سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1979ع (2)

 

صفحو :15

ٻيو به هڪ تمام سهڻو سماجي رواج ثقافت آهي، جنهن کي ڪچهري ۽ اوطاق چوندا آهن. هنن ٻنهي رواجن ۾ اوهان کي مڪمل جمهوريت نظر ايندي ۽ انهيءَ ۾ اسان کي بيڪار وقت جو اعليٰ طريقي سان خرچ ڪرڻ جو طريقو ملي ٿو. ڪچهريءَ ۾ ويڙهي يا ڳوٺ جا ماڻهو شام جو پاڻيهئي اچي گڏ ٿيندا آهن. جنهن ۾ ڳوٺ جو وڏيرو، غريب، مزور، هاري، سيٺ ۽ ڪامورو سڀئي شامل آهن. اهي سڀئي پاڻ ۾ ملندا آهن. جيڪي ڪجهه وهيو واپريو تنهن جي ڏي وٺ ٿيندي آهي، هڪٻئي سان ڏک سک ونڊيندا آهن، هڪٻئي کي صلاحون ڏيندا آهن ۽ پوءِ ٿوري گهڻي راڳ جي محفل به ٿيو وڃي. ڪجهه به هجي اهو باهمي اعتماد ۽ اجتماعي زندگيءَ جو بهترين ثبوت آهي، جيڪو اسان کي هن وقت جي نئين ۽ سڌريل ماحول وارن معاشرن ۾ ڪونه ٿو ملي. اوطاق هڪ مهمانخانو آهي، جيڪو هر دوست يا واٽهڙو لاءِ هردم کليل هوندو آهي. اوطاق ۾ دوست يا واٽهڙو ڊاٻو ڪري ٿو ۽ کيس ماني به مفت ۾ ملي ٿي. اهڙو علائقو جتي سواري ۽ آمدرفت  جو نظام بلڪل ناڪاره يا نه هجي اتي اهڙي چلڪندڙ ثقافت کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي شيءِ ٿي سگهي ٿي. ثقافتي نقطهء نظر کان سنڌيءَ جي مهمان نوازيءَ واري خصوصيت، سنڌيءَ جي سلڇڻائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿي. مغربي ماحول ۾ جتي صرف سڃاڻپ وارن جي گهر ۾ آجيان ڪئي وڃي ٿي يا کين اڳ ۾ اطلاع ڏيئي مدعو ڪيو وڃي ٿو، سنڌي ثقافت جي مقابلي ۾ خودغرضي لڳي ٿي. هڪ سنڌيءَ جي اوطاق دوست توڙي دشمن، امير توڙي غريب، وڏيري توڙي هاريءَ لاءِ سدائين کليل رهي ٿي، جتي هو رات رهي سگهي ٿو ۽ ماني به کائي سگهي ٿو. مون ڪيترن سنڌين کي واٽ ويندي مسافرن کي مانيءَ جي دعوت ڏيندي ۽ ماني کارائيندي ڏٺو آهي، جڏهن ته مسافر گهر جي مالڪن کان صرف رستي جو ڏس پڇيو هو. سنڌيءَ جي گرم جوشيءَ سان مهمان جي آدرڀاءُ ۽ کينڪار ايندڙ ماڻهو جي ذهن تي سنڌيءَ جي شخصيت جو خوبصورت عڪس ڇڏي ٿي. سنڌيءَ جي کينڪار ۽ آدرڀاءُ مهمان جي دل تي اڃان وڌيڪ اثر تڏهن ڪن ٿا جڏهن هو باهه جي ڀرسان ويهي هٿ سيڪين ٿا ۽ پوءِ ميزبان، مهمان کان نه رڳو سندس خير عافيت پڇي ٿو. پر سندس ڪٽنب جي هر فرد، گهر ۾ موجود ڍڳن ڍورن ۽ ٻني ٻاري بابت پڇي ٿو.

هتي مان پنهنجي اُلڪي جو ذڪر ڪندي چونديس، ته مون کي ڊپ آهي ته متان هن دور ۾ جديد صنعتي ۽ ٽيڪنڪي فضا جي پکڙجڻ ۽ مغربي تهذيب جي غير ثقافتي پهلو جي وڪوڙڻ ڪري نئون نسل پنهنجي خوبصورت ثقافت ۽ تهذيب کي وڃائي يا کاري نه ويهي. سنڌين جو نئون نسل الوڻي ۽ ڍري زندگيءَ جو بي اختيار پڻو تمام تڪڙو هٿان وڃائيندو پيو وڃي جو سندن ثقافت جو سڀ کان وڏو ورثو آهي.

