ممتاز راشدي
من موهيندڙ سنڌ
مون کي معزز حاضرين اڳيان سنڌ تي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيئي
جيڪا عزت بخشي ويئي آهي، اها مون کي نه رڳو انهيءَ
ڪري ڏاڍي ڳوري ٿي لڳي جو منهنجي تياري ڪيل ناهي ۽
هتي گڏ ٿيل حاضرين جي واقفيت ۾ واڌارو نه ڪرڻ جو
احساس اٿم، پر انهيءَ ڪري ته هيءُ مضمون لکڻ لاءِ
چيئرمن مون کي رڳا ست ڏينهن ڏنا هئا ۽ هن ڪانفرنس
۾ شامل ٿيڻ لاءِ محترم مظهر يوسف جو دعوت نامو مون
کي ڇهين اپريل تي مليو.
ائين ناهي ته مان ڪو سمجهان ٿي ته ستن ڏينهن بدران
سترهن ڏينهن ملنم ها ته شاهڪار مضمون لکڻ ۾ مدد
ملي ها، جو مون کي پنهنجي علميت جو اڀمان ناهي ۽
فقط وقت اهو ڪجهه نٿو ڏيئي سگهي، جيڪو پيدائشي طور
تي ناپيد آهي. تڏهن به جيڪڏهن مون کي وقت ملي ها
ته پنهنجي دز ڀريل ڪٻٽن مان ڪي ڪتاب ڇنڊي ڪڍان ها
۽ پنهنجي سوچ فڪر جي حمايت ۾ انهن جا ورق ورايان
ها، جيڪي هن مضمون کي مانائتو ڪرڻ ۾ مون کي حوالا
ڏيڻ ۾ مدد ڪن ها. اهو مضمون فڪر انگيز لڳي ها، ۽
مون کي احساس ڏياري ها ته مان سنڌ سان، هن
سوسائٽيءَ جي چيئرمن ۽ جنرل سيڪريٽريءَ سان انصاف
ڪري رهي آهيان، جن مون تي ٿورو ڪري هن مجلس ۾
شموليت جو شرف بخشيو آهي
بهرحال، مون کي هن دور جي عالمن ۽ فاضلن کي مداخلت لاءِ عرض ڪرڻ
۾ هٻڪ نٿي ٿئي. هڪ سنڌيءَ جي بنيادي ۽ امتيازي
خصوصيت سهپ آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ حالت ۾ مون کي
پڪ آهي ته مون کي پنهنجي تيار ڪيل مٿاڇري ۽ غير
علمي مضمونڙي لاءِ معاف ڪري برداشت ڪيو ويندو.
ان مان اوهان کي سنڌ ۽ سنڌين بابت جيڪا مون کي ٿورڙي ڄاڻ آهي،
ٻڌائيندس. مان سيڪريٽري جنرل جي تيار ڪيل موضوعن
جي فهرست کان موثر طور تي ڊڄڻ کان انڪار ڪريان ٿي
جو مون سنڌ جو جلويدار بيابان ۽ ٻيلن، تراشيل
ٽڪرين، ميدانن ۽ تپندڙ سج کان ڊڄڻ کان انڪار ڪيو
هو. مان پنهنجي قلم سان ڪن ٿورڙن مذڪور موضوعن تي
آهستگيءَ سان اڳڀرو ٿينديس.
مون کي ڪنهن پوسٽنس
(Postans)
يا ڪنهن ايسٽوِڪ
(Eastwick)
جون اکيون ڪن آهن، ڪنهن ائٽڪن
(Aitken)،
ڪنهن برٽن
(Buton)
يا برنس(Burns)
جي دلچسپي ۽ خارجيت جي قوت آهي ۽ ڪنهن لئمبرڪ
(Lambrick)
يا ڪنهن سورلي
(Sorely)
جي شفقت ۽ دلچسپي آهي، جيتوڻيڪ مون ۾ انهن جهڙي
علميت ناهي.
