8.3 ورتمان ڪرمڻي ڪردنت جو فعل _ ٿڙ
(Present Passive Participial Verb-stem)
هن ڪردنت جو فعل _ ٿڙ، مجهول ٿڙن کان سواءِ ٻين سڀني
غير _ ڪردنتي فعل _ ٿڙن ۾ ۽ ’گهٽ‘ جهڙن غير فعلي
بنيادن ۾ ورتمان ڪرمڻي ڪردنت (اسم حاليه مجهول)
ڏکاريندڙ صرفيه / _ اِب/ لڳائڻ سان جڙي ٿو (ڏسو
نقشو) مثال:
(1) لازمي ۽ متعدي /هل _/+/ _اِب /
(هلبو).
/لک _/+/ _اِب / (لکبو).
(2) مشتق لازمي: /ڦٿڪ _/+/ _اِب / (ڦٿڪبو).
(3) مشتق متعدي: /کڻ _/+/ _اِب / (کڻبو).
(4) بالواسطه (پهريون ۽ ٻٽو): /لکا _/+/ _اِب / (لکائبو).
/لکارا _/+/ _اِب / (لکرائبو).
(5) غير _ فعل بنياد ’گهٽ‘ ڪلاس جا):
/گهٽ _/+/ _اِب / (گهٽبو).
نوٽ: (1) هنن ڪردنتن جو اسم طور استعمال ڪونه ٿيندو اهي. صفت
طور پڻ فقط انهن ورتمان ڪرمڻي ڪردنتن (اسم حاليه
مجهول) جو استعمال ٿئي ٿو، جيڪي متعدي (مفرد،
مشتق) ۽ بالواسطه فعل _ ٿڙن مان ڦٽڪي نڪتل آهن.
مثال: ’جنگ ۾ ماڻهو ماربا ڏٺم‘، ’ماڻهو ماربا
ڏٺم‘، ’چور پڪڙبا ڏٺم‘. اهڙن استعمال ۾ منجهانئن
مجهول جي ۽ ٿيندڙ يا هلندڙ ڪم جي معنيٰ ملي ٿي.
(2) هي ڪردنت جڏهن فعل جو ڪم ڪندا آهن، تڏهن زمان مستقبل جي
معنيٰ ڏيکاريندا آهن: ’جنگ ۾ سپاهي ماريا‘، چور
پڪڙبا‘.
(3) متعدي ۽ بالواسطه بنيادن مان نڪتل هي ڪردنت جڏهن فعلن جو ڪم
ڪن ٿا، تڏهن سندن گردان هوبهو لازمي فعلن جي گردان
وانگر هوندو آهي ۽ جملي جي بيهڪ ڪرڻي پرويگ واري
هوندي آهي. مثال:
هلندي _ ماربُس؛ هلناسين _ مارباسين؛ هلندين _ ماربين. پوليس
چور پڪڙيندي _ (پوليس کان) چور پڪڙبا.
(4) لازمي فعل _ ٿڙن مان نڪتل هي ڪردنت جڏهن فعلن وانگر استعمال
ڪجن ٿا، تڏهن اهي فقط ضمير غائب واحد مذڪر جي
ضميري پڇاڙي کڻن ٿا ۽ هميشه ڀاري پرويگ ۾ ڪتب آڻجن
ٿا.
اڄ گهمڻ ضرور هلبو. پينگهه ۾ لڏبو ته هوا لڳندي.
(5) ٽرمپ صاحب ڄاڻايو آهي ته هي ڪردنت مجهول فعل _ ٿڙن ۾ / _
اِبو/ لڳائڻ سان ٺاهبا آهن([1]).
