احمد خان آصف
ڪافي
پيچ پِرين ساڻ پائي، ڄڻ عبادت مون ڪئي،
ديد دلبر سان ملائي، ڄڻ عبادت مون ڪئي.
نينهن نظرن جي وسيلي ٿي ويو پختو پَڪو،
لوڪ ساري کان لڪائي، ڄڻ عبادت مون ڪئي.
منهنجي دنيا، عشق ان جي کان سدا گلگون آه،
باغ الفت جو بنائي، ڄڻ عبادت مون ڪئي.
دل جي ڌڙڪن ۽ پساهن روح ۾ ان سان رهاڻ،
ساه ۾ ساجن سمائي، ڄڻ عبادت مون ڪئي.
ٻن ٻيائي کي وجهي ٻارڻ ڪري باري ڇڏيم،
مچ محبت جو مچائي، ڄڻ عبادت مون ڪئي.
عشق ۾ ”آصف“ شهادت جو ويو درجو ملي،
ڪنڌ قُربن ۾ ڪپائي، ڄڻ عبادت مون ڪئي.
خاڪي جويو
وائي
پنهنجو نينهن نچي، شال بچي،
ڪاريهر جي ڏنگ کان.
سهڻي سائِرَ وچ مان، ويندي ڏانهن ڪچي، شال بچي،
ڪاريهر جي ڏنگ کان.
پنهنجي گيت سنگيت سان، محفل هيل مچي، شال بچي،
ڪاريهر جي ڏنگ کان.
’خاڪي‘ پنهنجي خيال سان، جيڪو روح رچي، شال بچي،
ڪاريهر جي ڏنگ کان.
تاج جويو
آزاد نظم
پريم نگر
خيال نگر جو رهواسي مان،
پنهنجي خيالي دنيا جوڙي،
جڳ سڄي سان ناتا ٽوڙي،
گُم سُم گُم سم،
گوتم وانگي،
ڪنهن اڻ ڄاتي ۽ اڻ ڳاتي،
سچ ڏسڻ لءِ،
گيان لهڻ لءِ،
پنهنجي ڌُن ۾ مست هئس.
جيون جو ساگر ماٺو هو،
جنهن ۾ ڪوئي جوش نه هو،
ڪا لهر نه هئي.
پوءِ،
رُت ڦري،
طوفان گهليو.
جيون جي ماٺي ساگر ۾،
ڇولي بڻجي آئين، سائين!
ٽُلڪائي ٽُلڪائي مون کي،
پيار نگر ۾ پهچائي وئين!
جهيڻن، هيڻن ۽ ماٺيڻن،
جذبن کي جاڳائي وئين!
سچ ۽ سندرتا جي دڳ تي،
مون کي آڻي،
نشو نرالو بخشي وئين!
پنهنجي ڪجلن نيڻن ۾ تون،
نينهن سمائي آئين، سائين!
سُرڪ پيڻ سان،
سچ جي صورت پسي وتي مون،
اڻ ڳاتي ۽ اڻ ڄاتي،
اها حقيقت ڏسي وتي مون،
پريم نگر
جنهن جي ڳولا ۾ او سائين!
ڀٽڪي ڀٽڪي،
ٿڪجي ٿڪجي.
خيالي دنيا جوڙي ويٺس،
جڳ سان ناتا ٽوڙي ويٺس!
تنهنجيءَ نيڻ _ نهارَ سڀيئي،
خيال _ نگر جا تندون ٽوڙها،
ٽوڙي ڇڏيا،
منهنجا ناتا،
ازلي سچ سان جوڙ ڇڏيا!
جنهن جي هڪ جلوي سان سائين:
من مندر جون،
سڀ اونداهيون،
پنهنجا ڪارا چولا لاهي،
چانڊوڪيءَ جي چادر لاهي،
سچ _ سندرتا جي پيرن تي،
ڪري پيون.
منهنجي دل، ويڳاڻي دل کي،
گوتم وانگر،
گيان ملي ويو.
سالن کان پوءِ،
سچُ ملي ويو.
سچ جي جوتي،
سچ جي سوڀيا،
تنهنجو روپ وٺي او سائين،
مون وٽ آئي،
مون پياسيءَ کي،
پريم نگر ۾ پهچائي وئي!
ڀٽڪيل دل کي،
دڳُ ڏسي وئي،
سُونهن سندي ساڃاهه ڏئي وئي.
امداد چانڊيو
آزاد نظم
ضمير جو قيدي
نه ڪا آس دل ۾،
نه ڪي نراس،
نه ڪي ڪا خوش گذاريون،
نه ڪڏهن اداس_
مشينن جا پرزا جيئن ٿا هلن،
ائين هن حياتيءَ جو،
چرخو هلي پيو.
