سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1979ع (2)

 

صفحو :20

صرفي بناوٽ جي لحاظ کان فعل _ ٿڙ ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجن ٿا: مفرد (Simple) ۽ مرتب (Complex)، مفرد فعل _ ٿڙ، فعل _ ڌاتوءَ جي ئي برابر آهن. اهي ٻئي ڪنهن روپ مان ڦٽي نڪتل آهن، يعني هڪ صرفيا آهن؛ پر مرتب فعل _ ٿڙ هميشه ٻئي ڪنهن روپ مان ڦٽي نڪتل هوندا آهن، ان ڪري کين مشتق (Derived) پڻ چئجي ٿو. مرتب فعل _ ٿڙ يا ته مفرد ۽ مشتق فعل _ ٿڙن مان ڦٽي نڪرندا آهن، يا ڪنهن غير فعلي بنيادي (Non-verbal base) مان جُڙندا آهن. (ڏسو نقشو). مثلاً: /لکه _/ مفرد فعل _ ٿڙ مان /لکا _/ (لکائي) مرتب فعل _ ٿڙ جڙيو آهي. / لکا _/ جيڪو خود مشتق فعل ٿڙ آهي، انهيءَ مان وري ٻيو فعل _ ٿڙ /لکارا _/ (لکارائي) جُڙيو آهي. /ڦَٿ _/ (’ڦٿ _ ڦٿ‘ اسم) غير فعلي بنياد مان / ڦٿڪ _/ (ڦٿڪي) لازمي مشتق فعل _ ٿڙ نڪتو آهي.

هدايتون _ (1) لازمي، متعدي فعل _ ٿڙن يا غير فعلي بنيادن وٽان ضميري پڇاڙيءَ ڏانهن هلڻ شروع ڪريو. ليڪ ذريعي ڏيکاريل ڪوبه رستو وٺي ان تان هميشه کاٻي پاسي يا مٿي هلڻو آهي. واٽ تي جتي خانا اچن، اتي اهي روپ ٺاهي پوءِ ضميري پڇاڙيءَ تائين پهچڻو آهي. (2) ڀڳل ليڪ ڏيکاري ٿي ته فقط / گهٽ _/ جهڙن غير فعلي بنيادن مان نڪتل مجهول فعل _ ٿڙ ڪجهه ڪردنت ٺاهيندا آهن. (3) ليڪ ۾ اڌ گول نشاني ڏيکاري ٿي، ته ان هنڌ کاٻي پاسي نه ڦرڻو آهي. (4) خانن وٽ ڏنل انگ _ فعل  + ٿڙن جا قسم ڄاڻائين ٿا.

مفرد توڙي مرتب يا مشتق فعل _ ٿڙ ڪردنتن (Participles) جي نقطهء نگاهه کان ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهن. غير ڪردنتي فعل _ ٿڙ (Non- Participial Verb-Stem) ۽ ڪردنتي فعل _ ٿڙ (Paticipial Verb-Stem) (ڏسو نقشو). فعل _ ٿڙن جا هي سمورا ڀاڱا چارٽ ۾ هن ريت پيش ڪري سگهجن ٿا:

 

فعل ٿڙ

 

      مفرد                             مشتق يا مرتب

(غير ڪردنتي)

                                       

غير فعلي بنيادن مان                  فعل _ ٿڙن مان

 

غير ڪردنتي     ڪردنتي    غير ڪردنتي   ڪردنتي

ڪردنتي فعل _ ٿڙ اُهي آهن، جن مان ڪردنت (Participles) جُڙن ٿا. ڪردنت فعل جو اهو روپ آهي، جيڪو جملي جي بيهڪ ۾ اسم يا صفت طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. اسم يا صفت طور استعمال ٿيڻ تي پڻ ڪردنتن مان زمان جو مطلب غائب ڪونه ٿيندو آهي، جيئن:

فعل

هو مصيبتون سهندا.

هو اڄ ايندو ۽ سڀاڻي ويندو.

هوءَ مون سان گڏ هلندي.

ڇيلو ماربو.

مون مک ڏٺي.

مون خط لکيو.

هيءَ ٻڪري سڀاڻي مرڻي آهي.

اسان به ته ڪجهه لهڻو.