حقيقت ۾ هيءَ سمجهائي ٺيڪ ڪانه ليکبي. اسان کي هڪ
به اهڙو مثال ڪونه ٿو ملي، جنهن ۾ /_اِبو/ اڳيان
مجهول فعل _ ٿڙ جي پڇاڙي / _ اج/ قائم رهي هجي. ان
ڪري انهن فعلن _ ٿڙن کي هنن ڪردنتن جو بنياد ليکڻ
۾ ڪوبه وزن ڪونهي ۽ سمجهاڻي پڻ ڊيگهه واري ٿي
پوندي ته بنياد جي پڇاڙي / _ اج/، هن ڪردنت جي
پڇاڙي / _ ابو/اڳيان ثائب ٿئي ٿي. مثال: ڏسجڻ /
ڏسج _ / _ ڏسبو، جهلڻ / جهلِج _ / _ جهلبو. ٻئي
طرف / _ ڏس/ بنياد مان ’ڏسبو‘ ۽ /جهل _/ بنياد مان
’جهلبو‘ کڻڻ آسان ۽ صحيح طريقو آهي. ڪي صاحب چئي
سگهن ٿا ته پوءِ ڀلا ’ڏسبو‘، ’جهلبو‘ وغيره روپن
مان مجهول جو مطلب ڪيئن ٿو ملي. انهيءَ جو جواب
هيءُ آهي ته / _ اِب/ نشاني خود مجهول جو مفهوم
ڏيکاري ٿي، ان لاءِ مجهول بنياد کڻڻ جي ضرورت
ڪانهي. هتي اهو به ڌيان رکڻ گهرجي ’_آندو‘،
’_اِبو‘ وغيره سمورا روپ ڪردنتن جون پڇاڙيون
ڏيکاريندڙ نه آهن. انهن ۾ / _ او/صرف ڀڃي جدا ڪري
سگهجي ٿو، جو ضمير غائب ، واحد ۽ مذڪر جي ضميري
پڇاڙي آهي. /_ هل/+/ _اند /+/_او/
=
هلندو، /_ ڏس/+/ _اِب/+/_او/
=
ڏسبو.
9.3 ڀوت ڪردنت (اسم مفعول) جو فعل _ ٿڙ:
(Past Participial Verb- stem)
هن ڪردنت جو فعل _ ٿڙ جوڙڻ لاءِ بنياد ۾ ڀوت ڪردنت
ڏيکاريندڙ صرفيه جوڙجي ٿو. ڀوت ڪردنت ڏيکاريندڙ
صرفيه جون گهڻيئي هم _ صرفيي پڇاڙيون آهن، جن مان
/_به/ مکيه آهي.
/لکه _/+/ _يِه / (لکيو) /هل _/+/ _يه /(هليو). پر ڪجهه بنياد
اهڙا آهن جن مان هي ڪردنت بي قاعدي ڦٽي نڪرن ٿا،
يعنن انهن ۾ / _ يه/ کان سواءِ ٻيون ڪي پڇاڙيون
لڳن ٿيون. اهڙين پڇاڙين جا مثال هن ريت آهن:
(1) / _ 0/: (ٻڙي پڇاڙي، يعني انهن بنيادن ۾ ڀوت ڪردنت
ڏيکاريندڙ ڪابه پڇاڙي ڪانه ٿي لڳي. اهي بنياد هڪدم
ضميري پڇاڙي کڻن ٿا.)
/کٽ _/+/ _0 / (کُٽو)؛ /ٻَڌ _/+/ _0 / (ٻڌو)؛ /سُڪ _/+/ _0
/(سُڪو).
(2) / _ ڪ /: /پَچ _/+/ _ڪ / (پَڪو)؛ /مَنج _/+/ _0_ڪ /
(مُڪو).
(3) / _ ڳه /: /ڇڄ _/+/ _ڳه / (ڇڳو) /ڀڄ _/+/ _ڳه/ (ڀڳو)
(4) / _ ٺ /: /ڪُس _/+/ _ٺ / (ڪُٺو)؛ /ڏِس _/+/ _ٺ
/(ڏٺو)
(5) / _ ڻ /: /هيام _/+/ _ڻ / (هڻاپو)؛ /کام _/+/ _ڻ /(کاڻو)
(6) / _ ت /: /ڳا _/+/ _ت / (ڳاتو)؛ (ڳايو روپ پڻ آهي)
/گپ _/+/ _ت / (گتو).
