduplicated causal-verbs and
other points which the learner will mark as he
proceeds, give to it beauties distinct from most
Indian tongues.”*
جارج سٽئڪ هتي سنڌيءَ جي جن خاصيتن ڏانهن اشارو ڪيو آهي، تن جو
گهڻي قدر لاڳاپو فعلن جي بناوٽ ۽ نحوي بيهڪ سان
آهي.
حقيقت ۾ سنڌي فعلن جي بناوٽ ٻين انڊو _ آريائي ٻولين ۾ ملندڙ
فعلن جي بناوٽ کان وڌيڪ پيچيندي آهي. هن موضوع تي
جيڪڏهن تفصيلوار سمجهاڻي پيش ڪبي ته هڪ وڏي ٿيسز
تيار ٿي ويندي. انهيءَ ڪري ڪوزي ۾ ساگر کي ”سنڌي
آڻڻ جي ڪوشش ڪندي جديد لسانيات جي اصولن پٽاندر
هتي رڳو سنڌي ٻوليءَ ۾ فعل _ ٿڙن جي بناوٽ جو
تشريحي مطالعو پيش ڪجي ٿو. سنڌيءَ ۾ فعلن جو
گرداني سرشتو ڪهڙي قسم جو آهي، ان جي جائزي وٺڻ
لاءِ جدا مقالي جي درڪار آهي. انهيءَ ڪري هن مقالي
۾ رڳو بيان جي چٽائيءَ خاطر ڪن ڪن هنڌ فعلن جي
گرداني سرشتي ڏانهن اشارو ڪرڻ ئي ڪافي سمجهيو ويو
آهي. فعلن _ ٿڙن جي بناوٽ سمجهائيندي سندن تاريخي
اوسر جي هتي اوک ڊوک ڪانه ڪئي ويئي آهي ۽ نڪو انهن
جي ٻين ٻولين جي فعلن سان ڀيٽ ڪيل آهي. ’سنڌي‘ لفظ
مان منهنجو مطلب رڳو هاڻوڪي ٻول _ چال جي وچولي
سنڌيءَ سان آهي. انهيءَ ڪري سنڌيءَ جي ٻين
اُپڀاشائن
(Dialects)
۾ فعل _ ٿڙن جي بناوٽ جو جائزو هن مقالي جي دائري
کان ٻاهر آهي.
فعل
جيڪي لفظ گردان ۾ صيغي، ضمير ۽ عدد جو فرق ڏيکاريندڙ ضميري
پڇاڙيون
(Personal suffixes)٭ کڻي ڦيرو ڏيکارين ٿا، تن کي فعل سڏجي ٿو. جيئن ته لکان، لکيي لفظ فعل آهن.
منجهن / ان/،/_اي / ضميري پڇاڙيون ضمير متڪلم
واحد، ضمير حاضر واحد ۽ ضمير واحد جو فرق ڏيکارين
ٿيون.، ساڳيءَ طرح لکون، لکو، لکن فعلن ۾
/_اُون/،_او/،/_ان/ ضميري پڇاڙيون نمبر وار ضمير
حاضر جمع ۽ ضمير غائب جمع جو اظهار ڪن ٿيون. اهي
سڀئي پڇاڙيون صيغو مضارع پڻ ڏيکارين ٿيون. فعلن ۾
لڳندڙ ڪجهه ضمير پڇاڙيون جنس جو فرق پڻ ظاهر
ڪنديون آهن. مثلا _ ’هو خط لکندو‘ جملي ۾ ’لکندو‘
فعل آهي، جنهن ۾ /_او/ ضميري پڇاڙي صيغو بياني،
ضمير غائب، عدد واحد ۽ جنس مذڪر ڏيکاري ٿي؛ پر ’هو
خط لکندي‘ جملي ۾ ’لکندي‘ فعل ۾ لڳل /_اي/ پڇاڙي
ساڳيو ئي صيغو، ضمير ۽ عدد ڏيکاريندي، جنس مونث جو
اظهار ڪري ٿي.
ٻوليءَ جي تاريخ“_ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي (ڇاپو
پهريون) تان ورتل. حوالو ص 86.
|