جيڪڏهن ڪوبه ليکڪ ”سماج _ سڌارڪ“ بڻجڻ لاءِ، ادب جي چونڊ ڪري
ٿو، ته اهو ٻنهي جو سڄڻ ڪونهي _ نه ادب جو، نه ئي
سماج جو. اهڙي ماڻهوءَ کي سڌو سنئون ”سماجي ڪارڪن“
وڃي ٿيڻ گهرجي_ ۽ هن جو اهو عمل ادب ۽ سماج ٻنهي
جي ڀلائيءَ وٽان ٿيندو!
مدد علي سنڌي
ڏورڻ گهـڻـو ڏاکــڙو
اوچتو ننڊ ۾ کيس محسوس ٿيو، ڄڻ ڪوئي کيس گهوگهو ڏيئي رهيو آهي.
هوءَ ڇِرڪ ڀري اٿي ويهي رهي. خالي خالي ذهن سان
چند گهڙيون هوءَ ائين ئي ويٺي رهي. کيس سمجهه ۾ نه
پئي آيو ته هُن ائين ڇو محسوس ڪيو. (مان ڪير
آهيان.... ڪٿي سُتل آهيان... مان سُتل ڪٿي
آهيان؟؟) ۽ سچ پچ ته هن ننڊ ۾ ائين ئي محسوس ڪيو
هو ته ڪير کيس گهوگهو ڏيئي رهيو آهي؟ هُن کي اهو
احساس ٿيو ته بي اختيار سندس هٿ پنهنجي ڳچيءَ
ڏانهن وڌي ويو. هُن پنهنجي ڳچيءَ کي هٿ لائيندي
پاسي ۾ نهار ڪئي. ڊبل بيڊ تي پاسي کان سندس مڙس
گهري ننڊ ۾ ستل هو. سندس نظرون پنهنجي مڙس تان
ٿينديون اچي پنهنجي ڪڇ تي پيون، جنهن ۾ سندس مڙس
جو هٿ هن جي اٿي ويهڻ جي ڪري اچي پيو هو. هُن ڪمري
۾ نهار ڪئي، ڪمري ۾ زيرو جو بِلو بلب ٻري رهيو هو.
بلب جي هلڪي روشنيءَ ۾ هن سامهون کان کليل دريءَ
ڏانهن نهاريو. سامهون دري کليل هئي. کليل دريءَ
مان تيز هوا جي جهوٽن سان گڏ چانڊوڪي پڻ ڪمري ۾
گهڙي آئي هئي. اڌ ڪمري ۾ چانڊوڪي ڦهليل هئي. (شايد
چوڏهينءَ جو چنڊ آهي، ۽ هنن چانڊوڪين ۾ به ته مون
کي الائي ڇا ٿي ويندو آهي؟ ٿي ڇا ويندو آهي، ڪا
ڄاڻ ناهي؟) سوچ سان گڏ سندس من ۾ مونجهاري جي
ڪوريئڙي اُڻت شروع ڪئي.
هُن هڪ ڀيرو وري پنهنجي مڙس جي گهاٽن وارن واري ٻانهن کي ڏٺو،
ته کيس سخت ڪراهت ٿيڻ لڳي. هوريان پنهنجي مڙس جي
ٻانهن پاڻ تان هٽائي، هوءَ تيزيءَ سان بيڊ تان لهي
اٿي بيهي رهي. هوءَ اٿي بيٺي ته ڊگها ڀنڀا وار مُک
تي لڙي آيس. هڪ هٿ سان پنهنجي کليل وارن کي
سنواريندي هوءَ اچي دريءَ ۾ بيٺي، ته کيس محسوس
ٿيو، ته هوءَ دريءَ تائين پيرين اگهاڙي آئي هئي.
پيرن هيٺان نرم ڪارپيٽ پيل هو، جنهن ۾ سندس نرم
پير پيهجي ويا هئا. دريءَ وٽ بيٺي بيٺي هن کي
الائي هڪ عجيب قسم جي مونجهه ٿيڻ لڳي. (اها مونجهه
به الائي ڪهڙي قسم جي آهي؟ کيس ياد آيو ته هوءَ
جڏهن به مونجهه محسوس ڪندي آهي، ته اچي ان دريءَ ۾
بيهندي آهي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ ائين ئي هوءَ دريءَ ۾
بيٺي هوندي آهي. ان دريءَ سان منهنجي من جون الائي
ڪهڙيون تندون ڳنڍيل آهن. سينڌ ان دريءَ سان شايد
ان ڪري به آهي، جو منهنجي من جو وياڪل پکيئڙو ان
وڏي کليل دريءَ مان ٻاهر اڏامي ويندو آهي. اڏامي
ويندو آهي دور دور تائين، سنڌوءَ جي هِن پار کان،
سنڌوءَ جي هُن پار تائين!!) هينئر هِن مهل جڏهن
پنهنجي من ۾ هُن گهري مونجهه محسوس ڪئي، ته دريءَ
مان منهن ٻاهر ڪڍي ڊگها ڊگها ساهه کڻڻ شروع ڪيا.
ٿڌي ٿڌي آڌيءَ رات جي هوا پنهنجي هڪ عجيب مهڪار
سان گڏ سندس اونداهي اندر ۾ گهڙي آئي، ته هن
پنهنجي پاڻ کي ڪجهه تازو توانو محسوس ڪيو. هن هڪ
ڀيرو وري پنهنجي ڳچيءَ تي هٿ ڦيريندي، دريءَ مان
هيٺ نهاريو. ٻاهر تيز هوا لڳي رهي هئي. چوڏس
چانڊوڪي ئي چانڊوڪي ڦهليل هئي. هيٺ لان سڄو
چانڊوڪيءَ ۾ وهنتل هو.