(7) / _ ٿ /: /کُس _/+/ _ٿ / (کٿو)؛ /لاهه _/+/ _ٿ /
(لاٿو)
(8) / _ د /: /اڻ _/+/ _د / (آندو)؛ / رج _/+/ د (رِدو)
(9) / _ ڌ /: /کا _/+/ _ڌ / (کاڌو) /ڳهه _/+/ _ڌ / (ڳڌو)
(10) / _ ن /: /ڊڄ _/+/ _ن /(ڊنو)؛ /ڏي _/+/ _ن /
(ڏنو).
ڀوت ڪردنت مجهول فعل _ ٿڙن کان سواءِ ٻين سڀني غير ڏ ڪودنتي فعل
_ ٿڙن مان ۽ / گهٽ_ / جهڙن غير فعلي بنيادن مان
جڙن ٿا. (ڏسو نقشو). مثال:
(1) لازمي ۽ متعدي: /هل _/+/ _يه /(هليو) /لکه _/+/ _يه /(لکيو)
(2) مشتق لازمي: /ڦٿڪ _/+/ _يه / (ڦٿڪيو)
(3) مشتق متعدي: /کڻ _/+/ _يه / (کنيو)
(4) بالواسطه: /لکا _/+/ يه / (لکايو)، /لکارا _/+/ _يه
/(لکارايو)
(5) غير فعلي بنياد: /گهٽ _/+/ _يه /(گهٽيو)
نوٽ: (1) هي ڪودنت اسم، صفت توڙي فعل جو ڪم ڪندي هميشه
گذريل وقت جو مطلب ظاهر ڪن ٿا، ان ڪري کين ڀوت
(گذريل) ڪردنت سڏجي ٿو. مثال:
ڏنو پُٽ ڇُٽي جو (اسم)، ڏٺي مَک ڪير ڳيهندو؟ (صفت)، مون ڪتاب
ڏنو، مون مک ڏٺي (فعل).
(2) ڀوت ڪودنت جڏهن لازمي فعل _ ٿڙن مان نڪرن ٿا، تڏهن فعل جو
عمل ڪندي اهي فقط ڪوتري پريوگ ۾ استعمال ٿين ٿا.
مثال: مان ويس، هو مون سان گڏ هليو.
(3) متعدي (مفرد، مشتق) ۽ بالواسطه فعل _ ٿڙن مان نڪتل ڀوت
ڪردنت وارا فعل هميشه ڪرمڻي يا ڀاوي پريوگ ۾
استعمال ڪبا آهن. اهي ڪرتري پريوف ۾ ڪڏهن استعمال
نه ٿيندا آهن. مطلب ته جملي ۾ انهن فعلن جو لاڳاپو
هميشه (ڪرم) سان رهندو آهي يا ته اهي ڪن جملن ۾
(يعني ڀاوي پريوگ) ۾ نڪو ڪرم (مفعول) سان، نڪو
ڪرتا (فاعل) سان لاڳاپو رکندا آهن ۽ هميشه ضمير
غائب واحد ۾ هوندا آهن. مثال: مون ڪتاب پڙهيو، مون
ڪتاب پڙهيا، مون پوٿي پڙهي، پوٿيون پڙهيون (ڪرمڻي
پريوگ). هن گهوڙي کي ماريو، هن گهوڙيءَ کي ماريو،
هن گهوڙين کي ماريو. (هتي مفعول پٺيان ’کي‘ حرف جر
اچڻ ڪي فعل ’مفعول‘ موجب ڪونه ٿو ڦِري، ان ڪري اهي
جملا ڀاوي پريوگ جا ٿي پيا آهن. پر مفعول پٺيان
’کي‘ نه وجهڻ سان فعل ڪرم يعني مفعول موجب ڦرندو ۽
جملو ڦري ڪرمڻي پريوگ وارو ٿي پوندو، جيئن ته :
هن گهوڙو ماريو، هن گهوڙا ماريا، هن گهوڙي ماري،
هن گهوڙيون ماريون.)