اسين هتي انهيءَ نتيجي تي پهتا آهيون ته سنڌ جي ثقافت جي خوبي ۽ خوبصورتي سندس ٻين ثقافتن کان مختلف ۽ مالامال هئڻ آهي. سنڌي ثقافت، سنڌي ٽِڪن واري ڀرت جيان آهي، جيڪو ڪڏهن چلڪي ٿو، ڪڏهن چمڪي ٿو، ٽمڪي ٿو، تروڙا ڏئي ٿو ۽ ڪنهن وقت اوچتو تجلو ڏئي ٿو. ٻين ثقافتن کي پنهنجي ثقافت سان ملائي، سنڌ پنهنجي تهذيب کي اڀرڻ لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪيو آهي. سنڌ دنيا کي هڪ ڪنواس (Canvass)ٺاهي ڇڏيو آهي، جنهن تي هوءَ پنهنجي انسانيت ۽ آزاد خياليءَ جا چٽ ڇڏي پئي، ۽ پوءِ اسان کي هن عظيم دولت جي حفاظت ڪرڻي آهي، جيئن ڪنهن سنڌ جي ڀٽ فقير چيو آهي:

سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو،

ســـهنــدو ڪيــر مــيار او يـــــار.

 

(12 اپريل 1974ع تي ڪراچيءَ ۾، شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ طرفان سڏايل ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي انگريزيءَ ۾ پڙهيل پيپر.)

_ترجمو: ڊاڪٽر الله وڌايو سهاڳ

_ نظر ثاني: ولي رام ”ولڀ“


 

عبدالڪريم سنديلو                            (قسط 3)

 

قاضي قادن

 

(بيت 10)

پهريون ئي پِريانم جا، مون سان ئي سوڙان،

هِنيَڙو هيج پنڌ ڪري، لڳو ڪَهُه ڪيڻانِ.

        ٺڪر صاحب لکي ٿو: منهنجي پِرينءَ شروع کان وٺي مون سان ڀال پئي ڀلايا آهن. منهنجو هِنيڙو، هُنن لاءِ، تڪليف ڀريا پنڌ به خوشيءَ سان پيو ڪري.

پهريون _ پهرين کان، شروع کان. پريانم_ منهنجي پرينءَ (جا). سوڙان_ سُٺا وڙ، مهربانيون. هيج _ خوشي، چوچ، ڪهه _ تڪليف وارا پنڌ. ڪيڻان_ هُنن لاءِ.

مَئن ڀانيي سونُ، هي جَرَ پوسُ جُر ڪَڻون،

وِين ورائي وَنُ، ڪَهُه لڳي ڪارر ٿيو.

ٺڪر صاحب ”ڪهه“ جي معنيٰ ڪانه ڏني آهي، بيت جي تشريح مان ائين سمجهجي پيو ته ”ڪَهُه“ معنيٰ ” مِٽي“ آهي.

لفظ ساڳيو، ليڪن معنائون مختلف!

شاهه ڀٽائي ”ڪَههَ“ ڪم آندو آهي.

1. ڪَرڙا ڏونگر ”ڪَهَه“ گهڻي جِت واٽن تي واري.

(شاهه)

اِتي ’ڪَهَه‘ مونث آهي، جنهن جي معني ٰ آهي: ڪاه، پنڌ.

ٺڪر صاحب ”ڪَهَه“ واري معنيٰ اختيار ڪئي آهي، ليڪن ’قاضي قادن جو ڪلام‘ ۾ ”ڪَهُه“ مذڪر آهي. تنهن کان سواءِ ”ڪَهُه لڳڻ“ محاورو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ”اثر پوڻ“.

ڪَهُه لڳو، ڪَهُو ٿيو، سُتَڙ ٿيو سولو،

ڀَڳس ڀؤ ڀولو، راز ڏٺائين راز ۾.

(آخوند پيارو)

معنيٰ: (هن تي) اثر ٿيو (۽) سِڌو (راهِه راست) ٿيو (۽) سولائيءَ سان منزلِ مقصود (ستڙ ٿيو) تي پهتو.

