عالم خان: هي نهال خان جي ننڍي ڀاءَ جهان خان پهرئين جو پٽ هو([1]).
مير سهراب خان ۽ مير رستم خان جي اميرن ۾ وڏي
حيثيت وارو ماڻهو هو. کيس فوجي جرنيلن ۾ اهميت
هوندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سفارت جا فرض به انجام
ڏيندو هو. جڏهن ميرن شڪارپور جو شهر هٿ ڪيو هو،
تڏهن عالم خان، خيرپوري ميرن طرفان اتان جو ناظم
مقرر ٿيو هو. کرڙيءَ جي جنگ کان هڪ ڏينهن اڳ شجاع
الملڪ جي محالڪار حاجي هدايت الله خان سان جنگ
ڪندي شهيد ٿيو([2]).
سنڌ جي مشهور شاعر خليفي نبي بخش لغاري شهيدن جي
تعريف ڪندي عالم خان لاءِ چيو:
”ظاهر بُت بشر جو سيني اندر شينهن“
جهان خان ثاني: هي عالم خان شهيد جو وڏو پٽ هو. ۽ پنهنجي پيءُ
کان به وڌيڪ بهادر ۽ جري مرد ٿي گذريو آهي، پنهنجي
والد جي شهادت کان پوءِ حاجي هدايت الله خان تي
لشڪر ڪشي ڪري، ان کي قتل ڪيائين([3]).
ٻئي ڏينهن تي پنهنجن سٺ ماڻهن سنا گڏ کرڙيءَ جي
جنگ ۾ گهڙي پيو. بلوچن جي پراڻي رسم موجب جهان خان
۽ سندس ساٿي پاڻ کي هڪ ٻئي سان ڏانوڻن ۾ ٻڌي،
تلواريون هلائڻ لڳا، دشمن جي فوج جا ڪيترائي ماڻهو
ماري شهيد ٿيا. جهان خان دليري جي ديوان جي غزل جو
شاهه فرد ۽ بهادري جي قصيدي جو
مطلع هو([4]).
خيرپور جي مشهور شاعر عالم ڪربلائي جي لفظن ۾ ([5]):
چون او درجهان ڪيست شمشير زن،
پسر چون پدر شد زهي صف شڪن.
ڌڱاڻو خان: هي ٽنڊي مستي خان جي باني رئيس مستي خان ثاني جو
ڀاءُ ۽ بهادر خان جو فرزند هو. جڏهن مستي خان ثاني
پنهنجو ٽنڊو ٻَڌو، تڏهن ڌِڱاڻو خان به ڀرسان هڪ
ڳوٺ ٻڌي ويٺو. هو هڪ وڏو پهلوان ۽ بيباڪ مرد ٿي
گذريو آهي. بُڪرين جي پيرن جو مريد هو. کرڙي جي
جنگ ۾ پنهنجي ڀائيٽي محبت خان سان گڏجي لڙيو هو ۽
ڏاڍا شجاعت جا جوهر ڏيکاريا هئائين([6]).
نونارين واري جنگ ۾ مير رستم خان جو طرفدار هو.
سندس پوٽو غلام علي خان ولد غلام نبي خان ميرن جو
ڪاردار هو ۽ وڏي جرات وارو سردار هو. غلام علي خان
جو فرزند رئيس رسول بخش خان به هڪ پڙهيو لکيو ۽
قربدار ماڻهو ٿي گذريو آهي، هن ڪوشش وٺي مَري
خاندانن جو شجرو تيار ڪيو، جيڪو سندس فرزند غلام
الله خان ۽ عبدالحسين خان وٽ محفوظ آهي.
حامد علي خانائي
سنڌ ۾ خطاطيءَ جي شروعات
سنڌ ۾ هن فن جي تاريخ متعلق ڪوبه مستند ۽ صحيح احوال ملي ڪونه
ٿو سگهي ته آيا هن فن جي شروعات ڪڏهن ۽ ڪهڙي دور ۾
ٿي، ۽ ڪهڙيءَ طرح سان هن فن ترقيءَ جون منزلون طئي
ڪيون. اهي سمورا احوال اڃا گمناميءَ جي ڪُنَ ۾ غرق
آهن. البت تاريخ معصومي، تاريخ طاهري، تاريخ
بدايوني، تحفة الڪرام ۽ ٻين ڪيترين تاريخن مان اها
ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ هن فن ڪافي ترقي ۽
عروج حاصل ڪيو هو، ۽ هن فن جا ڪيترائي ماهر ۽ ڪامل
استاد پيدا ٿيا هئا.