10.3 ڀوشه ڪردنت (اسم استقبال) جو فعل _ ٿڙ:
(Future Praticipial Verb-stem)
هن ڪرادنت جي فعل ٿڙ جوڙڻ لاءِ بنياد ۾ ڀوشيه ڪردنت ڏيکاريندڙ
صرفيه لڳائجي ٿو. هن صرفيه کي ٻه هم _ صرفي
پڇاڙيون آهن _/ _ اَڻ / ۽/اِڻ/. اهي پڇاڙيون بنياد
جي صوتي صورت سان پابند
(Phonologically Conditioned) آهن. / _ اَڻ / پڇاڙي /اَ/، اُهه/، /اوهه/، /اِيهه/ ۾ پورن
ٿيدڙن بنيادن سان، ۽ /اِي/، /اِو/، /اِي/،
/اِيهه/، /اِو/ ۾ پورن ٿيندڙن اهڙن بنيادن سان لڳي
ٿي، جن ۾ / _ اَن/ پڇاڙيءَ اڳيان هن ريت تبديل ٿئي
ٿي_ /اي
<
اِ/، /او
<
اُ/،/اي
<
اِ/، /ايهه
<
اِهه/ ۽ /_ او
<
آ/. اهڙن بنيادن کي ڇڏي باقي ٻين مڙني بنيادن
پٺيان / _ اِن/ پڇاڙي لڳائجي ٿي. مثال:
/ _ اَڻ/
_ اُ ۾ پورا ٿيندڙ بنياد: / ڃ / +/ _ اَڻ/
چُئڻو)
_ اُهه ۾ پورا ٿيندڙ بنياد: / ڏُهه / +/ _ اَڻ/ (ڏهڻو)
_ او ۾ پورا ٿيندڙ بنياد: /سونهه /+/ _ اَڻ/ (سهڻو)
_ اِيهه ۾ پورا ٿيندڙ بنياد: / بِهه / +/ _ اَڻ/ (بيهڻو)
_ اِي ۾ پورا ٿيندڙ بنياد: / ٿي / +/ _ اَڻ/ (ٿِئڻو)
_ اؤ ۾ پورا ٿيندڙ بنياد: / پو / +/ _ اَڻ/ (پُئڻو)
_ اي ۾ پورا ٿيندڙ بنياد: / ڏي / +/ _ اَڻ/ (ڏئڻو)
_ ايهه ۾ پورا ٿيندڙ بنياد: / ويهه/ +/ _ اَڻ/ (وِهڻو)
_ او ۾ پورا ٿيندڙ بنياد: / ڌو / +/ _ اَڻ/ (ڌُئڻو)
(2) / _ اِڻ/
/ کا / +/ _ اَڻ/ (کائڻو)، / لک / +/ _ اِڻ/ (لِکِڻو)
اهي بنياد، جن مان هي ڪردنت جُڙن ٿا، تن جا مثال هن ريت آهن.
(ڏسو نقشو):
(1) لازمي ۽ متعدي / هل / +/ _ اِڻ/ (هِلڻو)
/ لک / +/ _ اِڻ/ (لکڻو)
مشتق لازمي: / ڦٿڪ / +/ _ اِڻ/(ڦٿڪڻو)
مشتق متعدي: / کڻ / +/ _ اِڻ/ (کڻڻو)
بالواسطہ: / لکا / +/ _ اِڻ/ (لکائڻو)
/ لکارا / +/ _ اِڻ/ (لکارائڻو)
(5) مجهول: فقط ’گهٽ‘ جهڙن غير _ فعلي بنيادن مان نڪتل
مجهول فعل _ ٿڙن مان هيءُ ڪردنت جُڙي ٿو.