چانڊوڪيءَ ۾ لڏندڙ ۽ لمندڙ هيٺ بيٺل وڻ ۽ نِمن جا وڏا وڏا پاڇا
کيس عجيب نظر پئي آيا. لان جي ديوارن کان پريان
رستي تي به وڻڻ جي پاڇن ۽ تيز هوا کان سواءِ ٻيو
ڪجهه به نه هو. سندس من به اِن سنسان رات وانگر
سُنسان هو. هُن مٿي کليل آڪاس ۾ کڙيل سڄي چنڊ
ڏانهن ڏٺو، ته کيس اهي راتيون ياد اچي ويون، جيڪي
هُن پنهنجي گهر جي کليل اڱڻ ۾ کٽ تي سمهندي
گذاريون هيون. جيڪو سڪون رات جو اڱڻ ۾ سمهڻ کان
پوءِ ايندو آهي، اهو هتي هنن بنگلن جي بند ڪمرن ۾
ڪٿي؟ ۽ سچ پچ ته سنڌ جي شام ۽ رات به ڏاڍي عجيب
آهي. امان ڳالهه ڪندي آهي ته ورهاڱي وقت جڏهن سنڌي
هندو ويا پئي ته چوندا پئي ويا ته ”سنڌ جون هي
راتيون ۽ هي کليل جايون اسان جي نصيبن مان نڪري
ويون!“ (ڪهڙي خبر ته ڪير ڪنهن جا ڏک ڀوڳي ٿو؟ ڪا
خبر نٿي پوي ته اسين اهو سڀڪجهه ڀوڳيون ڇو ٿا،
جيڪي اسان جو ڪيل ناهي! پر منهنجو من به ته ڪيڏو
نه اونداهو آهي هنن چانڊوڪي راتين ۾!! هنن سونهن
ڀرين راتين ۾ جيڪا سوڀيا آهي، اها اڪيلي اڪيلي رڳو
محسوس ڪري سگهان ٿي. ۽ محسوس ڪري سڀڪجهه ويندي
آهيان. اندر ۾ رات ٿيندي آهي ته اها به محسوس ڪندي
آهيان، ۽ من جي بن تي جڏهن شام ڇانئجي ويندي آهي
ته پوءِ يادگيرين جون الائي ڪيتريون بتيون ٻرڻ ۽
وسامڻ شروع ٿي وينديون آهن. انسان جي ذهن جون
يادگيريون به ته شام جي آڪاس تي ڇانيل شفق جي
پيلاڻ جيان آهن. پر سنڌوءَ جي ڪپر تي وسندڙ اسان
ماڻهن جا من ايترا منجهيل منجهيل الائي ڇو آهن؟)
اوچتو سندس ذهن تي هڪ لوڪ گيت ٻُري آيو: ”ساڻيهه
منجهه سرير... هينئڙي لڳم هير....!“ اهو لوڪ گيت
الائي ڪير، لوئي اڻڏٺل وجود سندس مَن جي ڦرهيءَ تي
لکندو آيو آهي ڪيترن جڳن کان! (ڪاش! مان به ڪنهن
اڳئين دور ۾ جنم وٺان ها. مون کي سدائين لڳندو آهي
ته منهنجي آتما ڪيترن جڳن کان ائين ئي جيون جا دُک
۽ درد سهندي پئي اچي.)
اوچتو کونگهرن جي آواز تي هوءَ ڪن جڳن مان واپس وري آئي. هُن
ڪنڌ ورائي پنهنجي مڙس ڏانهن ڏٺو، جيڪو هاڻ کونگهرا
هڻي رهيو هو. کونگهرن جي آواز تي هن جي دل چاهيو
ته ڪائي ڳوري شيءِ هجي، جنهن سان هوءَ پنهنجي مڙس
جو مٿو ڦاڙي ڇڏي. هُن کي کونگهرن جي آواز کان
ننڍڙي لاڪون سخت نفرت هئي. هتي به شاديءَ کان پوءِ
جڏهن سندس مڙس کونگهرا هڻندو آهي، ته هن جي دل
چوندي ته هوءَ ڪمري جي ديوارن سان پنهنجو سِر
ٽڪرائي، يا پنهنجي مڙس جي سِر زور زور سان ديوارن
سان ٽڪرائي، انهن ڀيانڪ آوازن کي هميشه هميشه لاءِ
بند ڪري ڇڏي. (مون کي سخت نفرت آهي هن شخص کان. هن
شخص کان ۽ هن جي ڳالهين کان. مون کي نفرت آهي هن
جي گهر جي ماحول کان. مون کي هن جي پاسي ۾ سمهڻ
کان به سخت ڪرڀ ٿيندو آهي. منهنجي من ۾ جيڪا
اونداهي ڇانيل آهي، ان کي اڃا به وڌيڪ اونداهي ۽
اڪيلائپ کپي! مون کي هاڻ ڪنهن جي به ساٿ جي ضرورت
ڪانهي. نه ڪنهن ساٿيءَ جي ۽ نه ڪنهن سهاري جي! مون
هاڻ سپنا ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن. ۽ جڏهن انسان سپنا ڏسڻ
ڇڏي ڏيندو آهي، ته پوءِ... پر ڇا مان سپنا ڏسڻ ڇڏي
سگهان ٿي. ڇڏي سگهان به ٿي الائي نه؟ پر مون کي ته
هاڻ هر شيءِ سان نفرت ٿيڻ لڳي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته
انسان کي جسماني سنٻنڌ کان به ايترو ڪرڀ ٿيندو آهي
جو....؟ ۽ مون کي ان جسماني چاهت کان به سخت ڪرڀ
ٿيندو آهي. مون هاڻ سوچي ڇڏيو آهي، ته مان هر
ڳالهه ۾ پنهنجي مڙس کي انڪار ڪنديس. آخر انسان جي
به ته ڪائي مرضي ٿيندي آهي؛ پر مرضي شايد عورت جي
هن دنيا ۾ هلي نه سگهندي آهي.
