سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1979ع (2)

 

صفحو :1

مهراڻ 1979ع (2)

ايڊيٽوريل ڪميٽي:علامه غلام مصطفيٰ قاسمي،

ڊاڪٽر غلام علي الانا، سيد شاهه محمد شاهه شاد

ڳالهه ٻولهه

 

        ساڻيهه سنڌ سون سالن کان ڌڻي جي ڌئل ۽ پهتل وحدت وجودي صوفين جو وطن رهيو آهي، جن جو مول متو هو پنهنجي پالڻهار سان پيار ۽ انسان ذات سان محبت. اسلام کان اڳ هتي جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ ۾ ٻُڌ ڌرم جي پيروڪارن جي گهڻي آبادي هوندي هئي، انهن جا ڀڪشوِ فقير سنڌو ندي ۽ ٻين واهن جي ڪناري ڪناري بڙ ۽ پپل جي وڏن وڻن جي ڇانوَ هيٺ بدني رياضت ۽ روحاني صفائي جي رمزن ۾ مست مگن رهندا هئا. هنن درويشن سان اڳتي هلي برهمڻن کونس شروع ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهرو اختلاف ۽ جهڳڙو وڌندو ويو. ايتري ۾ عرب مسلمانن جو وليد بن عبدالملڪ جي دور ۾ لشڪر هتي پهچي ويو ۽ سنڌ ۾ هڪ نئون دور شروع ٿيو.

اها حقيقت آهي ته هتي جي ٻوڌين، مسلمانن جي مدد ڪئي. نيرون ڪوٽ جو قلعو، جنهن کي هاڻي حيدرآباد چئجي ٿو، ٻوڌين جو مرڪز هو. ان کي ڪنهن به مزاحمت کان سواءِ عرب لشڪر جي حوالي ڪيو ويو، اهي مسلمانن سان رهڻي ڪهڻيءَ ۾ هڪ ٿيندا ويا ۽ مٿن نئين دين جي تعيلم ۽ سکيا جو گهڻو اثر پيو، ڇو ته ٻنهي قومن جو بلڪه برهمڻن جو به هڪ ٻئي تي اثر انداز ٿيڻ لازمي هو. ان طرح هتي جي ماڻهن مان جن اسلام آندو، انهن پنهنجي صوفياني متي ۽ ويدانت فلاسفي واري وحدت وجودي نظريي کي اسلام جي توحيد واري عقيدي سان ملائي اڳتي وڌڻ شروع ڪيو.

تحقيق اهو ئي دور مسلمانن ۾ تصوف جي اسرڻ جو ابتدائي دور هو، جنهن جي آبياري هتان سنڌ مان ئي ٿي ۽ ان جو سهرو ابو علي سنڌي صوفي تي آهي، جيڪو وحدت وجودي صوفين جو سرتاج آهي.

ابو علي سنڌي، سنڌ ۾ اسلام کان پوءِ واري دور جو پهريون صوفي آهي، جيڪو هتي جو هڪ غير مسلم درويش هو ۽ اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ جڳ مشهور صوفي ثابت ٿيو.

هن بزرگ صوفيءَ جو مختصر احوال اولياء الله جي سڀني تذڪرن ۽ تاريخن ۾ ملي ٿو. پر هن جي احوال جو سڀ کان آڳاٽو ۽ پهرين ماخذ شيخ ابو نصر سراج طوسي (وفات سنه 378هه) جو ڪتاب ”اللمع“ آهي. تصوف جي فن ۾ اهو ڪتاب پهريون ڪتاب آهي ۽ ان لحاظ کان شيخ ابو نصر پهريون مؤلف صوفي ڳڻيو وڃي ٿو.

سيد علي بن عثمان جلابي، جنهن کي داتا گنج بخش هجويري سڏيو وڃي ٿو (وفات 365هه)، پنهنجي فارسي تاليف ”ڪشف المحجوب“ کي شيخ ابو نصر طوسيءَ جي تاليف ”اللمع“ جي پيرويءَ ۾ لکيو. ساڳي ريت شيخ عبدالرحمان سلمي ڪتاب طبقات جو مولف، ابو نصر طوسيءَ جو شاگرد آهي. تصوف جي مشهور رسالي قشيري جو مولف ابوالقاسم عبدالڪريم بن هوازن قشيري وري سلميءَ جو  شاگرد آهي. هن مان شيخ ابو نصر طوسيءَ جو تصوف ۽ علمي مقام ۽ مرتبو معلوم ڪري سگهجي ٿو.