قاضي قادن جي بيت جي پوئين سٽ جي معنيٰ:

پرينءَ جي صحبت جو ايڏو ته اثر ٿيو، جو سندم دل، خوشيءَ سان، ان طرف پنڌ پئي ڪري.

(بيت 28)

ڪُنجي ڏيئِي جَهليو، جِنهِين رُوحَ رساو،

تِنهين سندي تُلهِڙي، سُونهاري سُڀاو.

ٺڪر صاحب لکي ٿو:

جن (ستگرن) منهنجي آتما جي رساوَ (پهچ) کي ڪُنجي ڏيئي، ضابطي هيٺ رکيو، تن جي رهبريءَ هيٺ هلندي، منهنجو سڀاءُ سونهارو بڻيو.

ڪنجي _ چاٻي. روح _ آتما. رساوَ پهچ. تلهڙي _ نقش قدمي ڪندي، رهبري هيٺ هلندي. سونهاري _ وڻندڙ، سٺو. سڀاو _ فطرت.

ٺڪر صاحب نهايت ٺيڪ ڪري لکيو آهي، پر هڪ لفظ ”تُلهڙو“ جوڳو ڌيان ڇڪائي ٿو.

شري ٺڪر، ”تُلهڙي“ (ت کي پيش) جي معنيٰ ”نقش قدمي ڪندي، رهبريءَ هيٺ هلندي“ ڪئي آهي. اها معنيٰ تڏهن قبول ڪجي، جڏهن اهو لفظ ”تَلِهَڙُو“([1]) هجي.

بيت ۾ آيل ”تُلهڙو“ (ت کي پيش) درست آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ”تُرهو“.

هَرِ ڌَنُ تُلها، هَرِ ڌَنُ ٻيڙي، هَرِ هَرِ تارِ پَراڻا.

(گورواڻي)

اِتي ”تلها“ معنيٰ ”ترهو“ آهي.

معنيٰ: (هن ڀَو ساگر مان) ترڻ لاءِ، ترهو ۽ ٻيڙي، سو به هَري نام ئي آهي. هُونءَ به اسان وٽ ”ل“ ۽ ”ر“ پاڻ ۾ مٽبا آهن:

ڪالو                   ڪارو

ٻال                     ٻار

 وال                    وار

جل                     جر __ پاڻي

انهيءَ اصول پٽاندڙ ”تُلهو“ ٿيندو ”تُرهو“.

هينئر باقي سوال رهيو ته ”تلها“ مان ”تلهڙو“ ڪيئن ٿيو.

ٻُوهَٿڙا هَرِ چَرَڻ، مَنَ چَڙَ لنگهيئي.

                                _گورواڻي)

معنيٰ: هي مَنَ! هريءَ جي چرنن روپي جهاز_ ٻيڙي تي چڙهه ته سنسار ساگر مان لنگهي پار پوين.

’ٻوهٿ‘ مان ’ٻوهٿڙا‘ ٿيو آهي. اهڙي نموني ”تلها“ مان ”تلهڙا“ ٿيو آهي، جا شاعرانه سهڻي گهڙت آهي.

ٺڪر صاحب ”سونهاري سڀاو“ جي معنيٰ ”سڀاءُ سونهارو“ ڪئي آهي. بلڪل درست، پر جيڪڏهن معنيٰ هيئن بيهارجي ته به مقصد کان پري نه ٿيندي.

سونهارو _ سُونهين وارو، سُونهون، واقفڪار.

معنيٰ بيهندي: انهن (مرشدن) جي تُرهي (مدد) سان منهنجو سڀاءُ (ان رستي جو) سُونهون (واقفڪار) ٿي ويو.

مطلب ته جڏهن مرشدن مَهر ڪئي، تڏهن رستي جو سُونهون بڻائي ڇڏيائون. (ڏسو بيت 86).

(بيت 40)

تون تون تَدِ ڪَرِيهه، لَڳَنداءِ ڪَرَ ڦَندَ جِيئن،

سائيِن سنڀاريهه، جِنِ يَهَه روحَ سِرجِيا.

ٺڪر صاحب لکي ٿو: جڏهن توکي اِها خبر پئي ته ڦندي ۾ ڦاٿو آهين، تڏهن چَيُئه ته (خدا) ”تون“ آهين ”تون آهين. (پوءِ) ان سائينءَ جي ياد آيَئه، جنهن هي روح اُپايا آهن.