بينگال جي هڪ ’ممتاز‘ سنڌ ۾ انهن جئن آهي ۽ سنڌين ۾ سندن سڀني
طريقن ۽ انهن جئن رهي. انهيءَ کان سواءِ کيس انهن
سڀني متشرقين ۽ محققين کان وڌيڪ ٻن سنڌين جي ماءُ
بنجڻ جو شرف حاصل ٿيو. توهان ڏسندؤ ته مون هڪ
سنڌيءَ جي زال هئڻ جي شرف جو نه ٻڌايو آهي. اهو ڪو
شرف حاصل ٿيڻ نٿو ڏسجي ڇو جو سڀني قسمن جون عورتون
سنڌين جون زالون ٿين پيون (منهنجو مطلب جارحانه
ٿيڻ نااهي، اڀياس کان پوءِ پوسٽنس
(Postans)
جي رواج کان پوءِ، مون جيڪي جيو آهي، اها حقيقت
آهي.) منهنجي ٻارن مون کي اهو احساس ڏياريو آهي ته
کين سنڌ لاءِ ڇڪ پهرين ٿئي ٿي ۽ اهڙي طرح ڪنهن
اختياري تحت اهي مون کي سنڌ تي ۽ سنڌ بابت ڳالهائڻ
جو حق ڏين ٿا، جنهن لاءِ مان سندن قدر ڪريان ٿي
مون کي موضوع کان هٽڻ لاءِ افسوس آهي پر سندن
پاڪستان جي هن خطي سان بي خوديءَ جو مثال ڏيڻ
چاهينديس. سن 1971ع ۾، اٽليءَ ۾، مان ۽ منهنجا
ٻار موٽر ۾ سمنڊ جي ڪناري ڀرسان استا
Ostia
کان نيتونو
(Nettuno)
ڏانهن اڪثر پنهنجي دوست پرنس اسٽيفانو بور گهيز
(Prince Stefano Borghese) سان ملڻ لاءِ سندس سورهين صديءَ دوران جُڙيل دلڪش رهائشگاهه تي
ويندا هئاسين. هر ڀيري منهنجو پٽ مون کان روڊ
ڀرسان بيٺل کجين جي وڻن لاءِ پڇندو هو ته منجهن
سنڌ جي کجين جئن کجيون لڳل ڇو ناهن. هو بنا ناغي
بلڪل ائين ورجائيندو هو جيئن طوطو ڪندو آهي. پوءِ
مون کي لڳو ته انهيءَ سموري سونهن جي عجيب دنيا ۾
هو سنڌ جي کجين کي وساري نه سگهيو هو. هو اهڙي ئي
قسم جي ڳالهه ڪندو آهي، پوءِ ڀل کڻي اسان ڪهڙي به
ملڪ ۾ هجون، يا پنهنجي ملڪ جي ڪهڙي به خطي ۾ هجون.
جيڪڏهن هو پشاور ۾ سڌو پوئو ڏسي ٿو ته کيس سنڌ جي
لڪيءَ جبلن جو خيال اچي ٿو، اٽڪ تي سنڌوءَ جو
نظارو کيس سنڌوءَ جي انهيءَ نظاري جي ياد ڏياري ٿو
جيڪو اسان سيوهڻ ڀرسان ٽڪرين تان ڏسندا آهيون.
’ڪرڙا‘ جا ٻوٽا پنجاب ۽ سرحد ۾ گُل ڪونه جهلين پر
سنڌ ۾ منجهن گل کڙندا آهن.
جيڪڏهن اهي حقيقتون ڪنهن به قسم جي ڪسوٽي آهن ته مون کي اميد
آهي ته اهي قبول ڪيون وينديون. مون وٽ فقط اهي ئي
تجربا آهن جي مون سنڌ ۾ سنڌين بابت حاصل ڪيا آهن
جن مان مواد حاصل ڪري سنڌ بابت ڳالهائيندس.
