شفيع چانڊيو
وائي
پل ۾ ڪيئي پور، او سائين! ڪهڙا سلجن سور،
او سائين! ڪهڙا سلجن سور.
نيڻن مان هڪ لڙڪ لڙن، ٻيا پرينءَ تنهنجا پور،
او سائين! ڪهڙا سلجن سور.
مُلهه مهانگو تن جو آهي، ملهه نه وڪجن سور،
او سائين! ڪهڙا سلجن سور.
وِلهه ۾ وار وڇايان ساجن، چوٽا ڀري ڪپور،
او سائين! ڪهڙا سلجن سور.
تو ته سک جون سيجون ماڻيون، مون وٽ پور ئي پور،
او سائين! ڪهڙا سلجن سور.
تِن لئه جاڙ جيئڻ ٿيو جڳ ۾، دلبر جن جا دور،
او سائين! ڪهڙا سلجن سور.
مُورت جيڪا مَن کي موه، تنهنجو ملهه نه مور،
او سائين! ڪهڙا سلجن سور.
آءُ من سان سڀ اُٿلي پيڙا، نينهن سدا ناسور،
او سائين! ڪهڙا سلجن سور.
ڪنهن کي ڪيئن سڻائي سگهجن، محبت جا مذڪور،
او سائين! ڪهڙا سلجن سور.
ذوالفقار سيال
غزل
سڀ تنهنجا سور پراياسين،
هر، دل جا درد وڌاياسين.
هي شهر لڳي ٿو مقتل ڄڻ، هر چونڪ تي ڦاها پاياسين.
خوددار رهياسين،سرنه جهڪيو، ڪنڌ مرڪي پاڻ ڪٽاياسين.
انصاف نه خيراتي گهرجي، زنجير ڪڏهن کڙڪاياسين؟
اي سچ! سدائين تنهنجي لئه، هٿ پنهنجي ڪڙا پاياسين.
ڪنهن سمجهو ناهي زلف، اڃان،
ڇــــو پـــاڻ تـــي ڪـــات وهاياسين.
سارنگ
توسان ملي به اداس آهيان اڄ،
دل کولي روئڻ ٿو چاهيان اڄ.
توکي ويٺو ڏسان ۽ ڪجهه نه ڪڇان،
نظرن نظرن ۾ ڳالهايان اڄ.
رُت جي رنگن مان رنگ چورائي،
تنهنجي تصوير مان ٺاهيان اڄ.
ڪير ڄاڻي ته ڪڏهن ملنداسين،
آئون توکي ٿو چمڻ چاهيان اڄ.
زيب ڀٽي
نظم
نيڻ نرمل، تون_
چهرو ڪومل، اجنتا ۽ ايلوار،
سرير شيتل، جي غارن ۽ غفائن،
چال چنچل جي ديوي_!
محسوس ڪيم، دجلو دريا،
ويجهو ويهي، نيل ندي،
بدن جو ڇهاءُ، گنگا، جمنا،
ڪومل بدن، سنڌوءَ جي_
چنچل پون، جل ٿل ۾،
من تنهنجو، ڌول پوتل_
من منهنجو _ گل بدن_
پاڳل پاڳل، مٽيءَ جو گهڙيل،
آهي ازل کان، چاهت جو جُڙيل،_
تنهنجو_
گهايل گهايل.
تنهنجي سيتليا، تون پايل_
تنهنجي سندرتا، تون جهنڪار،
جڳ جڳ کان_ تنهنجي پير ۾ _
جوت جلائي، جنم جنم جي،
مون کي _ پايان پڪار_!
اونداهيءَ ۾، تون سر سنگيت،
روشنيءَ جي _ منهنجو گيت _!
ڏِسَ ڏيکاري. منهنجو ميت _!!
اياز گل
توکان ٿيندي ڌارَ،
کلندي کلندي يارَ! لُڙڪ لڙي پيا لارَ ڪري.
