جن بنيادن مان ماضي معطوفي ٺهن ٿا، تن جا مثال هن ريت آهن:
لازمي ۽ متعدي: /هل _ /: هِلي، هِلي ڪري، هليو.
/پڪڙ _ /هل _ /: پڪڙي، پڪڙي ڪري، پڪڙيو.
لازمي مشتق:
/ڦٿڪ _ /: ڦٿڪي، ڦٿڪي ڪري، ڦٿڪيو.
متعدي مشتق:
/مار _ /: ماري، ماري ڪري، ماريو.
بالواسطه:
/لکيا_ /: لکائي، لکائي ڪري، لکايو.
مجهول:
/ مارج_/: مارجي، مارجي ڪري، مارجيو.
غير فعلي بنياد مان نڪتل مجهول:
/ٿڪج _/: ٿڪجي، ٿڪجي ڪري، ٿڪجيو.
نوٽ (1) ماضي معطوفي روين کي ارنيسٽ ٽرمپ ’ڪردنت‘ ڪري سڏيو آهي([1]).
ميرزا قليچ بيگ، ۽ ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ ب ههنن
روين جو ڪردنتن اندر بيان ڪيو آهي. هن مقالي ۾
ڪردنتن جي جيڪا سمجهاڻي ڏني ويئي آهي، ان موجب
ماضي معطوفي روپن کي ڪردنت سڏڻ غلط آهي. هي روپ
گردان ۾ نه ڦرندا آهن، يعني اوڪاري
(Indeclinables)
آهي.
(2) ’گهٽ‘ جهڙن غير _ فعلي بنيادن مان نڪتل مجهول فعل _ ٿڙن مان
ماضي معطوفيءَ جا ٽيئي روپ باقاعدي جُڙندا آهن.
مثال:
/ گهٽ _ /: گهٽج _ / گهٽجي، گهٽجي ڪري، گهٽجيو.
/ مڱ _ /: مڱج _ / مڱجي، مڱجي ڪري، مڱجيو.
انهن روين جي مشابهت
(Analogy)
تي لازمي فعل _ ٿڙن مان نڪتل ڪجهه مجهول فعل _ ٿڙ
پڻ ماضي روپ اختيار ڪن ٿا. سنڌي وياڪرڻ لکندڙن
اهڙن روپن کي اڪثر غلط ڄاڻايو آهي. پر اهي لفظ
ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ايترو ته عام جام استعمال ٿين
ٿا، جو کين صحيح روپ قبول ڪرڻ ئي ٺيڪ آهي. مثال:
ڪونڌر ڪُسجي (ڪُسي) ويا، هيءُ گهر وڪامجي (وڪامي)
ويو، برسات ۾ رستا ڌوپجي (ڌوپي) ويا آهن، هيءَ
زمين ويهجي (ويهي) ويئي آهي، گهڙيال بيهجي (بيهي)
ويو آهي.
5. فعل ٿڙن، ڪرياواچي اسمن ۽ ماضي معطوفي روپن کي ڏيکاريندڙ
صرفين اڳيان بنيادن ۾ ٿيندڙ تبديل:
(1) ڪرياواچي اسم جي پڇاڙي / _ اَڻُ/ ۽ ڀوشيه ڪردنت جي پڇاڙيءَ
/_اَڻ/ اڳيان اي، اي، ايهه، او ۽ اؤ ۾ پورا ٿيندڙ
فعل _ ٿڙ پنهنجي روپ ۾ تبديل ڏيکارين ٿا، جنهن
موجب اي، ۽ اي جي جاءِ تي اِ، ايهه، جي تي اِهه،
او ۽ اؤ جي جاءِ تي اُ ٿئي ٿو. مثال: /ٿي_/: ٿئڻ،
ٿئڻي، ڏي _/: ڏئڻ، ڏئڻو؛ /ويهه_ / ويهڻ، وهڻو؛ رو
_/ رُئڻ، رُئڻو؛ /پُو_/: پئڻ، پئڻو.
نوٽ: تڪڙي اچار ۾ ”اِ“ پٺيان ”اَ“ سُر اچڻ ڪري ’اِ‘ سُر ’يه‘ ۾
پڻ مَٽجي ويندو آهي، يا انهن ٻنهي سُرن جي وچ ۾
’يه‘ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو اهي. جيئن ته ٿيڻ يا
ٿيڻ؛ ڏيڻ يا ڏيڻو.