 

اسم يا صفت

ڌڻي شال سهندا بار ڏئي. (صفت)

ايندو سڀڪو ڏسي، ويندو ڪوبه نه ڏسي (اسم)

هن جي سرڪار ۾ هلندي پڄندي آهي. (اسم)

مون ڇيلو ماربو ڏٺو.(صفت)

ڏٺي مک ڪير ڳيهندو. (صفت)

لکيو ڪير ميٽي سگهندو؟ (اسم)

انسان مرڻي وٿ آهي. (صفت)

هنن جو پاڻ ۾ لهڻو ڏيڻو ڪيئن آهي. (صفت)

 

غير ڪردنتي فعل _ ٿڙن مان جڙيل فعل، اسم يا صفت طور آڻي نه سگهبا آهن.

هتي ڏنل نقشي جاچڻ مان معلوم ٿيندو ته ڪل نون قسمن جا فعل _ ٿڙ آهن، جن مان پنج غير ڪردنتي آهن ۽ چار ڪردنتي آهن. هر هڪ اسم جي اشتقاقي صرفيه (Derivatice Morpheme) موجب ليکيو ويو آهي. مفرد _ فعل ٿڙن ۾ ڪوبه اشتقاقي صرفيه ڪونه ٿو لڳي، ان ڪري اهو فعل _ ٿڙن جو هڪ قسم ٿيو، جيڪي مشتق فعل ٿڙ ساڳيو اشتقاقي صرفيه لڳائي جوڙجن ٿا، تن کي هڪ قسم اندر ليکيو ويندو آهي.

مفرد فعل _ ٿڙن ۾ ڪوبه اشتقاقي صرفيه نه هئڻ ڪري، انهن جي بناوٽ جي ذڪر ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. باقي ٻين قسمن جي فعل _ ٿڙن جي بناوٽ هتي بيان ڪجي ٿي.

 

3.3 مشتق لازمي فعل _ ٿڙ (Derived Intransitive Verb-Stem)

        مشتق لازمي فعل _ ٿڙ جوڙڻ لاءِ غير فعلي بنياد ۾ لازمي صرفيه لڳائجي ٿو، جنهن کي هڪ صرف / _ ڪ/ آهي. مثال طور، ڦٿ _ ڦٿ اسم اهي، جو هڪ ئي ڌاتوءَ / ڦٿ_/ کي دهرائڻ سان جُڙيو آهي، غير فعلي ڌاتوءَ / ڦٿ _/ ۾ / _ڪ/ پڇاڙي لڳائڻ سان /ڦٿڪ _/ (ڦٿڪي) ([1]) فعل _ ٿڙ جُڙي ٿو.

ٻيا ڪجهه مثال: ٽم ٽم _/ ٽمڪ _/ (ٽمڪي)، کڙ کڙ _/ (کڙڪي)، ڪُر ڪُر _ / ڪُرڪ (ڪرڪي).

4.3 مشق متعدي فعل ٿڙ (Derived Transitive Verb-Stem)

         هي فعل_ ٿڙ  بنياد ۾ متعدي صرفيه (Transitive Morpheme) لڳائڻ سان جوڙجن ٿا. متعدي صرفيه جا گهڻائي هم صرف (Allomorphs) آهن، جيڪي اڳتي هلي ڄاڻايا ويا آهن. مشتق مرعدي فعل _ ٿڙ ٻن بنيادن مان ڦٽي ٿو، جي آهن لازمي فعل _ٿڙ  ۽ غير فعلي بنياد.

 ڏسو (نقشو) لازمي فعل _ ٿڙ جي روپ ۾ اندروني

تبديل (Internal Change) ڪرڻ سان مشتق متعدي فعل _ ٿڙ جوڙجن ٿا ۽ غير فعلي بنياد ۾ متعدي فعل _ ٿڙ ڏيکاريندڙ پڇاڙيون لڳائي هي فعل _ ٿڙ ٺاهجن ٿا. مثال:

(< نشانيءَ جو مطلب آهي: ’بدلجي ٿو‘.)

        (الف) لازمي فعل _ ٿڙ جي سُر ۾ تبديل ڪرڻ سان جوڙيل.