Opposite Sex
۾ ڪوئي به آهي ته اهو مجبور ۽ لاچار آهي! ماڻهو
ڪيترو نه مجبور آهي هن دنيا ۾! ۽ مان به هُن جي
زال آهيان. ان ڪري ڪنهن به ڳالهه کان انڪار نٿي
ڪري سگهان؛ پر منهنجي انڪار يا منهنجي مرضيءَ جي
ڪائي اهميت به آهي؟ انڪار لفظ جو ته ان ئي ڏينهن
انت ٿي ويو هو، جنهن ڏينهن مون پنهنجي اندر ڦُٽندڙ
اميدن ۽ سپنن جا ساوا ساوا سلا پٽي ڦٽي ڪيا هئا.
انسان جي جيون ۾ ڪوئي دور اهڙو به ايندو آهي، جڏهن
انسان پنهنجي اندر ۾ ڪيترا گلاب جا سُرخ گل ڦُٽندي
محسوس ڪندو آهي، ۽ جڏهن من ۾ سُرخ گلاب ڦُٽندا
آهن، ته پوءِ جيون جون سڀ خوشيون اکين ۾ اوتجي
اينديون آهن؛ پر الائي ڇو اهي اندر ۾ ڦُٽندڙ سُرخ
گلاب ڪومائجي ڪيئن ٿا وڃن؟! پوءِ من اندر گهُلندڙ
اُداسيءَ جو واءُ اهڙو ته وري ٿو، جو من جي آلي
ڌرتي سُڪيو ٺوٺ ٿيو وڃي!)
اوچتو کيس ياد آئي شاديءَ جي پهرين رات. ان رات، ان سهاڳ واري
پهرين رات به هن جي ائين ئي پوئين پهر اک کلي پئي
هئي. اک کلي هيس ته هڪ ڀيرو وري پنهنجي پاڻ کي
پيڙجندي محسوس ڪيو هئائين. ۽ ان مهل به هوءَ
بيزاريءَ مان اٿي ويهي رهي هئي. ان رات پهريون
ڀيرو کيس پنهنجي جسم کان نفرت ٿي هئي. نفرت ٿي هيس
پنهنجي بُت کان، ۽ پنهنجي پاڻ مان هڪ قسم جي بوءِ
کان. جسمن جي اندر به بوءِ آهي، ته ٻاهر به بوءِ
آهي. ۽ الائي ڪيترا ڀيرا سُرهي صابڻ هڻڻ کان پوءِ
به پنهنجي پاڻ مان هڪ عجيب قسم جي بوءِ ايندي پئي
محسوس ڪيائين. ۽ پوءِ چارليءَ جي اڌ شيشي هڻڻ کان
پوءِ ڄڻ سيٽسفاءِ نه ٿي هئي. (پر مان هر حالت ۾
هاڻ پنهنجي آزادي نه وڃڻ ڏينديس. ۽ مون کي جسماني
چاهت کان به سخت نفرت آهي؛ پر نفرت آهي به الائي
نه؟ جسماني چاهت، ذهني ميلاپ کان سواءِ اڻپوري ۽
بي معنيٰ آهي؛ پر ذهني ميلاپ کان سواءِ به اها
اندر جي گهرج ٿي پوندي آهي. ۽ منهنجي اندر به گهرج
آهي اها! شايد هر چاهت جي پويان به ته ڪانه ڪا
گهرج ضرور هوندي آهي. نفرت من کي ڪنهن ٻئي کانه،
پر فقط پنهنجي پاڻ کان آهي. شادي سدائين سوچي ۽
سمجهي ڪجي. ۽ مون شادي ڪئي ائين بنا ڪنهن احساس ۽
بنا ڪنهن جذبي جي!)
هُن کان ٿڌو ساهه نڪري ويو. (مان سدائين ٿڌا ساهه ڪيترا نه کڻان
ٿي!) هن جي اندر ۾ اوچتو هڪ ماٺار ڇانئجي ويئي. هڪ
اهڙي ماٺار، جهڙي ماٺار ٻاهر وايومنڊل تي ڇانيل
هئي. هوءَ چپ چاپ ڌيري ڌيري کُٽندڙ ٻاهرين رات کي
ڏسڻ لڳي (ٻاهرين رات ته پوري ٿي ويندي؛ پر من جي
بن تي ڇانيل رات الائي ڪڏهن پوري ٿيندي؟) ڪوئي
زمانو هو جو هُن به اهڙي ئي رات جي ڪلپنا ڪئي هئي.
چوڏهينءَ جي چنڊ کي ڪنهن ٻئي سان گڏ ڏسڻ جي خواهش
ڪئي هئي. (چوڏهينءَ جو چنڊ سڄو کڙيل هجي آڪاس ۾!