(2) ’ا‘ ۾ پورا ٿيندڙ فعل _ ٿڙ ’ا‘ يا ’آ‘ سان شروع ٿيندڙ
پڇاڙين اڳيان ۽ /_ اِڻ/ پڇاڙيءَ اڳيان اهڙي تبديل
ڏيکارين ٿا، جنهن ۾ فعل _ ٿڙ جي آخري سُر ’آ‘ بعد
’و‘ وينجن اچي ٿو. مثال /چ _/: /چ _/ + / _اي/
= چَوي؛ /چ _/ + / _ آ
= / چوا _/ (چوائي)
ساڳيءَ طرح _ چوندو، چوِڻو، وغيره روپ.
(3) ’اِي‘ ۾ پورا ٿيندڙ فعل _ ٿڙ ماضي معطوفيءَ جي / _ اِي/
پڇاڙيءَ اڳيان پنهنجو آخري سُر غائب ڪن ٿا. مثال:
/ جِي _/ +/ _اي/ جي ڪري.
(4) ڀوت ڪردنت جي پڇاڙين اڳيان فعل _ ٿڙن ۾ هن ريت تبديل ٿئي
ٿي.
(الف) / _اي / پڇاڙيءَ اڳيان / هڻ _ /، / کڻ _ / ’ڻ‘ ڪيترائي
اُن جي جاءِ تي نَڪانئون اُچار
(Nasalization)
وٺن ٿا ۽ /وِڪڻ _/ فعل _ ٿڙ پنهنجو / _ اِڻ پد
غائب ماضي معطوفيءَ جي / _ يو/ پڇاڙيءَ اڳيان اهڙي
تبديل ڪانه ٿي ٿئي: _هيڻو، کڻيو، وڪڻيو.)
(ب) ڀوت ڪردنت جي ٻڙي پڇاڙيءَ کان سواءِ ٻين پڇاڙين اڳيان،
وينجن غائب ڪن ٿا.
(Conjunct Consonants)
۾ پورا ٿيندڙ فعل _ ٿڙ پنهنجا آخري وينجن غائب ڪن
ٿا. هيئن ته /پچ _ / + / _ڪ /پڪو؛ / رُنڀ _ / + /
_ ڌ/ رُڌڻو. پر هيٺ ڏنل فعل _ ٿڙ ٻئي قسم جي تبديل
ڏيکارين ٿا:
/ نڪِر _/ +/ _ت/
=
نِڪتو؛ / وٺ _ / + / _ ت/
=
ورتو؛
/
وهنج _ / + / _ت
=
وهتو؛ / اڻ _ / + / _ د /
=
آندو؛
/ چَر_/ +/ _ن/
=
چِنو.
(ٻ) ڀوت ڪردنت جي پڇاڙيءَ / _ن/ اڳيان / ڏي/ ۽/ رو_ / ڦري/ ڏِ/
۽/رُ _/ ٿين ٿا. ڏِنو رنو.
(پ) ڀوت ڪردنت جي
/0/
ٻري پڇاڙيءَ اڳيان / ڄم _ / ڦري / ڄا _/ ۽/ مَر _/
ڦري/ ۾/ روپ وٺن ٿا. ڄائو مئو.
(5) بالواسطه ڏيکاريندڙ / _ آر/ پڇاڙيءَ اڳيان هيٺ ڏنل فعل _
ٿڙن جي روپ ۾ تبديل ٿئي ٿي.
/ ڊڄ _/
<
/ ڊيڄ _/ ’ڊيڄاري‘، /سک/
<
/ سيک_/ (سيکاري)، / ويهه _/
<
وِهُه / ’وهاري، / رو/ رُ _ / ’رُئاري‘، /
’ڌئاري‘، / پِي_/
< اپِ _ / ’پئاري‘، ڏي _<
/ ڏِ _/ ’ڏئاري‘. (پياري، ڏياري، اچار به عام جام
ٻُڌبا آهن.)
(6) / اچ _ / فعل _ ٿڙ ڀوت ڪردنت جي پڇاڙيءَ / _ ي/ اڳيان / ا
_/ روپ وٺي ٿو ۽ ورتمان ڪرتري ڪردنت جي پڇاڙيءَ /
_ ايند/ اڳيان بلڪل غائب ٿي وڃي ٿو يا ٻين لفظن ۾
چئجي ته ’ٻُڙي‘ ۾ بدلجي وڃي ٿو. / اَچ _/ + / _ي
= /آيو*؛
اَچ _/ + / ايند /
=
/0/ +/ ايند _ ايندو.