(1) اَ < اَ : / ٺهه _ /ٺاهه _/ (ٺهي _ ٺاهي) /مر _/ مار _/ (مري _ ماري)

(2) اِ < اَ يا اي/:

/سڌر _/ _/سڌار _/ (سُڌري _ سڌاري)

/ وِسر _/_/وِسار _/ (وِسري _ وساري)

 /سِر _/_/سير_/ (سِري _ سيري)

/هير +/ _/ هير _/ (هِري _ هيري)

(2) اَ < او/:            /کل _/ _/ کول _/ (کلي _ کولي)

/تُر _/ _/ تور _/ (تُري _ توري)

(ب) لازمي فعل _ ٿڙ جي وينجن ۾ (سُر سان گڏ يا ان کان سواءِ ) تبديل ڪرڻ سان جوڙيل:

(1) ٽ < ڙ/+اُ < او/: /ٽُٽ _/ _/ ٽوڙُ _/ (ٽُٽي _ ٽوڙي)

/ڦٽ _/ _/ ڦوڙُ _/ (ڦُٽي _ ڦوڙي)

/ڦاٽ _/ _/ڦاڙ _/ (ڦاٽي _ ڦاڙي)

(2) ڏ < ڙ/+اَ < او/:  /ٻُڏ _/ _/ ٻوڙ _/ (ٻڏي _ ٻوڙي)

(3) م < ڻ/+/اَ < اِ/: /ڄم _/ _/ڄَڻ _/ (ڄمي _ ڄڻي)

                     /وِڪام _/ _/ _/ وڪڻ _/ (وڪامي_ وڪڻي)

(4) ب < ڻ /:         /لُب _/ _/ لُڻ _/ (لبي _ لُڻي)

(5) جهه < ڏُ يا هه /:  /رجهه _/ _/ رڌ _/ (رجهي _ رڌي)

                        / ڏجهه _/ _/ ڏهه _/ (ڏجهي _ ڏهي)

(6) پ < هه /:                / ڇُپ _/ _/ ڦيهه +/ (ڦسي _ ڦيهي)

(7) اس < هه/ + اِ< اي/:     / گس _/ _/ گهه _/ (گسي _ گهي)

(8) س < هه /:                / ڪُس _/ _/ ڪُهه _/ (ڪُسي _ ڪهي)

(9) ڀ < هه /:                /ڏُڀ _/ _/ ڏُهه _/ (ڏڀي _ ڏُهي)

/لڀ _/ _/لَهه _/ (لڀي _ لهي)

(10)ڄ < ڃ، ڻ<يا ن/:        /ڀڄ _ / _ / ڀڃ _/  (ڀڄي _ ڀڃي)

                        /کڄ _/ _/ کڻ _/ (کڄي _ کڻي)

                        / ڇڄ _/ _/  ڇِن _/ (ڇڄي _ ڇني)

(11) ڄ < 0 /*               /کاڄ _/ _/ کا_/ (کاڄي _ کاڻي)

(12) پ < 0 _/:              /ڍاپ _/_/ ڍا _/ (ڍاپي _ ڍائي)

(13) م < 0 /:               اُڏام _/ _/ اُڏا _/ (اُڏامي + اڏائي)

 

غير فعلي بنيادن ۾ پڇاڙيءَ لڳائڻ سان جُڙيل

(1) / _ ڪ /:   ڦوڦو (اسم)، بنياد   /ڦو _/+/ _ڪ/ (ڦوڪي)

               سُڻ سُڻ (اسم)، بنياد  /سُڻ_/+/ _ڪ/ (سُڻڪي)

(2)/ _ڪار /: ڳٽ ڳٽ (اسم)، بنياد / ڳاٽ _/ +/_ ڪار/

(ڳٽڪاري)

ڇڻ ڇڻ  (اسم)، بنياد  /ڇڻ_/+/ڪار/ (ڇڻڪاري)

(3) / _ آڙ /: لت (اسم)             /لت_/ +/ _ آڙ/ (لتاڙي)

(4) /_آر/:

(5) / _ آٽ/: /ڪارو (صفت)      ڪارا_/+/_ آت/ (ڪاراٺي)

(6) /_ ر/:     واءُ (اسم)           /واءُ/+/_/ ر/ (وائري)

 (7) /_او/:    ڏُک (اسم)          /ڏک/+/_ او/ (ڏُکوئي)

 

نوٽ: لت، ڊگهو، ڪارو، ڏک بنيادن جو آخري سُر متعدي فعل _ ٿڙ ٺاهيندڙ اڳياڙيءَ اڳيان غائب ٿئي ٿو.