سنڌ ملڪ جون جاگرافيائي حالتون ۽ سياسي تعلقات اهو ٻڌائن ٿا ته
هن ملڪ هر طرح سان آرٽ ۽ فن ۾ تمام گهڻو عروج حاصل
ڪيو هو، ۽ ساڳئي وقت سنڌ جا هڪ طرف قديم زماني کان
وٺي ايران سان گهڻا ۽ گهاٽا تعلقات قائم هئا ۽ ٻئي
طرف اڀرندي کان گجرات سنڌ جو پاڙو پاڙي سان هئي.
انهن ٻنهي طرفن جي آرٽ ۽ فن جو اثر سنڌ تي به ڪافي
پيو.
تاريخ جي مطالعي مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته خطاطيءَ جو فن
سنڌ ۾ عربي ۽ فارسي ٻولين جو اثر هيٺ اُسريو ۽ سنڌ
۾ اسلامي حڪومت جي قائم ٿيڻ کان پوءِ ملڪ ۾ علم ۽
تعليم ان جي تحقيق ۽ تلاش جو ڪم شروع ٿي ويو. ان
اوائلي زماني ۾ سنڌ اندر ديبل، بکر، سيوهڻ ۽
منصوره اسلامي اعليٰ تعليم، فنن ۽ هنرن جا مکيه
مرڪز هئا. سنڌ جي انهن علمي مرڪزن ۾ عربيءَ جي
زيور اثر ضرور ”ڪوفي خط“ رائج رهيو هوندو، ۽ ان خط
جا ڪتاب به ضرور ٿيا هوندا. ليڪن ان اوائلي دور جو
احوال اڃا گمناميءَ ۾ آهي.
اسلامي دور حڪومت ۾ ڪتابت يعني خوشنويسيءَ کي عزت ۽ احترام جي
نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. ڪتاب ۽ خوشنويس جو مان ۽
مرتبو وقت جي وزير سلطنت کان ڪهن به صورت ۾ گهٽ نه
سمجهيو ويندو هو. وڏن وڏن خوشنويسن ۽ خطاطن کي وقت
جي حاڪمن ۽ اميرن وٽ وڏي عزت حاصل هوندي هئي.
تاريخ ۾ اچي ٿو ته عباسي خليفن جي دور ۾ سندن پرمڪي وزين جي
ڪوشش سان بغداد ۾ ڪاغذ سازيءَ جو ڪارخانو پيو، ان
ڪري ڪتابت جي فن وڏو عروج حاصل ڪيو. عربي دور ۾
سنڌ اندر ”ڪوفي خط“ ۽ ”خط نسخ“ جو رواج پيو.
اسلام ۾ مصوريءَ جي سڌي سنئين مخالف ڪئي ويئي آهي، پر ٻئي طرف
کان ان ڪافي دلچسپي پڻ ورتي ويئي آهي. سنڌ ۾ مصوري
۾ تصوير ڪشيءَ جا ڪافي اهڙا اُهڃاڻ ۽ نشان ملن ٿا.
سنڌ جي قديم تهذيب و تمدن ۽ تاريخ جا اهم باب هن
ملڪ جي واريءَ جي دڙن ۾ مدفون آهن. اهڙن قديم دڙن
جي کوٽائي ڪندي، ماهرن کي ڪيتريون ئي اهڙيون شيون
هٿ آيون آهن، جن تي ڳاڙهي ۽ نيري رنگ جي چٽسالي
ٿيل آهي. اهو هُنر اصل ۾ مصر ۽ ڪلديا وارن جي
ذريعي سنڌ ۾ پهتو، مصوريءَ جو فن مغربي ايشيا کان
آيو ۽ سنڌين ان ۾ نوان نوان نمونا پيدا ڪيا ([7]).
اهڙن پتن ۽ پاڙن مان ايترو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي
قديم تهذيب جو، ڪلديا ۽ مغربي ايشيا جي تهذيب ۽
تمدن سان لاڳاپو هو. ڪلديا جي شهر آرڪش مان جيڪي
مهرون هٿ آيو آهن، تن تي تصويرون نقش ٿيل آهن.