بدقسمتيءَ سان اهو منهنجو آواز نه هوندو جيڪو
منهنجي سوچ کي جهونگاري ٿو. ڪنهن به لکڻيءَ جو
دارومدار احساس ئي آهي ۽ جڏهن اها انهيءَ ئي احساس
سان پڙهبي تڏهن ئي ائين سمجهه ۾ ايندي جيئن مان
چاهينديس. موضوعن جي فهرست ۾ ستون نمبر موضوع آهي:
”سنڌي ثقافت ۾ ڪهڙي خوبي ۽ خوبصورتي آهي؟“
سڀ کان پهريائين اسان کي سمجهڻو پوندو ته ثقافت آهي ڇا؟
انهيءَ لاءِ ون کي ٽي. اي. ايليٽ
(T.S. Eliot) جي سمجهاڻي تمام موزون لڳي ٿي. هو چوي ٿو: ”مجموعي طور تي سماج
جي تخليق کي ثقافت چئجي ٿو؛ ٻئي رخ کان، اهو ڪجهه
جيڪي سماج جوڙي.“ تنهن ڪري جڏهن لفظ ’ثقافت‘ انسان
جي ذهني ۽ روحاني اوسر لاءِ استعمال ڪجي ٿو ته
انهيءَ لفظ جو لاڳاپو فرد، گروهه يا طبقي ۽ اهڙي
طرح سڄي سماج سان ٿئي ٿو. جڏهن اسان سنڌيءَ جي
باري ۾ ڳالهايون ٿا ته اسان ثقافت تي يعني بنيادي
طرح سان سنڌي سماج جي اوسر تي ڳالهايون ٿا.
اسين جڏهن سنڌ معاشري جي ثقافتي ظهور کي ڏسون ٿا ته اسان کي سڀ
کان پهريائين انهيءَ جي آفاقيت ۽ مثبت روي نظر اچي
ٿي. ذهن ۾ خيال اچي ٿو ته اهو ائين ڪئين ٿيو؟
صاف ظاهر آهي ته سنڌ جي جاگرافيائي صورت انهيءَ ارتقا ۾ حصو
ورتو آهي. هتي عظيم مشرقي ثقافتن مثال طور ايراني،
عربي، وچ ايشيائي ۽ هندوستاني ثقافتن جا ريلا ميلا
ٿيا آهن. (سنڌين جي مثبت روي کي ڌيان ۾ رکندي مان
انهيءَ ڳالهه کي بنياد نه بنائينديس ته اهي
ثقافتون فاتح ٿي داخل ٿيون هيون ۽ پوءِ خون خرابو،
موسيقيءَ، فن ۽ رهڻي ڪهڻي پاڻ ۾ گڏجي ويا.) نتيجو
اهو نڪتو جو انهن خطن جا عظيم عالم هتي اچي گڏيا ۽
پنهنجي قلم جي قوت سان مقامي ثقافت کي گل و گلزار
ڪيو. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هتي سنڌي ثقافت ۾
اڳ ۾ ئي گهڻو ڪجهه هو جنهن ٻاهرئين ثقافتن کي تازو
رت _ ست ڏنو. سنڌي ثقافت جي اها خصوصيت رهي آهي ته
هن واپارين ۽ فاتحن وسيلي ڌارين ثقافتن جي بهترين
ڳالهين کي پاڻ ۾ جذب ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح نئين سنڌي
تهذيب و تمدن جنم ورتو؛ جنهن ڪري سنڌين ۾ هڪ مخصوص
مثبت روي وڌي ۽ ويجهي. پاڪستان ۾ به اسان کي سنڌي
ثقافت جو وڌڻ ويجهڻ، پکڙجڻ ۽ ٻين علائقن جي ثقافتن
جي همٿ افزائي ڪرڻ واري خصوصيت نمايان نظر اچي ٿي.
اها حقيقت اسان کي مختلف اهم تقريبن مثال طور
شادين مرادين، عيد ميلاد النبي يا رهڻي ڪهڻيءَ مان
صاف معلوم ٿئي ٿي.