(7) / ڪَر _ / فعل ٿڙ ورتمان ڪرتري ڪردنت جي پڇاڙيءَ / آند/
اڳيان /ڪ _/ روپ وٺي ٿو. پر مجهول ورتما ڪرمڻي
ڪردنت، ڀت ڪردنت جي پڇاڙين ۽ ماضي معطوفيءَءِ جي
/يو/ پڇاڙيءَ اڳيان اهو فعل _ ٿڙ / ڪ _ / +/ _اِج/
ڪجي؛ / ڪَ _/ +/ _ يه / ڪيو؛ /ڪَ / + /_يو/ ڪيو
ماضي معطوفي هتي اهو ڌيان رهي ته / ڪ _ / پٺيان /
_ اِج ۽/ _ اِب/ پڇاڙيون پنهنجو ’اِ‘ سُر ڪيرائي
ڇڏين ٿيون.
(8) /وڃ/ فعل _ ٿڙ، ڀوت ڪردنت ۽ ورتمان ڪرتري ڪردنت جي پڇاڙين
اڳيان / و _/ روپ اختيار ڪري ٿو. / و _ / + /
_/ايند/ ويندو، /و _ / + / ي ويو.
(9) / هُج_ فعل _ ٿڙ ورتمان ڪرتري ڪردنت جي پڇاڙيءَ اڳيان /هُه
_/، ڀوت ڪردنت جي پڇاڙيءَ اڳيان / هُهه _ يا _/ ۽
ڀوشيه ڪردنت توڙي ڪرياواچي اسم جي پڇاڙين اڳيان
هُج _ يا هُو / روپ اختيار ڪري ٿو. مثال:
/هه _/ + / _ اوند/= هوندو؛ / هُه _ يا هُه _/ +/ 0/
=
هُئو يا هو.
/ هُه _ / +/ _ ان /
=
هُئڻو، / هُج / +/ _ اِڻ/
=
هُجڻو.
/هُج يا هُو _ / + / _ آڻ /
=
هجڻ يا هُئڻ.
نوٽ: پراڻي سنڌيءَ ۾ / هو _ / هوءُ (امر واحد) فعل _ ٿڙ به ملي
ٿو. پر انهيءَ مان هاڻوڪي سنڌيءَ ۾ ٻيا ڪي روپ
ڪونه ٿا ٺهن انهيءَ ڌاتوءَ مان ٺهيل فقط هوڻهار،
هوئڻهار روپ ئي اڄ ڪالهه جي سنڌيءَ ۾ واهپي ۾ نظر
اچن ٿا.
(10) هيٺ ڏنل روپ جوڙڻ لاءِ / وڏي _ / فعل _ ٿڙ پنهنجو آخري
سُر ڪيرائي ڇڏي ٿو.
/ ڏي _/ +/ _ اِج /
=
ڏِجي (مجهول)
/ ڏي _/ +/ _ ايند /
=
ڏيندو (ور تمان ڪر تري ڪردنت)
/ ڏي _/ +/ _ اِب /
=
ڏيو (ورتمان ڪومڻي ڪردنت)
/ ڏي _/ +/ _ ايو /
=
ڏيو (ماضي معطوفي)
نوٽ: / _ يو/ پڇاڙيءَ اڳيان / ڏِ _/ اُچار به ملي ٿو، _هو ڏِيو
(ڏيئي) هليو وڃي.
(11) / ني _ / فعل _ ٿڙ هيٺين روين جوڙڻ لاءِ پنهنجو آخري سُر
ڪيرائي ٿو.
/ ن_/ +/ _ ايند=
نيندو (ورتمان ڪرتري ڪردنت)
/ ن_/ +/ _ يه
=
نيو (ڀوت ڪردنت)
/ ن_/ +/ _ يو
=
نيو (ماضي معطوفي)
نوٽ: / _ يه/، / يو/ پڇاڙين اڳيان /ني _ / جو /نِ/ روپ به اُچار
۾ ملي ٿو، نيو مَن لائين، نِيو هليا وڃن.
(12) / ڌو _/ ۽ / رو _/ فعل _ ٿڙ ورتمان ڪرتري ڪردنت جي پڇاڙيءَ
اڳيان ’او‘ کي ’اُ‘ ۾ مٽائين ٿا. / ڌُ _/ +/ اند/
=
ڌئندو، / رُ _ /+/ _ اند
=
رُئندو.