تنهنجي پويان ڪير اسان جي
سُپرين! لهندو سارَ_ لُڙڪ لڙي پيا لارَ ڪري.
ساهه ۾ تنهنجن ساهن جي
اڃا ڀي آ، مهڪار _ لُڙڪ لڙي پيا لارَ ڪري.
رات کُٽي باک ڦُٽي وئي
جنهن پر ويڙهيئي وارَ. لُڙڪ لڙي پيا لارَ ڪري.
پاڻيءَ تي ڄڻ ليڪا ها
تنهنجا قولَ قرارَ! لُڙڪ لڙي پيا لارَ ڪري.
وري ملڻ جي مهلَ وري
شال هينئين جا هارَ _ لُڙڪ لڙي پيا لارَ ڪري.
مهر پروين
ڪافي
پيارا پرين ور سگهو واڳ واري،
جيان پئي سڄڻ يار تنهنجي سهاري.
تڪي نيڻ پيا تنهنجون واٽون نهاري،
ڪڏهن موٽي ايندي، وطن واڳ واري!
هيءَ دردن ڀري دل سڄڻ توکي ساري!
وڇوڙي ۾ تنهنجي، ڏکيا ڏينهن گهاري.
سندئي ياد ۾ جا هنجهون روز هاري!
ڪري ڪنهن کي سڏڙا ۽ ڪنهن کي پڪاري؟
نه مهروءَ کي محبوب ويهجان وساري!
ڪيل قول پنهنجا پرين وڃ تون پاري!
مرحب قاسمي
آزاد نظم
ان ڏينهن
پراڻيون ڪٿائون منهنجي ذهن مان
ميٽجي ويون
ته ڪو وقت اڳتي وڌي پيو.
مون
جبلن جي اتانهين ڪنگرين تان
ڪرندڙ پاڻيءَ ۾
پنهنجا پير پائي ڏٺا
مون کي محسوس ٿيو
وقت بيٺو آهي هڪ هنڌ _
دريائن جي وهڪ ۾
وهي ايندڙ
ڪنڪرن جي هيٺان
پاتار ۾ پيل
پٿرن جي مٿان
پاسو ورايو
هو ستو پيو آهي هڪ هنڌ _
ان گهڙيءَ هو مون سوچيو:
”وقت ستو پيو آهي صدين کان ۽ اسين جاڳون پيان.“
تهمينه مفتي
آزاد نظم
ساگر تو ڇولين سان کيڏندي
سوچيو هو مون
واريءَ جو گهر ٺاهيندي
سوچيو هو مون
آلي واري تي نالو تنهنجو لکندي
سوچيو هو مون
ڇولين جي لئي تي جهونگاريندي
سوچيو هو مون
تون گيت امر ڏيندين
سوچيو هو مون
۽ ٽه واٽي تي بيٺي سوچيو مون
نالو تنهنجو واري تان ڊاهي ڇڏيان مان
نالو تنهنجو وري وري لکي ڊاهي
ڇڏيان مان.
نور الهديٰ شاهه
آزاد نظم
درد صدا ڏئي نه آيو هو
جسم سڄو پٿر هيو
هٿ هئا، سي صليب جيان ٽنگيل هئا
دردَ، نيزو کنيو
دل نگر ۾ پي رقص ڪيو
ڪيترن يادن جا بخيا، هڪ هڪ ڪري
اڊڙجندا ٿي ويا
ڪيترا سڏ هيا
نڙيءَ ۾ گهٽجندا ٿي ويا
دل هئي، سا ڪيڏي تنها هئي
ڪو به مسيحا نه هو پاسي ۾
جو کڻي درد کي پٿر هڻي
درد هو، سو ڊوڙندو ٿي ويو
دل نگر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾
ڪيترا چهرا هئا، روشن ٿي اجهامندا ٿي ويا
ڪيترا پاڇولا هئا، جي مون جهلڻ ٿي چاهيا
مون کان وڇڙندا ٿي ويا
ڪو زهر به نه هو مٺ ۾
جو کڻي پل اپل لاءِ آپگهات ڪجي
ڪو پٿر به نه باقي رهيو هو
جو کڻي پنهنجو پاڻ سنگسار ڪجي
پوءِ دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾
تنهنجو چهرو مسيحا بڻجي اُڀريو هو
درد هو سو گهٽجندو ٿي ويو.