ڪتاب اللمع عربيءَ ۾ ٻن جاين تي ابو علي سنڌي صوفيءَ جو بيان وڏي عزت ۽ احترام سان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي صفحي 335 تي اچي ٿو.:

”وقال ابو يزيد البسطامي رح صحبت ابا علي السندي فکنت القند ما يقيم بہ فرضہ. وکان يعلمني التوحيد اولحقائق صرفا.“

مطلب ته بايزيد بسطامي فرمايو ته مان ابو علي سنڌيءَ سان صحبت ۽ رهاڻ ڪئي. آءُ کيس قرآن پاڪ جون ڪي سورتون سيکاريندو هوس، جن سان هو فرض نماز پڙهي سگهي ۽ مون کي توحيد (وحدت وجود) ۽ خالص حقائق جي تعليم ڏيندو هو.

ساڳي ڪتاب اللمع جي صفحي 1، 4 تي اچي ٿو:

”وحکي عن ابي يزيد البسطامي انہ قال: دخل علي ابو علي السندي رح و کان استاذه و کان معہ جراب فصبہ بين يدي فذاهو الوان الجواهر الخ.“

مطلب ته بايزيد بسطامي ڳالهه ڪئي ته هڪ ڏينهن مان وٽ ابو علي سنڌي آيو (۽ اهو بايزيد جو استاد هو)، ان وٽ هڪ چم جي ڳوٿري هئي، جنهن ان کي کڻي پرٽيو. ڇا ڏسان ته اهي رنگ برنگي موتي آهن. انهن کي ڏسندي مان ابو علي سنڌيءَ کان پڇيو ته اهي موتي اوهان کي ڪٿان مليا؟ هن جواب فرمايو ته هتي هڪ واديءَ تي پهتس، ڇا ڏسان ته اها وادي ڏئي وانگر چمڪي رهي آهي، هي موتي مون اتان کنيا آهن. بايزيد چيو ته مان کانئس پڇيو ته جڏهن اوهين ان واديءَ کان لنگهي رهيا هيؤ ته اوهان جي حالت ڪيئن هئي؟ ابو علي سنڌي وراڻيو ته ان وقت آءُ اڳئين حالت کان ڪجهه پرڀرو ٿي ويو هوس. مطلب ته کيس موتين ۽ مڻن سان مشغول رکي، خدا جي حضور کان پري رکيو ويو.

سنڌ ۾ تصوف بابت اهو ته هو هڪ نهايت آڳاٽي ڪتاب جو حوالو. صوفين سڳورن جي احوال بابت فارسيءَ ۾ هڪ وڏو ڪتاب نفحات الانس نالي لکيل آهي. هن جو مولف دنيا جو مشهور عالم ۽ صوفي مولانا عبدالرحمان جامي آهي. ان ڪتاب ۾ ابو علي سنڌي جي عنوان هيٺ هن طرح لکيو ويو آهي:

”در شرح شطيحات شيخ روز بهان بقلي آورده است: بايزيد گويد که من از ابو علي علم فنا در توحيد مي آموختم و ابو علي از من الحمد و قل هو الله.“

مطلب ته روز يهان بقلي پنهنجي تاليف شرح شطيحات ۾ آندو آهي ته ابو علي سنڌي بايزيد بسطاميءَ جي استادن مان آهي. بايزيد چيو آهي ته مون توحيد ۽ فنا وارو علم (وحدت وجود) ابو علي کان سکيو ۽ ابو علي مون کان الحمد ۽ قل هو الله سکيو.

 

رسالي مهراڻ جي وقت سر پڌري نه ٿيڻ جي ان جي پڙهندڙن وٽان پچار پئي ٻڌبي آهي. هن بابت جڏهن انتظام جي سڀني حلقن مان جاچ ڪئي وئي ته ان جو مکيه ڪارڻ هي حقيقتون آڏو آيون: سنڌي ادبي بورڊ جي پريس ۾ دقيانوسي دور جون مشينون هلنديون اچن ٿيون، جن مان هڪ ته بنهه بيڪار ٻڌائي وڃي ٿي. گل ڦل رسالو پنج هزار ڪاپيون درماهه ڇپجي رهيو آهي، اهو به پراڻين مشينن ڪري چڱو وقت وٺي ٿو. ٻئي پاسي هڪ ئي وقت پريس ۾ بورڊ جا اڪيچار ڪتاب ڇپجڻ لاءِ پهچندا رهن ٿا ۽ هيڏانهن مهراڻ رسالو به آهي. هر هڪ ڪتاب کي ڀاڱي سان وقت ملي ٿو، ان ڪري چوڻ ۾ اچي ٿو ته مهراڻ جي اشاعت ۾ دير ٿيو وڃي.