نه ڪو مَن جي گهرائين سان ملي ٿو،
نه ڪي ڪو رُسي ٿو،
نه طعنو ڏئي ٿو.
ڪڏهن ياد ڀي جو ڪو پيارو اچي ٿو،
ته هي دل اسان جي،
نه تڙپي اٿي ٿي،
نه ڪا تانگهه، ڇِڪَ،
ڪائي محسوس ٿئي ٿي.
نه ڪنهن سان عداوت، نه نفرت،
حقارت_
اها بي حسي، بد نصيبي اسان جي،
۽ وحشي حياتي،
نه ڪا ٿو نهوڙي نه ٻوڙي اسان کي.
جيئن جو به جذبو،
جلي ڀسم ٿي ويو.
مرڻ جي به منشا نه ٿي دل قبولي.
انهيءَ ڪيفيت ۾ وڃون ڀي ته ڪاڏي؟
اهو حال جڏهين،
ٿيو آ اسان جو،
زمانو به پنهنجو رهيو ڪين آهي،
ويو يار هرڪو،
منهن پنهنجو مٽي آ_
مان: ساڳيو ته ناهيان،
ڪڏهن جيڪو ’آزاد‘ پنڇي هيس،
اندر ۾ هون آسون،
حسين ها تصور.
جوانيءَ جا جولان! ڇا لئه،
وهيءَ کان اڳي ئي،
ڇڏي ساٿ تون وئين!؟
مان: ساڳيو ته ناهيان، زمانا!
تون سچ ٿو چئين؛
مان: ويهين صدي ۾،
ضميرن جي قيدين سان قيدي،
زنجير پائي گهاري رهيو هان،
مات کائي رهيو هان.
نصير مرزا
گيت
خوشبوءِ جي هٿَ ۾ ڏئي هٿ
رولاڪ بادل جيان
بَن بَن ۾ ڀٽڪان پيو
هوا وانگي منهنجو ڪو در ڪونهي
ڪو گهر ڪونهي
تو ته مٺڙا آ مو کي وساري ڇڏيو
مگر ياد تنهنجي نه وسري سگهي آ
ذهن منهنجي جي ڦرهيءَ تان
نانءَ تنهنجي جي هِجي نه مٽجي سگهي آ
تون جڏهن کان ويو آهين وِڇڙي پرين
تڏهن کان مان
ٻَهران ته پکين جان خوش پيو لڳان
مگر اَندر منهنجو نِهائين جيئن
جلندو رهي ٿو
ديپڪَ جان دُکندو رهي ٿو
هاڻ توکان سواءِ
آءُ جيون جو تنها مسافر آهيان
هيڏي وشال ڌرتيءَ تي سائين
منهنجو ڪو ڀي نه آ
منهنجو ڪو ڀي نه آ
خوشبوءِ جي هٿ ۾ ڏئي هٿ رولاڪ بادل جيان
بنَ بنَ ۾ ڀٽڪان پيو
هوا وانگر منهنجو ڪو در ڪونهي
ڪو گهر ڪونهي!
انور هالائي
نظم
تون هي تون
ورد جن جو تون هي تون، تن جو مقدر تون هي تون،
رنگِ دنيا تون هي تون ۽ شان، محشر تون هي تون
آئينه فطرت جي عظمت ۾ اجاگر تون هي تون،
فڪر، شاعر تون هي تون، ذوق، سخنور تون هي تون.
وحدتا ڪثرت بنائي ڪثرتا وحدت ٿئين،
وحده‘ جي واٽ جو سرواڻ سرور تون هي تون.
ها ۽ لا جي روپ ۾ ساڳيو نفي اثبات آهه،
هر زبان تي نعرده، الله اڪبر تون هي تون.
هم جبين ٿي تنهنجي آڏو سر جهڪائي بار بار،
زاهد، شب خيز جو زهد، تفاخر تون هي تون.
عارفانه عزم يا تڪيو فقيرانه هجي،
فڪر دانش کان وٺي موجِ قلندر تون هي تون.
تون هي تون جي واٽ تي منصور چڙهيو دار تي،
قتل گاهِه ڪربلا ۾ زير خنجر تون هي تون.
مسجد و مندر هجي، ديول ڪليسا جو وجود،
سو پڙاڏو سو ئي سڏ، اي بنده پور تون هي تون.
جذبئه احساس جاڳائي ڪرين ٿو سرخرو،
حوصلن ۾ ۽ ارادن ۾ برابر تون هي تون.
ڇا ڪجي ساراهه تنهنجي اي خداءِ ذوالجلال،
جيئن وڄن تارون، لنوي، ٿو روح ’انور‘ تون هي تون.
بشير احمد شاه
ڪافي
آهـــي پلپل تنهنجي سار سڄڻ،
وئي ننڊ ڦٽي منهنجا يار سڄڻ.