ڊگها ڊگها وڻ هجن. رات هجي. هو هجي. مان هجان. تيز
هوائون هجن. ۽ هوائن ۾ اڏامندڙ هن جاءِ منهنجا وار
هجن. هن جا ۽ منهنجا وار پاڻ ۾ وچڙن. ۽ سنڌوءَ جو
ڪپر هجي. سنڌوءَ جو ڪپر هجي ۽ شام هجي... ۽، ۽
الائي ڇا ڇا نه هجي! ڪهڙي خبر ته ڇا هجي ۽ ڇا هئڻ
کپندو هو؛ پر هو ذليل نه ٿئي ها، ته ڪنهن ٻئي سان
شادي ڇو ڪريان ها!) کيس بيٺي بيٺي احساس ٿيو ته اڄ
رات سندس ننڊ ڇو ڦٽي؟ (ڇو ڦٽي پئي ننڊ؟ جيون جي هر
شيءِ جيان، هاڻ ننڊ به مون کي اڪيلو ڇڏي ويئي
هلي.) ٻاهي ڌيري ڌيري کُٽندڙ رات هئي ۽ اندر سندس
نه کٽندڙ خيال هئا، هوءَ هئي، ۽ اڪيلائي هئي. من
جي سنسنا بن ۾ ڀٽڪندڙ هن جي سنسان رات جو پريان
ڪٿان ڪتن ڀونڪ ڪئي ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز رات جي
خاموشيءَ ۾ الائي کيس عجيب نه لڳو. ڪنڌ جو آواز
ويجهو ٿيو ته هُن ٻاهر روڊ ڏانهن نهاريو. ٻه ڪتا
(يا هڪ ڪتو ۽ هڪ ڪتي) هڪٻئي جي پويان ڀؤنڪندا
سامهون واري بنگلي جي پاسي کان ٿيندا هليا ويا.
اوچتو رستي تان ٽانگو اچي لنگهيو. هُن خاموشيءَ
سان ويندڙ ٽانگي کي ڏٺو، جيڪو هاڻ سندس سامهون
واري رستي تان لنگهي رهيو هو. گهوڙي جي ٽاپن جو
آواز سندس من ۾ ائين گونجڻ لڳو، جيئن ڪڏهن
ڪڏهن...؟ ٽانگي جون ٻئي بتيون سندس من ۾ وساڻل
يادن جون الائي ڪيتريون ٻيون بتيون روشن ڪنديون
کانئس دور ٿي ويون. (پر ڪير ٿو ڪنهن کي هاڻ ياد
ڪري. ياد ڪرڻ جو به ڪو وقت هوندو. هڪ ڀيري هو ۽
مان ٽانگي ۾ چڙهي الائي ڪيڏانهن ويا هئاسين... پر
هي ٽانگي وارو الائي ڪير هوندو؟ ڪير هوندو هو
ٽانگي وارو، جيڪو هِن مهل اڪيلو يا ڪنهن ٻئي سان
گڏ ٽانگو هلائيندو پيو وڃي؟ هن دنيا ۾ اسان جي آس
پاس کان ڪيترا نه انسان وسن ٿا. هر انسان پنهنجي
پنهنجي سوچ ۽ سمجهه موجب پنهنجي پنهنجي جاءِ تي
زندگيءَ سان اڪيلو اڪيلو جهيڙي رهيو آهي _ ۽ مان
به ته هاڻ ظاهر ٿي پئي آهيان ڪيترن ڏينهن کان
پنهنجي پاڻ تي!!)
کيس بيٺي بيٺي احساس ٿيو ته هاڻ سندس سوچن جا سلسلا ٽُٽي پرزا
ٿي ويا هئا. سلسلو ته ڪنهن شيءِ جو ٿيندو ئي
ڪونهي. هُن وساڻل نيڻن سان مٿي دونهاٽيل آڪاس ۾
نهاريو، (سڀ چوندا آهن ته ’تون آسمان ۾ ڪنهن کي
نهاريندي آهين!؟ ڪنهن کي نهاريندي آهيان، ڪهڙي
خبر؟ منهنجي نظرن کي جنهن شيءِ جي تلاش آهي، ان
شيءِ جي ڪنهن کي ڪهڙي خبر؟) آڪاس ۾ سڄو چنڊ ڪا مهل
هن مٿان موجود هو؛ پر هاڻ چنڊ هُن جي مٿان الائي
ڪيئن ترندو. اولهه ڏي پاسي وارن جي بنگلي مٿان وڃي
بيٺو هو. تارن جي وچ ۾ کڙيل هي چنڊ به ڪيڏو نه
عجيب آهي! چنڊ آهي ته تارن جي روشني به ڦڪي ٿيو
وڃي. چنڊ چوڏهينءَ جو آهي ته ٽيڙو به الائي
ڪيڏانهن سويل ئي پنڌ ڪيو ٿا هليا وڃن! آرهڙ جي
راتين ۾ جڏهن هوءَ ٽيڙُن کي ڏسندي آهي ته سندس
اندر ۾ الائي ڇا ٿيندو آهي. ننڍڙي هوندي به هوءَ
سمهڻ مهل سدائين آڪاس ۾ نهاريندي هئي، ته ماڻس
آڪاس ۾ نهارڻ کان کيس روڪيندي هئي. آرهڙ جون
راتيون، کليل وڏو اڱڻ ۽ کليل اڱڻ ۾ کٽن جي قطار، ۽
مٿان آڪاس ۾ ٽمڪندڙ الائي ڪيترا تارا. تارن ۾ کيس
ٽيڙو وڻندا هئا. کيس ٽيڙُن سان ننڍڙي لاڪون هڪ
عجيب پيار هوندو هو. سندس گهر جي ٻاهران بيٺل اوڀر
جي پاسي کان بڙ جي وڻ مٿان جڏهن ٽيڙو ٽمڪندا هئا،
ته هُوءَ الائي ڪيتري دير تائين انهن ٽيڙن کي پنڌ
ڪندي ڏسندي هئي. هڪ رات ته هن سڄي رات جاڳي اوڀر
کان ٽيڙن کي نڪرندي ۽ اولهه ۾ گم ٿيندي ڏٺو هو.