(13) / اٿي _ / فعل _ ٿڙ هيٺ ڏنل روين ٺاهڻ لاءِ پنهنجو آخري
سُر ڪيرائي ٿو. مثال:
/ٿ _ /+/ _ اِج /
=
ٿجي (مجهول)
/ ٿ_/ +/ _ اِيند=
ٿيندو (ورتمان ڪرتري ڪردنت
/ ٿ/ +/ _ اِب/
=
ٿبو (ورتمان ڪرمڻي ڪردنت)
/ ٿ_/ +/ _ يه
=
ٿيو (ڀوت ڪردنت).
/ ٿ/ +/ _ يو
=
ٿيو (ماضي معطوفي).
نوٽ: / يه/، / _ يو/ اڳيان ٿي _ / جو / ٿ/ _/ اُچار پاڻ ملي ٿو،
_ ٿيو (هيءُ ڪم ٿِيو) هو هميشه هتان ٿِيو (ٿي ڪري)
هليو ويندو آهي.
(14) / _ يه / (ڀوت ڪردنت) ۽ / يو _ (ماضي معطوفي) پڇاڙين اڳيان
/ پَ _/ (پئه _ امر واحد) فعل _ ٿڙ پنهنجو آخري
سُر غائب ڪندو آهي.
/ پ _ / + / _ يه / پيو؛ /پ_/+/ _ يو/
=
پيو.
عطا محمد حامي
خيرپور جا مري بلوچ
مري بلوچ اصل ۾ رند آهن. ’مري‘ جو لقب کين رندن جي
سردار مير جاڪر خان ان وقت ڏنو هو، جڏهن هو مغل
شهنشاهه همايون جي مدد لاءِ وڃي رهيو هو. مرين جي
مُورث اعليٰ بجار خان، مير چاڪر خان سان گڏجي وڃڻ
کان انڪار ڪيو هو ۽ هن کيس ’مري‘ يعني ضدي سڏيو
هو. ان وقت کان وٺي بجار خان ۽ سندس راڄ مري سڏجڻ
۾ آيا([2]).
مرين کي ميرن جي حڪومت ۾ وڏي اهميت هوندي هئي. هو نه فقط فوجي
سردار، پر ميرن جا رشتيدار به هوندا هئا. سندن وڏو
ڏاڏا مير حاجي خان ولد مير نبيداد خان ڪاهان جي
علائقي مان لڏي سنڌ ۾ آيو هو. هو ٽالپرن جي مورث
اعليٰ مير سليمان خان عرف ڪڪي خان جو سهرو هو. کيس
هيٺين نالن سان اٺ پٽ هئا.
مستي خان، جعفر خان، ابراهيم خان، حيدر خان، شادي خان، شهداد
خان، دولت خان ۽ شڪل خان. انهن جو اولاد ’حاجي
زئي‘ جي نالي سان مشهور آهي([3]).
مير حاجي خان سنڌ ۾ پنهنجي برادري جا ٻيا پاڙا به وٺي آيو هو،
جن مان ڳهڻي پوٽا، ڏاهياڻي، بڊاڻي، حيسباڻي، بنگل
زئي، ڪنگراڻي، شيراني ۽ لُهراڻي مشهور آهن([4]).
حاجي زئي مرين کان ڪيترائي بهارت ٿي گذريا آهن، جن هالاڻي،
کرڙي، مياڻي ۽ دٻي جي جنگين ۾ پنهنجي شجاعت جا
جوهر ڏيکاريا هئا. سجاول خان، قائم خان ۽ جلال خان
وڏا ڪارناما ڪري ڏيکاريا هئا. مياڻي ۽ دٻي جي
جنگين ۾ گنهور خان، خير محمد خان ۽ ڪمال خان ڪم
آيا هئا. مطلب ته هي قبيلو سنڌ جي ميرن جو رشتيدار
۽ جانثار هو ۽ هرطرح سان سندن سڏ تي لبيڪ چوڻ وارو
هو([5]).
هتي ڪجهه مري سردارن جو مختصر تعارف ڪرائجي ٿو:
اميد علي خان
هي شڪل خان ولد حاجي خان جو پوٽو ۽ الهداد خان جو فرزند
هو. هڪ دفعو پنهنجن ڀائرن سان ناراض ٿي پنجاب هليو
ويو، ۽ راجا رنجيت سنگهه جي اميرن ۾ وڃي داخل ٿيو.