تد _ تڏهن. ڪر _ سُڌ، خبر. ڦند _ ڦندو، ڦاسي. يهه _ هيءُ. روح_ آتمائون. سرجيا _ پيدا ڪيا.

مٿين بيت ۾ ”ڪَرَ“ توجهه طلب آهي.

1. ڪَرُ کنيو، ڪَرَ لهي، ڪَرَ سان ڏئي سَڃَ

(آخوند پيارو)

ڪو _ ڳاٽ، ڳچي. ڪر _ خبر. ڪر _ هَٿ. سڃ _ اشارو.

(سسئي) اوچو ڳاٽ ڪيو، هٿ سان اشارا (ماڻهن کي) ڏيئي، (پنهل جي پنڌ پيچري جي) خبر پئي پڇي.

2. ڪُنگُو ڪَر ڪُونجَرَ جو، هِن قمر کون قرارا

__(ڪنڀار)

ڪنگو _ لَئي وَڻَ جو ڳاڙهو ٻُور.

ڪر _ ڳاٽ، ڳچي.

ڪونجر _ ڪونج، جنهن جي ڳچي ڊگهي ٿيندي آهي.

معنيٰ: ڳاڙهي (رنگ ورني) ڳچي، هن لاڏلي ڪونج (محبوب) جي، سا ته چنڊ جي روشنائيءَ کان به وڌيڪ نروار (رونقدار) ڏسجي ٿي.

3. جڏهن ڪُونجن کنيو ڪَرُ، تڏهن جِيجَل موٽِي جاءِ تي.

(جلال ڀُٽو)

ڪر_ ڳچي.

بهرحال ”ڪَرَ“ جون ڪيتريون ئي معنائون ٿين ٿيون، پر بيت ۾ ”ڪَر“ جي معنيٰ ”ڳچي“ ٿيندي.

ڪَرَ ڦندَ _ ڳچيءَ ۾ ڦندو.

معنيٰ ٿيندي: تون ڌڻيءَ کي تڏهن ياد ڪندين، جڏهن ڳچيءَ ۾ ڦندو پوندءِ. پوءِ ان سائين (الله تعاليٰ) کي ياد ڪندين، جنهن هي روح خلقيا آهن.

(بيت 41)

سُور جِنِهُون کي هوءِ، ليهان تنهين اُڀرَنِ،

ڪاٿي ڪوءِ ڏٺوءِ، دانهان ڪندو سُورَ بنِ.

شري ٺڪر لکي ٿو:

جن کي سوُر هوندو، تن کي ئي ايذاءُ ايندو. ڪٿي ڪو بنا سور جي دانهون ڪندو ڏٺو اٿئي.

ليهان _ تڪليف، ايذاءُ

بيت نمبر 44 ۾ به ”ليهان“ آيل آهي. اتي به ”ليهان“ جي معنيٰ ”تڪليفون، ايذاءُ“ ڪيل آهي.

ليهان لکَ ڪيام، پَسَڻ کي پاڻان پرين،

سوجهي سيڻ لڌام، مَن مَنجهين ئي سپرين.

ٺڪر صاحب معنيٰ بلڪل ٺيڪ ڪري بيهاري آهي، پر هڪ لفظ ”ليهان“ جي معنيٰ تي اختلا آهي.

اسان کي خبر آهي ته ”ل“ ۽ ”ر“ پاڻ ۾ مٽبا آهن. ڏسو هن مضمون جو بيت نمبر 28.

’ليهان‘ آهي ”ريهان“.

ريهان _ دانهان، دانهون، ڪُوڪُون، رڙيون.

پَنڌُ نه پَنڌَن جيترو، ڪيئن سُڄندي ڪيهَه،

جيڪر ڪريان ريههَ، پَرَ چُندا مُنڌَ چَرِي ٿي.

(شاهه)

 ريهه _ رڙ، دانهن.

”ريهه“ سنسڪرت ”ريشا“، جنهن جو ڌاتُو يا بنياد آهي. ريش _ رڙ ڪرڻ([2]).

تنهن ڪري ”ليهان“ معنيٰ ”ايذاءُ“، ”تڪليفون“ نه، پر ”دانهون“، ”رڙيون“ ٿيڻ کپي.