شاني
نظم
تنهنجون راهون جدا جدا،
منهنجون راهون جدا جدا.
تنهنجو، منهنجو ساٿ ڪيئن ٿيو،
پل دو پل ۾ وڇڙي ويو.
توکي هردم پنهنجو ڄاتم،
تولاءِ هر دم گيت ٿي ڳاتم.
سُر ٽٽ پيو ساهه رڪي پيو،
تنهنجو، منهنجو ساٿ ٽٽي پيو_
عابد مظهر
آزاد نظم
پيار جو بکيو
هو آيو هو اوچتو
ڪلهه جهوپڙيءَ منهنجيءَ
پر ڏسي ڍنگر رکيل
در تي منهنجي
ويو هليو.
اوچتو گڏجي ويم اڄ
مون کي چيئين:
ڪٿي آهين
ڪلهه مان آيو هئس تنهنجي گهر
پر تون ڪونه هئين
ويو هئين رلڻ ڪٿي
مون وراڻيو:
رلندو آهيان
ويندو آهيان
ملندو آهي جتي خلوص
ڇو ته آهيان مان
بکيو پيار جو.
عزيز مهراڻوي
آزاد نظم
پرائيويٽ جهنم
گنڀير اڪيلائي
خود ترسي
پرسنلٽي ڪلٽ
مبهم ڊپ
لفظ ئي لفظ
احساسن جو انت
ڪجهه عرصو اڳ
مون کي ياد آهي
آئون ڪجهه به نه هوس
هن گهڙيءَ
سوچيان ٿو
سڀ ڪجهه آهيان
پل کان پوءِ
سمجهان ٿو
ڪجهه به نه رهندس.
محمد رمضان ڪمبوهه زلفي
نظم
جواني آهي ديواني
جواني آهي ديواني، ور ور ٿي تڙپائي،
انگ انگ ۾ مستي ڇلڪي، دل کي مست بنائي،
دل ۾ جڳائي پريم اُمنگون، من کي ٿي مهڪائي،
منهنجي من ۾ جهاتي پائي ستل سور جڳائي،
جواني آهي ديواني ور ور ٿي تڙپائي.
دل وارن جي ياد ۾ ويٺي هنجون پئي وهائي،
ويٺي ويٺي وِرهه ۾ هر هر پَر ۾ پور پچائي،
خوابن جي شهزاديءَ وانگر هردم حاضر آهي،
پيار جا نغما ياد ڏياري منهنجا هوش وڃائي،
جواني آهي ديواني ور ور ٿي تڙپائي.
مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪندي مون کي ٿي همٿائي،
منهنجي سامهون ويٺي ويٺي اُلفت جا ڳڻ ڳائي،
الفت جي جذبي ۾ اچي پيار جو ساز وڄائي،
حسن جي شعلن ۾ لپٽي باهه _ برهه ڀڙڪائي،
جواني آهي ديواني ور ور ٿي تڙپائي.
پنهنجو مکڙو عيان ڪري ۽ کنوڻ پئي چمڪائي،
ڪنهن مهل پنهنجي ناداني تي پاڻهي پئي شرمائي،
پنهنجون هنجون هاري هاري پيار کي ٿي لرزائي،
ويٺي ويٺي رات وهاڻي ڇو ٿي هي پڇتائي،
جواني آهي ديواني ور ور ٿي تڙپائي.