انهن مهرن کي ڏسي، آثارِ قديم جي ماهرن جو چوڻ آهي
ته اهي 3000 هزار يا 2400 ق. م. پراڻيون آهن([8]).
تصوير ڪشي يعني مصوري، جا جانورن، پکين خواهه انسانن جي تصويرن
جي صورت ۾ هئي، اها خيالن جي اظهار جو ذريعو سمجهي
ويندي هئي. اهڙي تصويري خطاطي سنڌ جي قديم شهر ٺٽي
جي مڪليءَ جي مزارن، مقبرن ۽ قبرن تي پٿر تي اڪريل
ملي ٿي، جنهن مان انهن قبرن ۽ مقبرن جي سڃاڻپ ٿي
سگهي ٿي. ماهرن کي اهڙيون ڪافي قبرون ٻيون به ڏسڻ
۾ آيون آهن، جن تي اهڙي نموني جي خطاطي، تصويري
صورت ۾ ٿيل آهي. اهڙا مقبرا ۽ مزارون مڪليءَ کان
سواءِ سونڊن، جهرڪن ۽ جنگشاهيءَ جي نزديڪ پڻ مليون
آهن. انهيءَ ساڳئي قسم جا مقبرا ۽ چوڪنڊيون
ڪراچيءَ جي ڀرسان ملير، ۽ ڪلاب وٽ به مليون آهن.
هينري ڪزنس ان ساڳئي نموني جون قبرون ڪڇ ۽
ڪاٺياواڙ ۾ به ڏٺيون آهن([9]).
آثارِ قديم جي ماهرن کي اهڙيون قبرون ۽ مقبرا
بلوچستان ۾ هنديا جي مقام وٽ به مليون آهن([10])،
جن جي ساخت ۽ خطاطي، تصويرن مان ظاهر ٿئي ٿي ته
اهي اصل ۾ بلوچن جون آهن([11]).
انهيءَ ساڳئي نموني جا پٿر تي ٽڪيل تصويري خطاطيءَ جا قسم
مسلمانن جي يادگارن تي گجرات ۾ به مليا آهن. جيئن
ته گجرات جي مظفريه خاندان جي حاڪمن جي سنڌ جي سمن
سان مائٽي هئي، ۽ انهن قريبي ۽ تهذيبي لاڳاپن جي
ڪري، اتان جي عمارتسازي، نقاشي ۽ تصويري خطاطيءَ
جو اثر سنڌ ۾ گهڻو پيو.
سنڌ ۾ سمن جي دور ۾ اسلامي علمن ۽ هُنرن وڏي ترقي ڪئي آهي. خود
سما حاڪم به اسلامي تعليم ۽ علمن جي واڌاري جا
خواهان هئا. هن دور ۾ قرآن، تفسير، فقه، حديث صرف
نحو ۽ خطاطيءَ جي فن ڪافي ترقي ۽ عروج حاصل ڪيو
هو. تاريخ ۾ اچي ٿو ته سنه 1398ع ۾ امير تيمور
هندستان تي حملو ڪيو ۽ وچ ايشيا جي اذبڪن جي حملي
۽ غارتگاريءَ کان ڪيترائي عالم، اديب، شاعر ۽ صاحب
فن ۽ وڏا وڏا خاندان اتان لڏي پلاڻي سنڌ ۾ آيا.
سنڌ جي تاريخن جهڙوڪ تحفة الڪرام، مقالات
الشعراء،حديقة الاولياء، تحفة الطاهرين ۽ ٻين
ڪيترن تذڪرن ۾ اسان کي ڪيترائي سنڌ جي عالمن،
بزرگن، مشائخن، شاعرن، محدثن ۽ صاحبِ فن جا نالا
ملن ٿا، جي سمن جي صاحبيءَ ۾ سنڌ اندر آيا. هتان
جو سياسي ماحول به انهن لاءِ مفيد هو. اهڙيءَ ريت
جڏهن سنڌ جي صاحبيءَ ۾ سنڌ اندر آيا. هتان جو
سياسي ماحول به انهن لاءِ مفيد هو. اهڙيءَ ريت
جڏهن سنڌ جي امن، راحت، فراغت ۽ خوشحاليءَ جون
خبرون ڏورانهن ڏينهن تائين پهتيون، تڏهن ايران،
خراسان ۽ ماوراءُ النهر مان ڪيترائي وڏا خاندان
هجرت ڪري، سنڌ ۾ اچي ٺٽي ۾ رهيا. سنڌ جا سما حاڪم،
انهن لڏي ايندڙ عالمن جي همت افزائي ڪندا هئا، ۽
انهن شاهي سرپرستيءَ هيٺ سنڌ کي تمام گهڻو علمي
فيض پهچايو. سنڌ جي قديم شهرن جهڙوڪ بکر، هالا،
سيوهڻ ۽نصرپور ۾ انهن عالمن اچي پنهنجو ديرو
ڄمايو. مشهور سياح ابن بطوطه جڏهن سنڌ ۾ آيو هو،
تڏهن هن بکر ۽ سيوهڻ ۾ ڪيترن شيرازي ۽ بغدادي
عالمن سان ملاقاتون ڪيون هيون.