/ گهٽ _/: /گهٽج_ +/ _ اِڻ/ (گهٽجڻو)
/ مڱ _/: /مڱج_ +/ _ اِڻ/ (مڱجڻو)
نوٽ: (1) هي ڪردنت اسم، صفت ۽ فعل جو عمل ڪن ٿا. مثال:
هنن جو پاڻ ۾ لهڻو ڏيڻو ڪيئن آهي (اسم)، انسان
مرڻي وٿ آهي (صفت)، هن ڳالهه سڀني جو ڌيان
لهڻو(فعل).
(2) هي ڪردنت جڏهن فعل اسم، صفت ۽ فعل جو عمل ڪن ٿا. تڏهن گهڻو
ڪري فعل معاون سان گڏ هوندا آهن. مثلاً مون کي هن
سان گڏجڻو آهي، اڄ مون کي ڪراچيءَ وڃڻو آهي. اهڙا
جملا تمام ٿورا آهن، جن ۾ هي ڪردنت اڪيلي سر فعل
جو ڪم ڪري ٿو. جيئن ته هن ڳالهه سڀني جو ڌيان
لهڻو. هن کي منهنجي چِٺي ڏيڻي ۽ چوڻو ته سڀاڻي مون
وٽ اچي.
(3) ڀوشيه ڪردنت مان ٺهيل فعل هميشه ضمير غائب ۾ استعمال ٿيندا
آهن. ٻين ضميرن ۾ سندن گردان ڪونه هلندو آهي.
لازمي فعل _ ٿڙن مان نڪتل ڀوشيه ڪردنت جا فعل
ڪرتري پريوگ ۽ ڀاوي پرويوگ ۾ استعمال ٿيندا آهن،
پر متعدي بنيادن وارا ڀوشيه ڪردنت جا فعل ڪرمڻي ۽
ڀاوي پريوگن ۾ استعمال ٿيندا آهن. اهي ڪڏهن به
ڪرتري پريوگ ۾ نه ملندا.
لازمي:
مان اڄ حيدرآباد وڃڻو آهيان. (ڪرتري پريوگ)
اسين اڄ حيدرآباد وڃڻا آهيون (ڪرتري پريوگ)
مون کي اڄ حيدرآباد وڃڻو آهي. (ڀاوي پريوگ)
اسان کي اڄ حيدرآباد وڃڻو آهي (ڀاوي پريوگ)
متعدي:
مون کي خط لکڻو آهي؛ مون کي خط لکڻا آهن
(ڪرمڻي پريوگ)
مون کي چٺي لکڻي آهي؛ مون کي چٺيون لکڻيون آهن
(ڪرمڻي پريوگ)
ڇوڪري ڪتي کي جهليو؛ ڇوڪرن ڪتي کي جهليو
(ڀاوي پريوگ)
ڇوڪري ڪتن کي جهليو؛ ڇوڪريءَ ڪتن کي جهليو
(ڀاوي پريوگ)
4. ڪرياواچي اسم
Infinitive
۽ ماضي معطوفيءَ
(Past conjuction Indeclinable) جي بناوٽ
ڪرياواچي اسم ۽ ماضي معطوفي روپ، مرڪب فعلن جي ٺاهڻ
لاءِ پڻ ڪتب اچن ٿا، انهيءَ ڪري سندن بيان هتي ڪري
ڇڏڻ واجب آهي. ڪرياواچي اسم، فعل نه آهن، ڇاڪاڻ جو
اِهي ڪڏهن به ٻين فعلن جيان ضمير ڏيکاريندڙ
پڇاڙيون
(Personal Suffixes) کڻي فعل جو گردان ڪونه ٿا ڏيکارين. حقيقت ۾ اهي روپ مذڪر اسم
آهن، جي ٻين اسمن وانگر حالت جو ڦير ڏيکارين ٿا.
ڪرياواچي اسم (يعني مصدر) هميشه ”اُ“ پڇاڙيءَ وارن
مذڪر اسمن وانگر ڦرندا آهن، پر سندن گردان اڻپورو
هوندو آهي. اهي فقط حالت فاعلي ۽ واحد حالت عام
(Oblique Case)
واحد جا روپ ڏيکاريندا آهن.