(انسان به هن جيون ۾ انهن ٽيڙن وانگر پنڌ ڪندو رهي
ٿو. ٽيڙو به پنڌ ڪن ٿا. انسان به پنڌ ڪري ٿو. هي
رات به پنڌ ڪري ٿي ۽ هي چنڊ به پنڌ ڪري ٿو ته
منهنجو هي ذهن به پنڌ ڪري ٿو امان چوندي آهي پر
امان هينئر گهر ۾ ڇا ڪندي هوندي؟ الائي ڪٿي اڪيلي
اڪيلي سُتل هوندي؟ کليل اڱڻ ۾، ٻيڙي پئيندي کيس
ننڊ اچي ويئي هوندي هوش هوندي ان ساڳئي اڱڻ ۾ جتي
نِم جو گهاٽو وڻ آهي، ۽ مينديءَ جا ٻوٽا آهن!)
سوچيندي سوچيندي هن کي احساس ٿيو، ته هاڻ هُن جي
اندر کي هڪ نئين صبح جي تلاش هئي. هڪڙو نئون صبح،
خوشين، سُڪون ۽ گلن جي مهڪار سان ٽمٽار هڪ صبح. پر
الائي ڪهڙيون خوشيون هيون سندس؟ الائي اها ڪهڙي
بسنت جي رُت هئي، جنهن جي اچڻ سان سندس من جي بن ۾
ساوڪ ٿي سگهي ٿي؟ (ڇا مون کي خبر آهي ته منهنجي
اندر کي ڪهڙي صبح ۽ ڪهڙي سڪون جي تلاش آهي؟)
هوءَ هڪ آخري نهار ٻاهرئين ماحول تي وجهي، مُڙي ۽ ڌيمي چال سان
هلندي اچي ڪرسيءَ تي ويهي رهي. ڪرسيءَ تي ويهندي
کيس الائي وري ڪهڙو احساس ٿيو، جو هوءَ اتان اٿي
وڃي پنهنجي مڙس جي ڀر ۾ سُتي. بيڊ تي ليٽڻ کان
پوءِ هُن پنهنجي مڙس ڏانهن ڏٺو، جيڪو گهري ننڊ ۾
گُم هو. سُتل مڙس تي هڪ نظر وجهي، هُوءَ پاسو
ورائي نيڻن کان سوين ڪوهه دور ڀٽڪندڙ ڪنهن ويراني
۾ ننڊ جي پکيئڙي کي ڳولڻ لڳي؛ پر ننڊ جو پکيئڙو ته
آڪاس جي الائي ڪهڙن تَهن ۾ وڃي لِڪو هو. ٻاهر هوا
تيز ٿي ويئي هئي. هوا جي تيز ٿي وڃڻ ڪري دريءَ جو
پردو وري اڏامڻ لڳو هو. ٻاهران ڪٿان هڪ ئي وقت
ڪيترين ٻانگن جو آواز اچڻ شروع ٿي ويو. (سنجهي مون
نه سنڀاليو، صبح ساريم سُور!) اسر مهل ٻانگن جي
انهن آوازن سان گڏ ڪي ٻيا آواز، زندگيءَ جي چُر
پُر جا ڪيترائي آواز، سندس ڪنن ۾ گونجڻ لڳا، ته
هُن خاموشيءَ سان بنا ڪنهن سوچ جي پنهنجون اکيون
پوري ڇڏيون! اسُر جي ٿڌي ٿڌي هير کليل دريءَ سان
ٽڪرائجي اچي کيس لڳي، ته هُن جون اکيون پاڻهي
ٻوٽجي ويون!
”جيڪا ڳالهه هڪ سِٽَ ۾ چئي سگهجي ٿي، اها هڪ سِٽَ ۾ ئي چوڻ
کپي.“ اسان وٽ صورتحال ان جي بنهه ابتڙ آهي.
تخليق، تحقيق ۽ تنقيد کي، جڏهن مٿين ڪسوٽيءَ تي
پرکيو ويندو، تڏهن نه رڳو سٽون؛ پر کوڙ صفحا، ڪتاب
۽ ٿيسز رد ڪرڻا پوندا!
سُرنگ
شوڪت حسين شورو
ڪنهن ڪنهن وقت هن کي لڳندو هو ته روڊ کي کڻي آڻي سندن
گهر ۾ اندر رکيو ويو آهي... ٽرڪون، بسون ۽ موٽر
ڪارون در مان ڌوڪينديون اندر پيون اينديون هيون.
هڪڙي ڏينهن کٽ تي ليٽيو پيو هو ته کيس لڳو ته گوڙ
مٿانئس چڙهندو پئي آيو. هن زور سان چيو ’کڻي وڃو
روڊ کي هتان! ڪهڙي مصيبت آهي هيءَ؟‘ ۽ رڙيون ڪندو
ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو. سڪل ڪاٺيءَ جهڙي ڪمزور
پوڙهي ماءُ ڏڪندي هن ڏانهن آئي ۽ لرزندڙ چپن ۾ مِڻ
مِڻ ڪري مٿي آسمان ڏانهن اکيون کڻي ڏٺائين. هو
ويتر باهه ٿي ويو. ’ائين چپن ۾ مِڻ مِڻ ڇو ٿي
ڪرين؟ زور سان چئو ته خدا به ٻُڌي! مون توکي ڪيترا
ڀيرا چيو آهي ته منهنجي لاءِ دعا نه گهرندي
ڪر....‘ ماءُ ڊڄي سوڙهي ٿي اکيون هيٺ جهڪائي بيهي
رهي؛ پر سندس ڄاڙي پوءِ به پئي ڏڪي. هن کي ماءُ تي
رحم آيو ۽ پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ. موٽي اندر ڪمري ۾
هليو ويو؛ پر گهڻو ڪري هن کي رحم پنهنجو پاڻ تي
ايندو هو، پنهنجي ذات تي، پنهنجي بگڙجندڙ ذهني
حالت تي ۽ پنهنجا اردگرد تي. اها ئي ڳالهه هن کي
نه وڻندي هئي ته ٻيا مٿس رحم کائين ۽ هن کي به
پنهنجو پاڻ تي رحم اچي!