هڪ ڏينهن راجا سندس بهادريءَ جي ڪارنامن کان متاثر
ٿي چيو ”اوهان جي ملڪ ۾ تو جهڙا ٻيا پهلوان به آهن
يا نه؟“ اميد علي خان جواب ڏنو ”اسان جي ملڪ ۾
اهڙا پهلوان آهن، جن مون جهڙي ماڻهوءَ کي چيلهه
سان جُتي ٻڌرائي ڇڏي آهي([6]).
مستي خان ثاني: هي حاجي خان جي پوٽي بهار خان جو پٽ هو. پنهنجن
ڀائرن شهعلي خان، ڌڱاڻي خان ۽ يختيار خان سان
گڏجي، مير سهراب خان وٽ آيو ۽ ٽنڊو مستي خان نالي
ڳوٺ ٻڌي ويٺو. ٽنڊي آدم جو شهر سندس وڏي ڀاءُ قائم
خان جي پٽ آدم خان ٻڌرايو هو. آدم خان کي مريد خان
ولد جلال خان شهيد ڪيو هو. هن کي پٽ جو اولاد ڪونه
هو، تنهن ڪري آدم خان واري پڳ به مستي خان ٻڌي([7]).
مير سهراب خان ۽ ٻيا مير سندس وڏو قدر ڪندا هئا.
هو جنگ جي وقت مير صاحب کي وڏو لشڪر موجود ڪري
ڏيندو هو([8]).
کيس محبت خان، عطر خان، گل حسن خان ۽ علي محمد خان
نالي چار پٽ هئا، جيڪي پنهنجي وقت جا وڏا بهادر ٿي
گذريا آهن([9]).
محبت خان: مستي خان جي وفات کان پوءِ سندس وڏو پٽ محبت خان، مري
بلوچن جو سردار ٿيو. هو کرڙيءَ جي جنگ
۾ وڏي بهادري سان وڙهيو. کيس ’روجهي‘، هزارناز‘ ۽ ’ناز پري‘
نالي ٽي مشهور گهوڙيون هونديون هيون. سندس تلوارين
مان ’باور‘ ۽ ’ڪُڙاڪُٽ‘ مشهور آهن([10]).
نونارين واري جنگ وقت مير علي مراد خان وٽش ميڙ ٿي
آيو هو ته هو سندس طرف کان لڙائي تي هلي، پر محبت
خان کيس جواب ڏنو، ۽ مير رستم خان جي برخلاف نه
ٿيو. آخرڪار گهڻين منٿن تي پنهنجي خاندان سميت
پنهنجو شهر ڇڏي ٻيراني طرف هليو ويو ۽ ڀائرن جي
لڙائي ۾ پاڻ کي ملوث نه ڪيائين. جنگ ختم ٿيڻ کان
پوءِ مهينو کن رکي ڳوٺ موٽي آيو([11]).
هن تاريخ 27_جولاءِ 1856ع تي وفات ڪئي([12]).
گل حسن خان: هي محبت خان جو ننڍو ڀاءُ هو. نيڪ خصلتن ۽ اعليٰ
ڪردار جو مالڪ هو. بلوچي روايتن قائم رکن ۾ وڏي
ڪوشش ڪندو هو. مير رستم خان کيس پيار مان پنهنجو
پٽ سڏيندو هو. عين جواني جي وقت سندس شادي ٿيڻ
واري هئي ۽ کيس ڳانو ٻَڌجي چڪو هو، ته کرڙيءَ جي
جنگ جو نقارو وڳو، ۽ بلوچن سردارن کي جنگ جو سڏ
ٿيو. هي مانجهي مرد شادي ڇڏي ڀائرن سان گڏجي جنگ
جي ميدا ۾ آيو ۽ بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿيو.
سندس جوانيءَ جي موت کان متاثر ٿي ڪنهن چئي ڏنو:
”گل حسن گل ٿيو جنهن مستي ملهايو.“
سندس شهادت 1834ع ۾ ٿي ([13]).
مير محمد خان اول: محبت خان جي وفات کان پوءِ سندس وڏو پٽ مير
محمد خان اول بلوچن جو پڳدار ٿيو. هو هڪ جرات وارو
بلوچ سردار هو. وقت جا حاڪم کيس وڏي عزت سان ڏسندا
هئا. انگريزن به سندس جاگيرون بحال رکيون ۽ کيس
قدر جي نگاهه سان ڏٺو. هو هڪ وڏي سخي مرد ٿي گذريو
آهي. غريب غربي جي سنڀال لهندو هو. پاڙي جا
زميندار ۽ هاري ناري مٿس عاشق هوندا هئا. هو بنا
اولاد گذاري ويو، تنهن ڪري پڳ سندس ڀاءُ علي محمد
خان تي آئي. علي محمد خان جو جانشين سندس وڏو پٽ
مير محمد خان ثاني ٿيو جيڪو ويجهڙائي ۾ وفات ڪري
ويو آهي. هو هڪ وڏو دلعزيز ۽ سخن جو سچو ماڻهو هو.