حالت ندا واحد ۾ پڻ سندن استعمال خيرڪو نظر ايندو.
جيئن ته _ هن وٽ تنهنجو وڃڻ (حالت فاعلي واحد)
ٺيڪ نه ٿيندو؛ هن وٽ تنهنجي وڃڻ (وڃن + / _ اُ/
حالت عالم واحد جي نشاني) مان ڪوبه فائدو نه آهي.
ڪرياواچي اسمن لاءِ سنڌيءَ ۾ ’مصدر‘ نالو واهپي ۾ اچي
ويو آهي جو غلط آهي ڇاڪاڻ ته ’مصدر‘ معنيٰ اهو روپ
جنهن مان ٻيا روپ صادر ٿين يا ڦُٽي نڪرن. اسان ڏٺو
آهي ته سنڌيءَ ۾ فعلن جو بنياد امر واحد جي فعل _
ٿڙ ۾ آهي. جملي ۾ سندس عمل ڏسي مصدر کي ’ڪراياواچي
اسم‘ (ڪم ڏيکاريندڙ اسم) چوڻ بهتر آهي.
1.4 ڪراياواچي اسمن جي بناوٽ:
هي روپ غير ڪردنتي فعل _ ٿڙن ۾ ڪراياواچي اسم ڏيکاريندڙ صرفيه
گڏڻ سان ٺهن ٿا. لازمي (مفرد توڙي مشتق) فعل _ ٿڙن
مان نڪتل مجهول فعل _ ٿڙن کي هن صرفيه جون پڇاڙيون
ڪونه لڳنديون آهن، ڇاڪاڻ جو اهو ساڳيو مطلب رواجي
لازمي فعل _ ٿڙن مان به ملي ٿو. جيئن ته _ هلڻ،
بيهڻ، وهڻ بدران هلجڻ، بيهجڻ، ويهجڻ ڪونه چئبو.
ڪرياواچي اسم ڏيکاريندڙ صرفيه جون ٻه هم _ صرفي
پڇاڙيون آهن _/ _ اِڻُ / ۽ / _ اَڻُ /، جيڪي
بنياد صوتي بيهڪ سان پابند آهن. / _ اِڻُ / پڇاڙي
آ، ا، او، اه، يا اوه ۾ پورن ٿيندڙن بنيادن سان
لڳندي آهي ۽ باقي ٻين بنيادن سان / _ اڻُ/ پڇاڙي
لڳندي آهي. مثا ل
(1) / _ اِڻ/ :
/ م _/+/ _ اِڻ/ (مَئِڻ)،
/ ايذا _/+/ _ اِڻ/ (ايذائڻ)،
/سو_/+/ _ اِڻ/ (سوئڻ)،
/ چاهه _/+/ _ اِڻ/ (چاهڻ)،
/ موهه _/+/ _ اِڻ/ (موهڻ)،
(2) / _ اَڻ/:
/ ڇهه _/+/ _ اَڻ/ (ڇهڻ)،
/ وڃ _/+/ _ اَڻ/ (وڃڻ)،
/ لک _/+/ _ اَڻ/ (لکڻ).
جن بنيادن مان ڪرياواچي اسم ٺهن ٿا، تن جا مثال هن ريت آهن:
لازمي ۽ متعدي: / هل _/+/ _ اَڻ/ (هلڻ)،
/ لک _/+/ _ اَڻ/ (لکڻ)،
مشتَ لازمي: / ڦٿڪ _/+/ _ اَڻ/ (ڦٿڪڻ)،
مشتق متعدي: / کڻ _/+/ _ اَڻ/ (کڻڻ)،
بالواسط: / لکا _/+/ _ اِڻ/
(لکائڻ)،
/ لکارا _/+/ _ اِڻ/ (لکرائڻ)،
مجهول: / مارج _/+/ _ اَڻ/ (مارجڻ)،
/ لکج _/+/ _ اَڻ/ (لکجڻ)،
/ گهٽج _/+/ _ اِڻ/ (گهٽجڻ)،
نوٽ: سرجڻ مان سرجڻهار، اُپائڻ مان اپائڻهار، هلڻ مان هلڻارو
وغيره روپ به جُڙن ٿا. انهن جو ڪيترن ئي گرمرن ۾
ڪردنتن جي بابت اندر ذڪر ڪيل آهي ۽ کين اسم فاعل
ڪردنت سڏيو ويو آهي([2]).