 

5.3 بالواسطه فعل _ ٿڙ Causal Verb-Stem)

 بالاسطه فعل _ ٿڙ ٺاهڻ لاءِ بنياد ۾ بالواسطه صرفيه (Causal Morpheme) لڳائجي ٿو. بالواسطه صرفيه جي اندر / _آر/، / _ را/ ۽ / _آ/ هم _ صرف پڇاڙيون شامل آهن. مثال :

 

(1) / _ آر/:   اُٿ_/ +/ _آر/         (اٿي _ اٿاري)

/وهنج _ / + / _ آر/ (وهنجي _ وهنجاري)

/سُمهه _ /+/ آر/             (سمهي _ سمهاري)

ڪن ڪن بنيادن ۾ / آر _/ پڇاڙي لڳائڻ سن سُر جي تبديل به ٿئي ٿي. جيئن ته /ڊڄ _/ +/ ڏ آر/ (ڊڄي _ ڊيڄاري)، /سِک /+/ _آر/ (سِکي _ سيکاري)، / ڌو _ / + / _ آر/ (ڌُئي _ ڌُئاري)

 

(2) / _ را/: هيءَ به پڇاڙي فقط ’آر‘ ۾ پورن ٿيندڙن متعدي فعل _ ٿڙن پٺيان لڳي ٿي. جيئن ته _/پا _/ + / _را (پائي _ پارائي)، / کا _ + /را/ (کائي _ کارائي).

        (3) /_آ/ پڇاڙي: بالواسطه فعل _ ٿڙ ٺاهڻ لاءِ /_ آر ۽ _را/ پڇاڙين جو واهپو ڪن ٿورن فعلن _ ٿڙن سان آهي. انهن کي ڇڏي، باقي ٻين فعلن _ ٿڙن سان / _ آ/ پڇاڙي لڳائجي ٿي، جيئن ته: /هل _ / +/ _ آ/ (هلي _ هلائي)، /لک _/+/ _آ/ _لکي _ لکائي).

جن بنيادن ۾ باالواسطه صرفيه لڳائجي ٿو، تن جا مغال هن ريت آهن: (ڏسو نقشو)

(1) لازمي ۽ متعدي فعل _ ٿڙ (انهن لازمي  فعل _ ٿڙن کان سواءِ جن مان مشتق متعدي _ ٿڙ نڪرن ٿا):

/ هل _ / + / _/آ            (هلي _ هلائي)

/لکه _/ + / آ / _ / (لکي _ لکائي)

(2) مشتق لازمي فعل _ ٿڙ:

ڦٿڪ _ / + / _آ/            (ڦٿڪي _ ڦٿڪائي)

(3) مشتق متعدي فعل _ ٿڙ:

/ڦوڪ _/+/ _آ/              (ڦوڪي _ ڦوڪائي)

(4) غير فعلي بنياد: جن غير فعلي بنيادن مان بالواسطه فعل _ ٿڙ ٺهن ٿا، اهي ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا اهي بنياد آهن، جن مان فقط بالواسطه فعل _ ٿڙ ٺهن ٿا. مثلا _ چور _ / چو _/+/ _ آ/ (چورائي)، ڳالهه _ / ڳالهه / + / _آ/ (ڳالهائي)، انهيءَ قسم جي بنيادن کي ’چور‘ ڪلاس جا غير بنيادي فعل سڏيو ويو آهي. ٻيا اهڙا بنياد آهن، جن مان بلواسطه توڙي مجهول فعل _ ٿڙ جڙن ٿا. انهيءَ قسم جي بنيادن کي ’گهٽ‘ ڪلاس جا غير فعلي بنياد سڏيو ويو آهي. مثلاً: گهٽ _/ گهٽ _ /+/ _آ/ (گهٽائي)، /گهٽ _+/ _ اِج (گهٽجي)؛ ٿَڪُ _ /ٿڪ _ /+/ _ آ/ (ٿڪائي)، /ٿڪ _ / +/ _ اِج / (ٿڪجي).