ڪمري ۾ اوندهه گَهري ٿي وئي. هن بلب ٻارڻ جو سوچيو؛ پر بٽڻ هيٺ
ڪرڻ جي لاءِ سندس هٿ نه وڌي سگهيو. کٽ تي پئي پئي
ٿڪي پيو هو ۽ هاڻي ڪمري ۾ هانءُ منجهڻ لڳو هو. هو
گهر مان ٻاهر نڪري ويو، روڊن تي رلڻ جي لاءِ. پيرن
۾ چمپل پاتل هو ۽ ڏاڙهي ٻن ڏينهن کان وڌيل هئي.
فوٽ پاٿ تي هلندي هن کي پنهنجو اڳيون پٽيوالو منهن
پئجي ويو. هو جڏهن نوڪريءَ ۾ هو ۽ ڪڏهن اتفاق سان
بازار ۾ پٽيوالو منهن سامهون اچي ويندو هو ته کيس
سلام ڪري، پاسو وٺي هليو ويندو هو. هن ڏٺو ته جيئن
ئي پٽيوالي جي مٿس نظر پئي، هو پهرين ٿورو هٻڪي
ويو، شايد گهٻرائجي ويو هو، کيس ان حالت ۾ ڏسي. هو
هڪدم سلام ڪري سامهون بيهي رهيو ۽ هلڪو جهڪندي هٿ
ڏنائين.
”ڇا حال آهي، عارب؟“ هن رسمي طور پٽيوالي کان پڇيو.
پٽيوالو پشيمان ٿي کيس ڏسي رهيو هو، ڄڻ هن جي نوڪري ختم ٿيڻ جو
ڪارڻ پاڻ هو.
”سائين، سڀ خير آهي... اوهان ته خوش آهيو نه سائين!“ هن جي وڌيل
ڏاڙهي ۽ لٿل منهن ڏسي يڪدم شڪي ٿي ويو. ’اوهان جي
طبيعت ٺيڪ آهي‘؟“
”ها ها، طبيعت ٺيڪ آهي. تون ٻڌائي، تون ڪيئن آهين؟ ڪم ڪار ڪيئن
پيو هلي؟“ هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇو پٽيوالي سان
ايتري ڊيگهه ڪرڻ بيهي رهيو هو.
”بس سائين، ڪم مڙئي پيو هلي.... سائين، اوهان...“ پٽيوالو هٻڪيو
۽ رڪجي ويو ۽ سندس چهري تي همدرديءَ جا اهڃاڻ اڀري
آيا.
’هي بيوقوف ڇا ٿو سمجهي ته نوڪريءَ وڃڻ سبب آئون چرين جهڙو ٿي
پيو آهيان.‘ هو زوريءَ مرڪيو ۽ چيائين ”سڀ ٺيڪ
آهي، چڱو....“ هن پٽيوالي کي هٿ ڏنو ۽ وڌي ويو. هٿ
ملائيندي هن ڏٺو ته پٽيوالي جي اکين ۾ سندس لاءِ
رحم هو. هن کي سخت ڪاوڙ آئي. هن جي لاءِ ڪٿي به
جاءِ نه هئي. ٻاهر ڪونه ڪو واقفڪار ملي ويو ٿي ۽
سڀني کيس پنهنجي منافقيءَ سان ڀريل همدردي ڏيکارڻ
شروع ٿي ڪئي. گهر ۾ به ڪو سک نه هو. اتي به هانءُ
منجهڻ ٿي لڳو ۽ گهر جا سڀ ڀاتي ڄڻ سندس اڳيان
پنهنجو پاڻ کي ڏوهاري سمجهندا هئا.
آفيس ۾ آخري ڏينهن تي صاحب جڏهن ساڻس همدردي ڪئي هئي، تڏهن ائين
ٿي لڳو ته اهو به پاڻ کي ڏوهاري سمجهي رهيو هو. هن
کيس يقين ڏياريو ته ٽرمينيشن ۾ سندس ڪوبه هٿ نه
هو. نوڪريءَ ختم ٿيڻ جو سبب نوڪريءَ واري درخواست
تي لکيل سفارشي نوٽ هو.
”مان تنهنجي ڪم مان سيٽسفائي آهيان. مون کي خبر آهي تون بلڪل
افيشنٽ آهين؛ پر حالتون تون پاڻ ڏسين ٿو. مٿان
آرڊر آيو آهي ته جن ماڻهن کي سفارش تي ڀرتي ڪيو
ويو آهي تن کي ڪڍيو وڃي. مون کي توسان همدردي آهي،
پر مان ڪجهه به ڪري نٿو سگهان....“
هو بور ٿيڻ لڳو. کيس صاحب جي وضاحت اجائي لڳي. هن جلدي جند
ڇڏائڻ لاءِ چيو ”آئون سمجهان ٿو، سائين اوهان
مجبور آهيو. اوهان کي مون سان همدردي آهي، اها به
وڏي مهرباني. چڱو سائين....“
هن سوچيو ته جهڙي سولائي ۽ بنا دير جي کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو
هو، تهڙيءَ طرح نوڪري ملي ڪانه هئي. ان اڌ سٽ وارو
نوٽ لکائڻ جي لاءِ هو ڪيترو رليو آهي، در در ڀٽڪيو
هو ۽ ڪيترن ماڻهن کي ايلاز منٿون ڪيا هئائين. ۽
پوءِ نوڪري وئي ته ان اڌ سٽ جي نوٽ سبب!