پراڻين روايتن کي قائم رکڻ جي وڏي ڪوشش ڪندو هو.
مريد خان: هي بهار خان جي ڀاءُ جلال خان جو پٽ هو. وڏي شان ۽
شوڪت وارو امير ٿي گذريو آهي. هو مير سهراب خان جو
سهرو ۽ مير علي مراد خان جو نانو هو. کيس ميرن وٽ
وڏي عزت هوندي هئي. ٻيا سردار ۽ وزير به هن کي عزت
سان ڏسندا هئا. کيس نظر علي خان، جلال خان، صوڀو
خان، ڪرم خان ۽ مهر علي خان نالي پنج پٽ هئا، جيڪي
وڏا بهادر ۽ بيباڪ امير ٿي گذريا آهن.
نظر علي خان: مريد خان کان پوءِ برادري جي پڳ سندس وڏي پٽ نظر
علي خان تي آئي. هن ٿنڊي نظر علي خان جو شهر
ٻڌرايو. هن کي صوڀو خان نالي هڪ پٽ ڄائو، جيڪو
سندس زندگي ۾ ئي وفات ڪري ويو، تنهن ڪري هن جي مرڻ
بعد سندس ڀائٽي گل محمد خان کي پڳ ٻڌرايائون. گل
محمد خان جي ٻن پٽن حسين بخش خان ۽ قلندر بخش خان
هلڪڙائي ڪري هڪ بلوچ سردار بهاول خان جي بيعزتي
ڪري، پڳ لاهي ورتي جنهن جي نتيجي ۾ مري بلوچن جي
ٽوپين واري جنگ لڳي، جنهن ۾ ڪافي خون خرابو ٿيو.
اڃا به وڌيڪ فساد پوڻ جو انديشو هو، پر مير علي
مراد خان وچ ۾ پئي، ڌرين جو صلح ڪرائي ڇڏيو([14]).
نهال خان: هيءُ مير حاجي خان جي پوٽي زندگي خان
ولد جعفر خان جو پٽ هو. سندس پاڙو جعفراڻي سڏبو
آهي. هو پنهنجي پاڙي جو پريو مڙس، وڏي اثر ۽ رسوخ
وارو سردار ٿي گذريو آهي. خيرپور تعلقي ۾ ٽنڊو
نهال خان ٻڌرايائين([15])
اهو شهر ڪئنال نڪرڻ بعد ڦِٽي زبون ٿي ويو آهي. هو
وفات وقت الله بخش خان ۽ شير خان نالي ٻه پٽ ڇڏي
ويو([16]).
’آيو‘ ڪردنت / آ / ڌاتوءَ مان به کڻي سگهجي ٿو.
/ آ _/ ڌاتوءَ مان ٻيا روپ ٺهندا هجن، اهڙي
بناوٽ نظر نه آئي آهي. / اَچ _ / ڌاتوءَ مان
ئي ٻيا فعل _ ٿڙ جڙن جا.
()
محمد عثمان حسن، برگيڊيئر: ”بلوچستان“، انڊس
پبليڪشنز ڪراچي، 1976ع، ص 69.
()
زباني روايت رئيس دولت محمد خان مري ساڪن ٽنڊو
مستي خان.
()
زباني روايت مرحوم رئيس مير محمد خان مري ساڪن
ٽنڊو مستي خان.
()
زباني روايت رئيس مستي خان ثالث ساڪن ٽنڊو
مستي خان.
()
زباني روايت رئيس باقر خان مري ساڪن ٽنڊو مستي
خان.
(
)
زباني روايت رئيس باقر خان مري ساڪن ٽنڊو مستي
خان.
()
زباني روايت مرحوم رئيس مير محمد خان.
()
زباني روايت مرحوم رئيس مير محمد خان.
()
تاريخ جا گيرات سنڌ، ص 227.
()
زباني روايت زوار عبدالحسين خنا مري ساڪن ٽندو
مستي خان.
|