سنڌي زبان پاڻ انهيءَ مٿي ڏنل نقطه نظر جو زندهه ثبوت آهي. سنڌي
زبان هاڻي ايتري ته وسيع ٿي ويئي آهي جو دنيا جي
سڀني زبانن جا اُچار ۽ آواز اسين هاڻي سنڌيءَ ۾
لکي سگهون ٿا. سنڌ جي شاعريءَ انساني دل کي زبان
ڏني آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ ايمان، پيار ۽ آسن جو
پيغام آهي. شاهه لطيف جي شاعري مختلف کنڊن جي ڌار
ڌار دل جي تارن مان، متوازن ميٺاج حاصل ڪيو آهي،
جنهن جو مثال سورلي
(Sorley)
جهڙو انگريز، ڊاڪٽر ٽرمپ
(Dr. Trumpp)،
ڊاڪٽر اين مئري شمل
(Dr. Ann Merie Schimmel)
۽ مرحومه ايلسا قاضي
(Elsa Kazi)
جهڙا جرمن ۽ ڪاساسين نسل جو محقق مرزا قليچ بيگ
آهن.
انهيءَ کان پوءِ مذهب پڻ سنڌي ثقافت تي اثر انداز ٿيو آهي، جنهن
ڪري اسان ڏسون ٿا ته سنڌي نيڪ سٻاجها ۽ گهڻ سَهُو
آهن. ٽي. ايس. ايليٽ چوي ٿو ته ثقافت ۽ مذهب جو
پاڻ ۾ رت جو رشتو آهي. ۽ اسلام جي بنيادي اصول صبر
۽ تحمل کي سنڌ جي سرزمين تي نهايت ئي موزون فضا
ملي آهي. ۽ پاڙون پختيون پيل آهن ۽ زمين تي گل و
گلزار ڇانيل آهي. لئمبرڪ چوي ٿو ته اسلام سنڌ جي
ثقافت جي اخلاقي تشڪيل ڪئي آهي ۽ تنهن ڪري سڀاويڪ
طرح سنڌي زندگيءَ جي سموري طور طريقي تي اهو
جذباتي رنگ چڙهيل آهي. سنڌ ۾ سنڌي ذهن تي اسلام
جذباتي محرڪ جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اهائي ثقافت
جي معنيٰ آهي. سنڌ ۾ هر سنڌي ڄمڻ کان مرڻ تائين
اسلام جي رنگ ۾ رتل آهي. سنڌ جو ادب، شاعري، فن
خطاطي ۽ ٻيا فن، مطلب ته ثقافت جي هر روپ ۾ اسلامي
رنگ ڇانيل آهي. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسلام جي
ڪن عظيم صوفين کي سنڌ ۾ پنهنجي طبيعت جهڙو ماحول
مليو. اهڙن عظيم صوفين جهڙوڪ سائين عبدالله شاهه
ٺٽي وارو ۽ سندس هم نام جيڪو ڪراچي جي ڪلفٽن ۾
آرامي آهي، لڪيءَ وارو حضرت شاهه صدر، ڊرگ روڊ
وارو پير بخاري يا حضرت لال شهباز قلندر پنهنجي
مذهبي تجربن ۽ تعليم سان سنڌ کي انسانيت ۽ آزاديءَ
جو هڪ نئون سبق ڏنو ۽ ڪن صوفين ته پنهنجي تعليم کي
شاعري جو روپ ڍڪايو. سندن رزميه شاعري ۽ بيت
انسانيت جي آفاقي روايتن ۽ روحاني رنگ واري آزاد
سوچ سان ڀريا پيا آهن. ساموئي، قاضي قاضن، شاهه
لطيف ۽ سچل سرمست جو پيغام زمانن جي پابنديءَ کان
مٿانهون ۽ سموري دنيا لاءِ آهي.