پٺيان پٺيان ڊوڙون پائي مون کي ٿي سهڪائي،
مون کي ماضي ياد ڏياري ور ور ٿي پرچائي،
گلي ۾ ”زلفي“ ٻانهون وجهندي پنهنجو پيار مڃائي،
پنهنجي نماڻن نيڻن منجهان ورکا پئي وسائي،
جواني آهي ديواني ور ور ٿي تڙپائي.
مولوي عبدالڪريم لغاري
نظم
نظارو ڏٺم اڄ نئين ڪوٽ جو،
قصو ڇا ڪريان! ڪوٽ يڪچوٽ جو.
قوي ڪوٽ قابو قلعو ڪوهسار،
پيل پيڙهه پختي پڪو پائدار.
پري کان ڏسڻ منجهه پريت پهاڙ،
جبر جُنگ جهونو ڏکڻ ڏي مهاڙ.
مٿي ڪرڪ وادي وهاريو ويو،
ڀٽن منجهه بر ۾ بهاريو ويو.
مُهڙ منجهه ڪوٺين جي آهي قطار،
ڀريل جن ۾ بارود هو بيشمار.
تفنگ تير تلوار توبون هيون،
سوين ساز سامان سوڀون هيون.
کتل هو عَلم هت اميرن سندو،
ڀلا بخت بالا بلوچن سندو.
چمڪدار چهرا ۽ چل ڦل هتي،
حڪومت سندي هاڪ هل چل هتي.
عملدار اعليٰ سوين هئا سپاهه،
قلعي منجهه ڪپتان ڪئي ڪج ڪُلاهه.
ڪڏهين نوبتون ۽ نغارا هتي،
مسرت جا سامان سارا هتي.
ڪهين دور هئا، در تي دربان ڪئي،
جُهڪيا جت ٿي فغفور خاقان ڪئي.
هتي پلٽڻ جون پريڊون هيون،
ڪڏهن بر ۾ باجا ۽ بينڊون هيون.
رسالا رهيا ٿي ڪڏهن فوج جا،
زماني نمونا ڏٺا اوج جا.
رهيا ٿي رئيس ۽ امير وزير،
وڏي دٻدٻي ساڻ دانا دبير.
”ڪرم“ مير جو ڪارنامو ڪمال،
نمونو نئين ڪوٽ جو بي مثال.
لنبائي جو ليکو لڳائي ڏٺم،
ڇسئو ڦوٽ چاليهه ماپي ڏم.
جڏهن ارڙهين سند تي چوڏهه چليا،
تمت تام تعمير جا سلسلا.
ڪيو راس رازن بنائي بهار،
عدد اَٺ مٿس مورچن جي قطار.
سنهي سر اوساري ۾، ناهي مٽي،
چڻائي چرولي سان آهي چٽي.
مناظر منجهس دلڪش و دلفريب،
سياحن جي ديدار جو ديد زيب.
هڪي طرف شاهي شهر شاندار،
ته ٻي ڀر ڀٽن جي قطار ئي قطار.
وري وچ ۾ وهوا وهي واهه پيو،
نظارو نمونو وڻي واهه ٿو.
سوين سر تي سانوڻ گذاري چڪو،
اڃان آهه پختو پٿر جيئن پڪو.
تکا تيز طوفان برسر بلير!
هماليا کي هنڌ تان هٽائي به ڪير.
اچي ويا مٿس اوچتا انقلاب،
نه موجون نه محفل نه چنگ ورباب.
نه نائب، نه ناظم، نڪي ڪاردار،
مورخ ٿو ماضي لکي شاندار.
راڳا چاڳه چوطرف چٻرن سندا،
وڏا وڻ منجهس ٻير ٻٻرن سندا.
ڪنڊا ڪرڙ، ويون کوڙ ڄاريون ڄمي،
ڪانڊيرن جي ڪانهي قلعي ۾ ڪمي.
بــدلــجــي ويـــو بــس اڳــوڻـــو نــظـــام،
قلم! ڪوٽ نئين جو قصو ڪر تمام.
|