هاڻي انتظاميه پاران انهيءَ شڪايت کي دور ڪرڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته گل ڦل کي آفسيٽ مشين تي ڇپايو وڃي. ان طرح ان جي ڇپائيءَ جو معيار بلند ٿيندو ۽ ان ۾ ٻارن جي دلچسپيءَ لاءِ تصويرون به گهڻيون اينديون. اها ڇپائي هاڻي ته ٻاهر ٿيندي، پر اشاعتي ڪم جي اڪلاءَ لاءِ هڪ آفسيٽ مشين به جلد خريد ڪئي ويندي. ٻيو ته جن اڳين ڇپايل ڪتابن جا ايڊيشن ڇپائڻا هوندا، ۽ انهن جي صحت ۽ ڇپائي معياري هوندي ته انهن کي به آفسيٽ تي ڇپايو ويندو، ان طرح پراڻين مشينن تان گهڻو بار هلڪو ٿي پوندو. پوءِ اميد ته مهراڻ جي پڙهندڙن کي ڪا شڪايت آڏو نه ايندي.

هن سلسلي ۾ اداري پاران معياري مضمونن جي نه پهچڻ جي شڪايت ڪئي وڃي ٿي. اميد ته اسان جا اديب ۽ عالم قلمي تعاون ۾ وڌيڪ بهرو وٺي، مهراڻ کي وقت سر پهچائڻ ۾ اسان جي مدد ڪندا.

غ. م. ق.

Quarterly ‘Mehran’: Literary-cum-research journal Printed by Ghulam Rabbani A. Agro at the Sindi Adabi Board’s Printing Press and Published by him from Sindhi Adabi Board, p.o. Box 12, Hyderabad Sind, Pakistan. (April, May, June 1979 issue).


 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

غزل

 

آزاد هوندا هردم زليفِ دوتا جا قيدي،

خوشحال ئي رهن ٿا صبر و رضا جا قيدي.

 

هر بيوفا هميشه آزاد هوندي پابند،

آهن رِها سدائين مهر و وفا جا قيدي.

نرُ ٿو نمائي ناڻو، اڄ پيا ضمير وڪجن،

ٿا نچندي ٽپندي ڏسجن، حرص و هوا جا قيدي.

ڦرندا سدا رهن ٿا، ڦرندا سدائين رهندا،

     هر سنگدل جي در تي جورو جفا جا قيدي.

اول سي پيش ٿيندا، اڳ ۾ ئي بخشبا سي،

روزِ حساب يارو! جرم و خطا جا قيدي.

سرواڻ هوندي هر دم پٺ تي پيل رهن ٿا،

هر دور ۾ هميشه شرم و حيا جا قيدي.

هر غم کان بالاتر برتر هي فڪر کان مبرا،

خوشدل ۽ هو خوشتر ناز و ادا جا قيدي.

مولائي يار ”طالب“ آزاد دوجهان کان،

          هر دم ۽ هر پلڪ ۾ عشقِ خدا جا قيدي.


 

عطا محمد حامي

رباعيون

 

هر وقت گناهن ۾ گرفتار آهيون،

سچ پچ ته جهنم جا سزاوار آهيون

ٻيو ڪوبه سهارو نه سُجهي ٿو موليٰ

بس تنهنجي ئي رحمت جا طلبگار آهيون

 

دنيا جي ڪشش تنگ ڪري ٿي مون کي،

هر وقت بُرائي ڏي سڏي ٿي مون کي

شيطان جي ناني کان بچڻ جي خاطر

الله جي امداد کپي ٿي مون کي

 

صورت ۾ رکيو ڇاهي، جي سير ناهي

افسانو فقط آهي حقيقت ناهي

بي سوچ ڏسڻ آهي اجايو حامي

ڪنهن ڪم جي بصارت جي بصيرت ناهي؟

 

مذهب تي نوان رنگ چڙهايل آهن

احڪام شريعت جا مٽايل آهن

مومن ۽ مسلمان بڻايا موليٰ

فرقا هي سڀئي پوءِ جا بڻايل آهن

 

ظاهر ۾ اگر زهد سراپا آهين

باطن ۾ ته ابليس جو آقا آهين

ڇو عيب اگهاڙين ٿو ٻين جا زاهد

ڏس پنهنجي گريبان ۾ ته تون ڇا آهين

 

هٺ ڪن ٿا تڪبر ۽ وڏائي ڪن ٿا

پردي ۾ ڀلائي جي برائي ڪن ٿا

زاهد ٿا سڏيون جن کي اهي ڀي حامي

الله جي نالي ۾ لُچائي ڪن ٿا

 

ڌاڙو ٿو لڳي گهر ۾ ڏسون ٿا يارو

لُٽجون ٿا مگر ڪين ڪُڇون ٿا يارو

غيرت جو اهو حال اسان جو آهي

نَڪ پنهنجو وڍائي به جيون ٿا يارو

 

 

استاد بخاري

نظم

 

سَچُ

 

سَچ آ حق، سو حَق موجود آ،

سَچ پيو پوڄبو، سَچ معبود آ،

                        سَچ ابد کان ازل.