        ٻٽو بالواسطه: بالواسطه فعل _ ٿڙ ۾ وري ٻيو دفعو بالواسطه روپ ٺاهيندڙ پڇاڙي /_آ /يا/ _را/ گڏڻ سان ٻٽو بالواسطه جڙي ٿو. جيڪي بالواسطه فعل _ ٿڙ / _آ/ ۾ پورا ٿين ٿا، تن پٺيان ٻٽو بالسواطه ٺاهڻ لاءِ /_را/ پڇاڙي لڳائجي ٿي ۽ جيڪي / _ آر/ ۾ پورا ٿين ٿا، تن پٺيان /_ آ/ پڇاڙي گڏجي ٿي. /_را/ ۾ پوريون ٿيندڙن بالواسطه فعل ٿڙن پٺيان ٻيو دفعو /_را/ پڇاڙي گهڻو ڪري ڪانه گڏبي آهي. اهڙي قسم جا بلڪل ٿورا فعل _ ٿڙ ملن ٿا، جن ۾ / _ را/ پٺيان وري ٻيو دفعو / _ را/ پڇاڙي لڳل آهي. ٻٽي بالواسطه جي بناوٽ جو نمونو هن ريت آهي.

       پهريون بالواسطه                     ٻٽو بلواسطه

        _ آ                             _را

        _آر                             _آ

        _را                             _(_ را)

 

مثال (1) / _ را/              /لکه _/: /لکا_/+/_ را/ (لکائي _ لکارائي)

                /لڪ_/:/لڪا_/+/_را/ (لڪائي_ لڪارائي)

      (2) / _ آ/              /ڌو_/: /ڌئار_/+/_ آ/ (ڌئاري_ ڌئارائي)

                /سمهه _/: /سمهار_/+/_آ/ (سُمهاري _ سماهارائي)

      (3) / _ را /             /کا _/:  /کارا_/+/ _را/ (کارائي_کاررائي)

                        /اڌ _/: /ڌارا _/+/_را/ ‎(ڌارائي_ڌارارائي)

نوٽ: (1) هتي ڏنل فعل _ ٿڙن مان بالواسطه فعل _ ٿڙ ڪونه جڙندو آهي. /سگهه_ /(سگهي)، /اَڍ_/ (اَچي)، /وڃ _/ (وڃي)، /گهرج _/ (گهرجي)،/نڪر_ / (نڪري)، /هنج_/ (هجي)، /ٿي _ / (ٿئي).

(2) سڀيئي بالواسطه فعل _ ٿڙ متعدي فعل _ ٿڙن جي ڪلاس ۾ اچن ٿا ۽ سندن گردان بلڪل متعدي فعلن وانگر ٿئي ٿي.

(3) غير _ فعلي بنيادن مان ۽ لازمي (مفرد ۽ مشتق) فعل _ ٿڙن مان نڪتل بالواسطه فعلن جي معنيٰ جملي ۾ رواجي متعدي وانگر هوندي آهي. پر جيڪي بالواسطه فعل، متعدي (مفرد ۽ مشتق) فعل _ ٿڙن مان نڪتل هوندا، تن کي ئي بالواسطه جي حقيقت اهميت حاصل ٿيندي آهي. جيئن ته، /هل _/ لازمي فعل _ ٿڙ آهي، جنهن ۾ / _آ / لڳائي بالواسطه روپ جوڙيو اٿئون، جو جملي جي بيهڪ ۾ رواجي متعدي فعل وانگر ئي عمل ڪري ٿو. رام خط لکيو، رام گاڏو هلايو. هتي ڪم ڪندڙ فاعل پاڻ آهي. پر جڏهن متعدي فعل _ ٿڙن ۾ ساڳي / _ آ/ پڇاڙي لڳائي بالواسطه روپ جوڙجي ٿو، تڏهن اهو فعل جملي ۾ حقيقت بالواسطه جو عمل ڪري ٿو. رام خط لکايو (/لکه _ / +/ _آ/ = لکا _/ متعدي فعل ٿڙن مان ٺهيل بالواسطه). هن جملي ۾ خط لکندڙ رام پاڻ ڪونه آهي، پر ٻيو ڪو آهي، جنهن کان رام لکڻ جو ڪم ڪرائي ٿو.

 

6.3 مجهول فعل _ ٿڙ (Passive Verb _ Stem)

مجهول فعل _ ٿڙ ٺاهڻ لاءِ بنياد ۾ مجهول صرفيه / _ اِج/ لڳائجي ٿو. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ تڪڙو اچار ڪرڻ تي ڪجهه وينجنن پٺيان / _ج/ جو ’اِ‘ سُر غائب ٿي ويندو آهي.