تنهنجي زلفن جو مان آسير ٿيس،
تنهنجي فرقت ۾ ته فقير ٿيس،
اڄ دلبر مان دلگير ٿيس،
تنهنجي پرت سندو پينار سڄڻ.
تنهنجي راهن نيڻ وڇايا مون،
تنهنجا پلپل پور پچايا مون،
گهڻو لوڪ اڳيان ها لڪايا مون،
پر عشق ڪيا اظهار سڄڻ.
دم دير نه ڪر مون جلدي آ،
من ماندو آ هڪ ڄاڻي خدا،
هڪ ڀيرو آ ڪري قرب مٺا،
دلدار هيئين جا هار سڄڻ.
تنهنجي محبت آ مخمور ڪيو،
تنهنجي مرڪ مٺا مجبور ڪيو،
تنهنجي مهر مون کي مغرور ڪيو،
تنهنجي نينهن ڪيس نروار سڄڻ.
تو سان آه ازل جو انگ پرين،
شل توکي پوي ڪو ننگ پرين،
تنهنجو شاد ته آهي پتنگ پرين،
اچي مون سان گهڙيون ڪي گهار سڄڻ.
عاجز اُڄڻ
غزل
نماڻيءَ جي نجهري، نهاري ته وڃجان.
او پيارا ڪڏهن، قول پاري ته وڃجان.
قُلن جي بهاني، گهڙي پل ڪا ترسي،
بُٺيءَ تي گهڙيون ڪي، گذاري ته وڃجان،
سنڌوءَ جي ڪناري، ڪڏهن سج لٿي جو،
سندم حال تي لڙڪ، هاري ته وڃجان.
ڀِنيءَ ڀيڄ ساجن، وجهي ڳل ڳراهٽيون،
مُنڌل وار منهنجا، سنواري ته وڃجان.
اجها ڄاڻ پوري، ٿئي ٿي حياتي،
مرڻ کان اڳي منهن، ڏيکاري ته وڃجان.
سوين سور صدما ۽ سختيون سهي تون،
سندو عشق عاجز، اُجاري ته وڃجان.
ڪافي
هي سوالي اکيون، ڪشڪول اکيون.
در در تي رلن، منهنجيون رول اکيون.
ٿيا نيڻ جڏهانڪ، برهه بلي،
ويو چين رُسي، نٿو چارو چلي،
اڄ ديد سندو ڪو دان ملي،
در ويٺيون وڇائي، جهولَ اکيون.
متان يار اسان کي ساري نٿو،
جو واڳ وصل جي، واري نٿو،
ڇو قول ڪَيَل هُو پاري نٿو،
لک سانڍيو ويهن، دل هولَ اکيون.
جيڪي هانوَ مٿي ٿا هردم هُرن،
شل عاجز انهن جون واڳون ورن،
منهنجي آڳر اچن، ڏسي نيڻ ٺرن،
مَن رئنديون ريجهائن ڍولَ اکيون.
سوز هالائي
غزل
جت روح کي رنج الم نه هجي،
هل چاهه چريا اُن ماڳ هلون.
جت دل کي درد ستم نه هجي،
هل چاهه چريا ان ماڳ هلون.
جت پيار مٿي پهرا نه هجن،
جت محبت جا مير نه هجن،
جت برهه تي ڪو برهم نه هجي،
هل چاهه چريا اُن ماڳ هلون.
جت محبت ڀريا ماڻ هجن،
۽ پاسي پرين پاڻ هجن،
جت اکڙين آگم نه هجي،
هل چاهه چريا ان ماڳ هلون.
جي زخم هجن، مرهم به هجي،
هر دم ۾ ڪو همدم به هجي،
ڀل لُڙڪ لڙن پر غم نه هجي،
هل چاهه چريا اُن ماڳ هلون.
جت قدر سڃاپي سڏڪن جو،
احساس هجي جت لُڙڪن جو،
جت ڪوڙي ريت رسم نه هجي،
هل چاهه چريا ان ماڳ هلون.
جت روساما پرچاءِ هجن،
۽ سپرين جا سرچاءَ هجن،
جت قرب سواءِ ڪو ڪم نه هجي،
هل چاهه چريا ان ماڳ هلون.
جت هيرن ۾ هُٻڪار هجي،
۽ موتئي جي مهڪار هجي،
جت مکڙي ڪا پرنم هجي،
هل چاهه چريا ان ماڳ هلون.
پر اهڙا پنهنجا ڀاڳ ڪٿي، ير!
چاهت ڀريا چاڳ ڪٿي،
جو پيار ۾ پيچ و خم نه هجي،
هل چاهه چريا اُن ماڳ هلون. |