هن جي نظر آفيس جي هڪڙي ڪلارڪ تي پئي جيڪو مزي سان سگريٽ جا
سُوٽا ڀريندو پئي آيو. هو گھٻرائجي ويو ۽ گهت هڻي
پاسي واري گهٽيءَ ۾ مُڙي ويو. هن سوچيو ته چڱو جو
ڪلارڪ جي مٿس نظر نه پئي، نه ته وري اهو ئي رينگٽ
شروع ٿئي ها. هو ساڳي ساڳي ميسڻي انداز ۾ چيل
ڳالهيون ٻڌي بيزار ٿي پيو هو. ڪڏهن من ۾ ايندو هوس
ته چئي ڏي: ’نوڪري وئي آهي ته منهنجي وئي آهي،
اوهان ڇو اچي منهنجي پويان پيا آهيو؟‘ ۽ هو ڊِنو
ٿي ته ڪڏهن سچ پچ ڦاٽ نه کائي. گھٽي سوڙهي ۽ گندي
هئي. لڳو لڳ وهندڙ ناليءَ مان ڪٿي ڪٿي ڪنو پاڻي ۽
ڪچرو اٿلي گهٽيءَ ۾ ڀرجي ويو هو. هو ان گهٽيءَ ۾
پهريون ڀيرو آيو هو. کيس خيال آيو ته پوئتي موٽي
وڃڻ کان چڱو آهي ته سڌو هلندو رهي. اها گهٽي نيٺ
ته ڪٿي کٽندي ۽ ڪنهن ٻئي روڊ ۾ وڃي پوندي. هن روڊ
تي هلڻ ٺيڪ نه هو. آفيس جا ماڻهو پئي ٽڪرايا ان
روڊ تي.
هن جلدي گهر موٽي وڃڻ نٿي چاهيو. هن سوچيو ته هلي هلي جڏهن صفا
ٿڪجي پئي ته پوءِ گهر واپس وري. ٿڪ سبب ننڊ جلدي
اچي ويندي. هونءَ رات جو ننڊ ڪانه ايندي هئي. جاڳي
جاڳي مٿو ڳرو ٿي پوندو هو ۽ اکيون سور ڪرڻ لڳنديون
هيون. جيڪڏهن ننڊ ايندي به هئي ته سخت بي آراميءَ
واري. رڳو اٿل پُٿل. رکي رکي ننڊ ڦٽي پوندي هئي.
هن کي گهر جي ٻين ماڻهن ٻڌايو هو ته هو ننڊ ۾
رڙيون ڪندو آهي، جهڙوڪر ڪو سخت تڪليف ۾ هجي. سندس
ماءَ انهن ڪنجهڪارن تي ڊڄي اٿي ايندي هئي، ته ڪٿي
هن جي طبيعت خراب نه ٿي پئي هجي. هوءَ هيسيل هيسيل
سڏ ڪندي هئي ۽ پوءِ جڏهن پڪ ٿيندي هيس ته هو سُتل
آهي تڏهن موٽي ويندي هئي. گهٽيءَ ۾ اٿليل گندي
پاڻيءَ تان ٽپندي هن ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته کيس
اها عادت ڪڏهن پئي هئي! هن جي ذهن ۾ تمام گهڻيون
يادگيريون گڏ وچڙ ٿي ويون ۽ ڪابه ڳالهه چٽي نه
هئي. سڄي حياتي ڏک ئي ڏک هئا، محروميون ئي
محروميون هيون. بکون، بيماريون ۽ ذلتون. مئٽرڪ پاس
ڪرڻ کان پوءِ ٽن سالن تائين بيروزگاريءَ جو
پيڙيندڙ عذاب. يادگيريون، جن ۾ رڳي پيڙا هئي، تن
جو هڪ ڍير هو ۽ هو ان ڍير مان هڪڙي يادگيري چونڊي
نٿي سگهيو. ننڊ ۾ رڙين ڪرڻ جي عادت کيس گهڻي وقت
کان هئي. هن کي ڊپ هو، ته جڏهن سندس شادي ٿي
ويندي، ته ان عادت سبب نسرين جي ننڊ ڦٽي پوندي. هو
ان پريشانيءَ ۾ هو ته اها عادت پاڻ کان ڪيئن
ڇڏائي. نوڪريءَ وڃڻ سبب ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ان
پريشانيءَ کان ته ڇوٽڪارو مليو هو. هو من ئي من ۾
مُرڪيو.
اوچتو هن جو هڪ پير ڪِني پاڻيءَ ۾ وڃي پيو. چمپل گَپ ۾ ڦاسي پيو
۽ ڇنڊا اڏامي ڪپڙن تي اچي پيا. هن زور لڳائي چمپل
گَپ مان ڪڍيو. ڌَپَ ناسن ۾ گهڙي آئي. گهٽي سوڙهي
هئي ۽ ان ۾ پوري روشني به ڪانه هئي. هو ڇرڪي بيهي
رهيو. ’آئون ڪٿي آهيان؟ وڃان ڪيڏانهن پيو، هن پاڻ
کان پڇيو. هن کي سمجهه ۾ ڪجهه نه آيو. گهٽي سندس
اڻڄاتل هئي. اڃا ڪيتري ڊگهي هئي ۽ ڪٿي وڃي کٽڻي
هئي، تنهن جي ڪا خبر نه هئي. هو مُنجهي پيو ته ڇا
ڪري. هن کي لڳو ته ڳچ پنڌ ڪري چڪو هو. ايتري گهڻي
پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هاڻ پٺتي موٽڻ ممڪن نه هو.. ’ٿي
سگهي ٿو هاڻي گهٽي ختم ٿيڻ واري هجي‘، هن سوچيو ۽
هلڻ لڳو.