مثال: /کا _/ +/ _ اِج /              (کائي _ کائجي)

        / سو _/ +/ _ج/             (سوئي _ سوئجي)

/ليڪ _ /+/ اچ /            (ليڪي ليڪِجي)

        جن بنيادن مان مجهول فعل _ ٿڙ ٺهن ٿا، تن جا مثال هن ريت آهن  (ڏسو نقشو).

(1) لازمي ۽ متعدي فعل _ ٿڙ

/هل _/ +/ _اج/                      (هلجي)

/لکه _/+/ _اج/                      (لکجي)

(2) مشتق لازمي فعل_ ٿڙ:   /ڦٿڪ _/+/ _اِج/ (ڦٿڪجي)

(3) مشتق متعدي فعل _ ٿڙ:  _ /کڻ _ /+/ اِج/   (کڻجي)

(4) بالواسطه فعل _ ٿڙ:               /لکا_/ +/ اج/        (لکجي)

                                /لکارا_/ +/ اج/      (لکارائجي)

(5) غير _ فعلي بنياد:                /گهٽ_/ +/ اج/ (گهٽجي)

 

نوٽ:  (1) غير فعلي بنيادن مان نڪتل مجهول _ فعل جملي جي بيهڪ ۾، گردان ۾ توڙي معنيٰ جي لحاظ کان رواجي لازمي فعلن وانگر عمل ڪن ٿا.  جيئن ته پاڻي وهي ٿو پاڻي گهٽجي ٿو؛ مانهو هلن ٿا _ اگهه گهٽجن ٿا.

(2) متعدي فعل _ ٿڙن مان نڪتل مجهول فعل به گردان ۾ بلڪل لازمي فعلن وانگر ضميري پڇاڙيون کڻي ڦرندا آهن، پر جملي ۾ اهي ڪرمڻي پريوگ جي بناوٽ ۾ استعمال ٿيندا آهن. مثلاً ’هلان ٿو‘، ’هلون ٿا‘ _ لازمي فعل آهن. ’انهن وانگر مارجان ٿو‘، ’مارجون ٿا‘ وغيره مجهول فعلن جو گردان هوندو آهي. پر ٻنهي فعلن جي جملن ۾ فرق آهي. ’هلان ٿو‘ ڪرتري پريوگ آهي ۽ ’(دشمن کان) مارجان ٿو‘ ڪرمڻي پريوگ آهي.

(3) لازمي فعل ٿڙن مان ڦُٽي نڪتل مجهول فعلن جو گردان نه ٿيندو آهي. اهي فقط حاضر غائب واحد جي ضميري پڇاڙي کڻندا آهن، ۽ جملي ۾ ڀاوي پريوگ جي بناوٽ اختيار ڪندا آهن. ’اڄ گهمڻ هلجي ته سٺو‘، ’مڙيئي جِيئجي پيو.‘

 

ڪردنتي فعل _ ٿڙ (Participital Verb _stem)

7.3 ورتمان ڪرتري ڪردنت جو فعل (Preset Active Participial Verb -stem)

 هن ڪردنت جي فعل _ ٿڙ جوڙڻ لاءِ بنياد ۾ ورتمان ڪرتري ڪردنت (اسم حاليه) ڏيکاريندڙ صرفيه لڳائجي ٿو، جنهن کي چار هم _ صوفي پڇاڙيون آهن.

(1) / _ آند/: هيءَ پڇاڙي هيٺ ڏنل فعل _ ٿڙن سان لڳي ٿي.

(الف) /وڃ _ /، هُج_ /، ٿي _/۽/ آچ _/ فعل _ ٿڙن کي ڇڏي، باقي ٻيا سڀ لازمي (مفرد، شتق) فعل _ ٿڙ، مثلاً:

/هل _ /+/ _ آند/ (هلندو) ([2]).

/نچ _/+/ آند / (نچندو)

(ب) ’گهٽ‘ جهڙن غير فعلي بنيادن مان نڪتل مجهول فعل _ ٿڙ.

/گهٽ_/:      /گهٽج_/+/ آند / (گهٽجندو)

/مڱه _/: _/مڱج /+/ آند / (هو مڱجندو).