انهن عالمن ۽ صاحبِ فن ماڻهن جي اثر ڪري مصوري ۽ خطاطيءَ سنڌ ۾
گهڻو زور ورتو. سنڌ ۾ اڳ ۾ ”ڪوفي خط“ جو رواج هو،
پر وچ ايشيا کان ايندٽ عالمن جي اثر هيٺ ”خط نسخ“
۽ ”خط نستعليق“ جو رواج عام ٿيو. ازانسواءِ اتر
سنڌ کان وٺي لاڙ واري حصي تائين جيڪي پراڻيون
جايون، مقبرا ۽ يادگار ملن ٿا، تن جي ديوارن تي
ڪاشي ۽ ڪمانگريءَ جو نهايت ئي نفيس ۽ عمدو ڪم ڏسڻ
۾ اچي ٿو. اهڙي قسم جو اٽڪل پنجاهه کن قبرون
لسٻيلي جي ڀواني ڳوٺ ۾ گندڪو جبل ۾ ماهرن کي هٿ
آيون آهن، جي سمن جي دور جون آهن، ۽ انهن تي ڪتبا
۽ عربي عبارتون ”ڪوفي خط“ ۾ آهن([12]).
اهي قبرون 15 صدي عيسويءَ جون آهن. سمن جي دور جي
عمارتن مان شيخ حماد جمالي، ڄام تماچي ۽ ڄام نظام
الدين جا مقبرا مڪلي ٽڪريءَ تي تعمير ٿيل آهن.
انهن جي ساخت ٻڌڪي طرز جي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. انهن
مقبرن مان ڄام نظام الدين سمي جو مقبرو فنِ عمارت
سازيءَ جو هڪ بهترين ۽ نادر نمونو آهي. هن مقبري
جي بناوٽ گجراتي هندو اسلامي ۽ خالص سنڌي طرز جي
دلڪش امتياز جو عجيب شاهڪار آهي([13]).
گجراتي خواهه هندي فن تعمير جو اهو اثر ڄام نظام
الدين جي مقبري يا سمن حاڪمن جي ٻين ڪيترن مقبرن ۽
چوڪنڊين تي نهايت ئي اهم ترين آهي.
سمن حاڪمن جي مقبرن ۽ مزارن تي جي انوکي ڳالهه ڏسڻ ۾ اچي ٿي، سا
اهي تصويري خطاطي، جا پڻ گجراتي فن جو اثر آهي([14]).
قبرن تي پکين جو شڪليون ۽ ٻيا ڪيترا اهڙا حيرت ۾
وجهندڙ نمونا مڪليءَ جي انهن مزارن ۽ مقبرن تي ملن
ٿا. انهن تصويري ليکتن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اهو
ڪم سن 948هه جي زماني جو آهي. ممڪن آهي ته اهي
شاهڪار منصور حڪيم تبريزيءَ ۽ سندس پٽ نور الدين
محمد جا يادگار هجن. هو سمن جي صاحبيءَ ۾ ٺٽي ۾
رهندو هو([15]).
ازان سواءِ اها به خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ٺٽي جي ڪيترين ئي
مزارن، مقبرن ۽ رائنڪن تي قرآني آيت جا مختلف
ڪتبا، جي الڳ الڳ نموني ۾ آهن، هڪ خاص سلسلي تحت
آهن. اها به واضح حقيقت آهي ته مسلمانن جي عمارتن
جي سونهن ۽ سوڀيا، نقاشيءَ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو
آهي، ۽ خطاطيءَ وري ان جي حسن، زيب ۽ زينت کي
وڌايو آهي. دراصل اهو ”آميه دور“ جو يادگار آهي ۽
ان جو پهريون مثال اسلامي تاريخ ۾ فلسطدين ۾ حضرت
عمر واري مسجد شريف آهي.