’جيڪڏهن نسرين سان منهنجي شادي ٿي چڪي هجي ها، ته هن وقت ڇا
حالت ٿئي ها؟... هوءَ مون کي ڇڏي مائٽن هلي وڃي
ها. ائين ئي ٿئي ها‘، ان ڳالهه جي کيس پڪ هئي. هن
کي حيرت لڳي ته نسرين ۽ هن جي پاڻ ۾ ڪهڙي قسم جي
محبت هئي! جيتري قدر هن ٻڌو هو يا ڪتابن ۾ پڙهيو
هو، سو ائين هو، ته محبت هر قسم جي لالچ ۽ مفاد
کان مٿانهين ڪا آسماني شيءِ هوندي آهي. شايد سندن
محبت گهٽ درجي واري هئي. هن کي خيال آيو ته نسرين
۽ سندس محبت روايتي نه، پر وهنواري محبت هئي. ’ها،
اصل ڳالهه اها ئي آهي‘، هو خوش ٿيو ته حقيقت جي
تهه کي وڃي پهتو هو. هن سڄي ڳالهه جو تجزيو ڪرڻ
چاهيو. هن جي نسرين سان ان وقت کان محبت هئي جڏهن
اڃا ڪلارڪ هو. هو هڪٻئي کي ڏسندا هئا، ته نظرون
اٽڪي پونديون هيون ۽ پوءِ نسرين جي بُت ۾ هلڪي
ڏڪڻي پيدا ٿيندي هئي، ته نظرون جهڪائي ڇڏيندي هئي.
هن ڪڏهن نسرين سان محبت جو اظهار نه ڪيو هو؛ پر
کيس خبر هئي ته ٻنهي کي هڪٻئي سان پيار آهي. ان
وقت سندس ماءُ سَڱ گهرڻ وئي، ته نسرين جي مائٽن
انڪار ڪري ڇڏيو. هنن هڪ ڪلارڪ کي ڌيءُ ڏئي، سندس
قسمت هميشه جي لاءِ ڦٽائڻ نٿي چاهي. هن کي پنهنجي
محرومين جو شدت سان احساس ٿيو هو. هن اهو ڏٺو هو
ته نسرين کي ان ڳالهه جو ڪوبه ڏک نه ٿيو هو. هوءُ
انهن ڇوڪرين مان هئي، جيڪي محبت سُڃن سان ڪنديون
آهن ۽ شادي شاهوڪارن سان. تنهن هوندي به هو نسرين
سان محبت ڪندو رهيو. پوءِ جڏهن وڏي جاکوڙ کان پوءِ
سفارش ڪرائي آفيسر ٿيو، ته نسرين جي مائٽن پاڻ سڱ
ڏيڻ جي آڇ ڪئي. مڱڻو ٿي ويو. شاديءَ ۾ اڃا ٿورو
وقت هو، ته نوڪري ختم ٿي وئي. نسرين جي مائٽن مڱڻو
ٽوڙي ڇڏيو. هن کي اميد هئي ته نسرين جيڪڏهن مائٽن
جي فيصلي جي مخالفت نه ڪري سگهندي، ته به ان کي
ذهني طور نه قبوليندي. هن نسرين سان ملڻ ۽ ڳالهه
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ’هاڻي ملڻ مان فائدو ڪهڙو ۽
ڳالهائڻ جي لاءِ ته ڪجهه رهيو ئي ڪونهي‘، نسرين
کيس جواب موڪليو هو.
هو هلندي هلندي کليو. هن چاهيو ته هڪ وڏو ٽهڪ ڏئي من جي ڊپريشن
کي هلڪو ڪري؛ پر هن کي ماڻهن جو خيال آيو، جيڪي
کيس چريو سمجهن ها. اوچتو هن کي احساس ٿيو ته هو
ڪيتري وقت کان گهٽيءَ ۾ هلندو رهيو هو، پر کيس ڪو
هڪڙو ماڻهو به نه مليو هو. گهٽي اڃا ڪانه کُٽي هئي
۽ وڌيڪ سوڙهي ٿي وئي هئي. هو بيهي رهيو. کيس ساهه
کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي هئي. گهٽيءَ ۾ هوا بلڪل ڪانه
هئي. هن مٿي آسمان ڏانهن ڏٺو، پر آسمان نظر نه
آيو، گهٽيءَ جي ٻنهي طرف پٿرن جون اوچيون ديوارون
هيون ۽ آسمان غائب هو. اوچتو هن کي خيال آيو ۽
سندس وار ڪانڊارجي ويا. هو جتي بيٺو هو، اها گهٽي
ڪانه هئي _ هڪ ڊگهي اونڌاهي سرنگ هئي. هو ڊڄي ويو
۽ سرنگ مان جلدي نڪرڻ جي لاءِ ڊوڙڻ لڳو. اونڌهه ۾
پٿر جي ديوارن سان ٽڪرائجي گپ ۾ ڪري ٿي پيو ۽ اٿي
وري ڊوڙڻ لڳو. هن کي پڪ ٿي وئي ته اها سرنگ ڪٿي به
کُٽڻي ڪانه هئي، پر تڏهن به هو ڊوڙندو رهيو.... |