نوٽ: ڪي عالم ”اڄ نديءَ مان پاڻي گهٽجندو“، ”هو سڀاڻي مڱجندو“ جملن ۾ ”گهبو“، ”مڱبو“ روين کي ئي استعمال ڪرڻ درست سمجهندا آهن. پر اسين جيڪڏهن روزمره جي ٻولي جاچينداسين ته ’گهٽجندو‘، ’ٿڪجندو ‘، ’مڱجندو‘، ’پرڻجندو‘ وغيره روپ پرهيل ڳڙهيل طبقي جي ماڻهن ۾ پڻ عام جام ٻڌڻ ۾ ايندا. ان ڪري هتي اهي درست ليکي ڄاڻايا ويا آهن. پر اهو ڌيان رکڻ گهرجي ته لازمي متعدي ۽ بالواسطه فعلن مان نڪتل مجهول فعل _ ٿڙن سان هيءَ پڇاڙي ڪانه لڳي سگهندي. ’هلجندو‘، ’بيهجندو‘ روپ غلط آهن انهن بدران ’هلبو‘، ’بيهبو‘ يا ’هلندو‘، ’بيهندو‘ روپ جدا جدا معنيٰ ۾ استعمال ڪبا آهن. ساڳيءَ طرح، ’مارجندو‘، ’کارائجندو‘، روپ ڪونه ٺهندا. ان مطلب ظاهر ڪرڻ لاءِ ’ماريو‘، ’کارائبو‘ روپ استعمال ڪبا آهن.

(ٻ) اُهي متعدي فعل _ ٿڙ جيڪي امر واحد ۾ / _ اُ/ پڇاڙي کڻن ٿا.

/لک _/+/ آند/ (لکندو)

/اگهُه _/+/ آند / (اُگهندو)

(2) /_ايند/هيءَ پڇاڙي امر واحد ۾ / _ اُ/ کڻندڙ متعدي فعل _ ٿڙن کان سواءِ ٻين سڀني متعدي (مفرد، مشتق) فعل _ ٿڙن سان لڳي ٿي ۽ /ٿي _/، /اچ_/ لازمي فعل ٿڙن سان پڻ لڳائجي ٿي. مثلاً.

/کا _/+/ ايند / (کائيندو)، /ڊاهه _/+/ ايند / (ڊاهيندو)

/اٿي _/+/ ايند / (ٿيندو)، /اَچ _/+/ ايندو/ (ايندو)([3]).

جن بنيادن مان ورتمان ڪرتري ڪردنت جو فعل _ ٿڙ جڙي ٿو، تن جا مثال هن ريت آهن: (ڏسو نقشو)

 (1) لازمي ۽ متعدي         /هل _/+/ _اند / (هلندو).

/لک _/+/ _اند / (لکندو).

(2) مشتق لازمي:             /ڦٿڪ _/+/ _اند / (ڦٿڪندو).

(3) مشتق متعدي:           /کن _/+/ _اند / (کڻندو).

(4) بالواسطه (پهريون ۽ ٻٽو):         /لکا _/+/ _ايند / (لکائيندو).

(5) گهٽ ڪلاس جي بنيادن مان نڪتل مجهول:

                                /گهٽج _/+/ _آندو / (گهٽجندو).

        نوٽ: هي ڪردنت جڏهن اسم يا صفت طور ڪم ايندا آهن، تڏهن هلندڙ يا ٿيندڙ ڪم جي معنيٰ ڏيندا آهن، پر جڏهن فعل جو عمل ڪندا هن، تڏهن زمان مستقبل جي معنيٰ ڏيکاريندا آهن. مثلاً:

نچندي نار؛ ماڻهو مرندا ڏٺم.

اڄ هوءَ نچندي، جنگ ۾ ماڻهو مرندا.


([1]) فعل _ ٿڙن ۾ صيغي مضارع، ضمير غائب واحد جي پڇاڙي / _ اي/ لڳائي، هن بيان ۾ مثال ڏنا ويا آهن.

 

*  0 ٻڙي _ هن جو مطلب آهي ته وينجن ٻُڙيءَ ۾ بدلجي ٿو، يعني غائب ٿئي ٿو.

 

([2]) ڪردنتي فعل _ ٿڙن جا مثال ضمير غائب، واحد، مذڪر جي پڇاڙي /_او/ لڳائي ڏنا ويا آهن.

 

([3] ) فعل _ ٿڙن ۾ ٿيندڙ تبديلين لاءِ ڏسو نمبر 5.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com