(بيت 42)

ڪاگَد ڪالي اکرين، مون سان مون سيڻين،

 

گهوري کڻي وڃائيان، وي مندي نيڻين. ٺڪر صاحب لکي ٿو: جهڙو ڪاغذ ۽ ڪارن اکرن جون پاڻ ۾ لاڳاپو آهي (جو هڪ ٻئي سان جڙيا پيا آهن) اهو ئي لاڳاپو منهنجي پرينءَ سان آهي. هي منهنجا بُرا نيڻ (جي پرينءَ کي نٿا ڏسن) پرينءَ تان گهوري ڪري ڦٽا ڪريان.

ڪاگد _ ڪاغذ، پنو. ڪالي _ ڪارا. سيڻين _ سڄڻن. مندي _ بُرا، خواب، جڏا.

ٺڪر صاحب جي تشريح ۽ هڪ لفظ ”مندي“ جي معنيٰ تي اعتراض آهي.

اسان جي شاعرن ”مَندو“، ”بُرو“ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي.

بُرو هو ڀنڀور، جو آرياڻيءَ اُجاريو.

                                        (شاهه)

        قاضي قادن جي بيت ۾، ”مَندو“ لفظ، ”بُري“ جي معنيٰ ۾ ڪم آندل نه آهي. شاعر، محبوب جي پَسڻ لاءِ، ”مندا نيڻ“ (خراب اکيون) ڪيئن استعمال ڪندو: ياد رکڻ گهرجي ته ”مندن نيڻن“ وارو، ڪڏهن به محبوب جو ديدار ڪري نه سگهندو. ”بُري“ (مندي) ۾ ته هميشه ”برائي“ (مندائي) واري معنيٰ سمايل هوندي آهي. سڄاڻ شاعر، تَرَ جي محاوري کان، پوريءَ پَرِ واقف هوندا آهن؛ تنهن ڪري جيڪي به الفاظ يا محاورا ڪم آڻيندا آهن، تن ۾، معنيٰ جي خيال کان، تَرِ جو تفاوت به نظر نه ايندو آهي. جيڪڏهن ايندو ته اها اسان جي سمجهه جي غلطي آهي.

1. چڱو لکيو جن، مَندي سي نه پَسَڻ،

  توڙي رِڻَ رَهن، ته به کنڊون کائنِ کيرَ سان.

2. منڊي ڏيرن مَن ۾، کليو کيڪاريان.

(شاهه)

3. چڱي کان چڱائي، مندي کان مندائي.

مٿين مثالن ۾ ”مندو“ معنيٰ ”بُرو“ آهي.

قاضي قادن جي بيت ۾ ”مندو“ لفظ آيل آهي، پر اهو ”برو“ جي معنيٰ ۾ به آيل آهي.

مندا _ نڀاڳا، اَشُڀُ([3])

معنيٰ ٿيندي: جيئن ڪاغذ تي ڪارا اکر چٽا (ظاهر) ڏسڻ ۾ اچن ٿا، تيئن محبوب به منهنجي اڳيان (چٽو) آهي، پر اهي نڀاڳا نيڻ گهوريا، جي محبوب کي ڏسي نٿا سگهن.

ڪاگَد ڪالي اکرين، مَئن واچيندا، اِڻ وَڌو،

سڄڻ اَڇي اکرين، مَتن لوڙِيندو لڌو.

ٺڪر صاحب لکي ٿو: جيئن ڪاغذ تي لکيل ڪارا اکر مان پڙهي سگهان ٿو، ان طرح سڄڻ اڇن اکرن وانگر آهي، جنهن کي مون ڳولهيندي حاصل ڪيو آهي.

واچيندا _ پڙهندي. اِڻ _ اِن. وڌو _ طرح، طريقي سان. لوڙيندو _ ڳوليندي، طلبيندي، تلاهيندي.

ڪجهه معنيٰ تي، ۽ خاص طرح ”اِڻ“ ۽ ”وَڌو“ تي اعتراض آهي.

ٺڪر صاحب ”وَڌو“ معنيٰ ”طرح“، ”طريقي سان“ ڪئي آهي. پر اهو لفظ ”وِڌ“ (و کي زير) آهي([4]).

ٺڪر صاحب ”اِڻ“ ۽ ”وَڌو“ ٻه لفظ، جدا جدا ڏيکاريا آهن. درحقيقت اهو هڪ ئي لفظ ”اَڻوَڌو“ آهي، جو سنسڪرت لفظ ”اَڻَوڌِ“ آهي([5]).

”اَڻوَڌو“ جو اشتقاق هن طرح ٿيندو:

اڻ + وَڌو.

اڻ = اَنَ _ نه.