اهڙي طرح، هڪ عام پورهيت جي زندگيءَ مان اسان کي آفاقي انسانيت،
شرافت، قرب جي جهلڪ نظر اچي ٿي. جڏهن هو پنهنجو ڪم
ڪار سيڙائي ڪنهن درگاهه جي حاضري ڏي ٿو، ۽ واپس
اچي اوهان کي ٻڌائي ٿو ته هن درگاهه تي اوهان جي
خير و برڪت لاءِ پڻ دعا گهري هئي ۽ پوءِ هو اوهان
کي درگاهه تان آندل نذرانو پيش ڪري ٿو جيڪو هن
پنهنجي ٻچڙن کي هڪ ويلو بکيو رکي، پنهنجي پگهر جي
پورهئي مان ڪمايل اُجوري مان ورتو هو.
منهنجو پڻ اهو ايمان آهي ته سنڌ جي جاگرافيائي حالتن جو سنڌ جي
ثقافت تي وڏو اثر آهي. سنڌ جا قدرتي نظارا سنڌ جي
ماڻهو جي ذهن تي پنهنجو عڪس ڇڏين ٿا. اوهان پنهنجي
چوڌاري ڏسو ته اوهان کي ڪشادا ۽ صاف بيابان،
خوبصورت ٻيلا، هماليا جبل کان پراڻا پهاڙ ۽ رات جو
انهن مٿان صاف آسمان نظر ايندو. انهيءَ قدرتي فضا
جو هر سنڌيءَ تي اثر آهي تنهن ڪري هڪ سنڌيءَ کي
ڄاڻڻ مشڪل ناهي پوءِ ڀل کڻي مٿس ڪنهن ڌاري ثقافت
جو اثر ڇو نه هجي. هڪ سنڌي جي دوستي ۽ دشمني بلڪل
صاف آهي. ڪنهن اوپري ماڻهوءَ کي هڪ سنڌيءَ متعلق
ڪنهن به قسم جي گمراهي نٿي ٿئي. سنڌي ثقافت جي هر
پهلوءَ ۾ قدرتي ماحول جو نمايان اثر آهي. سنڌي
ثقافت هڪ اهڙي خوبصورت تصوير آهي جنهن ۾ ڪوبه ڌنڌ
ناهي۽ هر ليڪ توڙي هر رنگ بلڪل چٽو آهي.
زندگيءَ جي حقيقتن کي مڃڻ ۽ انهن ساڳين جاگرافيائي حالتن جي
آندل مصيبتن کي منهن ڏيڻ پڻ سنڌي ثقافت جو هڪ جزو
آهي. سنڌ جو دارومدار سدائين سيلاني سنڌو نديءَ تي
رهيو آهي. لئمبرڪ انهن کي هيٺين خوبصورت لفظن
(بيشڪ سنڌي اثر) ۾ ذڪر ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته، ”اهو
بلڪل سونهين ٿو ته هن لفظن (بيشڪ سنڌي اثر) ۾ ذڪر
ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته هن سرزمين جو نالو سنڌونديءَ
جي نالي سان منسوب هجي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ندي ئي
کيس جنم ڏنو آهي ۽ سندس پرورش ڪئي آهي.
هي سڄو خطو جيڪو ڪيترا سؤ ميل ڊگهو ۽ اٽڪل سؤ ميل ويڪرو آهي،
تنهن جو ذرو ذرو ۽ تهه سنڌو نديءَ تشڪيل ڏنو آهي.“
سنڌوندي سنڌيءَ جي پرائمري استاد هئي، تنهنڪري کيس
زندگيءَ جا باوقار ۽ علمي قدرن جي تعليم حاصل ٿي.
بيابانن به کيس ڏکن ۽ ڪشالن واري زندگيءَ گذارڻ جو
سبق ڏنو، تنهن ڪري فطرتي طور تي سنڌي بلڪل سنئون
سڌو آهي ۽ جڏهن ارتقا ڪري ٿو ته صوفي ٿيو وڃي.