تاريخي روايتن جي آڌار تي اهو معلوم ٿو ٿئي ته ”ڪوفي خط“ جاين
جي سونهن ۽ سينگار لاءِ استعمال ۾ ايندو رهيو ۽
انهيءَ جو رواج عباسي خلاف جي زماني ۾ فاطمين مصر
جي دور ۾ گهڻو عروج تي رهيو. خطاطيءَ کي ان دور ۾
سڀ کان نهايت اهم فن ڪري سمجهيو ويوندو هو. انهيءَ
جو اثر سنڌ ملڪ تي گهڻو پيو. سنڌ ۾ عربن جو تسلط
اٽڪل ٽي سو ورهين تائين قائم رهيو. سنڌ جي قديم
شهر ڀنڀور جي کنڊرن جي کوٽائي ڪندي، اهڙا خطاطيءَ
جا نمونا مليا آهن، جن مان ”ڪوفي خط“ جي تصديق ٿئي
ٿي. انهن لڌل تختين مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو زمانو
غالباً سن 224هه مطابق 906ع جو آهي.
اهڙيءَ طرح ٺٽي جي باري ۾ معلوم ٿئي ٿو ته هن شهر ۾ ابتدائي دور
۾ ”ڪوفي خط“ ٻن نمونن ۾ رائج هو، ۽ غالباً اهو خط
سموري سنڌ اندر مروج هو. اهو ”ڪوفي خط“ جاين جي
تعميرات ۾ استعمال ٿيندو هو. ان سان گڏ ٺٽي ۾ ”خط
نسخ“ ۽ ”خط ثلث“ جا به ڪيترائي نادر نمونا هٿ آيا
آهن، جي سنڌ جي سورهيه خان اعظم دولهه دريا خان جي
مقبري جي دروازي تي پٿر تي نقش ٿيل آهن. انهن ڪتبن
تي قرآني آيتون ”خط نسخ“ ۾ آهن، انهن جو ڪاتب، ان
وقت جو ٺٽي جو مشهور خطاط قطب ادين بن محمود آهي ۽
انهن ڪتبن تي جمادي الاول 895هه تحرير ٿيل آهي.
ساڳيءَ طرح سان سمن جي دور جي هاڪاري حاڪم ڄام
نظام الدين (نندي) سمي جي مقبري جي ديوارن تي پڻ
”خط نسخ“ ۾ ڪتبا نقش ٿيل آهن، ليڪن افسوس جو انهن
تي ڪاتب جو نالو وغيره لکيل نه آهي. انهن ڪتبن مان
اهو صاف طرح سان واضح ٿئي ٿو ته ان دور ۾ عربي ”خط
نسخ“ ۾ لکي ويندي هئي. انهن ڪتبن جي باري ۾ ايترو
سو ظاهر ٿئي ٿو ته اهي ڪنهن ماهر ۽ هوشيار خطاط جي
هٿن جو پورهيو آهن.
()
خانداني شجرو: رسول بخش خان مري وارو.
()
مير دوست محمد خان ٽالپر: (سرگذشت ٽالپران.)
()
ڊاڪٽر نبي بخش خان: ”خليفي صاحب جو رسالو“،
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1966، ص 47.
()
عطا محمد منشي، مرزا: ”تاريخ تازه نوائي معارڪ“،
ص 306.
()
محمد عالم ڪربلائي: ”شاهنواز جنگ کرڙي“، قلمي.
()
زباني روايت رئيس باقر خان ساڪن ٽنڊو مستي خان.
()
ڊاڪٽر گستاءُ لي پان ”انقلاب امم“، مترجم
مولانا عبدالسلام ندوي.
ص 10 _ اعظم ڳڙهه 1945ع.
()
مولائي شيدائي _ تاريخ تمدن سنڌ.
)( M. A. Ghafur – “The
Calligraphers of Thatta”, PP 22.
)[12](
C. R. Roy-
“Annual Bibliography of Indian Archacology”
Vol XII, 1937.
()
سيد حسام الدين راشدي مڪلي نامه، ص 99.
)( M. A. Ghafur “The Calligraphers
of Thatta” P.25
|