ميرزا قليچ بيگ انهن روين کي ’اسم فاعل
ترڪيبي‘نالو ڏنو آهي([3]).
هن مقابلي ۾ ڪردنتن جي جيڪا سمجهاڻي ڏني ويئي آهي،
ان موجب اهي روپ ڪردنت نه آهن. اهي لفظ جملي جي
بيهڪ ۽ اسمن يا صفتن جو عمل ڪن ٿا ۽ ڪرياواچي
اسمن کي بنياد طور کڻي منجهن /هار / يا/ هارو/
پڇاڙيون لڳائي ٺاهيا ويا آهن.
2.4 ماضي معطوفي
ماضي معطوفي
(Past Conjuctive Indeclinable)
ماضي معطوفي ٺاهڻ لاءِ بنياد ۾ ماضي معطوفي ڏيکاريندڙ صرفيه
گڏجي ٿو. هن صرفيه جون ٻه هم _ صرفي پڇاڙِون آهن:
(1) / _ اي/: هيءَ پڇاڙي لازمي (مفرد، مشتق) مجهول ۽ / لکُ/
جهڙن نرالن متعدي فعلن _ ٿڙن سان لڳي ٿي. مثال:
/بيهه /+/ _ اِي / (بيهي)
/مارج/+/ _ اِي / (مارجي)
/لکج /+/ _ اِي / (لکجي)
/ڦٿڪ _ اِي / (ڦٿڪي)
/لک /+/ _ اِي / (لکي)
(2) / _ اي/: هيءَ پڇاڙي متعدي (مفرد ۽ مشتق، نرالن متعدي فعل _
ٿڙن کان سواءِ) ۽ بالواسطه فعل _ ٿڙن سان لڳي ٿي.
مثال: /مار _/ +/ _ اي/ (ماري)،
/کڻا _/ +/ _ اي/ (کڻائي)،
/جهل _/ +/ _ اي/ (جهلي)،
ماضي معطوفيءَ جو ٻيو روپ ٺاهڻ لاءِ لازمي (مفرد ۽ مشتق) فعل _
ٿڙن مان ڦُٽي نڪتل مجهول فعل _ ٿڙ ڇڏي، ٻين مڙني
غير _ ڪردنتي فعل _ ٿڙن ۾ /_يو/ پڇاڙي لڳائبي آهي.
مثال ’هو اچيو سامان کنيو هليا وڃن‘، ’ڪوئا ڪپڙا
ڪُتريو ڀڄيو وڃن‘. پر ’ڦٿڪجيو‘، ’هلجيو‘ روپ ڪونه
ٺهندا.
/ _اِي/ ۽ /_اي پڇاڙي لڳائڻ سان ٺهيل ماضي معطوفي روين پٺيان
جملي ۾ /ڪَر _/ فعل جو ماضي معطوفي روپ استعمال
ڪرڻ جو پڻ رواج آهي. مثال ’خط لکي ڪري پوءِ گهر
وڃ‘، ’روٽي کائي پوءِ گهمڻ وڃ.‘
()
“The Participle present of the passive
voice if formed by adding the affix ‘ibo’ to
the root of the passive theme.” Dr: E.
Trumpp: “Grammar of the Sindhi Language.”
Leipzig 1872, p.270.
()
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“،
ڪراچي، سال 1926ع، ص 147.
()
ميرزا قليچ بيگ: ”سنڌي وياڪرڻ“ (ڀاڱو ٽيون)،
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ سال 1960ع، ص
151.
|