سنڌي موسيقيءَ تي به پڻ قدرتي فضا جو اثر آهي. سنڌي موسيقي
بنيادي طرح سان ٻهراڙيءَ واري آهي، جيڪا روح مان
نڪري ٿي ۽ روح لاءِ آهي، پر تنهن هوندي به ڪلاسيڪي
بلندين کي ڇهي ٿي. سنڌي راڳ مثال طور ”سنڌي ڀيروي“
يا ”سنڌورا“ اڃا تائين خارجي اثرن کان پاڪ آهي ۽
سنڌ جي سرزمين جو پڙاڏو آهي، جنهن جو ميٺاج آسمانن
ڏانهن گوجندو آهي. شاهه لطيف ۽ سچل سرمست به
پنهنجو شعر انهيءَ اعليٰ موسيقيءَ ۾ چيو. نه رڳو
ايترو پر سنڌي موسيقي دنيا جي ٻين کنڊن، مثال طور
شام، عراق ۽ اُتان اسپين ڏانهن به سفر ڪيو آهي.
اسان کي اهو چڱيءَ طرح سان معلوم آهي ته اٺين
صديءَ ۾ ڪجهه سنڌي بغداد ۾ وڃي مستقل طور رهائش
پذير ٿيا هئا. عراق ۾ نه صرف اهي هوشيار سونارا ۽
هُنڊيدار هئا پر ان سان گڏ موسيقيءَ جي فن ۾ پڻ
پنهنجو منفرد مقام هئن ۽ سندن موسيقيءَ جي فن کي
مقامي ماڻهن تمام گهڻو پسند ڪيو. جڏهن زرياب نائين
صدينءَ ۾ بغداد ڇڏي اسپين ويو، ته هتي هن سنڌي
موسيقيءَ جو به تعارف ڪرايو. اڄ به اسين ڏسون ٿا
ته اسپين ۾ اندلسي موسيقي ۽ سندي موسيقيءَ جو
ميٺاج موجود آهي، خاص ڪري ڪو ٺٽي ۾ جونڊو ۾.
اسان کي تاريخدان به ٻڌائين ٿا ته اٺين، نائين ۽ ڏهين صديءَ ۾،
بغداد جي خليفن جي محلاتن ۾ سنڌ جا بورچي هوندا
هئا ۽ سندن گهرج شام ۽ ايران ۾ پڻ هئي. اڄ ڪالهه
به اسين ڏسون ٿا ته مڇيءَ (خاص ڪري پلي) جا قسمين
قسمين طعام ٺاهيا وڃن ٿا، جنهن مان سنڌين ۾ کاڌي
جي اعليٰ ذوق جي عڪاسي ٿئي ٿي. تنهن کان سواءِ
گوشت مان اعليٰ قسمن جي طعامن جو ٺهڻ يا تترن کي
مختلف نمونن ۾ پچائڻ مان سنڌي اعليٰ ثقافت جي
نشاندهي ٿئي ٿي.
هن زماني ۾ هڪ اهم ڳالهه، جيڪا ڌيان جوڳي آهي، سا هيءَ آهي ته
سنڌ جي ثقافت هڪ عام ماڻهوءَ مان ڦٽي آهي. هن
ويهين صديءَ ۾ اسان صدين جي جدوجهد کان پوءِ عام
ماڻهوءَ جي حيثيت سڃاڻي سگهيا آهيون ۽ کيس اها
حيثيت ڏيئي سگهيا آهيون، جنهن جو هو سدائين حقدار
رهيو آهي. سنڌ جي ثقافت جو دارومدار عام ماڻهوءَ
تي انهيءَ ڪري نه رهيو هو جو سنڌ گهٽ ترقي يافته
هئي. اهو انهيءَ ڪري هو جو سنڌ جي ثقافت جي ارتقا
تمام اعليٰ هئي ۽ اها عام ماڻهن لاءِ هئي ۽ نه ڪي
مٿئين درجي وارن ماڻهن لاءِ. اهو ئي سبب آهي جو
جڏهن هڪ عام هاري يا ڪو اديب جڏهن ڪو محاورو يا ڪا