سَچ جيڪو ڀٽائي چيو، ڳائبو،

جيستائين زمانو، سچو ڳائبو،

                        سَچ سمجهو سچل.

‎ سَچ، سنڌو ندي، پيو سدائين وهي،

سَچ سُڪڻو نه آ، جي لهر ڪا لَهي،

                                انت ايندي اُٿل.

سَچ، هالار، ڏاڙهيار يا کيرٿر،

ڪوڙ، اوٿر اُٿاري مگر بي اثر،

جُنگ جوڌل جبل.

سَچ آ، سونُ، سو سونَ ڪي ڪَٽُ ڪٿي:

مَٺ چِلڪي به پير، سونَ جو مَٽُ ڪٿي!

ڪُوڙ، پيلو پتل.

سچ سورج سمان، هرسمي چمڪندڙ،

واءَ تي موسمي، لُڙڪندڙ، جُهڙڪندڙ،

ڪُوڙ، ڪارو بدل.

سَچ ڪَهڻي ڪَڙهي: پوءِ به سَچُ پيو پڙهي،

سَچ سوري چڙهي: پوءِ به سَچُ پيو پڙهي،

سَچ اڻ ٽر اجهل.

سَچ، سرِ زندگي، زندگي جاودان،

ڪالهه جَهرڪا جوان، اڄ به ڪِرڻا نوان،

ڌنڌ، دونهون اجل.

 

 

حافظ محمد احسن چنا

غزل

 

ڪر نوازش جي نظر، دلدار ڀيرو ڪين ڀڃ

ڏس اچي هيڪر هيءَ حالت زار ڀيرو ڪين ڀڃ

 

تنهنجي فرقت جي گهڙي هڪڙي به ڀانيان سال ٿو

        آءُ وارث واڳ وهلو وار ڀيرو ڪين ڀڃ

 

منهنجي لئي توکان جدا جالڻ ٿيو ڏاڍو ڏکيو

قول پنهنجا تون پيارل پار ڀيرو ڪين ڀڃ

 

        منهنجي عيبن ڏي نه ڏس، پر شان پنهنجي کي سڃاڻن

ڪر نه تون محبوب مون کان عار ڀيرو ڪين ڀڃ

 

ڀروسو ناهي حياتيءَ تي جدايون ڪين ڪر

زندگي ڄڻ ڏينهن ٽي يا چار ڀيرو ڪين ڀڃ

 

        منهنجي حجت ناهه پر آزي نيازي کي ڏسي

منهن مبارڪ مهلقا ڏيکار ڀيرو ڪين ڀڃ

 

تون حَسنين جو شهنشاهه، مان سڪايل ديد جو

ڪر اچي مون سان مٺي گفتار ڀيرو ڪين ڀڃ

       

مان سڄڻ تنهنجي غلامن جو به هان ’احسن‘ غلام

تون اچي ڏيکار هت ديدار ڀيرو ڪين ڀڃ

       

 


 

سليم ڳاڙهوي

نظم

 

مون سان ڪو هلندو؟

 

آءُ هلان ٿو پيار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟

پيار سندي سنسار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟

 

ڏينهن ڏٺي ۾ لک ۽ جهولا، راتيون ڪاريون ڪاريون،

چنڊ طرف، چمڪار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟

 

ڏک جا ڏونگر ڏوري ڏوري، سک جي نگري ڏسبي،

ڪاڪ ڪنڌيءَ، اسرار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟

 

پرت پرائڻ، پيار پرائڻ، ماڳ محمد بار پرائڻ،

سور سهڻ، ايثار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟

 

منصورن جون ڳالهيون آهن، سر جو سانگو لاهي،

درد پرائي دار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟

 

هاوڙ آهه حواسن تي ۽ مونجهه گهڻي آ من تي،

هيج طرف، هٻڪار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟

 

ننڍڙي ٻيڙي، واءُ اڻائو، ڇوهه ۾ آهن ڇوليون،

آر ڇڏي، هُن پار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟

ڪچ جون ڪوڏيون ڀوري جهوري، سچ جا ماڻڪ ماڻڻ،

جهول جهلي وينجهار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟

 

جنهن سان پختا روح جا رشتا، جنهن سان نينهن جا ناتا،

دلبر ڏي، دلدار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com