مثلاً: انيڪ _ اَنَ _ نه + ايڪ _ هڪ. هڪ نه (پر گهڻا).

”وَڌو“ سنسڪرت لفظ ”وَڌِ“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”حد“.

تنهن ڪري”اڻوڌو“ جي معنيٰ ٿيندي: بي انت، بي حد.

معنيٰ ٿيندي: ڪارن اکرن وارو ڪاغذ، جڏهن مون پڙهيو، تڏهن ڳالهه بي انت نظر آئي يعني ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. مطلب ته محبوب مون نه ڏٺو (لڌو). اهو انهيءَ ڪري، جو اکرن جي مطالعي تائين پاڻ کي محدود رکم.

اکران دي وِچ جوئِي اَڙيا،

عشق دِي چاڙهي مُول نه چڙهيا.

(بيدل)

سڄڻ اَڇي اکرين، مئن لوڙيندو لڌو.

ٺڪر صاحب ”سڄڻ اڇي اکرين“ جي معنيٰ ڪري ٿو: سڄڻ اڇن اکرن وانگر آهي. آءُ سمجهان ٿو ته ڪمزور تشبيهه آهي.

 

جيها اَڇا چنڊ، تيها ها اَڇا مان پرين

(شاهه)

        منهنجي خيال ۾ ائين ٿو اچي ته محبوب، صاف اکرن وانگر (چٽو ئي چٽو) آهي.

معنيٰ ٿيندي: (جڏهن ظاهري اکرن کي ڇڏي) اندر ۾ ڳولها ڦولها ڪيم، تڏهن چِٽوئي چِٽو (صاف _ اڇن اکرن وانگر) اندر ۾ ڳولي لڌم.

(82)

جي تُل تُلو تُلهڙي، سايَرَ منجهه ٿيانهِه،

ڪَرِ ٻانهان پاڻيچيان، مَ ڪَرِ سَڏَ ٻِيانهِه.

شري ٺڪر لکي ٿو: جيڪڏهن ٻيڙيءَ ۾ مَستول جا پال ٽُٽي پيا آهن ۽ سمنڊ ۾ وڃي پيو آهين ته پنهنجي ٻانهن کي پاڻيءَ ۾ هلاءِ؛ ٻين کي (مدد لاءِ) سڏ نه ڪر.

تل _ مستول. تُنو _ ٽُٽو. تلهڙي _ سُکان.

ساير _ سمنڊ، ساگر. ٻيانهه _ ٻين کي.

”تُل“ نه، پر ”تَرُ“ آهي. اهڙي نموني ”تُنو“ نه، پر ”تُنون“ آهي.

بيت هن ريت بيهڻ کپي.

جي تَلُ تَنُون تُلهڙي، سايَرَ منجهه ٿِيانِهه،

ڪَرِ ٻانهان پاڻيچيان، مَ ڪَرِ سَڏَ ٻِيانِهه.

تَلُ _ تَرُ، تَرو (ٻيڙيءَ جو).

تنون _ تُن، ٽُنگ، سوراخَ.

تلهڙي _ ٻيڙ ي۾.

معنيٰ ٿيندي: جيڪڏهن ٻيڙيءَ سوراخ پئجي ويا اٿيئي، ۽ وڃي سمنڊ ۾ پيو آهين.

تَري تُنَ پِياسِ، پاسَنِئون پاڻي وَهي،

کُوهو جهرُ جهُنو ٿيو، لاڄُو سڀ لَڙياسِ،

جيلاه سَڌرُ سُکاڻياسِ، وَهي تي وَههَ سامهون

(شاهه)


([1]) اردو ڪلاسيڪل هندي ڊڪشنري، صفحو 325، جان _ ٽي _ پلئٽس _ آڪسفورڊ؛ ڇاپو ڇهون، سال 1960ع.

([2]) سنسڪرت ڌاتو رَٿَ مَڃجَوشا _ صفحو 284_رامجي گهونڊجي کانولڪر ڪوئيٽا _ سال 1933ع.

([3]) گرنٿاوَلي، صفحو 170، مَلڪ محمد جائسي _ ڪا شي ناگري پرچارڻي     

     سڀا.

([4]) رام گلام شبد ڪوش. صفحو 296، رام گلام، ڪلياڻ، سنبت 1967ع.

([5]) سنسڪرت، انگلش ڊڪشنري، صفحو 26، مونيو وليمس، آڪسفورڊ 1974ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com