اصطلاحي ٻولي استعمال ڪري ٿو ته سنڌي زبان جي
اوچائي ۽ سهڻائپ ساڳي رهي ٿي (يعني ٻنهين جي زبان
۾ ڪو فرق نه آهي). جڏهن ته دنيا جي ٻين وڏين ٻولين
۾ زبان جي لب و لهجي ۽ اصطلاح جي استعمال جو طريقو
مختلف طبقن جي عڪاسي ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح سان عالمن
جو چوڻ آهي ته ترقيءَ جا سڀ مرحلا هڪ ئي وقت شروع
نٿا ٿي سگهن، يعني تهذيب هڪ ئي وقت ۾ لوڪ گيت ۽
پيراڊائيز لاسٽ
(Paradise Lost)
کي جنم نٿي ڏيئي سگهي. پر سنڌ ۾ اسين ڏسون ٿا ته معاشي سڌاري
کان سواءِ ٻيا سڀ سڌارا ۽ ترقيون هڪ ئي وقت ۾ ٿيا
آهن. مثال طور شاهه لطيف ۽ ٻين لوڪ شاعرن هڪ وقت
لوڪ شعر ۽ اتهاس لکيو. ڀرٿ جو معاملو ئي ڏسو. هي
هڪ عام ماڻهوءَ جو فن آهي، جيڪو جڏهن هڪ اعليٰ
مقام تي پهتو ته مٿئين طبقي انهيءَ کي استعمال ڪرڻ
۾ فخر محسوس ڪيو. اهڙيءَ طرح سان هنرن ۾ فن ڪوزه
گهري
(Ceremics)،
تاڻيل ريشمي ڪپڙي ۾ لونگي ۽ گربي، سوٽي ڪپڙي ۾
سوسي (لوڪ فن باٽڪ
Batik)
۽ پردن جي ڇر ذڪر جوڳا آهن. نتيجو اهو نڪتو جو،
پوشاڪ، کاڌي ۽ زيورن جي ثقافتي پهلوءَ جي نشوونما
هڪ جمهوري ترقي ڪيترو وقت اڳ ٿي چڪي آهي، جڏهن ته
انهيءَ جي برعڪس ٻيون ثقافتون صرف ڪن هنڌن يا
ٻهراڙين ۾ وڌيون ويجهيون.
ڊاڪٽر ڪارل مينهم
(Dr. Karl Manhheim) جو چوڻ آهي ته معاشري جو اعليٰ طبقو ئي ثقافت کي جنم ڏئي ٿو.
پر سنڌ ۾ اسين خيال سان متفق نه آهيون. يقين سان
هڪ عام سنڌيءَ، هڪ باشعور سنڌيءَ جي ثقافت جي
نشوونما ڪئي آهي. انهيءَ ڳالهه جي پروڙ اسان کي
تڏهن پوي ٿي، جڏهن اسين هڪ عام سنڌيءَ جي اعليٰ
سوچ ۽ ذهنيت جي مشابهت هڪ مٿئين درجي واري ماڻهو
جي سوچ ۽ ذهنيت سان ڪريون ٿا. سنڌ جي مهمان نوازي
۽ فراخدلي اوهان کي غريب ۽ امير وٽ هڪ جهڙي نظر
ايندي. لئمبرڪ جو چوڻ آهي ته غريب توڙي امير سنڌي،
هڪ سٺي بندوق پسند ڪندو. شڪار ۽ ٻين اهڙين ڳالهين
جو شوقين آهي ۽ منجهن برابريءَ جو احساس آهي. اسان
کي اهڙي جمهوري طريقه حيات دنيا جي ٻين خطن ۾ ڪونه
ٿو ملي. اهو شايد انهيءَ ڪري ٿيو آهي، جو سنڌي
معاشري ۾ حد کان وڌيڪ ٻڌي يا تفرق ڪڏهن به نه رهيو
آهي. ٻڌي يا تفرق جو ڪارڻ ظلم يا زوال ٿيندو آهي.
ٻنهين حالتن ۾ ثقافت جي نشوونما روڪجي ويندي آهي.
سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ سدائين انهن ٻنهين ڳالهين کان
پري رهي، انهيءَ ڪري معاشرو کري نه سگهيو ۽ نتيجو
اهو نڪتو جو ثقافت گل و گلزار ٿيندي رهي. مختلف
طبقن ۽ مذهبي گروهن ۾ تفرق ايترو ته گهٽ هو، جو
سنڌ جي هندن جي پڻ ساڳي ثقافت هئي، اهي ادب ۾
سدائين مڪمل ۽ جائز حصو وٺندا رهيا، ٻيو ته ٺهيو،
پر قرآن شريف به پڙهندا هئا. جيتوڻيڪ ٻين ملڪن
ڏانهن لڏئي سوين سال ٿيا آهن، پر اڃان تائين
پنهنجي سنڌيت کي سانڍيو اچن. انهيءَ ڳالهه جو مون
کي ذاتي تجربو تڏهن ٿيو، جڏهن مون ڏور _ اوڀر ۽
يورپ جو دورو ڪيو. پيڪنگ ۾ هڪ سنڌي هندو خاندان،
جيڪو اتي اٽڪل سؤ سالن کان رهي پيو، ان اسان جي
مهمان نوازي ۽ خاطر تواضع اهڙيءَ طرح سان ڪئي جو
ائين پئي محسوس ٿيو ته ڄڻ ڪو سندن وڇڙيل سوٽ _
ماسات سندن گهر ۾ آيو جي. مون کي اتي سنڌي ماحول
لڳو ۽ مون کي اتي ٺيٺ سنڌي طعام نصيب ٿيا. طبقن جي
پاڻ ۾ برابري واري ڳالهه جو وستو وديائي
(Archeologkal)
ثبوت اسان کي موئن جي دڙي واري پراچين دور مان ملي
ٿو. انهيءَ زماني ۾ به پڻ ماڻهن ۾ اجتماعي زندگيءَ
جو طور طريقو موجود هو. موئن جي دڙي ۾ اسان کي عام
ماڻهن لاءِ غسلخانا، عوامي ان جا ڀانڊا، خوبصورت ۽
سٺي اڏاوت وارا گهر، رستا ۽ پاڻيءَ جي نيڪال جي
زير زمين سرشتي جا آثار ته ملن ٿا، پر روم ۽ مصر
جي عاليشان محلاتن جهڙا ڪي به نشان موجود نه آهن.
شهري زندگيءَ ثقافت ۾ جمهوري حڪومت جو وجود، سنڌو
ماٿريءَ ۾ قديم پٿر جي دور
(Paleolithic Age) ۾ به پڻ هو. تنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي ثقافت جو سلسلو پنج
هزار سالن کان بنا ڪنهن خاص تبديليءَ جي ساڳيو
هليو اچي.
هن اسان جي دور ۾ به پڻ مان سنڌ جي سماجي رسمن رواجن کان متاثر
ٿي آهيان. مون ڏٺو آهي ته سنڌي ڏک سک ۾ هڪٻئي سان
ڀائيوار آهن ۽ سڄو معاشرو برابريءَ جي بنيادن تي
بيٺل آهي. ’پاهوٽ‘ رواج مطابق فوتي واري خاندان کي
سندس عزيز ۽ دوست پئسا ڏيندا آهن. انهيءَ مان
معلوم ٿئي ٿو ته سندس عزيز ۽ دوست هن ڏکئي وقت ۾
ساڻس شريڪ آهن ۽ ساڳئي وقت سندس مالي مشڪلات جو
تدارڪ ٿي وڃي ٿو. ساڳيءَ طرح سان شاديءَ جي موقعي
تي مبارڪ ڏيڻ، سندس خوشيءَ ۾ شريڪ ٿين ۽ مالي بوج
۾ حصي رسي ڪرڻ آهي. اوهان ڏسندؤ ته مبارڪي سڀڪو
پنهنجي حيثيت سان ڏيندو آهي، غريب عزيز يا دوست
کان به مبارڪي ڏاڍي خوشيءَ سان ورتي ويندي آهي،
ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن کي خبر آهي ته ساڻس ٻيا به ائين
شريڪ ٿيندا، جيئن هو هينئر ٻين سان شريڪ آهي. |